لطيفيات

اک اُلٽِي ڌارِ

هي ڪتاب عالمي ڏاهن جي فڪر جي روشني ۾ شاهه لطيف جي بيتن جي سمجهاڻي تي مشتمل تحقيق جو مجموعو آهي، جنهن جو محقق محمد اسلم ڀٽو آهي.
شاهه عبداللطيف ڀٽائي اسان جي وجداني جذبن جو ٻارڻ ڪيئن ۽ ڇو آهي ۽ ڇا لطيف سائينءَ جي تعليم واقعي اسان کي زندگيءَ جا حقيقي زاويا پسائي سگهي ٿي؟ انهن ئي سوالن جو جواب لطيف سائين جي ڏنل بيتن جي تشريح ۾ موجود آهي ۽ لطيف سائين جي بيتن جي شرح يعني سمجھاڻي سائنس ۽ دنيا جي مفڪرن ۽ فلاسافرن جي خيالن جي جوڙ سان ڪئي وئي آهي .
Title Cover of book اک اُلٽِي ڌارِ

اختلاف جي حڪمت

اک اُلـٽـي ڌار ، وَنءُ اُلـٽـو عـام سـيـن
لَـهـوارو لوڪ وَهي، تون اُوچو وَهُه اوڀارِ
منجهان نوُچَ نهارِ ، پُرُ پٺيرو پرين ڏي

هي بيت رسالي جي سُر “آسا” مان ورتل آهي. هن بيت ۾ لطيف سائين هڪ سماجي ۽ نفسياتي ماهر جي حيثيت سان گھڻائي يا انبوهه يعني (Crowed ) يا ( Majority) جي ڇڙواڳ نفسيات کان آگاهه ڪندي فرد جي اختلافي ڪردار کي وڏي اهميت ڏي ٿو ۽ سلڇڻي معاشري جي بڻت جو بڻياد سائنسي تضادن جي آبياري ۾ ڳولي ٿو. انساني تاريخ ۾ اڪثريت يا انبوهن جا ڪي ٿورڙا بهتريءَ ڏانهن قدم هوندا، باقي ته هجومي يا انبوهي نفسيات کَريل رهي آهي ۽ ان جي نتيجي ۾ هزارين انسان پنهنجين حياتين سان گڏ گھر، ٻار ٻچا، وسنديون وڃائي چڪا آهن. دنيا جي تاريخ ۾ جن ظالمن سفاڪي ۽ درندگيءَ جو مظاهرو ڪندي مختلف خاندانن، قبيلن ۽ شهرن کي ناس ڪرڻ کان سواءِ قومن ۽ ملڪن جي اثاثن ۽ قدرتي وسيلن کي ڳڙڪائڻ سان گڏ سندن ثقافتي ورثي جي جيڪا تباهي ڪئي، تن کي به گھڻائيءَ جي ئي ٽيڪ رهي آهي. تهذيبي فڪر جي تاريخ اڪثريت يا انبوهه جي نفسياتي اُرهه زورائي (Wild guess) کان علم ۽ عقل وارن کي باخبر رهڻ جو تاڪيد ڪري ٿي. هجوم يا انبوهه مٽيءَ جي طوفان وانگر وائڙن کي اکين ٻوٽڻ تي مجبور ڪندو آهي. ظاهري طرح چڱو ڀلو سوچڻ وارا اڪثريتي يا هجومي چپيٽ ۾ بدمست ٿي ويندا آهن ۽ هجوم جي بدحواس اُٿَل ۾ لُڙهي ويندا آهن. اڻويهين صديءَ جو پهريون اڌ گھاريندڙ ڊنمارڪ جي جڳ مشهور فلاسافر سورن ڪيرڪگارڊ (Soren Kierkegaard) جو چوڻ آهي ته Wherever there is a crowd there is untruth“. جتي به هجوم هوندوآهي اتي غلط حالت هوندي آهي. ان ڪري لطيف سائين اهڙي هجوم يا لوڪ جي بيمار نفسيات کان پاسو ڪندي ان جي مقابلي ۾ فرد کي صحت مند ذاتي ڪردار ادا ڪرڻ جي تلقين ڪري ٿو، ڇو ته هڪڙي به ماڻهوءَ جو ڪارائتو ڪردار سموري لوڪ جي توانائيءَ جي برابر آهي.
