لطيفيات

اک اُلٽِي ڌارِ

هي ڪتاب عالمي ڏاهن جي فڪر جي روشني ۾ شاهه لطيف جي بيتن جي سمجهاڻي تي مشتمل تحقيق جو مجموعو آهي، جنهن جو محقق محمد اسلم ڀٽو آهي.
شاهه عبداللطيف ڀٽائي اسان جي وجداني جذبن جو ٻارڻ ڪيئن ۽ ڇو آهي ۽ ڇا لطيف سائينءَ جي تعليم واقعي اسان کي زندگيءَ جا حقيقي زاويا پسائي سگهي ٿي؟ انهن ئي سوالن جو جواب لطيف سائين جي ڏنل بيتن جي تشريح ۾ موجود آهي ۽ لطيف سائين جي بيتن جي شرح يعني سمجھاڻي سائنس ۽ دنيا جي مفڪرن ۽ فلاسافرن جي خيالن جي جوڙ سان ڪئي وئي آهي .
Title Cover of book اک اُلٽِي ڌارِ

  لڄ ۽ هاتڪ جي حقيقت

ٻُڏندي ٻُوڙَنِ کي، ڪي هاتِڪَ هَٿَ وِجَھـن
پَـسو لَڄَ لطيف چئي، ڪيڏِي کي ڪَکَنِ
توڻي ڪَنڌِيءَ ڪَنِ، ناتَ ساڻَنِ وڃن سِيرَ ۾.

هي بيت سر سهڻيءَ مان ورتل آهي. هن بيت ۾ لطيف سائين هڪ نهر يعني وهندڙ پاڻيءَ جي واهه جو منظر پيش ڪيو آهي جنهن جي ڪنارن تي ٻوڙن جا دوڳا بيٺل آهن. پاڻي گَـھِـرو آهي ۽ تيز هلي رهيو آهي. ٻوڙن جا سَرَ ڪَپَرَ کان نِميو پاڻيءَ کي ٿڌڙا پيا ڪڍن. پاڻيءَ جي وهڪري جي تيزي ۽ گهرائيءَ جي ڪري اڻ سونهان ٻڏي رهيا آهن. لطيف سائين چوي ٿو ته اهڙي قسم جي مصيبت ۽ هيبت واري حالت ۾ ڪنهن به ماڻهوءَ جو اعصابي طور شناس پرست (Conscious) هجڻ جو وقت اهو ئي آهي؛ ڏکئي وقت ۾ شين کي پرکڻ، ٻين لفظن ۾ اضطرابي حالت ۾ عقل جو استعمال ڪرڻ تمام وڏي جرئت ۽ همت جو ڪم آهي. عام حالتن ۾ ته هر ڪوئي نفعي نقصان جو ويچار ڪندو آهي، سا وڏي ڳالهه نه آهي پر زندگي ۽ موت جي ڪشمڪش ۾ شين جو مناسب ادراڪ رکڻ هاتڪن جو ڪم آ هي. شين يا معاملن جي ڄاڻ (Knowledge) رکڻ ۾ ۽ انهن شين يا معاملن جي پُرجَھه يا سمجھه (Understanding)رکڻ ۾ فرق آهي. روزاني وهنوار ۾ اسان جن به شين کي ڏسون ٿا يا انهن سان واسطو پوي ٿو ته ان جومطلب اهو نه آهي ته اسان انهن شين جي باري ۾ مڪمل ادراڪ يعني سمجھه يا پرجھه رکون ٿا، جيتوڻيڪ اهي شيون اسان جي ئي ڄاڻ مطابق طئي ڪيل نالن ۾ قيد آهن. مثال جبل، سمنڊ يا زمين، هوا يا پاڻي، وڻ ٽڻ، اناج ۾ چانور يا ڪڻڪ، جوئر، مڪئي، ڀاڄين ۾ ٻٽالو، واڱڻ، بصر، ڀينڊي، ميون ۾ انب، زيتون، ڪتل، ڪيلا، صوف؛ سڀني کي پنهنجي مخصوص حواسن جي ذريعي شڪل، ذائقي، بوءِ ۽ نرم يا سخت حالتن جي حد تائين الڳ الڳ ڪري سڃاڻون ٿا، باقي انهن جي قدرتي بڻت ۾ موجود ڪيمائي جزن، ڪيفيتن ۽ عمل ۽ ردعمل جي خبر ئي نه هوندي آهي. ان حد تائين بي سمجھه هوندا آهيون، جو پنهنجي قريبن ۽ ڀاتين جي مزاج ۽ ڪيفيت جي به صحيح خبر نه هوندي آهي. ڏاهن جو چوڻ بجا آهي ته
”Knowing everything is not understanding“
