ڏيکاءُ ۽ وشواس
آڻِيو آبُ اکيُنِ ۾ ، ڏيهه کـي ڏيکارِيـنِ
سَڄڻُ جَي سارِين ، نه روئَنِ ڪِي نه چون
سُر ڪلياڻ جو هي بيت پوري سنسار ۾، احساسن ۽ جذبن جي شدت ۽ اذيت سمجھڻ جي قدرت رکندڙ هستي جي پڌرائي ڪري ٿو. هيءَ هستي ماءُ آهي جيڪا احساسن ۽ جذبن کي سمجھڻ سان گڏ انهن جو مُداوا به ڪندي آهي. اهڙي نموني ماءُ کي احساسن ۽ جذبن جي عدالت چئبو آهي.
بيت ۾ لطيف سائين جي سخن جو پيمانو به امڙ ئي آهي. لطيف سائين چوي ٿو ته امڙ! انهن تي ويساهه يا اعتبار نه ٿو ڪري سگھجي، جيڪي هنجون هارين ۽ سُڏڪا ڀرين ٿا. اکين مان نير وهائي سڀني کي ڏيکارين ٿا. اصل ۾ جيڪي سڄڻ کي ياد ڪرڻ وارا آ هن، اهي نه روئندا آهن ۽ نه ڪا ٻِڙَڪَ ڪڍندا آهن. روئڻ ،کلڻ، ڳالهائڻ، نهارڻ هي سڀ اظهار جا ذريعا آهن. روئڻ جي ذريعي ڏکَ تڪليف جو اظهار ٿيندو آهي ۽ کلڻ جي ذريعي خوشي جو اظهار ٿيندو آهي. اهڙي نموني ڳالهائڻ جي ذريعي شخصيت جو اظهار ٿيندو آهي. لطيف سائين جو ڪلام عقلي طور تي صحت مند انسانن جي لاءِ ڇڏيل ميراث آهي. جيئن قرآن شريف ۾ آيتن جي پڌرائي ڪندي وري وري علم وارن، عقل وارن ۽ غور فڪر وارن انسانن جي لاءِ وڏو سبق چيو ويو آهي، تيئن لطيف سائين جو ڪلام فني ۽ فڪري لذت حاصل ڪرڻ واري زمري کان ٻاهر نڪري تجربن، مشاهدن ۽ نتيجن وٺڻ جي طلب ڪري ٿو.
انسان جي ارتقائي تاريخ ۾ انسان اظهار جو استعمال سڀ کان پهريائين خوف جي نتيجي ۾ ڪيو آهي ۽ ٻيو استعمال بک جي نتيجي ۾ ڪيو آهي. دنيا ۾ جنگين ۽ لڙاين جي شڪل ۾ ٿيل وڏي ۾ وڏي بربادي به اظهار جي ڇڙواڳ استعمال جي ڪري ٿي آهي. جنهن به معاشري ۾ اظهار جو غلط ۽ بيجا استعمال انتها تي هندو آهي ته ان معاشري جي فردن ۾ قدرتي جُڙاءَ واري سگھه بي اثر ۽ اجتماعي سوچ انتشار جو شڪار رهندي آهي. لطيف سائين اظهار جي ناقص استعمال تي ناخوش آهي، ڇو ته اظهار جو سطحي استعمال ماحول جي اخلاقي ڏيوالپڻي جو ڏَسُ ڏيندو آهي. ان جي ڪري ڏک سک جو اظهار يا جذبن احساسن جو اظهار هميشه تڪي توري ڪجي ۽ اهڙي نموني ڪجي جو ٻين تي ناگوار نه گذري. اڪثر ڪري ماڻهو نيڪي جي آڙ ۾ يا پنهنجي سياسي يا سماجي يا مذهبي وابستگيءَ جي آڙ ۾ اذيتناڪ انداز ۾ اظهار ڪندا آهن. هڪڙي ڳالهه ياد رکو ته جيڪي پنهنجي ذات ۾ مطمئن نه هوندا آهن يعني هنن جو ضمير هنن کان ئي خوش نه هوندو آهي ته هو ٻين جي سامهون پنهنجي اظهار ڪرڻ کي پنهنجي پشيماني دور ڪرڻ جو وڏو ذريعو ڪندا آهن. حق جي پانڌياڻي بي بي رابيه بصري جو قول آهي ته ”وڏي واڪي معافي گھرڻ منافقن جو ڪم هوندو آهي.“ ان ڳالهه کي قرآن جي سورت ”ق“ جي آيت نمبر 16 جي تناظر ۾ پرکڻ گھرجي، جنهن ۾ خلقڻهار چوي ٿو ته ”ونحن اقرب اليه من حبل الوريد؛ يعني مان ( االله) توهان جي ساهه جي رڳ کان وڌيڪ ويجھو آهيان“ ته پوءِ ٻرڙاٽ ڪرڻ اهو ڪيڏو نه بي يقيني جو اظهار ڪيو ٿو وڃي! ته ٻڌڻ وارو االله تمام پري آهي. ان کان سواءِ قرآن شريف ۾ انيڪ دفعا خلقڻهار چوي ٿو هو سميع ۽ عليم آهي.
االله جي ذات کان وٺي نبي پاڪ ۽ انهن جي پيارن يا ڪنهن آئيڊيل شخصيت جي محبت جو رِينگٽُ ماڻهن جي سامهون سڏڪن ڀرڻ سان ڪيو وڃي ۽ انهن جي ياد کي پنهنجي رنڀڻ سان اظهاريو وڃي ته يقين ڪجو ته اهڙا ماڻهو ڀلي شرافت جا چوغا پهريل هجن پر هو پنهنجي ذات ۾ ڀاڳيلا هوندا آهن ۽ جيڪو پنهنجي ذات ۾ ڀاڳيلو هوندو ته اهو ممڪن ئي نه آهي ته محبت جهڙي منظم احساس ۾ جڪڙيل هجي. سائنسي نقطي نگاهه کان جنهن به احساس يا عمل ۾ دل ۽ دماغ جڪڙيل رهندا آهن ته باقي ٻين شين ڏانهن رد عمل وارو اظهار به ان ئي احساس ۽ عمل جي ماتحت رهندو آهي، مطلب ته واقعي جيڪڏهن ڪنهن االله جي وحدانيت ۽ يڪتائي واري نقطي کي دل ۽ دماغ سان تسليم ڪري ورتو ته ممڪن ئي نه آهي ته هن جي مزاج ۾ ٻيائي يا دوئي هجي، ڇو ته سائنسي طرح جيڪو به احساس اسان جي دماغ تي حاوي هوندو آهي ته اسان جي دماغ جا تنتي خليا جسم جي باقي خلين کي اهڙي سڀاءَ رکڻ لاءِ پابند ڪندا آهن. اهڙي نموني ان ماڻهوءَ ۾ االله جون صفتون نکريل هونديون آهن، يعني هو بردبار به هوندو ته صبر ڪندڙ به هوندو، سڀ جو خير گھرندڙ، ٻاجھيندڙ، هر ساهواري تي ڪَهَلَ ڪندڙ هوندو، انسان پرور هوندو، ڪو به چهڙو يا پوتر هن کي صرف انسان ئي نظر ايندو، ڪوڙو نه هوندو، شڪاري نه هوندو، ماڻهن جي داد جو قائل نه هوندو ۽ نه ئي هجوم جي حمايت جو محتاج هوندو. تعميري ذهن جو مالڪ هوندو، تخريبي سوچن ۽ ڪمن واري ماحول ۾ ٻُوسٽ محسوس ڪندو. ياد رکو ته اظهار جا جيڪي به ذريعا آهن سي اظهار ڪندڙ جي شخصيت جو احاطو ڪنداآهن.
