ڦُري آءُ فراق!
اچي اوطاقان، پرينءَ مونکي پري ڪيو .
فري آءُ فراق! ،مونکي وصالان وچ پيو
جَي ٿي چِڪِيَمِ چاڪَ، سي پِريَنِ سڀ پوريا.
مٿيان ٻئي بيت لطيف سائين جي رسالي جي سُر حسينيءَ مان آهن. ٻنهي بيتن جو مطلب تقريبن ساڳيو ئي آهي يعني جيڪي ڪجھه فراق يعني جدائي جي حالت ۾ ٿئي ٿو يا ملي ٿو، سو وصال يعني ميلاپ ۾ ڪو نه ملي ٿو. لطيف سائين ٻڌائي ٿو ته پرينءَ سندس ماڳ تي اچي کيس پري ڪري ڇڏيو. ڇو پري ڪري ڇڏيو ۽ ڪيئن پري ڪري ڇڏيو؟ ان جو جواب وري لطيف سائين ٻئي بيت ۾ ڏئي ٿو ۽ فراق کي پڪاري ٿو ته تون اچُ، وصال جي ڪري ته وِچُ يعني جدائي ٿي وئي آهي. لطيف سائين عجيب خيال وارو انسان آهي، ڏسو ته جنهن وَجَهه يا موقعي کي دنيا وارا پنهنجي لاءِ فرحت ۽ قرار جو سبب سمجھن ٿا، هُن لاءِ اهو وَجُھه، موقعو جذبن جي غربت ۽ احساسن جي اڻاٺ جو سبب بڻجي ٿو. تقريبن ماڻهو هر ان شيءِ جي ملڻ جي لاءِ آتا هوندا آهن جن کي هو پسند ڪندا آهن ۽ سندن مرضي هوندي آهي ته کين اهي شيون جلدي ملن يا هو پاڻ انهن شين سان وڃي ملن! پر اها خبر نه هوندي اٿن ته اهڙي قسم جي خواهشن جي تڪميل جي پويان پنهنجي توانائي جو موت هوندو آهي. خواهشن جي پُڄاڻيءَ کي هڪ طرف جيتوڻيڪ فرحت سمجھيو ويندو آهي پر ٻئي طرف جذبن جي جاکوڙي ڪيفيت کي مات ملندي آهي. اهڙي نموني هر شيءِ يا موقعي جا قدرتي طور اُبتڙ ۽ سُبتڙ (Positive & Negative) اثر ٿيندا آهن. ڪنهن به مرض يا ناچاڪيءَ مان جند ڇڏائڻ لاءِ جيڪڏهن ڪا دوا يا سُتي فڪي کائبي آهي ته ان دوا جو سُبتڙ اثر ناچاڪيءَ مان آجو ته ڪندو آهي پر ان دوا جو اُبتڙ اثر (Side Effect) به بدن ۾ پنهنجو ڪم ضرور ڏيکاريندو آهي، اهڙي نموني ”موقعا به مستقل بهتر نتيجن جي ضمانت نه کڻندا آهن.“
لطيف سائين انسان ۽ قدرت جي وچ ۾ بقا واري ڀائيچاري واري فارمولي جو تاڃي پيٽو جوڙيندي هڪ اهڙي حالت وضع ڪري ٿو جنهن حالت تي پوري ڪائنات جي بقا آهي. اها حالت فراق جي حالت آهي. پوري ڪائنات جو وجود فراق واري فارمولي تي قائم آهي. سج، چنڊ، تارا، ڪهڪشائون، سيارا يعني ڌرتي، مريخ، مشتري، زحل وغير سڀ فراق جي اصول تي قائم آهن. وجودن جي بقا ۽ زندگيءَ جي دائميت جو بڻياد تحرڪ آهي ۽ ان تحرڪ جي ڪيميا فراقُ آهي. جيڪڏهن ڪائنات کي زنده رکڻ وارا عنصر يعني سجَ، چنڊَ، تارا ۽ سيارا جيڪڏهن وصال جي حالت ۾ اچن ته پوري ڪائنات تباهي ۽ موت جي وَرِ چڙهي ويندي! تنهن ڪري وصال توانائيءَ جي خاتمي جو نالو آهي.