جيئن 216 سال اڳ آمريڪا جي تاريخ ۾ شاندار ڪردار ادا ڪندڙ ذهين ۽ مرتبي واري صدر ٿامس جيفرسن (Thomas Jefferson) جو چوڻ هو ته ”courage makes a majority One man with“ مطلب ته
”هڪ سگھاري ارادي وارو ماڻهو اڪثريت جو مَٽُ آهي.“
اهڙي نموني مذهب جي فلاسافي به اڪثريت کان وڌيڪ اقليت ۽ معاشري کان وڌيڪ فرد کي اهميت ڏي ٿي ۽ معاشري جي هجومي، انبوهي نفسيات جي جنوني وَهُڪَ (Insanely flow) جي نتيجي ۾ ٿيندڙ ڀَيل کان خائف آهي. قرآن شريف جي سورت فرقان جي آيت 44 ۾ چيو ويو آهي ته ”(پيغمبر) تون هيئن ٿو سمجھين ڇا ته هنن مان گھڻا تنهنجون ڳالهيون ٻڌن ٿا يا سمجھن ٿا؟ (بلڪل نه) هو ته رڳو جانور آهن بلڪه هو ته ڀٽڪيل آهن“. ان کان سواءِ سورت هود ۾ خدا پيغمبرن جي صداقت کي بيان ڪندي چوي ٿو ”اهو تنهنجي پروردگار جي طرف کان حق ئي حق آهي مگر اڪثر ماڻهو ايمان نه ٿا آڻين“. ان جو مطلب ته گھڻائي جا قدم عقليت پسندي وارا نه آهن، ڇو ته قرآن شريف جانور سان ڀيٽ ڏئي اهو ظاهر ڪري ٿو ته جانور پنهنجي جبلت تي هلندو آهي ۽ هن ۾ سو چ جو عنصر نه آهي ان ڪري جيڪو سوچڻ ۽ پرکڻ جي عمل کان عاري (Exempt) آهي اهو انسان نه آهي. جيئن سورهين صديءَ جي جڳ مشهور فرانسيسي رياضي دان ۽ جديد فلسفي جي باني طور مڃيو ويندڙ ريني ڊيڪارٽ جا لفظ آهن ته ”I Think Therefore I am“ يعني ”مان سوچيان ٿو تنهن ڪري مان آهيان.“ علم خدا جي وصف آهي، ان وصف ۾ جيڪو به شامل ٿيندو اهو خدا جي ڪٽنب ۾ آهي. رحمت العالمين جن جو فرمان آهي ته ”ڪافر عالم جاهل مومن تي فضيلت رکي ٿو.“ ان جو مطلب ته علم جيڪڏهن اختلاف جي شڪل ۾ آهي ته به تعميري نتيجن وارو هوندو آهي پر جـهِل جنهن جو ٻيو نالو انڌي تعبيداري آهي، جو جمودي مزاج هوندو آهي جيڪو تخريبي نتيجن تي ختم ٿيندو آهي. هـن ڌرتيءَ تي هـيبـت ناڪ قسم جي جيوت جي حملن ۽ قـدرتي ماحـولياتـي ڏاڍاين جي ڀيٽ ۾ انسان جو جسم مقابلي ڪرڻ جــي لائـق نـه هو، جيڪڏهن انـسـان عقل جو استعمال نه ڪري ها.