لطيف سائين به اظهار جي سطحي انداز تي ارهو ٿئي ٿو ۽ فيصلو جاري ڪري ٿو ته جيڪي ماڻهو پنهنجي پرين سان محبت جو اظهار ٻوڪٽ ۽ ٻرڙاٽ ڪرڻ سان ڪن، انهن تي قطعي ڀروسو ڪري نه ٿو سگھجي، ڇو ته هو پنهنجي اظهار ۾ پنهنجي قيمت ته طئي ڪندا ئي ڪندا آهن پر پنهنجي پرين جي به قيمت ڪيرائي پنهنجي معيـار تي آڻي بـيهاري ڇڏيندا آهن. پسنديدگي جو اثر ڪردار Character)) جي تبديليءَ ۾ بَکَندو آهي، ڇو ته پسند ايندڙ شيءِ جو جيڪڏهن اعصابن تي اثر نه ٿو رهي ته ان جو مطلب آهي ته پسند ڪندڙ نالائق آهي. جيڪي ماڻهو پنهنجي ضرورتن يا پسنديدگيءَ يا آئيڊيل ڪرڻ ۾ پاڻ سان انصاف نه ٿا ڪن ۽ پنهنجي ذات جي بيهڪ يعني پنهنجي صلاحيتن، توانائين ۽ ضابطن جو ڪاٿو نه ٿا ڪن ته اُهي حقيقت ۾ ڪنهن به آئيڊيل (Ideal) سان رشتي قائم ڪرڻ جي لائق نه آهن.
حضرت علي ڪرم االله وجه جو قول آهي ته ”جڏهن عقل ايندو آهي ته زبان بند ٿي ويندي آهي.“ ان جو مطلب اهو ٿيو ته عقل ۾ واڌاري جو زبان سان اڻ سڌو لاڳاپو آهي يعني زبان هلندي ته عقل نه هوندو ۽ عقل هوندو ته زبان نه هلندي. ٻين لفظن ۾ عقل جو تعلق ڇڙواڳ اظهار ڪرڻ سان نه آهي پر عقل جو تعلق خاموش اظهار سان ايئن آهي جيئن حضرت علي ڪرم االله وجه چيو ته ”مومن خاموش مبلغ هوندا آهن“ يعني هو زبان سان نه ڳالهائيندا آهن، انهن جو عمل ڳالهائيندو آهي. يوناني ٻوليءَ سميت ڪافي پراڻين ٻولين ۾ هڪجيتري حيثيت ماڻيندڙ پهاڪو جيڪو تقريبن ارڙهين صديءَ جي پهرين چوٿائيءَ ۾ انگريزي ٻوليءَ جو حصو بڻيو ۽ تقريبن انهن سمورن معاشرن جي گڏيل معاشرتي اخلاقي قدرن جي نمائندگي ڪري ٿو. پهاڪو هن طرح آهي ته Speaks Louder than Words” Action“ يعني عمل لفظن کان وڌيڪ چٽو ڳالهائيندو آهي.
لطيف سائين سنجيدگي ۽ سلڇڻائپ جو قائل آهي. زندگيءَ جي هر سطح تي ۽ هر معاملي ۾ شاندار حالت برقرار رکڻ جو عادي آهي. فطرت جو ڳنڀير مشاهدو اٿس. غير فطري لاڙن ۽ هٿ ٺوڪين ٽوٽڪن ۽ ٻهروپي روين کان بيزار آهي. لطيف سائين ڄاڻي ٿو ته محبت هڪ اهڙو جذبو آهي جنهن جو اهڃاڻ ئي انساني وصفون آهن. اهڙي طرح انساني وصفون ٻاجھيندڙ روحن ۽ نفيس خيالن جو اولڙو (Reflection) آهن. ان جي ڪري جنهن جذبي جو تعلق ئي روح ۽ خيال سان آهي ته پوءِ جسماني نماءُ يعني ٻوڪٽ ڪرڻ ۽ روئڻ جي ذريعي ڪهڙي قسم جي جذبي جو اظهار ڪجي ٿو؟ جنهن سان خيال جو جڙاءُ نه ٿو ٿئي ته جسماني جڙاءُ ڪنهن به ڪم جو نه آهي، ڇو ته جسم ڪمزور بيمار ٿي ڀڄي ڀُري سگھي ٿو پر خيال اهڙن مرحلن کان متاثر نه ٿيندو آهي. مارئي لطيف سائينءَ جي سرن جو سينگار آهي. لطيف سائين مارئي کي به اظهار جي ڇڙواڳيءَ کان پاسو ڪندي چوي ٿو ته
مَ ڪي روءُ، مَ رڙُ ڪي، هنجون هڏ مَ هار
تو تان بندُ بدا ٿيو، ٻيڙيون نيئي ٻارِ
پهچندينءَ پنوهار! سگھِي سنگھارن کي.