لطيف سائين فراق کي ”قدرتي بقا“ جي ڪيميا رکندڙ اصولن پٽاندر سڏي ٿو، ڇو ته ”جي ٿي چِڪَيمِ چاڪَ“؛ چِڪَڻُ جو مطلب سِنجَرڻُ، سور ڪرڻ، چاڪ لفظ جي معنى فٽن جا گھاوَ يا چِير آهن، ”سي پِريَنِ سڀ پُوريا“ لطيف سائين چوي ٿو ته جيڪي ڦٽن جا گھاوَ سنجرن پيا، اهي پرين اچي سڀ پوري ڇڏيا. مطلب ته پرين جي پري هجڻ ڪري سندس وصفن، ادائن ۽ انگڙائين جي حُسن پسڻ جي شديد طَلبَ جي نتيجي ۾، اڻ پوري رَسَد جي ڪري جيڪا اندَرَ ۾ مانڌاڻ يا پڄراڻ پئي رهي، اها پرين اچي ختم ڪري ڇڏي. ڇو ته ”اڻاٺ ئي جستجو کي جنم ڏيندي آهي.“ هاڻي پرين جڏهن پاڻ سامهون آهي ته باقي جذبن ۾ هلچل يا مانڌاڻ جو ڪو سبب ئي نه رهيو! ان ڪري لطيف سائين سمجھي ٿو ته شين جي ظاهري جدائي اصل ۾ ”قدرتي طور باهمي بقا واري اصول تي قائم آهي“ ۽ اهڙي قسم جي پڌرائي ارڙهين صدي جي عظيم ترين فلڪيات جي ماهر وليم هرشيل William Hershel)) ڪئي. هن صاحب انيڪ فلڪياتي دريافت مان ٻن ستارن جي وچ ۾ ڪششي نظام (Stellar System) به دريافت ڪيو، جنهن مطابق ٻه ستارا هڪ ٻئي جي ڪشش جي زور تي هڪ ٻئي جو طواف ڪندا آهن. اڄ جي دريافت مطابق ستارن ۾ ذري گھٽ اڌ ڳاڻيٽو ستارن جي اهڙي ئي نظام تي مشتمل آهي. سائنسدانن مطابق پوري ڪائنات ۾ تقريبن ٻه سؤ ارب ڪهڪشائون Milky ways)) آهن ۽ هرڪهڪشان ۾ اربين ستارا آهن. اندازو ڪريو ته ڪائنات جي ننڍي کان ننڍي عنصر کان وٺي وڏي کان وڏي عنصر تائين هڪٻئي کان جدا، ڪشش واري نظام تي زنده آهن. ان کانسواءِ ڪائنات روزانو فراق جي اصول تي هزارين ميل ڦهلجي رهي آهي. اهڙي قسم جي پڌرائي آمريڪي خلائي اداري ناسا جي سائنسدانن طرفان ڪئي وئي آهي. ان سان گڏ قرآن شريف ۾ به اهڙي قسم جي پڌرائي چوڏهن سؤ سال اڳ ڪئي وئي آهي. جيئن سورت ذاريات جي آيت نمبر 47 ۾ چيو ويو آهي ته ”هن ڪائنات کي اسان هڪ دفعو ٺاهي بس ناهي ڪئي پر لڳاتار ان ۾ وڌاءُ ڪري رهيا آهيون.“ فراق عربي لفظ آهي جنهن جو مادو (ف...ر...ق.) آهي ۽ عربي لغت جا ڄاڻو ان مادي جي بڻيادي معنى مٿي جي سينڌ ڪن ٿا جنهن ۾ هڪڙا وار هڪڙي پاسي ۽ ٻيا وار ٻئي پاسي يعني هڪٻئي کان الڳ هوندا آهن. اهڙي نموني فراق جي بنيادي معنى هڪ شيءِ کي ٻي شيءِ کان الڳ يا جدا ڪرڻ آهي. انگريزي زبان ۾ فراق کي (مادي واري معنى جي تناظر ۾) Parting چئبو آهي.
