لطيفيات

اک اُلٽِي ڌارِ

هي ڪتاب عالمي ڏاهن جي فڪر جي روشني ۾ شاهه لطيف جي بيتن جي سمجهاڻي تي مشتمل تحقيق جو مجموعو آهي، جنهن جو محقق محمد اسلم ڀٽو آهي.
شاهه عبداللطيف ڀٽائي اسان جي وجداني جذبن جو ٻارڻ ڪيئن ۽ ڇو آهي ۽ ڇا لطيف سائينءَ جي تعليم واقعي اسان کي زندگيءَ جا حقيقي زاويا پسائي سگهي ٿي؟ انهن ئي سوالن جو جواب لطيف سائين جي ڏنل بيتن جي تشريح ۾ موجود آهي ۽ لطيف سائين جي بيتن جي شرح يعني سمجھاڻي سائنس ۽ دنيا جي مفڪرن ۽ فلاسافرن جي خيالن جي جوڙ سان ڪئي وئي آهي .
Title Cover of book اک اُلٽِي ڌارِ

  لکئي جي ليک جي لطيفي حقيقت

توڻي وِلاڙُون ڪرين، توڻي هلين وِک
لِکئي منجهان لِکَ، ذرو ضايع نه ٿئي

جِتي جيتـريـون، لِکيون لـوحَ قلـمَ ۾
تِتي تَيترِيُون، گَھـڙيـون گھـارڻ آئيون

نه ڪانِي نه ڪانهَن، نه ڪو ڏوهه قلم جو
اَنگُ اُتيئي لِکيو، جت رَسي نه ٻانهن
ڪنهن کي ڏيان دانهَن، قضا قلم وهايو