يونان ملڪ جي ڏاهي سقراط کي جڏهن زهر جو پيالو ڏنو ويو ۽ جڏهن زهر اثر شروع ڪيو ۽ سقراط پاڻُ ڇڏي رهيو هو ته سندس پياري شاگرد افلاطون جي اکين ۾ لڙڪ تري آيا. افلاطون کي اکين ۾ لڙڪ ڏسي سقراط مرڻينگ حالت ۾ افلاطون کي مخاطب ٿيندي چيو ته”افلاطون مون کي تو مان اها اميد نه هئي!“ اول ته سوال اهو آهي ته آخر سقراط کي افلاطون مان ڪهڙي اميد هئي؟ سقراط کي شايد اها اميد هئي ته افلاطون شين کي ايئن ئي سمجھي ٿو جيئن سقراط پاڻ سمجھي ٿو. سقراط سمجھي پيو ته جڏهن اهو طيءِ آهي ته انسان جي اڏاوت ٽن جوهرن تي آهي يعني جسم، روح ۽ خيال ۽ انهن ٽنهي مان هڪڙي عنصر جسم جو ڪم ڇڙو ٻنهي عنصرن جو تعارف ڪرائڻ آهي. روح ۽ خيال کي حياتي آهي. ڪنهن جو به خيال توهان سان ايستائين واڳيل هوندو جيستائين ان جي روح سان توهان جو اٽڪاءُ هوندو. روح بڻيادي طرح گم ٿيڻ واري شيءِ نه آهي پر مسئلو اسان جي رويي جو آهي ته اسان شين کي ڏسون ڪيئن ٿا؟ ڇا اسان پنهنجي رويي جي تناظر ۾ جيڪو ڏسون ٿا ته واقعي ايئن آهي ؟ منهنجي خيال ۾ شين جي هيئت ۽ اسان جو رويو ٻه الڳ شيون آهن ڇو ته اهو وڏو سچ آهي ته جيڪي به شيون پنهنجي شڪل ۾ موجود آهن سي هڪ مادي حقيقت رکن ٿيون اهڙي نموني سندن هڪ مادي مزاج آهي. اسان جو سوچون اسان جا روح اسان جا آواز اهي سڀ اسان جي دنيا ۾ محفوظ آهن انهن کي ڪاڏي نڪرڻ جوڪو به ڳٿو ڪانهي، اهي سڀ اسان جو شيون اسان جي هن دنيا ۾ اسان سان گڏ آهن هيءَ اسان جي دنيا هڪ عظيم دنيا آهي جيڪا هڪ عظيم سيڙپ ڪار جي عظيم موڙيءَ جو سبب اوڙي ٿي. جيڪڏهن اسان سان ساڻ ناهي ته رڳو ڪنهن جو جسم ڪونهي ڇو ته جسم مان روح جي الڳ ٿيڻ سان ڪوبه معاشرو يا مذهب مردي جسم کي گھڻو سامهون رکي نه سگھندا آهن پر اهڙا طور طريقا ڪندا آهن ته جيئن اهو جسم اکين جي آڏو نه رهي. ان ۾ خود انسان جي پنهنجي فنائيت جو خوف هوندو آهي.
تنهنجي تند تنوار
راڳ بابت ڀٽائي سرڪار ۽ ٻين عظيم فلاسافرن جا ويچار
پارکُو عالم راڳ جي عمر پنجاهه هزار سال ٻڌائين ٿا يعني جڏهن تاريخ جو وجود ئي نه هو. ان دور کي تاريخ کان اڳ جو دور (Pre Historic) چون ٿا. خيال ڏيکاريو ويو آهي ته راڳ ان وقت به هو جڏهن انسانن جون آباديون ڇڙوڇڙ پوري دنيا ۾ رولاڪي جو شڪار هيون يعني شهرن يا وستين جو ڪو وجود ئي نه هو. راڳ جي وجود جا قديم ترين آثار دنيا ۾ گهڻو ڪري آفريڪا ۾ ئي مليا آهن. ان کان پوءِ ئي راڳ ارتقا ڪندو انساني زندگيءَ جي ضرورت بڻجي ويو. راڳ جي تاريخ معلوم ڪرڻ جا وڏا ذريعا؛ قديم هٿ اکر لکيل ڪي مسودا (Manuscript)، قديم نگاري يا قديمي دستاويزن جو مطالعو (Paleography)، ٻولين جي تاريخي ۽ تقابلي فرق جو مطالعو (Philology)، ۽ شبيهي تصويرن جو مطالعو (Iconography) يعني جن جي ذريعي موضوعن جي خاڪن يا تصويرن ذريعي وضاحت ڪبي آهي. ان کانسواءِ لکڻ، ڳالهائڻ ۽ ادائيگي واري اسلوب ۽ انداز جو مطالعو آهن.
سنڌ جي راڳ جي تاريخ به چڱي پراڻي آهي. پنج هزار سال پهريائين سنڌ ۾ سازُ ۽ آوازُ ماڻهن جي ثقافتي ترقيءَ ۾ هڪ توانائي طور گڏ هو. انگريز ماهر سر مارٽيمر ويلر (Sir Mortimer Wheeler) جنهن موئن جي دڙي ۽ هڙاپا جي کوٽائي مان دهل، ستن سوراخن وارو بوڙينڊو ۽ مختلف تارُن وارا ساز هٿ ڪيا. اهڙي نموني سنڌ جي ماڻهن جو زماني کان راڳ سان تمام ويجهو ناتو رهندو آيو آهي. جيڪو اسان کي ورثي ۾ مليل محاورن مان به نظر اچي ٿو. مثال طور”هي وري ڪهڙو کٽراڳ ڪيو اٿوَ؟”مطلب ته هي ڪهڙو ٽمجهڻ، بکيڙو يا جهنجٽ ڪيو اٿوَ، يعني اهڙو معاملو يا مسئلو جنهن جي نه اڳياڙي نه پڇاڙي سمجهه ۾ اچي. لغت جا پارکو ٻڌائين ٿا ته کٽراڳ اصل ۾ سنسڪرت لفظ ”شٽراگ“ مان نڪتل آهي جيڪو ٻن لفظن جو مرڪب آهي: شٽ معنى ڇهه+ راگ معنى راڳ. موسيقيءَ جي علم موجب راڳ ڇهه آهن: ڀيروَ، هنڊول، مينگهه، سريراڳ، ديپڪ ۽ مالڪوس. اهڙي نموني هر هڪ راڳ کي ڇهه راڳڻيون آهن. ان جو مطلب ته کٽراڳ اهڙو راڳ آهي جيڪو سڀني راڳن جو ڏاڏو آهي جنهن کي حاصل ڪرڻ وڏو جهنجهٽ آهي پر ان جي باوجود ان راڳ کي عام ماڻهو محاوري ۾ آڻي روزمره جي معاملن جي جهنجهٽ يا بکيڙي سان لاڳو ڪندا رهيا. جنهن جو مطلب آهي ته عام ماڻهو راڳ جي پيچيدگين کان چڱي واقفيت رکندا هئا تنهن ڪري ته محاورو اسعمال ڪندا هئا. ان کانسواءِ زائفن ۾ هڪ محاورو ”تيبريون ٻڌڻ يا ٻڌائڻ“ به ڏيکاري ٿو ته مائيون راڳ جي چڱي سُڌ رکنديون هيون، ڇوته تيبر يا تبور راڳ ۾ تکن سرن کي چئبو آهي، مثال ”ٻڌوَ فلاڻي جون تبريون!“ يعني فلاڻي جون تکيون يا شوخ ڳالهيون ٻڌوَ. ان کانسواءِ راڳ سان واڳيل ٻيا به لفظ مروج ٿيا، جيئن تيرهن تالي، تال گم ٿيڻ، ترڪ تال، ساڍ چال وغيره.
