لطيفيات

اک اُلٽِي ڌارِ

هي ڪتاب عالمي ڏاهن جي فڪر جي روشني ۾ شاهه لطيف جي بيتن جي سمجهاڻي تي مشتمل تحقيق جو مجموعو آهي، جنهن جو محقق محمد اسلم ڀٽو آهي.
شاهه عبداللطيف ڀٽائي اسان جي وجداني جذبن جو ٻارڻ ڪيئن ۽ ڇو آهي ۽ ڇا لطيف سائينءَ جي تعليم واقعي اسان کي زندگيءَ جا حقيقي زاويا پسائي سگهي ٿي؟ انهن ئي سوالن جو جواب لطيف سائين جي ڏنل بيتن جي تشريح ۾ موجود آهي ۽ لطيف سائين جي بيتن جي شرح يعني سمجھاڻي سائنس ۽ دنيا جي مفڪرن ۽ فلاسافرن جي خيالن جي جوڙ سان ڪئي وئي آهي .
Title Cover of book اک اُلٽِي ڌارِ

  وڳر سان هجڻ جو راز

وَڳَرَ ڪيو وَتن، پِرت نه ڇِنَن پاڻ ۾
پَسو پکيڙن، ماڻُهان مَيٺُ گھڻو

لطيف سائينءَ جي رسالي جي سُر ”ڏهر“ جي هن بيت ۾ لطيف سائين پکين جي گڏيل ڪِرت کان گھڻو متاثر آهي. ان گڏيل ڪرت جي جٽادار يعني ڏور رس نتيجن جو وڏي ۾ وڏو فائدو توانائي جي بچت آهي، جيڪا آئيندي جي لاءِ ڪتب ايندي آهي. عقلمندن جو چوڻ آهي ته پکين ان ڳالهه کي هزارين صديون اڳ پروڙي ورتو ته پنهنجي اڏام کي بغير ٿڪاوٽ جي ڪيئن هزارين ميلن جا فاصلا طئي ڪرڻ لاءِ برقرا رکجي؟ جيتوڻيڪ انسانُ پکين جي ان رمز کان هزارين سال وانجھيل رهيو آهي. پکين جي ان رمز کي هاڻي وڃي سائنسدانن سمجھيو آهي ۽ ان رمز جو وڏي ۾ وڏو اهڃاڻ ” گڏيل سفر يعني اُڏام“ آهي، جنهن ڏانهن لطيف سائين ڌيان ڇڪائي ٿو. ”وڳر ڪيو وتن پرت نه ڇنن پاڻ ۾“ يعني پکين جو ولر هجڻ اصل ۾ پرت رکڻ يعني هڪٻئي تي ويساهه هجڻ جي وصف آهي، جيڪا وصف جاڏي ڪاڏي هنن جي گڏيل سفر يا ڪِرت جو ڪارج بڻجي ٿي. جيتوڻيڪ يوناني فلسفي سقراط اڄ کان تقريبن اڍائي هزار سال اڳ چيو هو ته انسان هڪ سماجي جانور آهي يعني انسان جي فطري واڌ ويجھه ۽ قدرتي وابستگي آبادين جي اندر ئي رهڻ ۾ آهي.
زندگيءَ جي بقا لاءِ اڻ ٿڪ جدو جهد ڪرڻ لاءِ ڀرپور توانائي جي ضرورت پوندي آهي جيڪا هڪ فرد لاءِ ممڪن نه هوندي آهي. ان ڪري ڪنهن به ناممڪن مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ گڏيل جدوجهد ان ڪم کي ممڪن بڻائيندي آهي، ان جو سبب گڏيل توانائي آهي. گڏيل توانائيءَ ۾ هرهڪ جي انفرادي توانائي جي ايتري کپت نه ٿيندي آهي جو هڪ فرد ڪم جي لائق ئي نه رهي. گڏيل توانائي جي استعمال ۾ هڪ ڦڙتيلي ۽ طاقتور ماڻهو ءَ جي زور يعني توانائي جي لڳائڻ سان ساڳئي گڏيل ڪم ۾ شريڪ هڪ ڪمزور کي ڀاڱي ڀائيواري ءَ جو اخلاقي جواز به ملندو آهي ۽ سندس توانائي جي به بچت ٿيندي آهي. اهڙي نموني گڏيل ڪم ڪرڻ جو تصور ئي توانائي جي بچت آهي ته جيئن اڳلي ڪم لاءِ پاڻ کي تيار رکجي.
