لطيفيات

اک اُلٽِي ڌارِ

هي ڪتاب عالمي ڏاهن جي فڪر جي روشني ۾ شاهه لطيف جي بيتن جي سمجهاڻي تي مشتمل تحقيق جو مجموعو آهي، جنهن جو محقق محمد اسلم ڀٽو آهي.
شاهه عبداللطيف ڀٽائي اسان جي وجداني جذبن جو ٻارڻ ڪيئن ۽ ڇو آهي ۽ ڇا لطيف سائينءَ جي تعليم واقعي اسان کي زندگيءَ جا حقيقي زاويا پسائي سگهي ٿي؟ انهن ئي سوالن جو جواب لطيف سائين جي ڏنل بيتن جي تشريح ۾ موجود آهي ۽ لطيف سائين جي بيتن جي شرح يعني سمجھاڻي سائنس ۽ دنيا جي مفڪرن ۽ فلاسافرن جي خيالن جي جوڙ سان ڪئي وئي آهي .
Title Cover of book اک اُلٽِي ڌارِ

  ڏکندو ڏُور ڪرڻ جو ڏَسُ

وَيٺَي جنهين وٽ، جي ڏُکندو ڏور ٿئي
تون تنين سِين ڪَٽِ، اوڏا اَڏي پَکڙا.

ويٺي جنين وٽ، جي ڏُکـندو ڏاڍو ٿـئي
سا مجلس ئي مَٽ، جا حاصل هوءِ هزار جي.

سُر يمن ڪلياڻ جي هن بيت ۾ لطيف سائين انساني آدرشن جي بقا جي ضرورت تي زور ڏئي ٿو. خوشي ۽ پئسي جي آسودگيءَ ۾ زبردست فرق ڪري ٿو. لطيف سائين خوشيءَ جو حقيقي روحاني ڇيد ڪندي چوي ٿو ته جن ماڻهن سان ويهندي ڏک تڪليف هٽي وڃي ته اهڙن انسانن جي ڀر ۾ لڏو لاهي انهن سان پنهنجو وقت گذارجي. ٻئي بيت ۾ سائين مادي پرست رويا رکندڙ ماڻهن جي صحبت کان ونئون وڃڻ جو تاڪيد ڪري ٿو، ڇو ته ان جو لازمي نتيجو ڏک تڪليف ۾ واڌارو ئي هوندو پوءِ ڇو نه هزار ملن.
بيت پهرين ۾ ته لطيف سائين چوي ٿو ته تڪليف يا پِيڙا جيڪڏهن ڪن ڀلوڙ انسانن جي صحبت ۾ گھٽ ٿين ٿا ته تن انسانن سان تمام ويجھا هجو پر بيت ٻئي ۾ چوي ٿو ته جي ڏک تڪليف ۾ اضافو ٿئي ته انهن جي سنگت کان ڀڄي وڃو ڀلي هزار حاصل ٿين! لطيف سائين ٻنهين بيتن ۾ ڏکندي جي حالتن جو بيان ڪري ٿو جن مان هڪ حالت ”ڏور ٿيڻ“ جي ۽ ٻي حالت ”ڏاڍي ٿيڻ“ جي آهي. ڏکندو لفظ جو مطلب سورائتو، ڏک جهڙو، درد ڀريو، رنج، الم آهي. جيڪڏهن ڏک ختم ٿيو وڃي ته ان جي جاءِ سک ئي وٺندو آهي يعني ڏک جي ختم هجڻ جو عام پيمانو سک جو هجڻ آهي ۽ سک جو بنياد ضرورتن جو پورائو آهي. اهڙي طرح ضرورتن جي پورائي جو وري بنياد ڏوڪڙُ آهي. ٿيڻ ته ايئن کپندو هيو ته لطيف سائين ڏکندي ڏور ٿيڻ جو متبادل سُکندو يا سرهائي بيان ڪري ها پر ڇاڪاڻ ته سکندي يا سرهائيءَ جو دارومدار ضرورتن جي پورائي تي آهي ۽ لازمي طرح ان لاءِ پئسي جو هجڻ ضروري آهي، مطلب ته ڏکندو ڏور