”ڪنهن به شيءِ جي معلومات يا ڄاڻ جو مطلب ان جي پرک نه آهي.“ هڪڙا جسم هوندا آهن، جيڪي ڪنهن ٻئي جسم جي ڪمزوري کان متاثر نه ٿيندا آهن پر ان جسم جي ڪمزوري کي پنهنجي شڪتي ۾ تبديل ڪندا آهن يا ان کي توانائي بخشيندا آهن، جيئن لوهه تي مقناطيس جي رڳڙائيءَ سان لوهه ۾ مقناطيسيت پيدا ٿيندي آهي يا ڪنهن به ڌاتو تي پارس پٿر جي ڇهڻ سان اهو ڌاتو قيمتي سون ٿي پوندو آهي. اهڙي نموني ٻوڙا ، ٻڏندڙ جي ڪمزوري سان ٻڌل نه آهن پر هو پنهنجي افعاليت تي اٽل آهن ۽ هو ٻن ڪمن مان هڪڙو ڪم ڪن ٿا يعني ٻڏندڙ کي يا ڪنڌيءَ ڪناري تي ڪڍن يا پاڻ پٽجي ٻڏندڙ سان ٻڏي وڃن ٿا. مطلب ته آسروند جي اميد جي ابتڙ ته ڪن ئي ڪو نه.
هاتِڪُ لفظ عربي ٻوليءَ جي لفظ “حاذق” مان نڪتل آهي جنهن جي معنى آهي ماهر،سمجُھو، استاد، زيرڪ، فهيم، عقلمند وغيره پر هي لفظ خاص ڪري طب جي شعبي سان گھڻو واڳيل آهي، تنهن ڪري حاذق لفظ جي معنا نبض شُناس آهي. اهڙيءَ طرح نبض شُناسيءَ واري ئي تناظر ۾ باقي معنائون ڪيون ويون آهن. هي لفظ يوناني، لاطيني زبان کان سفر ڪندو عربيءَ ۾ پهتو آهي جيتوڻيڪ هن لفط جو پُراڻو رشتو اسڪينڊينويائي (Scandinavian) ٻولين جي ڪٽنب سان به لڳي ٿو. اسڪينڊينويائي ٻولين ۾ ڊينمارڪ، ناروي، سئيڊن ۽ آئيس لينڊ وغيره جهڙا ملڪ اچي وڃن ٿا. بهرحال هي لفظ پنهنجي ڪِرتِ جي حوالي سان هڪ خاص معنا يعني ”پرکيندڙ“ ۾ آيو آهي. تنهن جي ڪري هاتڪ لفظ جي معنى ڪنهن به شيءِ جي هيئت ڄاڻڻ آهي.
ٻُوڙو يا سَرُ تِيلن ۽ ڪکن جو دوڳو يا بُجڪو هوندو آهي. هن جا تِيلا ڪچا ۽ ڪَک ڦِلڙا ٿيندا آهن، ان ڪري ته ٻُوڙو ويچارو واهه جي ڪَپر تي هميشه ڍونڊڙو يعني نِميلُ هوندو آهي. ڪڏهن به ٻُوڙي کي آڪڙيل يعني کڙو نه ڏٺو ويو آهي. هتي لطيف سائين لڄ کي هڪ خاص وصف طور بيان ڪيو آهي ته ٻوڙي هن جي هيڻائي جي باوجود هن جو نڀاءُ ڪرڻ اصل ۾ وڏي لڄ جو ڪم آهي، ڇو ته ظاهر ۾ ٻُوڙو وڏي هيڻائي بَکائي ٿو پر باطن يعني اندر ۾ جيڪا سگھه رکي ٿو اها هو ان وقت استعمال ڪري ٿو جڏهن کيس ٻئي جو بچاءُ گھربل آهي. ان ۾ هو ايتري ته سچائي کان ڪم ٿو وٺي جو ڪا به ڪَسَرَ ڪو نه ٿو ڇڏي، ٻين لفظن ۾ پنهنجي سگھه پنهنجي لاءِ استعمال ڪو نه ڪري ٿو، ڇو ته جي پنهجي لاءِ ڪري ها ته هُو اُڀو يعني کَڙو تَڙو هجي ها پر جڏهن ٻئي لاءِ سهاري بڻجڻ جي ضرورت پويس ٿي ته هو پنهنجي پوري شڪتي ظاهر ڪري ٿو ۽ ان ۾ هو حد درجي جي ديانتداري ڪري ٿو يعني سندس توانائي سهارو وٺندڙ لاءِ وقف ٿئي ٿي ڇو ته ٻُوڙو سهارو وٺندڙ يعني ٻڏندڙ کي ڪنڌيءَ ڪناري ڪري ٿو يا پَٽجِي ان سان گڏ سِيرَ ۾ هليو وڃي ٿو. اهو ئي اصل ۾ هر شيءِ جي پيدا ٿيڻ جو ڪارڻ آهي يعني ڪو به وجود ٻئي وجود جي ضمانت طور پيدا ٿيو آهي.