لطيف سائين رڳو روايتي انداز ۾ ڪونه ٿو چوي ته پکين ۾ ماڻهن کان وڌيڪ ميٺ يعني محبت آهي پر لطيف سائين پرت ۽ ميٺ يعني محبت جي سائنسي نتيجن کان آگاهه آهي ان لاءِ هي هڪ قسم جو تاڪيد آهي ته پکين جي گڏيل ڪارسازيءَ تي ڌيان ڏيو ڇو ته ان ۾ عقل جي سيڙپ ٿيل آهي. پرت ۽ ميٺ جو اهڃاڻ لطيف سائين وٽ ”وڳر“ آهي. ان ڪري واضح ڪري چوي ٿو: وڳر ڪيو وتن، پرت نه ڇنن پاڻ ۾، مطلب ته ولر يا ميڙُ ڪري منزلن کي طئي ڪن ٿا ڇاڪاڻ ته سندن ساٿ يعني وڳر ٿي منزل تي پهچڻ ۾ جيڪا توانائي درڪار آهي ان جو پورائو وڳر جي صورت ۾ ٿيڻو آهي، تنهن ڪري پرت اصل ۾ ڏاهپ ئي آهي جيڪا گڏجي مقصد حاصل ڪرڻ جي سائنس ڏي ٿي. لطيف سائين جي سڏ ”پسو پکيڙن“ کي يورپي لوڪ گھڻو ڪري ورنايو ڇو ته ورهين کان وٺي پارکو ان ويچار ۾ رهيا ته پکن جا وڳر جڏهن پنهنجي منزل ڏانهن اڏن ٿا ته اهي گڏجي اڪثر ڪري لاطيني اکر وي “V” جي شڪل ۾ ڇو ٿا اڏن؟ لنڊن جي رائل وٽرنري ڪاليج جي سائنسدانن صديون پراڻي پرولي آخر ڳولي لڌي. هنن ٻڌايو ته ان جي ڪري ته هو وي شڪل ۾ اڏڻ سان پنهنجي توانائي بچائي سانڍين ٿا ته جيئن کين اڳتي ڪم اچي.
اصل ۾ جڏهن ڪا وڏي گاڏي يعني ٽرڪ يا بس هلندي آهي ته ان جي پويان پاڻ جيڪڏهن سائيڪل موٽر تي هلبو ته پاڻ کي هوا جي گھڻي رڪاوٽ محسوس نه ٿيندي پر جيڪڏهن سائيڪل تي به هلبو ته زور گھڻو نه لڳائڻو پوندو. اهو ان ڪري ته وڏي گاڏي يعني ٽرڪ يا بس جي سامهون جيڪا به هوا هوندي آهي اها ان کي ڌڪي هلندي آهي، نتيجي ۾ ان گاڏي ءَ جي پويان هوا جو خال (Vacuum) پيدا ٿيندو آهي. اهڙي طرح ان هوا جي خال ۾ هلبو ته زور گھٽ لڳندو آهي. پکي ان ئي ڏاهپ جي گس تي هلن ٿا. پهريون پکي هلندو آهي ته ٻيون وري ان جي پرن جي ڪري پيدا ٿيندڙ وئڪيوم يعني خال مان فائدو وٺندو آهي ۽ اڏڻ ۾ اهو زور نه لڳائيندو آهي جيڪو پهريون پکي لڳائيندو آهي. ان ڪري سائنسدانن جو چوڻ آهي ته اڏام دوران سمورا پکي ساڳئي نموني پر نه هلائيندا آهن يعني اڳيون پکي پر تيز هلائيندو ته پويون وري گھٽ تيز هلائيندو آهي جڏهن ته رفتار به ساڳي هوندي اٿن. پکين جي اهڙي قسم جي سياڻپ جو سبب پنهنجو ستُ (Stamina) برقرار رکڻ آهي يعني توانائيءَ جي بچت آهي ته جيئن اها توانائي اڳتي منزل ڌُوڪڻ ۾ ڪم اچي. قدرت جي هن ڪائنات ۾ زمين جي گولي تي رهندڙ انسان پنهنجي شعوري پختگيءَ جو سفر قدرتي واقعن، لقائن ۽ حالتن جي پذيرائيءَ مان گھڻو تڻو حاصل ڪيو آهي. عقلمندن جي آڏو قدرت پنهنجا راز فاش ڪري وجھندي آهي. عقلمند انسان سنسار ۾ ٿيندڙ واقعن ۽ لقائن کي قدرت جي طرفان غور فڪر ڪرڻ جي تنبيهه سمجهندا آهن، ان ڪري عقلمند انسان پنهنجي نظر جو فو ڪس قدرت جي رمزن ۽ اسرارن تي ڄمائي رکندا آهن ته جيئن انهن مان انسان ذات جي بهتريءَ جو ڏانءُ ملي.
لطيف سائين ته انساني نظرن کان اوجھل ننڍڙين شين کان وٺي اٿاهه جسمن جي قدرت تي گھري نظر وڌي آهي. پکين جي ميٺ محبت مان سکڻ کان سواءِ لطيف سائين ميٺ محبت جا ڏاڍا سگھارا اهڃاڻ بيان ڪيا آهن، پر پکين جي ميٺ محبت ۾ خاص سبق گڏيل ڪارسازيءَ جو آهي، جنهن ۾ وڏي ۾ وڏو ۽ ڏکئي ۾ ڏکيو هدف حاصل ڪرڻ جو راز هيڪڙائي (Unification) ۾ آهي.