اڪثريت يا هجوم جي جهالت جا اثر اخلاقي ڏيوالپڻو Degradation) (Moral ته پيدا ڪن ئي ڪن ٿا پر اهي معاشي ڏيوالپڻي Economical Crisis)) جو به سبب ٿين ٿا، ان سلسلي ۾ دنيا جي مشهور ايڪانامڪس جي ماهر، ذهين ڊپلوميٽ ۽ ليڪک پروفيسر جان ڪينٿ گالبريٿ(John Kenneth Galbraith) ،1961 ۾ آمريڪي صدر جان ايف ڪئنيڊي طرفان هندوستان ۾ وزيراعظم جواهر لال نهرو جي زماني ۾ آمريڪي سفير طور فرض به ادا ڪيو. ڪينٿ گالبريٿ جو خيال هو ته (In economics the majority is always wrong) يعني ”معاشيات ۾ اڪثريت غلط هوندي آهي.“
پاڻي هميشه هيٺاهين سطح ڏانهن ڪاهيندو آهي، اهڙي طرح جيڪي معاشرا پاڻيءَ جي ريلي وانگر جيڏانهن جي هوا تيڏانهن رخ رکندا آهن ته اهي معاشرا پنهنجي بقا جي قدرتي سگھه ضايع ڪري ڇڏيندا آهن ۽ اهڙن معاشرن ۾ انسانن جهڙا جسم رکڻ وارا ته لکين هوندا آهن پر حقيقت ۾ انسان بڻجڻ واري سَنَدَ ”سوچ“ کان محروم هوندا آهن. سوچ ئي ته آهي جيڪا پنهنجي بقا جي سلسلي ۾ پربت کان ڏاڍين قوتن جي سامهون اختلافي عمل يعني منهن ڏيڻ تي آڻي بيهاري ٿي.
”اک اُلـٽِـي ڌارِ“ جو مطلب اختلافي ڏاهپ کي سمجھڻ آهي، جنهن جو لطيف سائين تگادو ڪري ٿو. اهو سمجھڻ گھرجي ته اختلاف زندگي جو پرتو آهي. هڪ ڳالهه ذهن ۾ پيوند ڪرڻ گھرجي ته اختلاف جي معنى اٽڪاءُ نه آهي ۽ نه ئي انڪار آهي پر اختلاف جو مقصد پراڻي شيءِ جي مقابلي ۾ نئين ۽ بهتر شيءِ وجود ۾ آڻڻ آهي. اختلاف بڻيادي طرح تخليقي تعمير جي سگھه جو نالو آهي اهڙي سگھه جيڪا شين، معاملن ۽ مسئلن جي جمودي حالتن ۾ تحرڪ پيدا ڪري.
لطيف سائين اختلافي سائنس کي معاشري کي سنوارڻ جو بڻياد ٻڌائي ٿو، ان جي ڪري هڪ ڪامل استاد جي حيثيت ۾ تاڪيد ڪري ٿو ته اک اُبتي رک يعني لوڪ جي ان روايتي نظر کان ابتڙ نئين سوچ رک جنهن جي ڪري لوڪ پستيءَ ۾ پيل آهي. اصل ۾ ڪنهن به وجود جو جيڪڏهن ڪو سبب آهي ته اهو اختلاف ئي آهي. اختلاف ئي ته آهي جيڪو خلقڻهار جي عظيم هنر جي پذيرائي ڪري ٿو. ڪروڙين انسان، جانور، پکي ۽ جيت جڻيا وغيره آهن پر هرهڪ جي مهانڊن ، وصفن، ۽ ڪيفيتن ۾ هڪ نه ٻيو اختلاف ضرور هوندو آهي. اها ئي قدرت گوناگونيت آهي جنهن تي ڪائنات جو دارومدار آهي. سمورن انسانن جي جسماني جوڙجڪ ۽ نسلي واڌ جي ايڪي يعني جين (Gene) جي ڪيميائي خاصيت تقريبن 99.9 سيڪڙو ساڳي هوندي آهي باقي صرف 01. سيڪڙو هر انسان ۾ الڳ آهي جيڪا هر انسان جي انفرادي سڃاڻپ جو سبب بڻجي ٿي. اندازو ڪريو ته سَوَ مان رڳو هڪ جي ڏهين حصي جيترو اختلاف ڪيڏي وڏي مسئلي جو حل آهي، يعني اهو ئي سَوَ جي مقابلي ۾ هِڪَ جو ڏهون حصو ڪروڙين انسانن جي مختلف شڪلين ۽ مزاجن يعني مهانڊن ۽ طبيعتن جو سبب بڻجي ٿو. اندازو ڪريو ته هڪ ڀاڱي ڏهه سيڪڙو، نوانوي ڏهائِي نَوَ سيڪڙو جسم جي ڪيميائي وحدت جي پذيرائي ڪري ٿو. اهڙي نموني معاشرتي وحدت هڪ حقيقت آهي ۽ ان وحدت جي بهتري ۽ سنوار لاءِ اختلافي صلاحيت استعمال ڪرڻ تمام ضروري آهي.