دنيا جي مڃيل ذهين ترين سائنسدان البرٽ آئن اسٽائن چيو هو ته”مان ان جي ڪري ڪريان ٿو ته اڳيان منهنجي لاءِ ڪري ويا آهن.“ اصل ۾ اها ئي ڳَــڻَ آهي جيڪا انسانيت جو بڻياد آهي. باقي کائڻ، ڪمائڻ، گھر ٺاهڻ، ٻچا ڄڻڻ ۽ بچاءَ ڪرڻ جي ته حيوانن، پرندن ۽ ڪيڙن مڪوڙن ۾ به قدرت آهي. لڄ هندي لفظ لاجُ جي ويجھو آهي جنهن جي معنى لڄ، شرم ۽ حيا ڪئي ويندي آهي.”تحقيق لغات سنڌي“ مطابق لاج سنسڪرت ٻوليءَ جي ”لجا“ مان نڪتل آهي ۽ وري لاڄُو لفظ پراڪرت ٻوليءَ جي لَجُ ۽ سنسڪرت ٻوليءَ جي رَجُ مان نڪتل آهي جنهن جي معنى رسا، نوڙيون آهن پر سنڌي لغات جلد پنجون سنڌي ادبي بورڊ جي مطابق لاڄو لفظ جي معنى لڄپال، ننگي، غيرتمند، نوڙُ، نوڙي، رسو، رسي آهي. لطيف سائينءَ جو لڄ لفظ پراڪرت جي لاڄَ لفظ سان گهري مِٽي رکي ٿو، ان جي ڪري ته ان لفظ جي معنى رسي يا نوڙي آهي. اهڙيءَ طرح بهادريءَ سان اعتماد ڪري سگھجي ٿو ته لطيف سائين وٽ ”لڄ“ لفظ هڪ اهڙي وصفVirtue) ) آهي جنهن سان انسان وَٽِيَلُ هجي ايئن جيئن نوڙي وٽيل هوندي آهي. يعني لڄ ڪنهن به اسم جي اها وصف آهي جيڪا سندس بيهڪ جو سبب يا علامت هجي، ان سان ئي سڃاتو وڃي يعني ان جي هيئيت ئي اها وصف هجي. ”لڄ“ لفظ کي عربي ٻوليءَ ۾ حياء ۽ فارسي ٻولي ۾ شرم ۽ غيرت چئبو آهي. هڪ ڳالهه ياد رکڻ گھرجي ته لڄ يا شرم يا حياءَ جو نفسياتي پيچيدگيءَ سان ڪوبه تعلق ناهي، پر لڄ هڪ اها وصف آهي جنهن ۾ قدرت پنهنجي شائستگيءَ جي بقا انسان جي وجداني ضابطي جي شڪل ۾ رکي آهي.
آدم بي زار سوچ، مطلب ته ماڻهن يا معاملن کان ڀاڄ وارو لاڙو سماجي اُلجھن يا نفسياتي پيچيدگين جي نتيجي ۾ ٿيندو آهي، جنهن کي انگريزي ۾ (Social Anxiety Disorder) چئبو آهي.لڄ يا حياءُ يا شرم Shyness)) کي ڪي سماجي الجھن يعني social anxiety disorder سمجھن ٿا، جيتوڻيڪ لڄ ۽ سماجي الجھن ۾ وڏو ۽ بنيادي فرق آهي. لڄ ڪنهن به اسم جي امتيازي خاصيت يا سڃاڻپ ليکبي آهي جنهن جو تعلق شخصيت جي مثبت پهلوئن سان هوندو آهي. لڄ شخصيت جي مضبوط سڀاءَ (Stable temperament) جو نالو آهي. جڏهن ته سماجي الجھن جو شڪار ماڻهو معاشرتي معاملن يا مسئلن ۾ ڪردار ادا ڪرڻ وقت گھٻراهٽ ۽ ذهني پريشاني ۾ مبتلا هوندو آهي ۽ سندس ذهن ۾ خواري ۽ توهين جو خوف هوندو آهي. سماجي الجھن جو شڪار ماڻهو منفي جذبا يا ۽ احساس رکندو آهي.