يوناني فلاسافر فيثا غورث جو چوڻ آهي ته انسان جو روح ڪائناتي روح جو ڇڳل حصو آهي جيڪو فلسفي ۽ سائنس کي زندگي ارپڻ وسيلي ئي نجات حاصل ڪري سگھي ٿو. غورث جو مطلب آهي ته ڇڳل روح هن دنيا ۾ پنهنجي اَصُل (Origin) جي تلاش ۾ بي چين آهي ۽ سندس بي چيني پنهنجي اَصلَ جي اهڃاڻن جي ڳولا تائين جاري رهي ٿي. تلاش ۽ تحرڪ زندگيءَ جو نالو آهي ۽ زندگي رواني جو نالو آهي. رواني جدوجهد جو نالو آهي ۽ جدوجهد رڪاوٽن کي چيري پنهنجي روانيءَ کي قائم رکڻ جو نالو آهي. زندگيءَ جي رواني ۾ قدرتي طور رڪاوٽون ۽ ٽڪراءَ هوندا آهن. ڇو ته ”جنهن عمل کي ردعمل نه آهي ته اهو سائنسي طرح عمل ئي ناهي.“ هاڪاري جرمن فلسفي شوپنهار (Schopenhauer) صاحب جو چوڻ آهي Our World is driven by a continually dissatisfied will and continually seeking satisfaction.
ان جو مطلب اهو ٿيو ته ”اسان جي هي دنيا قرار پائڻ لاءِ مسلسل اضطرابي ڪيفيت مان گذري آهي.مطلب ته جنهن به شيءِ تي روح جو اولڙو آهي ان شيءِ کي هڪڙي حالت کان ٻي حالت ۾ نکرجڻ لاءِ هڪ اهڙي ارادي جي ضرورت پوندي آهي جنهن ۾ پيڙائون ۽ ولوڙ هوندي آهي.
حضرت علي ڪرم االله وجه جو قول آهي ته ”جيڪو پسند اچي ته ان سان گھٽ ملندا ڪريو، جيڪڏهن وڌيڪ پسند اچي ته ان کي رڳو ڏسندا ڪريو پر جيڪڏهن ڪو دل ۾ گِھرِي وڃي ته ان کي ياد ڪندا ڪريو“. علي سائينءَ ڪيڏي نه گَـهِـرِي ڳالهه ڪئي آهي!
جيڪو پسند اچي ان سان گھٽ ملڻ جو مطلب پنهنجي پسند واري ڪيفيت کي برقرار رکڻ آهي، ڇو ته گھڻي ملڻ سان ڪيفيت جي زواليت جو امڪان هوندو آهي. هي فراق واري فارمولي تي هلڻ جو هلڪڙو انداز آهي. سائين چوي ٿو ته اڃا وڌيڪ پسند اچي ته رڳو ڏسندا ڪريو، ڏسڻ وصال جي هلڪي حالت آهي ۽ فراق جي وچين حالت آهي. ڏيٺ يا لقاءُ انساني مزاج ۾ اُڻِ تُڻِ پيدا ڪندڙ هوندو آهي ڇو ته اکيون مخصوص عڪس جھٽي سگھن ٿيون، ان ڪري جذبا تقريبن اُڃارا رهجي ويندا آهن. پسند ڪرڻ جي ٽين حالت جنهن لاءِ سائين چوي ٿو ته ”جي ڪو دل ۾ گھري وڃي ته ان کي ياد ڪندا ڪريو.“ پسنديدگيءَ کي يادگيريءَ واري ڪيفيت ۾ رکڻ در اصل فراق واري فارمولي جي پهرين حالت آهي جنهن ۾ ڪشش ۽ تحرڪ يعني پڄراڻ ۽ مانڌاڻ ئي پرين جي پسڻ جو رستو هوندو آهي. تنهن ڪري لطيف سائين چيو آهي ته جيڪي فراق ۾ ملي ٿو سو وصال ۾ ڪو نه ٿو ملي!