لطيف سائين قدرت جي عطا ڪيل ان اختلافي صورت ۽ مزاج کي اختلافي صلاحيت سان واڳيل سمجھي ٿو ڇاڪاڻ ته ان اختلافي صلاحيت ۾ قدرتي طرح بڻتِ ۽ سُوڌ سنوار (Correction & regulation) واري افعاليت موجود هوندي آهي. اهو قطعي ضروري ناهي ته استاد کان ان جو شاگرد وڌيڪ باصلاحيت نه ٿي سگھي يا هڪ معمولي سوچ واري ماڻهوءَ جو اولاد غير معمولي نه ٿي سگھي. يا هڪ مرشد جو مريد مرشد کان وڌيڪ وسيع نه هجي! جيڪڏهن ڪو ايئن سوچي ٿو ته استاد کان شاگرد ۽ والدين کان اولاد ۽ مرشد کان مريد جي رفتار انهن کان اڳاهين نه ٿي سگھي ٿي ته اهو خدا جي قدرت جو منڪر آهي، ڇو ته هر ڏينهن جي نئين نڪور وهنوار سان ڪائنات جي خالق جي عظمت جي هڪ نئين حالت لاڳو ٿئي ٿي. جيئن قرآن شريف جي سورت رحمان جي آيت نمبر 29 ۾ ڪائنات جي خالق جو پنهنجي تخيل جي گوناگون سگھه سان نمودار ٿيڻ جي باري ۾ ٻڌايو ويو آهي. ”جيڪي به آسمانن ۽ زمين ۾ آهن سي سڀ پنهنجن گھرجن جي لاءِ سندس محتاج آهن، هـر روز هُـو (پنهنجو نِت نئون) شان ڏيکاري ٿو.“ مطلب ته االله رب العالمين پنهنجي تخليق يعني ڪائناتي عنصرن؛ سج چنڊ تارن ۽ زميني جيوت؛ انسان، حيوان، پکي، وڻ ٽڻ، دريا سمنڊ، هوا روشني وغيره جي هر ڏينهن جي تبديلي ۽ نواڻ جي حڪمت ۾ نروار ٿئي ٿو. ”الشان“ لفظ جي معنى معاملو يا حالت آهي، يعني سموري خلقت جي نئين ڏينهن جي اختلافي ڪيفيتن ۾ پنهنجي حڪمت ڏيکاري ٿو ۽ پنهنجي وڏائي هر شيءِ جي هر ڏينهن جي اختلافي حالت برقرار رکڻ ۾ ظاهر ڪري ٿو.
”ونءُ اُلٽو عام سين“ جو ڇيد اهو آهي ته هر انسان اخلاقي طور تي پنهنجي گوناگون وجود جي حق ادا ڪرڻ جو پابند آهي. جنهن صورت ۾ خالق عظيم اختلافي حالت ۾ پيدا ڪيو آهي ته ان شخص کي پنهنجي اختلافي صِنف جو ڪردار ادا ڪرڻ گھرجي ۽ اهو اختلافي ڪردار هميشه سنوارڻ واري فعل ۾ ادا ڪرڻ گھرجي. ان ڪري هر انسان کي سڀ کان پهريائين پنهنجي اختلافي وجود جي اختلافي سگھه يعني اختلافي صلاحيت ۽ قابليت جو وچور ڪرڻ گھرجي، ان وچور جو دڳ ڏيندي لطيف سائين سر سهڻيءَ ۾ چوي ٿو ته “پاءِ تيڏانهن پڳُ، ناهه جيڏانهن نِجُھرو” يعني اوڏانهن قدم وڌاءِ جيڏانهن اجھو يا آسرو نه هجي. ڏاها انسان آسري يا اميد کي اختلافي صلاحيت جي ڀرپور استعمال لاءِ وڏو هاڃيڪار احساس سمجھن ٿا. آمريڪا جو مشهور مضمون نگار ليڪچرر، فلاسافر ۽ شاعر راف ولڊو ايمرسن(Ralph Waldo Emerson) جيڪو اڻويهين صدي ۾ ٽرنسيڊينٽلسٽ موومينٽ Transcendentalist movement)) يعني ”الاهي وجود کي انسان جي اندر رهبر قوت طور مڃيندڙ” تحريڪ جو اڳواڻ به رهيو، هن جو چوڻ آهي ته Do not go where the path may lead, go instead where there is no path and leave a trail. “اوڏانهن نه وڃ جيڏانهن رستو تنهنجي اڳواڻي ڪري پر اوڏانهن هل جيڏانهن رستو (ٺهيل) نه هجي ۽ اهو ٺاهي ڇڏ.