اسان جي رسول ڪريم جن جو قول آهي ته ”‏الحياء خير کله“ يعني حياءُ سمورو ڀلو آهي. ٻئي قول ۾ مالڪ ڪريم فرمائين ٿا ته ”الحياء شعبة من الايمان“ يعني لڄ ايمان جو حصو آهي. مطلب ته لڄ جا سمورا پهلو بهتريءَ جي نتيجن تي کٽن ٿا. ان نموني لڄ يا حياءُ قدرتي قانون جو هڪ اهڙو ضابطو آهي جيڪو هر عنصر يا جيوت جي توانائي جي استعمال جي ڪاٿي جو گھيراءُ ڪري ٿو.
سادگيءَ ۽ سچائيءَ جي حوالي سان پوري دنيا جي علمي حلقن ۾ مڃتا ماڻيندڙ موهن داس عرف مهاتما گانڌي جي لاءِ چيو وڃي ٿو ته هو پنهنجي شروعاتي زندگيءَ ۾ ڏاڍو لڄارو ۽ شرميلو هوندو هو. ان حد تائين جو پهريون دفعو جڏهن برطانيا جي عدالت ۾ وڪيل جي حيثيت سان پيش ٿيو ته سندس ٽنگون ڏڪڻ لڳيون ۽ جج جي سامهون ڳالهائي نه سگھيو. ان کان علاوه ٻيا به اهڙا ڪافي موقعا آيا جن جي ڪري ٻيا ماڻهو مٿس کلندا هئا. اهو مهاتما گانڌي پنهنجي لڄاري مزاج جي باري ۾ چوي ٿو ته وقتي خواريءَ کان هٽي ڪري، مان اهو ضرور چوندس ته منهنجي جيڪا به ذهني يا جسماني لڄاري حالت رهي، اها بي فائده نه رهي. حقيقت ۾ ان مان مونکي گھڻو فائدو مليو آهي. ڳالهائڻ ۾ منهنجي هٻڪ hesitancy)) مان مونکي تمام وڏو فائدو مليو، ان هٻڪ مونکي (Economy of words) يعني لفظن جو احتياط سان استعمال سيکاريو. مهاتما گانڌي چوي ٿو ته
My shyness has been in reality my shield and buckler. It allowed me to grow. It has helped me in my discernment of truth
”منهنجي لڄ حقيقت ۾ منهنجي لاءِ دفاعي اعزاز ۽ ڍال رهي آهي، ان مونکي وڌڻ ڏنو آهي. سچ کي پروڙڻ ۽ پرجھڻ ۾ لڄ منهنجي مدد ڪئي آهي.“
ٻُوڙن جي هن سموري لقاءَ (Phenomenon) ۾ لطيف سائينءَ جو متاثر ٿيڻ دراصل سماج جي سنجيده علمي ۽ عقلي حلقن جي لاءِ عبرت حاصل ڪرڻ جو سبق آهي ۽ شين، فردن، مسئلن ۽ حالتن جي ڪيميا کي پرکڻ اصل ۾ مهميرن انسانن جو ڪم آهي. خاص ڪري انهن انسانن جي شناس ۽ پرک رکڻ جيڪي پاڻ اهنجن ايذائن، ڏکن، سورن ۽ نڌڻڪائپ وارين حالتن مان گذرڻ جي باوجود هڪ مسيحا جي شڪتي رکندا آهن. جيتوڻيڪ هو معاشي آسودگيءَ ۽ معاشرتي آشيرواد کان محروم هوندا آهن پر جيئن جنهن واهه جو پاڻي ڪنهن کي ٻوڙڻ جو سبب بڻجي ٿو، انهيءَ ئي پاڻيءَ جي ڪَپر مٿان نميل سَرن جا ٻوڙا اصل ۾ ٻڏندڙ لاءِ دفاعي مورچي طور هوندا آهن،. تيئن ئي عقلمند انسانَ معاشرتي ويڳاڻپ جي باوجود پنهنجي شڪتي کي بهتريءَ جي سببن ۾ لڳائڻ جا پابند هوندا آهن.