راڳ جي حقيقت پروڙڻ لاءِ پاڻ کان ڪجهه سوال ڪرڻ گهرجن ته جيئن راڳ ۽ انسان جي رشتي جي حقيقت معلوم ٿئي:
آواز (Voice) ڪيئن ٿو پيدا ٿئي؟
گوڙ (Noise) ۽ راڳ (Music) ۾ ڪهڙو فرق آهي؟ جيتوڻيڪ گوڙ ۽ راڳ آواز ته آهي!
ڇا راڳ ڪائنات جي رازن کي پوئڻ يا انهن ۾ پوئجڻ جو نالو آهي يا راڳ انهن رازن کي معلوم ڪرڻ جو ذريعو آهي؟
آواز ۾ ڪِرحت به آهي ته آواز ۾ راحت به آهي. آواز جي اهڙين حالتن لاءِ سياڻن چيو آهي ته ”ڪنهن جو کلڻ به خواري ته ڪنهن جو روئڻ به راحت“. اصل ۾ آواز ۾ قدرت ايتري ته شڪتي رکي آهي جو جيڪڏهن آواز ۾ لئي (Rhythm) آهي ته اهو آواز قدرت جو ڌيان ڇڪائي ٿو.
گوڙ (Noise) ۽ راڳ (Music) ٻئي آواز مان جنم وٺن ٿا. اسان جيڪو آواز ٻڌون ٿا ان جو وڏي ۾ وڏو ذريعو هوا Air آهي ۽ هوا جي وجود ۾ قدرتي طرح لهرون (Waves) هونديون آهن. ڪو به آواز اسان تڏهن ٻڌي سگهندا آهيون جڏهن اهو هوا جي لهرن ۾ ڏڦيڙ (Disturbance) پيدا ڪري آواز جي لهر (Sound Wave) ٺاهي ٿو. جيڪڏهن هوا نه هجي ها ته آواز به ڪو نه ٻڌي سگهجن ها. آواز جون لهرون جڏهن مُنجهيل ۽ پريشان (Chaotic or Confused) ڪندڙ هونديون آهن ته ان کي گوڙ (Noise) چئبو آهي پر جيڪڏهن اهي آواز جون لهرون مناسب گهڙيل گهتيل، سڌيون سنئيون ۽ بالترتيب هونديون آهن ته ان کي سُريلائپ (Rhythm city) چوندا آهيون. هڪڙي ڳالهه ذهن ۾ رکڻ گهرجي ته جيڪي به آواز آهن تن جا لهجي جي اعتبار کان مختلف درجا يا سطحون (Pitches) ٿينديون آهن. پچ (Pitch) ڪن جي اهڙي سطح آهي جيڪا آواز جي لهرن جي ڊيگهه (Wave Length) کي پرکڻ جي سگهه رکندي آهي.
جيڪو آواز پنهنجي درجي يا سطح ۾ مناسب ۽ مقرر Pitched tone هوندو آهي، دراصل اهوئي راڳ چئبو آهي. راڳ ڏانهن قدرت جو جُهڪاءُ (Tilt) ۽ انسان جي بي قابو ڇِڪَ (Attraction) جو ڪارڻ معلوم ڪرڻ کان اڳ هڪ ڳالهه سمجهڻ گهرجي ته آواز جي درجي يا سطح (Pitch) کي فرڪڻَ يا چڪرن جي ملهه يعني فريڪوئنسي (Frequency) جي ذريعي معلوم ڪيو ويندو آهي ۽ فريڪوئنسي جو ايڪو (Unit) هرٽز (Hertz) ۾ هوندو آهي. هڪ هرٽز هڪ سيڪنڊ ۾ آواز جي لهرن ماپڻ جو تعداد هوندو آهي. انسان جي ٻڌڻ جي سگهه 20 هرٽز کان 20000 هرٽز تائين هوندي آهي. انسان جي ٻڌڻ جي سگهه جي ٻنهي حالتن کان مٿي به آواز هوندا آهن ۽ گهٽ ۾ گهٽ ٻڌڻ جي صلاحيت يعني 20Hz کان گهٽ به هوندا آهن، جيڪي انسان ٻڌي نه سگهندو آهي. جيئن هاٿيون پاڻ ۾ رابطي ڪرڻ لاءِ جيڪو آواز ڪڍنديون آهن يا وڻ به جيڪو آواز ڪڍندا آهن سو انسان جي ٻڌڻ جي صلاحيت کان گهٽ هوندو آهي.
انسان جي جسماني توانائي ۽ سماجي ارتقائي اوسر جو وڏي ۾ وڏو اهڃاڻ سندس آواز ئي آهي. آواز نه صرف انسانن جو پر چرندن، پرندن، درندن وغيره جي رابطي ۽ اظهار جو اهم ذريعو آهي ۽ پيدا ٿيندي ئي پنهنجي ان توانائي جو استعمال ڪيو ويندو آهي. آواز هر قسم جي احساس جو پتو ڏيندو آهي. ڏک، خوشي، ڪاوڙ، معذوري، محبت، نفرت ۽ مصيبت جي اظهار مان نڪرندڙ آواز ڪنهن يقيني احساس جو گس ڏيندو آهي.
انسان ڳالهائڻ ڪيئن شروع ڪيو؟ يعني پهريان پهريان آواز ڪيئن ڪڍيا ويا هوندا جن اڳتي هلي انسان جي ڳالهائڻ ۽ هن جي ٻوليءَ جي صورت اختيار ڪئي. ان جي باري ۾ تقريباً ڇهه نظريا (Theories) موجود آهن، جيڪي انسان جي شروعاتي آواز ڪڍڻ جي مضبوط قياس تي بيٺل آهن. انهن ۾ بو وو (Bow-wow theory)، پُو پُو (Pooh-Pooh theory)، ڊنگ ڊانگ (Ding-Dong theory)، يو هي هو (Yo-He-Ho Theory)، ٽا ٽا (Ta-Ta theory) ۽ لا لا ٿيوري (The La-La Theory) شامل آهن. يو هي هو ٿيوري مطابق انسان جي گڏيل رابطي جي ٻوليءَ جي شروعات ”هو“ آواز جي لانڍَ يا لئي (Rhythm) سان ٿي. پهرين آواز جو وجود آلاپ تي هو ۽ اهو آلاپ انسان جي عظيم فطرت آهي، جنهن هن وقت تائين پنهنجا نقش برقرار رکيا آهن ۽ ان تسلسل جو چٽو اظهار معصوم ٻارڙو ڄمڻ کان ٻن ٽن مهينن بعد پنهنجي لئه ڀرين هو نگڙين ۾ ڪندو آهي. ٻولين جو پارکو ڊينمارڪ ملڪ جو اوٽو جيسپيريسن (Otto Jespersen)لا لا ٿيوري جي ذريعي ٻڌائي ٿو ته ”گهڻو ڪري انسان جي ٻولي ٺهڻ جو بڻياد اهي نڪرندڙ آواز هئا جن جو جذباتي تعلق پيار محبت، ڪُڏڻ کيڏڻ ۽ خاص راڳ سان هو.