ڪرڻ جو لازمي متبادل ”سُکندو“ يا سرهائي آهي اهڙي نموني وري سُکندي ۽ سرهائي جو ٻارڻ پئسو ئي ته آهي. پر سوچڻ جي ڳالهه اها آهي ته بيت ٻئين ۾ لطيف سائين ڏُکندي جي متبادل سُکندي جي بنياد ”پئسي“ کي اُلٽو ڏُکندي کي ڏاڍي ڪرڻ جو انجام سمجھي ٿو، جيئن چوي ٿو ”ويٺي جنهين وٽ جي ڏکندو ڏاڍو ٿئي، سا مجلس ئي مٽ هوندَ حاصل ٿين هزار“ مطلب ته جن سان گذاريندي دولت ته حاصل ٿئي پر ڏُکندو نه لهي، اڃا به ڏاڍو ٿئي ته اهڙن جي صحبت ترڪ ڪجي. لطيف سائين جنهن ڏکندي جي ڳالهه ڪري ٿو، ان ڏکندي جو ترياڪ نه مادي وسيلن جي آسودگي آهي ۽ نه ئي مادي ضرورتن جي تڪميل آهي. ان جو مطلب ته لطيف سائين وٽ ڏکندي ڏور ڪرڻ جو علاج هاتڪ انسانن جي صحبت آهي جنهن جو تاثير ڏکندي کي ماٺار واري سطح تي آڻي بيهارڻ آهي.
لطيف سائين جي بيان ڪيل بيتن جي تناظر ۾ ٻه ڳالهيون اهم آهن هڪ ته ، لطيف سائين جنهن ”ڏُکندي“ جو ذڪر ڪري ٿو سو اصل ۾ آهي ڇا؟ ۽ ٻيو ته لطيف سائين پئسي کي ڏکندي ڏور ڪرڻ جو علاج سمجھي نه ٿو ڇو؟ جڏهن ته معاشري ۾ ڏکن کي سکن ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ پئسي جو هجڻ خالص معيار آهي، ڇو ته پئسو ئي ته تقريبن مسئلن جو حل آهي ۽ پئسي سان ئي خوشي ته ٺهيو پر ماڻهو خريد ڪري سگھجن ٿا، طاقت ۽ شهرت حاصل ڪري سگھجي ٿي، پئسي تي پراوا پنهنجا ۽ پنهنجا زيرِ ڪري سگھجن ٿا. مطلب ته معاشري ۾ پئسي ئي ته دين ايمان جي جڳهه ورتي آهي ۽ تقريبن ماڻهو دولت مندن جو طواف ڪن ٿا! ته پوءِ لطيف سائين هزار حاصل ٿيڻ جي باوجود به انهن ماڻهن کان ڏکندو ڏاڍي ٿيڻ جي ڳالهه ڪيئن ڪري ٿو؟
لطيف سائين جي نظر ۾ خوشي جو تعلق بي روح شين جي آسودگيءَ سان ته آهي ئي ڪونه. لطيف سائين جي خيال ۾ ڏک يا تڪليف زندگيءَ جو لازمي جزو آهي، ان ڪري لفظ ڏک جي بجاءِ ڏکندو استعمال ڪيو ويو آهي، ڏکندو لفظ اصل ۾ ڏک جي استمراري حالت کي ظاهر ڪري ٿو ۽ ”ڏاڍو“ لفظ ان حالت ۾ شدت پيدا ڪري ٿو، يعني ڏک جي رنج، الم ۽ بيقراري واري ڪيفيت هر حالت ۾ موجود آهي. جنهن جو سبب هڪ ته خواهشن، جستجو، جدوجهد ۽ نتيجن جي عدم توازن جو هوندو آهي ۽ ٻيو سبب تجربن ۽ مشاهدن جي نتيجي ۾ پيدا ٿيندڙ فڪري ولوڙ آهي، جيڪا معاشري کان ابتر جي بجاءِ بهتر روين ۽ شين جي بجاءِ انسانن کي اهميت ملڻ جي خواهشمندهوندي آهي.