“ ايمرسن لطيف سائين جي خيال جي خوب نمائندگي ڪري ٿو. هن صاحب جي چوڻ جو مطلب آهي ته ٺهيل دڳ تي هر ڪو ئي هلندو آهي پر اصل ڪم پنهنجو دڳ ٺاهڻ آهي، ڇو ته ٺهيل دڳ تي هلڻ سان ڪنهن به قسم جي جوش جذبي، نواڻ، صلاحيت يا احتياط جي ضرورت محسوس نه ٿيندي آهي پر نئين دڳ ٺاهڻ لاءِ هر قدم تي سوچ، جذبي، تخليقي صلاحيت ۽ ڀرپور قابليت جي استعمال جي ضرورت پوندي آهي. اهڙي نموني پنهنجو ٺاهيل دڳ پوئنيرن يا ٻين جي لاءِ هڪ مثال هجڻ کپي. لطيف سائين ساڳي ڳالهه ايمرسن کان اڍائي سئو سال اڳ ڪئي.
ٻي صدي هجريءَ جي مسلم مفڪر امام جعفر صادق جو چوڻ آهي ته ”جنهن شخص جا ٻه ڏيهن (ڪالهه ۽ اڄ) هڪجهڙا گذريا ته هو نقصان ۾ آهي.“ امام جعفر صادق جي ان قول مان اها ڳالهه چٽي ٿي بکي ته انسان ۽ تبديليءَ جو پاڻ ۾ ايئن رشتو آهي جيئن روح ۽ بدن جو پاڻ ۾ آهي. ڪنهن به ڪم ۾ مشغول رهڻ سان هر گَھڙي ٻي گھڙيءَ کان ٿوري گھڻي وقت جي فرق، هلڪي ڦلڪي جسماني چرپر جي فرق، سوچن ۽ احساسن جي فرق سان مختلف ٿئي ٿي.
روايتون هجن يا رسمون، نظريا هجن يا مذهبي عقيدا، جيڪڏهن ابن ڏاڏن کان وٺي انهن تي اکيون پوري ۽ ڪن ٻوساٽي ائين هلبو جيئن جانور چاري لاءِ ٺهيل گس تي جھنگ ڏانهن وڃن ۽ واپس وٿاڻن ڏانهن ساڳئي ئي گس تي موٽن، ته پوءِ انهن جانورن ۽ انسانن ۾ ڪو به فرق ڪونهي جيڪي عقل جو استعمال نه ٿا ڪن.
قرآن شريف کليل لفظن ۾ پنهنجي مومن ٻانهن جون وصفون ڳڻائيندي سورت فرقان جي آيت نمبر 73 ۾ انڌي فرمانبرداريءَ کي رد ڪندي چوي ٿو ته ”۽ جڏهن انهن جي رب جون آيتون کين ٻڌايون وڃن ٿيون ته ٻوڙن ۽ انڌن وانگر انهن تي ڪِري نه ٿا پون (يعني غور فڪر ڪن ٿا).“
جيڪڏهن ڪنهن معاشري ۾ غور فڪر يعني مشاهدي جي قوت نه آهي ته پوءِ اهو معاشرو راءِ رکڻ جي اهل ناهي ۽ ان جي راءِ پنهنجي لاءِ مصيبت بڻجي سگهي ٿي. معاشري جي گڏيل جهالت جا اثر سندس گڏيل فيصلن مان پوندا آهن جنهن جا نتيجا پويان وارين پيڙهين کي ڀوڳڻا پوندا آهن. جاهـل معاشري جي وڏي ۾ وڏي نشاني اها هوندي آهي ته ان معاشري جا فرد انڌي فرمانبرداري Passive Obedience)) ۾ غرق هوندا آهن. هڪڙا ماڻهو