اسانجو شاهه عبداللطيف ڀٽائي قدرت جي آدرشن کي پنهنجي مزاج ۾ اختيار ڪندڙ عظيم تخليقڪار آهي. هو سنسار جي بڻت ۾ قدرت جي شامل احساسن کي پنهنجي عمل ۽ تخيل ۾ سانڍي ويٺو آهي، ان ڪري سُلڇڻي انساني فطرت کي راڳ جي صنف ذريعي اجاگر ڪرڻ جي نمائندگي قدرت گهڻو ڪري لطيف سائينءَ کي عطا ڪئي آهي. تڏهن ته چوي ٿو:
تن تسبيح من مڻيو، دل دنبورو جن،
وحده لاشريڪ لھ ايءُ راڳ رڳن،
سي سُتا ئي سونهن ننڊ عبادت جن جي.
پوري ڪائنات ۾ جيڪا به شيءِ چُر پُر ڪري ٿي، ان جي چرپر ۾ فَرڪَڻُ (Vibration) ضرور موجود هوندو آهي. ۽ اهو فرڪاٽ لئي(Rhythm) جو ابتدائي روپ آهي. لطيف سائين جسم جي قدرتي Vibratory system ۾ وحدت يعني يڪتائي واري خيال جي پيوندڪاري جو ڏس ڏئي ٿو، ڇوته جسم ۾ لئي جي ابتدائي شڪل موجود آهي، ان ۾ فقط خيال جو سُر ڀرڻو آهي.
راڳ کي لطيف سائينءَ قدرت جو پرتو سمجهي پنهنجي احساسن ۾ رچايو، جيئن”رَڳُون ٿيون رَبابُ، وَڄن وَيلَ سَڀ ڪنهِين“ لطيف سائينءَ جي انهيءَ ڪيفيت جي گس جو تاڃي پيٽو اسانکي سائنسدانن، فلسفين ۽ مختلف زماني جي مختلف ڏاهن، عقلمند انسانن کان ملي ٿو، جن خدا جي خلقيل سنسار کي پروڙيو ۽ نتيجي ۾ قدرت انهن جي سامهون پنهنجي رازن کي پاڻ پڌرو ڪيو.
ارڙهين صديءَ جو عظيم ترين فلڪيات جو ماهر وليم هرشيل (William Hershel) 1938 ۾ پيدا ٿيو، موسيقيءَ سان گهري دلچسپي هيس، ان ڪري هن جي پهرين سڃاڻپ هڪ موسيقار جي حيثيت سان آهي. موسيقيءَ جي ميدان ۾ وڏو انقلابي ڪم اٿس. وڄت جي مختلف اوزارن (Instruments) جي ايجاد ۽ انهن ۾ گهڙ گهت ڪرڻ سان گڏ مختلف سُرن جو خالق آهي. وليم هرشيل راڳداريءَ سان نت نئين تبديلين سان هلندي هلندي هڪ عجب دنيا ۾ پهتو. هي موسيقار صاحب ٻٽيهن سالن جي عمر ۾ پنهنجي ٺاهيل هڪ انعڪاسي دوربين (Reflecting Tele Scope) کڻي آسمان ڏانهن متوجه ٿيو ۽ زندگيءَ ڀر ان ڪم سان جُنبيل رهيو.
سندس دريافت ۾ يورينس (Uranus) سيارو ۽ روشنيءَ جي رفتار پهچڻ ۾ وقت وٺڻ جي دعوا به وليم هرشيل ڪئي هئي. هن ئي اهڙن ستارن جي ڳالهه ڪئي هئي جن جي روشنيءَ کي اسان تائين پهچڻ ۾ ڪيترائي بلين سال لڳي وڃن ٿا. ان کان سواءِ مِلڪي وي (Milky Way) جي شڪل ۽ شبيهه به هن ئي ٻڌائي هئي. هرشيل صاحب ٻن هزارن تائين نوان نيبولا دريافت ڪيا هئا ۽ انهن جو ڪئٽلاگ به مرتب ڪيو، جنهن جي تحت اڄ اسان جي ڪهڪشائن جي موجود نقشن جو بڻياد ان ئي Catalogue تي ٻڌل آهي. هرشيل جي نظرين کي هڪ سؤ چاليهن سالن کانپوءِ آمريڪا جي فلڪيات جي ماهر هارلو شيپلي (Harlow Shapley) ٻيهر شايع ڪرايو. هرشيل ٻن ستارن جي وچ ۾ ڪششي نظام (Stellar System) به دريافت ڪيو، جنهن مطابق ٻئي ستارا هڪٻئي جي چوڌاري گهمندا آهن. اڄ جي دريافت مطابق ذري گهٽ اڌ تعداد ستارن جو اهڙي ئي نظام تي مشتمل آهي. وڏي انقلابي دريافت هرشيل جي اها هئي ته هن چيو ته سج ساڪن يعني هڪ هنڌ بيٺل نه آهي پر اهو به پنهنجي نزديڪي ستاري ليمبڊا هرڪيوليس (Lambda Hercules) جي چوڌاري گهمي ٿو.
انهيءَ ئي عظيم انسان وليم هرشيل صاحب جو چوڻ آهي ته: ”موسيقيءَ جي تخليق ۽ فلڪياتي تحقيق جو محرڪ هڪ ئي جذبو يعني جمال جو ادراڪ ۽ ان جي پيشڪش آهي.“
لائوزو (Lao Tzu) چين جو فلسفي، جيڪو حضرت عيسى کان تقريبن 480 سال اڳ ٿي گذريو آهي. لائوزو جو خيال هو ته سنسار ۾ موجود قدرتي وهنوار يعني قدرتي عنصرن سان ذاتي يا معاشرتي ناتو قائم ڪرڻ لاءِ هڪ خاص رڌم جي ضرورت آهي ۽ ان رڌم جي ذريعي ئي لاڀ حاصل ڪري سگهي ٿو. هي صاحب ڪنفيوشس جو استاد ليکبو آهي، جيتوڻيڪ ڪنفيوشس پاڻ پنهنجي دور جو هڪ هاڪارو فلسفي ٿي گذريو آهي ۽ هن انساني معاشري جي بڻت تي وڏي روشني وڌي آهي. لائوزو جو چوڻ آهي ته ”موسيقيءَ جي ذريعي ڪائنات جي رازن کي ڄاڻائي سگهجي ٿو.“
ان کانسواءِ حضرت عيسى کان لڳ ڀڳ چار سؤ سال اڳ يونان ملڪ جي فلاسافر افلاطون (Plato) جو چوڻ آهي ته
Music is a moral law. It gives soul to the universe, wings to the mind, flight to the imagination, and charm and gaiety to life and to everything.