يوناني ڏند ڪٿائن (Miths) جي مطابق روح جيڪي (Apples) صوفن جي شڪل ۾ هئا تن روحن کي خدا ٻن اڌن ۾ ورهائي عرش تان هيٺ زمين تي اڇلائي ڇڏيو جنهن جي نتيجي ۾ هر اڌ ٻئي اڌ کان وڇڙي ويو، اهڙيءَ طرح دنيا ۾ هڪڙو اڌ ٻئي اڌ جي ڳولا ۾ پڄراڻي حالت ۾ گذاري ٿو جيستائين اُهو اڌ پنهنجي ٻئي اڌ سان نه ٿو ملي. يونانين جي ان ڏند ڪٿائي خيال مان اها ڳالهه ظاهر آهي ته اضطراب يعني پڄراڻ ۾ رهڻ جو سبب حق جي ڳولا آهي، جيڪا انسان جي وجود جو لازمي سبب آهي. ڪنهن به قسم جي محرومي جو علاج پئسو نه پر انسان آهي. ڪنهن وٽ دنيا جون ڪيڏيون به قيمتي شيون يا دولت جا انبار هجن پر اهي ان شخص جي ڪنهن به قسم جي احساس يا جذبي، حالت يا ڪيفيت جي هڪڙي پَلَ جو به نه ادراڪ رکي سگھن ٿا ۽ نه ئي دل رکڻ لاءِ هڪڙي لفظ ادا ڪرڻ جي شڪتي رکي سگھن ٿا.
شيدي نسل جي پهرين آمريڪي شاعره، ليکڪا، مصنفه ۽ علم ادب ( (literatureجي پروفيسر مارگريٽ واڪر (Margaret Walker)جنهن 1942۾ شاعري جو مجموعو ”منهنجن مارن لاءِ ( For My People) لکي ”نيشنل رائيٽنگ پرائيز“ حاصل ڪيو ۽ 1968۾ پنهنجي شيدي ماڻهن (Black People) جي تاريخ، زندگي ۽ ثقافت جي مطالعي جو ادارو قائم ڪيو. جيڪو اڳتي هلي جيڪسن يونيورسٽي جو حصو بڻجي ويو. شڪاگو رياست جي ڪارن جي جاڳرتا تحريڪ ۾ ڀاڱي ڀائيوار هئي. هي جاکوڙي عورت پنهنجي علم، تجربن، مشاهدن ۽ ڪاميابين جي تناظر ۾ چوي ٿي ته
Friends and good manners will carry you where money .won't go مطلب ته ”سڄڻَ ۽ لڇڻَ انهن ماڳن تي رسائيندا آهن جن تي دولت قطعي نه ٿي پهچي.“ واڪر جو مطلب آهي ته جستجو ۽ جفا، اُتساهه ۽ اُڪير روحاني احساسن جو جوڳ آهي. انڪري احساس جو اهڃاڻ انسان آهي، دولت ناهي.
لطيف سائين تڪليف يا مصيبت جو علاج حوصلن جي آبياري ۾ لهي ٿو ۽ حوصلا سُڄاڻ ۽ فهيم انسانن مان ملندا آهن. پئسي جي پوڄارين مان حوصلا ته ملندا ئي ڪو نه آهن ڇو ته دولت جي هجڻ جو سوداءُ (Craze) هڪ اهڙي حالت آهي جنهن ۾ ساڃاهه، ادب ۽ لحاظ (Response) نالي ڪا شيءِ نه هوندي آهي.
آمريڪا جي رياست انڊيانا جي يونيورسٽي نوٽرڊيم جو پروفيسر مسٽر ٽمودي Timothy Judge)) جج علم نفسيات جو ماهر آهي. هن جي تحقيقات جيڪا جنرل آف اپلائيڊ سائيڪولاجي ۾ ڇپي، تنهن ۾ هو چوي ٿو ته ”لالچي ماڻهو دنيا ۾ ڪي ڪاميابيون ماڻي ته وٺن ٿا پر خوشي ماڻي نه ٿا سگھن ۽ انهن جي عمر به گھٽ ٿئي ٿي، ان جي ابتڙ قناعت پسند ماڻهو ظاهري طرح ترقي گھٽ ڪن ٿا پر گھڻو خوش باش رهن ٿا.“ ٽموٿي صاحب ايترو به چيو ته وڏن عهدن حاصل ڪرڻ سان يا گھڻي آمدني (Income) سان ضروري ناهي ته انهن جي زندگي ڪامياب ۽ من پسند هجي.