پنهنجي زبان بند، ڪن ٻوساٽي ۽ اکيون پوري رڳو حيوانن وانگر پنهنجي ڍِڍَ ڀرڻ لاءِ هٿ پير هڻندا وتن ۽ سماجي ڪارج ۾ حصي وٺڻ لاءِ گوهيون ڪندا وتن ۽ شرافت ۽ لاچاري جو وِترُ ڪندا وتن، ان ڪري ڊهندڙ سماجي ڍانچي جو حصو بڻجي پاڻ به ڊهندا وتن، اهڙن ٻوڪ ماڻهن جي منهن تي آفريڪي معاشرو پهاڪي جي شڪل ۾ چماٽ هڻي ٿو، پهاڪا، قومن يا معاشرن جي گڏيل ڏاهپ جو اڀياس هوندا آهن. آفريڪن معاشري جو هڪ پهاڪو آهي ته If you think you are too small to make difference, you .have not spent a night with a mosquito ”جيڪڏهن تون پنهنجي تشخص قائم ڪرڻ لاءِ پاڻ کي هيڻو يا لاچار ٿو سمجھين ته ان جو مطلب آهي ته تو ڪا رات مڇر سان نه گھاري آهي.“
بيت جي ٻي سٽ ۾ لطيف سائين هر لفظ ۾ ڏاڍو گَھِرو تاڪيد ڪري ٿو ۽ چوي ٿو ته ”لَـهـوارو لوڪ وَهي، تون اُوچو وَهُه اوڀارِ...“ پاڻيءَ جي وهڻ جا ٻه پاسا ٿيندا آهن هڪ اوڀارو يعني مٿاهين جتان پاڻي وهندو ايندو آهي ۽ ٻيو لهوارو يعني هيٺاهين جيڏانهن پاڻي ڪاهيندو ويندو آهي. وَهَـڻُ لفظ گھڻو ڪري پاڻيءَ لاءِ استعمال ڪيو ويندو آهي، جيئن پاڻي وهي آيو يا پاڻي وهي ٿو. ان کانسواءِ وهڻ لفظ اهڙي ڪم ڪار لاءِ استعمال ڪيو ويندو آهي جنهن ۾ تيزي يا ڦڙتي واري حالت موجود هوندي آهي، جيئن ريل وهي وئي يا منهنجي پهچڻ کان اڳ گاڏي وهي وئي، يا ڪنهن کي سڏيندي چئبو آهي ته يار وهي اچ تڪڙو ڪم آهي. لطيف سائين چيو آهي ته “وڳر ويا وهِي ڪالهه تنهنجا ڪونجـڙيءَ يعني ڪونجڙي جا ولر اڏريو ويا، اڏرڻ جي حالت پيادي هلڻ کان وڌيڪ تيز آهي. لڳي ٿو ته وَهَـڻُ لفظ حالتن جي قيد کان ڀڳل آهي ڇو ته پاڻي سگھاري هجڻ جي باوجود پنهنجي سگھه ۾ لاچار ۽ ڇڙواڳ آهي ۽ ان جي ئي ڪري سدائين هيٺاهينءَ يا لاهيءَ واري پاسي ڇُـڙي پوندو آهي. لطيف سائين جي خيال ۾ پاڻيءَ جي ريلي وانگر جيڪو معاشرو آسانين (Easeful way) جو شڪار آهي ۽ ڳريل، پراڻ پيل (Deteriorated) موروثي ٽوٽڪن تي هلڻ جو عادي آهي ۽ حالتن جي پٽاندر پنهنجو رستو طئي نه ٿو ڪري ته اهو معاشرو پنهنجي بقا جي قدرتي سگھه (Potential) ضايع ڪري ڇڏيندو آهي ۽ اهڙي معاشري ۾ سترهين صديءَ جي برطانوي ليکڪ ۽ مفڪر ٿامس فلر (Thomas Fuller ) جي چوڻ جي مطابق ته ”The mob has many heads but no brains “ يعني ”ماڻهن کي مَٿا ته هوندا آهن پر انهن ۾ ميڄالو ڪونه هوندو آهي.“ مطلب ته سوچڻ جي عمل کان عاري هوندا آهن. سوچڻ، غور فڪر ڪرڻ انسان هجڻ جي واحد سَنَدَ آهي.