يعني ”راڳ اخلاقي وجدان آهي، هي ڪائنات سان جوڙي ٿو، ذهن بلند ڪري ٿو، خيال ۾ اڏام ۽ زندگيءَ جي هر شيءِ ۾ لطف ۽ مزو پيدا ڪري ٿو.“
دنيا جا ڏاها راڳ کي جيتوڻيڪ هڪ عظيم قوت ڄاڻن ٿا پر ان جي باوجود به لطيف سائينءَ گهڻو ڪري پنهنجي نينهن ارپڻ واري ثقافتي سڀاءَ (Cultural Tendency) ۾ راڳ جي جوهر کي جذب ڪرڻ جو هڪ منفرد انداز رکي ٿو، جيئن سُر سورٺ ۾ راءِ ڏياچ سُرن تي پنهنجو سِرُ وڍايو. محلاتي سازشن جا قصا ته مشهور آهن ۽ حڪمرانن جي حرص ۽ ڪُڌن ڪرتُوتن جا واقعا به مشهور آهن. هي واقعو به جيتوڻيڪ تاريخ جي ورقن ۾ سادڙي انداز ۾ بيان ڪيل آهي، يعني ٻن حڪمرانن گجرات جي درلڀ انيراءِ ۽ جهونا ڳڙهه جي راءِ ڏياچ جي وچ ۾ آهي. حقيقت ۾ انهن علائقن يعني گجرات ۽ جهوناڳڙهه جي حڪمرانن ۾ نسلن کان هڪٻئي کي زيرِ ڪرڻ لاءِ تڪرار هلندڙ هو. درلڀ انيراءِ جهونا ڳڙهه جي حڪمران راءِ ڏياچ کي طاقت جي ذريعي شڪست نه پيو ڏئي سگهي، گجراتي حڪمران درلڀ، راءِ ڏياچ جي اوصافن ۽ اصولن کان ڀلي ڀت واقف آهي، جن تان ڏياچ جو نه هٽڻ هن جو فطري وڙُ هو. ڏياچ جو راڳ سان نينهن هجڻ سندس فطري ڪمزوري هئي، ان جو فائدو انيراءِ هڪ هاڪاري گويي ٻيجل جي ذريعي ڏياچ جو سِرُ حاصل ڪرڻ ۾ ورتو. ٻيجل راءِ ڏياچ وٽ پهچي ٿو ۽ هن ۽ ڏياچ جي وچ ۾ گفتگو ٿئي ٿي:
جَي مِيراثِي مَڱِڻا، آءٌ پِڻُ مَنجهان تَن...
ٻيجل ٿو چوي جن مڱڻهارن کي راڳ ورثي ۾ مليل آهي، مان پڻ تن منجهان آهيان...
ڪِي ڪَهُه منهنجَي ڪَن، اِرتَ مَنجهان اُنِ جي... راءِ ڏياچ ٿو چوي: انهن جي ورثي (ڏات منجهان) ڪي منهنجي ڪن کي سڻاءِ.
جنهن کان پوءِ ٻيجل راءِ ڏياچ جي سامهون راڳ جا سُر وکيريا. راڳ جي نزاڪت کان متاثر راءِ ڏياچ ٻيجل کي سندس فن جي عظمت جي عيوض ٻيجل جي خواهش جو پورائو چاهي ٿو پر ٻيجل روايتي مهڻو ڏئي ٿو ته سندس فن جي قدر جو درٻار جي مراعاتن سان پورائو ڪرڻ فن جي توهين آهي. ان ڪري هن جي فن جو مُلهه سِڪَن سان نه پر قدردانن جي سِرَ گهورڻ سان ٿيندو ۽ راءِ ڏياچ راڳ جو قدر ڄاتو ۽ پنهنجي حياتي پنهنجي حاڪميت سميت راڳ جي مقابلي ۾ بي مول ڄاتي. راڳ جي رمزن کي راءِ ڏياچ جي ارپنا وارن جذبن جو شاندار انداز ۾ لطيف سائين ذڪر ڪري ٿو:
مَٿو مُورِ نه پاڙيان، تنهنجيءَ تَندُ تَنوارَ
سِرَ ۾ سَڃَڻَ ناهه ڪِي، موٽُ مَ مڱڻهار!
ڪِينهي مَنجِهه ڪَپارَ، لَڄِيندو ٿو لاهِيان.
راءِ ڏياچ، ٻيجل کي چوي ٿو ته پنهنجو سِرُ تنهنجي فن جي مَٽُ نه ٿو سمجهان، تنهن ڪري سِرُ ڏيڻ ته ڪا ڀيٽا (نذرانو) ئي نه آهي؛ ته به اي مڱڻهار! تون سکڻو موٽي نه وڃ، منهنجي سِرَ ۾ تنهنجي تنوار جو مُلهه نه آهي، تنهن ڪري ان کي وڍيندي به لڄ ٿي ٿئي. ٻيجل فن جي صِلو ڏياچ کان سِرُ گُهريو ۽ ڏياچ به فن جي آڏو ئي فنا ٿيڻ جو وچن ڪيو. راءِ ڏياچ ٻيجل کان سُرَ وکيرڻ جو مطالبو ڪيو، ٻيجل سُرَ وکيري ٿو ۽ راءِ ڏياچ وجدان ۾ اچي پنهنجي ئي هٿن سان پنهنجو سِرُ وڍي وڌو. لطيف سائين راءِ ڏياچ جي اٽڪل هڪ هزار سال آڳاٽي ان عمل جو انتهائي گهرو اثر قبول ڪيو آهي. شاهه سائينءَ جي متاثر ٿيڻ جو وڏو سبب قدرت جي رمز ۽ اسرار تائين رسائيءَ جو سگهارو ذريعو راڳ جو هجڻ پڻ آهي، اهڙي رمز تان دنيا جو هاڪارو فلسفي شوپنهار به پردو کڻي ٿو.