لطيف سائين انساني فطرت جي عظيم گھرج يعني سڪون جي ڳولا کي خواهشن جي غلامن ۽ دولت جي ٻوڄارين ۾ بنهه ڪو نه لهي ٿو ڇو ته مال دولت، ماڙيون، قيمتي لباس پهرڻ، وڏا طعام کائڻ جو سبب پنهنجي لالچي علت جو اظهار هوندو آهي. اهڙي قسم جي علت پنهنجي شخصيت کان مطمئن نه هجڻ جو ثبوت آهي. علم نفسيات جي ماهرن جو خيال آهي ته شخصيت ۾ ڪمي محسوس ڪندڙ پنهنجي شخصيت جو پورائو بيان ڪيل شين جي مالڪي Ownership)) ظاهر ڪرڻ ۾ ڪندو آهي، اهڙي نموني هو لباس، گھر ۽ سواري سميت عام واهپي ۾ به نمايان ٿيڻ جا جتن ڪندو آهي. عقلمند انسانن جو خيال آهي ته محل ماڙيون، مال دولت جو هڪ هٿ ۾ ڪٺا ٿيڻ لوڪ جي حقن تي راتاهي هڻڻ جو دليل آهن. اهڙيءَ طرح مال دولت جي گھڻائي اجتماعي رنج ۽ غضب جو سبب هوندي آهي. جنهن شيءِ جو بنياد ئي رنج ۽ الم تي هجي ته اها شيءِ ممڪن ئي نه آهي ته راحت پهچائي.
حضرت عيسى کان اٽڪل ٽي سئو سال اڳ يونان ملڪ جي فلاسافر اپيڪيورس (Epicurus) چيو ته
The pleasure of the soul is greater than the pleasure of the body: pleasures of the body are effective in the present, but those of the soul are more durable; the pleasures of the soul, Epicurus believed, can eliminate or reduce bodily pains or displeasures
”روحاني خوشي جسماني خوشيءَ کان وڌيڪ اُتم آهي ڇو ته جسماني خوشيون عارضي آهن، جڏهن ته روحاني خوشيون پائيدار ٿينديون آهن. حقيقت ۾ روحاني خوشي جسماني بي چينين ۽ تڪليفن کي گھٽائيندي آهي.“
لطيف سائين خوشي ۽ سڪون کي عشاقي آدرش ۽ قدر رکندڙ انسانن جي صحبت ۾ لهي ٿو. ان جي ڪري تاڪيد ڪري ٿو ته اهڙن سلڇڻن انسانن سان پيوند ٿي گذارجي جن جي مجلس مان حوصلا ۽ اخلاقي شڪتي ملي. حضرت علي ڪرم االله وجه جو چوڻ آهي ته ”هميشه ان انسان سا گڏ رهو جيڪو توهان کي خوش رکي پر ان انسان سان اڃا به وڌيڪ ويجھو رهو جيڪو توهان کان سواءِ خوش نه رهي سگھي.“
اهڙي نموني ڏتڙيل انسانن جي خدمت جو اعزاز ماڻيندڙ عورت مڌر ٽريسا جنهن پنهنجي جوڀن جا انيڪ سال مسڪينن ۽ غريب انسانن جي خدمت ۾ گذاريا، تنهن جو چوڻ آهي ته ”دنيا ۾ اناج جي کوٽ جي ڪري ايترا ماڻهو نه ٿا مرن جيترا محبت جي ڏُڪر جي ڪري مرن ٿا.“ ان جو مطلب آهي ته کاڌو جيتوڻيڪ انسان جي فطري ضرورت آهي پر ان فطري اڻ هوند سان به مقابلو ڪري سگھجي ٿو اگر جي حوصلن بخشڻ وارن محبتي انسانن جو سايو هجي.