رحمت العالمين جن جو فرمان آهي ته”هڪ گھڙي جو فڪر ستر سالن جي عبادت کان وڌيڪ بهتر آهي.“ عبادت ٻانهي يعني نوڪر يا غلام جي وصف آهي پر فڪر يا عقل خدا جي وصف آهي، جيڪا اسان کي ڪائنات جي عظيم بڻت ۾ اٿاهه فڪر جي سيڙپ مان ملي ٿي. ان ڪري لطيف سائين بيمار ذهن معاشري جي مقابلي ۾ فرد کي صحت مند ڪردار ادا ڪرڻ جي تلقين ڪري ٿو ته جيڪڏهن لوڪ جهالت ۽ پستيءَ جي ڪري سست ۽ لاچار آهي ته تون لوڪ جي ابتڙ حالت ۾ هل يعني علمي جاڳرتا ۽ عقلي سجاڳي کي پنهنجو شيوو بڻاءِ ۽ نئين سرشتي جي اڏاوت جي جدوجهد ڪر.
اهڙي نموني اُوچو لفظ لطيف سائين استعمال ڪري فرد کي انبوهه جي انڌي وهڪري جي خلاف وڏو سگھارو ڪردار ادا ڪرڻ جو تاڪيد ڪري ٿو، ڇو ته لطيف سائين وٽ مخالف جي سگھه جو ڪاٿو آهي. ان ڪري چوي ٿو ته لهوارو لوڪ وهي، تون اُوچو وهه اوڀار؛ اوچو لفظ مخالف جي زور جي خلاف وڌيڪ طاقت استعمال ڪرڻ جو اشارو ڏي ٿو. جيئن پاڻي اوڀاري يا مٿاهين کان وهندو ايندو آهي ته ان پاڻيءَ جي مخالف رخ ۾ وهڻ (هلڻ) ۾ ڏاڍي قوت لڳائڻي پوندي آهي. لطيف سائين ايئن ئي لوڪ جي اهڙي حالت جي خلاف فرد کي جاڳائي ٿو ۽ اوچو لفظ استعمال ڪري اهو باور ڪرائي ٿو ته اختلافي صلاحيت ۽ قوت جو استعمال مقصد ۾ ايندڙ رڪاوٽن جي توانائيءَ کان وڌيڪ منظم ۽ سگھارو هجي.
آخري سٽ ۾ ”منجھان نوُچَ نهار، پُرُ پٺيرو پرينءَ ڏي“ لغت جي ڄاڻن نوچَ لفظ جي معنى کتل نظر، سڌ سماءُ ۽ جانچ ڪئي آهي، پُرُ لفظ امر جي حالت ۾ استعمال ٿيل آهي جنهن جي معنى آهي اڳتي وڌ، هل يا وڃ. هن جو فعل پُرڻُ آهي جيڪو خاص ڪري پاڻيءَ جي دنيا ۾ هلندڙ مڇيرن جي ماحول ۾ گھڻو استعمال ٿيندو آهي.
نوچ شڪاريءَ جي نظر کي به چئبو آهي جيڪا هو شڪار جي تاڙ ۾ رکندو آهي، شڪار کي نشانو بڻائڻ لاءِ جيتوڻيڪ شڪاريءَ جي هٿ ۾ هٿيار به هوندو آهي پر کُتل نظر جنهن جي توجهه جو مرڪز شڪار ئي هوندو آهي، سا ئي شڪاريءَ جي هٿ جي اُڇل کي شڪار تائين نيندي آهي.
مطلب ته ماڻهن وانگي نه ڏس پر پنهنجي وجداني نظر رک ۽ لوڪ کي پٺي ڏيڻ وارو عمل يعني نئين راهه جو بڻياد اصل ۾ پرين ڏانهن ئي پنڌ آهي، ڇو ته پرين ئي نواڻ جو اهڃاڻ آهي ۽ ڏات آهي.
پُر پٺيرو پرين ڏي جو مطلب آهي ته پرين ڏي هل پٺيرو ٿي يعني لوڪ کي پٺي ڏيندي ٽڪرائن کان پاسيرو ٿيندي حالتن کي چيري هل، ڇو ته پرينءَ کي حاصل ڪرڻ جو مقصد انهن پيڙائن کي جھاڳڻ سان ئي ممڪن آهي.