جرمن فلاسافر شوپنهار (Schopenhauer) ارڙهين صديءَ ۾ پيدا ٿيو. (1788ع کان 1860ع تائين) ۽ اڻويهين صديءَ ۾ پيالو ڪري ويو. شوپنهار پهريون مفڪر هو جنهن اهو نظريو پيش ڪيو ته ”جيڪي به فنَ يعني تخليقي هُنرَ آهن، اهي موسيقيءَ جي معيار پهچڻ لاءِ جتن ڪن ٿا.“
يوناني مفڪرن فيثاغورث ۽ افلاطون جي لاءِ چيو وڃي ٿو ته هنن راڳ کي فطري ضرورت ڄاتو، ڇوته هنن جي خيال ۾ انسان ۾ خدا جي روح جو پرتو آهي ۽ انسان تي راڳ جو اثر ان ڪري ٿئي ٿو ته انساني روح خدا کان جدا ٿيڻ کان اڳ عالم ارواح ۾ آسماني نغما ٻڌا هئا ۽ انهن کان مانوس هو، تنهن ڪري موسيقي انسان جي پراڻي ياد کي بيدار ڪري ٿي.
ڏهين صدي عيسوي ۽ چوٿين صدي هجريءَ جي آخر ۾ عراق جي شهر بصره ۾ مسلم مفڪرن جي هڪ تنظيم اخوان الصفا فڪر ۽ فلسفي ۾ وڏو مقام ماڻيو. 52 رسالن تي پکڙيل مواد ۾ مسلم فلسفين خدا، قدرت، ڪائنات ۽ انسان جي رشتي تي فڪري ويچار ڏنا آهن، اخوان الصفا جي مفڪرن جو راڳ جي باري ۾ خيالُ يوناني فلسفي فيثاغورث جي خيال جي تقريبن ويجھو آهي. هنن جو خيال هو ته ڪائنات جي نظام ۽ انسان جي نفس جو بڻياد راڳ جي اصول تي بيٺل آهي. اهو ايئن ته راڳ پڻ علم نجوم (Astrology) وانگر عددن جو علم (Numerology) آهي جيڪو علم رياضي جي شاخ آهي. اهڙي طرح ڪائنات جو سمورو نظام رياضيءَ جي اصولن تي مبني آهي. تناسب، توازن ۽ هم آهنگيءَ جو اصول جيڪو راڳ جي جان آهي، اهو ئي اصول ڪائنات جي نظام جو بڻياد آهي ۽ انسان جو ڍانچو به ان اصول تي قائم آهي ته نفس يا مزاج ۾ جيڪڏهن اعتدال پسندي ۽ هم آهنگي آهي ته صحت برقرار آهي.
راڳ ذري گهٽ سمورين تهذيبن ۽ مذهبن، معاشرن ۽ علائقن جي نفاست ۽ نزاڪت جي اظهار جو مضبوط ترين ذريعو رهيو آهي. عرب جي تاريخ ۾ به راڳداري جو پراڻو رشتو ملي ٿو. اسان وٽ ڪافيءَ جي صنف جا پراڻا خدوخال عرب کان ئي آيل آهن، ڇو ته ڪافي لفظ عربيءَ جي ڪفه لفظ مان نڪتل آهي. عربيءَ ۾ ڪفه جي معنى دف جي ڪاٺي آهي جنهن ۾ گهنگهرو به ٻڌل هوندا آهن. عربي ٻوليءَ جي مشهور لغت ”قاموس“ ۾ ”استکفوا“ جي معنى خيرات وٺڻ يا گهرڻ لاءِ هٿ ڊگهيرڻ ڄاڻايل آهي. عربستان ۾ فقير دف وڄائي خيرات وٺندا هئا. ان جو اثر هِتي کُنجري، يڪتاري ۽ پڪواز يعني دهل ۽ گهنگهرن واريون چپڙيون وڄائي خيرات وٺڻ واري رواج جي صورت ۾ نظر اچي ٿو.
ڪعبة الله جي تاريخ لکندڙ محمد طاهر، ابن عمر جي روايت بيان ڪئي آهي ته ”مڪي جي فتح وقت االله جي رسول، بلال کي حڪم ڏنو ته ڪعبي جي ڇت تي چڙهي ٻانگ ڏي. مسلمان نماز لاءِ آيا، اُهي صرف تهه بند يعني لُنگي يا گوڏ وارو ڪپڙو ٻڌي آيا هئا. سڀ زم زم جي کڏي وٽ گڏ ٿيا ۽ اتي دهل وڄائي رَجَزين يعني جنگ ۾ بهادريءَ جا گيت ڳائڻ لڳا ۽ سڀني ڪعبي کي ڌوتو. ”تاج العروس“ واري جو خيال آهي ته لفظ ”الحَبرَة“ عمدي ڳائڻ کي چئبو آهي، اهڙي نموني هن صاحب قرآن پاڪ جي سورت زخرف جي آيت نمبر 70 ۾ حبرة لفظ جو تفسير موسيقيءَ جي ئي حوالي سان ڪيو آهي.
جيتوڻيڪ اسان جي قرآني ترجمن ۾ علامه علي خان ابڙو صاحب ان لفظ جي معنى”خوشي يا موج“ ڪري ٿو ۽ علامه فرمان علي صاحب به ”وڏي خوشي“ جي معنى ورتي آهي. اهڙي نموني احمد رضا بريلوي صاحب قرآني تفسير ڪنزالايمان ۾ جيتوڻيڪ الحبرة لفظ جي معنى ”خوش خاطري ۽ خاطرداري“ ڪئي آهي پر سورت روم جي مٿي بيان ڪيل آيت جي تفسير ۾ حاشئي تي لکي ٿو ته ”يعني جنت جي باغ ۾ انهن جو اڪرام ڪيو ويندو، جنهن سان اهي خوش ٿيندا. هيءَ خاطرداري جنتي نعمتن سان ٿيندي. هڪ قول هي آهي ته ان مان مراد سماع (راڳ) آهي ته انهن کي خوشيءَ وارا نغما ٻڌايا ويندا، جيڪي الله جي تسبيح تي شامل هوندا.“
”تصوف ۾ سماع و موسيقي“ جو لکيڪ ڊاڪٽر ظهير احمد صديقي لکي ٿو ته رحمت العالمين جڏهن مڪي کان مديني هجرت ڪري آيا ته مديني جي عورتن پنهنجي خوشي ۽ محبت جي جذبن جو اظهار دف وڄائي استقبالي گيت ڳائڻ سان ڪيو هو. امام غزالي جي حوالي سان هڪ حديث پيش ڪئي وئي آهي ته ام المومنين بيبي عائشه فرمائي ٿي ته ٻه خدمتگار عورتون دف وڄائي راڳ ڳائي رهيون هيون. رحمت العالمين گهر ۾ آيا ۽ پاڻ منهن ٻئي پاسي ڦيرائي آرامي ٿيا. انهيءَ گهڙيءَ حضرت ابوبڪر آيو ۽ ان عورتن تي ملامت ڪئي ۽ چيو ته رسول االله جو گهر ۽ هي شيطاني ڪم! اهو ٻڌي رسول ڪريم چيو ته اي ابوبڪر عيد جو ڏينهن آهي، هنن کي ڪجهه نه چئُه. صحيح بخاريءَ جي هڪ حديث جو حوالو ڏيندي چوي ٿو ته ربيع بنت معوذ بن غفرا کان راويت آهي ته منهنجي شادي ٿي ته پاڻ ڪريم اسان جي گهر آيا ۽ منهنجي ويجهو ويٺا، ان وقت ڪجهه ڇوڪريون دف وڄائي ڳائي رهيون هيون ۽ اسان جي ابن ڏاڏن جا مرثيا چئي رهيون هيون، اوچتو هڪ ڇوڪريءَ هي مصرعو چيو ”وفينا نبي يعلم مافي غد“ يعني اسان ۾ هڪ اهڙو پيغمبر آهي جيڪو ڪالهه جي ڳالهه کي ڄاڻي ٿو، ان تي پاڻ ڪريم جن چيو ته”ايئن نه چئو ۽ جيڪو گيت توهان پهرين ڳائي رهيون هيون اهو ئي ڳايو.“
اڪادمي ادبيات پاڪستان ۽ اتفاق فائونڊيشن ۽ پنجاب حڪومت جي اطلاعات ۽ ثقافت کاتي جي مالي معاونت سان ادارئي ثقافت اسلامي لاهور جي طرفان ڇپايل مصنف ڪيخسرو اسفند يار جي ڪتاب ” دبستان مذاهب“ جي صفحي 383 تي انس بن مالڪ کان روايت درج ٿيل آهي. حضرت انس بن مالڪ جو چوڻ آهي ته جبرائيل نبي ڪريم جن کي بشارت ڏني ته تنهنجي امت جا فقراءَ دولت مندن کان پنج سئو سال پهريان بهشت ۾ داخل ٿيندا. حضور پاڪ جن خوش ٿيندي چيو ته توهان مان ڪو شخص شعر ٻڌائي سگھي ٿو؟ جواب ۾ هڪ اصحابي ٻه شعر ٻڌايا
قد لسعت حية الهويڪبدي ليس لها طبيب و لاراقي
الا الحبيب الذي شغفت به فان عندہ رقيتي و ترياقي
”محبت جي نانگ منهنجي جگر کي ڏنگي وڌو، جنهن جي ڇٽڻ جي لاءِ نه ڪو طبيب ۽ نه ڪو جھاڙ فيڻي واروآهي. سواءِ ان محبت جي جنهن جو مان عاشق آهيان، ان ڪري ته ان وٽ ئي منهنجي لاءِ تعويذ ۽ ترياق آهي.“
چوڏهين صدي عيسويءَ جو تيونس جو مسلم مفڪر ابن خلدون (ابو زيد ولي الدين عبدالرحمان) جيڪو الازهر يونيورسٽيءَ ۾ فقهي معاملن جي اعلى عهدي تي مرڻ تائين رهيو؛ ابن خلدون کي تاريخ ۽ عمرانيات جو باني چيو ويندو آهي، هسپانوي عربن جي تاريخ ”العِبر“ کانسواءِ عالمي پذيرائي ماڻيندڙ ”مقدمه في تاريخ“ لکيو، جنهن ۾ سياست، سماجيات، تاريخ، معاشيات ۽ ادب جو شاندار ذخيرو شامل آهي،”انهيءَ ابن خلدون موسيقيءَ (راڳ) کي شرافت جي صنعت چيو آهي.“
سائنس ۾ حياتياتي ارتقائي نظريي Evolution Theory)) جي خالق ۽ نامور سائنسدان چارلس ڊارون (Charles Darwin)جو چوڻ آهي، “If I had my life to live over again, I would have made a rule to read some poetry and listening music at least once every week.”
”جيڪڏهن مونکي وڌيڪ زندگي گذارڻ جو موقعو ملي ها ته مان هڪ اصول جوڙيان ها ته گهٽ ۾ گهٽ هفتي ۾ هڪ دفعو ٿوري گهڻي شاعري ۽ راڳ ٻڌجي.“
لطيف سائين ۽ راڳ هڪٻئي کان الڳ نه آهن ڇو ته راڳ قدرت ۽ انسان جي دوري ختم ڪري هڪ اهم ترين رشتي جي شناسائيءَ جو احساس ڀري ٿو، جنهن رشتي جي لطيف سائين سر سورٺ ۾ ئي پڌرائي ڪري ٿو:
”الانسان سري وانا سره“ ورتي جن وائي
راجا راڳائي، هر دوئي هيڪُ ٿيا.
”انسان منهنجو ڳجهه آهي ۽ مان انسان جو ڳجهه آهيان“ (حديث قدسي)
اهائي وائي هئي جنهن جي ڪري راءِ ڏياچ ۽ راڳي ٻيجل ٻئي هڪٻئي سان لَئي ٿي ويا. لطيف سائينءَ جي راڳ جا پارکو چون ٿا ته سمورا سُر لطيف سائينءَ جا پنهنجا ايجاد ٿيل آهن. جيتوڻيڪ ڪي ساڳيا سر مثلن ڪلياڻ هندوستان ۾ گهڻو ڳاتو وڃي ٿو پر لطيف سائين جو ڪلياڻ الڳ آهي. جيئن سائينءَ پنجن تارن جو پنهنجو ساز ”دنبورو“ ايجاد ڪيو. انهن پنجن تارن جي وچ ۾ هڪ جهڙو آواز ڪڍندڙ ٻه جاڙيون تارون هونديون آهن، باقي ٽن تارن مان گهور، ٽيپ ۽ زبان جي نالن سان هونديون آهن. گهور جو آواز ٿلهو ۽ ٽيپ جو آواز سنهو ٿيندو آهي.
اڻويهين صديءَ جي جڳ مشهور جرمن فلاسافر فريڊرڪ نٽشي (Friedrich Nietzsche) جو خيال آهي ته
Without music, life is a mistake
”موسيقيءَ کانسواءِ زندگي هڪ ڀُلَ آهي.“
ذهانت جي حوالي سان دنيا جو مڃيل سائنسدان البرٽ آئن اسٽائن راڳ جي باري ۾ چوي ٿو:
If I were not a physicist, I would probably be a musician. I often think in music I live my daydreams in music. I see my life in terms of music.
”جيڪڏهن مان طبعياتدان نه هجان ها ته گهڻو ڪري راڳي هجان ها. اڪثر مان موسيقيءَ جي انداز ۾ سوچيندو آهيان ۽ خيالن ئي خيالن ۾ موسيقيءَ ۾ گم هوندو آهيان. مان پنهنجي زندگيءَ کي موسيقيءَ جي ئي تناظر ۾ ڏسندو آهيان.“