لطيف سائين جي رسالي مان مٿيان ڪي بيت لِکئي يا قسمت جي باري ۾ سُر سسئي ۽ سهڻيءَ مان ڏنا ويا آهن. اهي ۽ اهڙا ڪي ٻيا بيت گھڻي قدر علم وارن جي بحث ۾ به اچي چڪا آهن. لطيف سائين جي لاءِ اهڙن بيتن جي تناظر ۾ مقدر پرست يعني قسمت تي ڀاڙڻ واري لاڙي جو اثر قبول ڪندڙ چيو ويو آهي. اهڙي اثر جي قبوليت جو سبب زرعي سماج ڄاڻايو ويو آهي.
زرعي سماج ۾ محنت جو صلو يعني فصل پوکيءَ جو دارومدار برسات يا درياءَ جي لَٽَ تي هوندو آهي. اُپت جو ذريعو پاڻي؛ جيڪو ٻنهي حالتن ۾ يعني برسات ۽ درياءَ مان ملي ٿو، تنهن ذريعي تي اُپت ڪندڙ جي قدرت يعني وَسُ نه آهي، ٻين لفظن ۾ پاڻي ملڻ جون ٻئي حالتون کيڙيندڙ جي وس ۾ نه آهن. جيڪي شيون پنهنجي وس ۾ نه آهن انهن جي لاءِ ڇا ڪجي؟ ممڪن آهي ته جواب ملي ته جدو جهد ڪجي پر جدوجهد ته رڳو واضح يعني چٽي مقصد لاءِ ڪئي ويندي آهي، هاڻي جيڪڏهن مقصد Target)) ڌنڌلو يا غيرواضح آهي ته ان کي حاصل ڪرڻ لاءِ ٺهندڙ ارادا (Intents) جبر جو نتيجو هوندا آهن ۽ اهو جبر انهن ضرورتن جو پورائو نه ٿيڻ جي نتيجي ۾ پيدا ٿيندو آهي جيڪي اسان کان حالتون گھُرَڪنديون آهن. موت جو خوف ۽ بک جو خوف انسان کي فطري ڏاج ۾ مليل آهن. فنا جي انهن ٻنهي حقيقي احساسن کي قبول ڪرڻ انسان جي پنهنجي فطرت جي خلاف آهي، ان ڪري بک ۽ موت ڏانهن انسان جي واپسي سندس وجود جي خلاف هڪ انڌي جنگ کان گھٽ نه آهي. ان واپسيءَ جي جنگ يعني ويڙهه کان بچڻ لاءِ هن وٽ ٻه رستا هوندا آهن، هڪ آڻ مڃڻ ۽ ٻيو آڻ نه مڃڻ جي صورت ۾ ان جي خلاف وڙهڻ يعني جدو جهد ڪرڻ. آڻ مڃڻ ته سندس مزاج جي ابتڙ آهي ڇو ته ان ۾ کيس فنا بَکندي آهي، باقي وڙهڻ سندس وس ۾ آهي پر وڙهڻ لاءِ هن وٽ جيڪڏهن قوت ۽ صلاحيت نه آهي ته پوءِ ڀاڄ سندس Survival يعني باقي جياپي جو ذريعو هوندي آهي ۽ اها ئي ڀاڄ هن جي وجود مان هڪ ٻيو اختلافي وجود پيدا ڪندي آهي جنهن جو نالو آهي ”جبر يعني ڏاڍُ“، هي اختلافي وجود يعني جبر ماڻهوءُ کي مرئي يا غير مرئي دهمانن جي دوکي ۾ جڪڙي بي وس ڪري رکندو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ ماڻهو پنهنجي ارادي جي اظهار ۽ اختيار جي سگھه کان محروم ٿي ويندو آهي ۽ هيءَ بي وسي يا معذوري ئي ماڻهوءَ جي فنا جو ٻوجھه ايئن هلڪو ڪري کيس ريجھائي موت سان ملائي ٿي، جيئن روئيندڙ ٻارڙي کي پينگھي ۾ سمهاري ننڊ ۾ گم ڪبو آهي.
لطيف سائين شين جي فطري اختلاف کي قسمت جي شڪل ڏئي ٿو. جن شين يا معاملن کي اسان پنهنجي هٿ وس آڻڻ چاهيندا آهيون سي جيڪڏهن اسان جي وس ۽ پڪڙ ۾ نه ٿيون اچن سي ڄڻ ته انسان ۽ قدرت جي وچ ۾ قسمت جي جواز طور سنڌو ڪن ٿيون ٻيو ته وري ڊگھي ۽ پائدار جدوجهد کان لنوائڻ جي نتيجي ۾ ڪنهن به مهم (Mission) ۾ ٿڪجي پوڻ ڪري آسماني نتيجن حاصل ڪرڻ جي نفسيات پيدا ٿيڻ ڪري شين کي پنهنجي ڦِٽلَ ارادن جي تعبيداري ۾ آڻڻ جا قائل ٿيندا آهيون جيڪا ناممڪن هوندي قسمت جو روپ اختيار ڪري ٿي. علم نفسيات ۾ جوڳو مقام ماڻيندڙ سئيزرلينڊ جي پروفـيسر مسٽر ڪارل جنگ Carl Jung)) جو چوڻ آهي ته When an inner situation is not made conscious, it appears
Outside as fate.
مطلب ته ”جڏهن باطني حالت سجاڳ نه آهي ته اها ظاهر ۾ قسمت بڻجيو وڃي.“ ڪارل جنگ جي چوڻ مطابق جيڪو انسان پنهنجي اندرَ جي احساسن ۽ جذبن جي اُٿل پُٿل کان وانجھيل آهي ۽ پنهنجي صلاحيتن ۽ تواناين جي ذخيري کان بي خبر آهي ته اهو ئي انسان پنهنجي جهالت ۽ نڪمائپ جي ڪري قسمت جي عنوان کي جنم ڏئي ٿو.
تنهن ڪري لطيف سائين جي فڪر مان اها ڳال ظاهر آهي ته لطيف سائين شين، معاملن، لقائن، واقعن، وقت ۽ حالتن جي فطري اختلاف کي هڪ حقيقت سمجھي ٿو، ايئن جيئن سائنس بدن جي خليي ۾ موجود ڊي اين اي (Deoxyribo Nucleic Acid) لاءِ چوي ٿي. بڻيادي طور جنهن خليي (Cell) مان انسان جي تخليق جي شروعات ٿئي ٿي. اهو خليو ماءُ جي 23 ۽ پيءُ جي به 23 ڪروموزومس جي ملڻ سان وجود ۾ ايندو آهي ۽ بعد ۾ پاڻ جهڙا خليا هڪ مان ٻه، ٻن مان چار، چئن مان اٺ، اٺن مان سورهن سورهن مان ٻٽيهه ۽ ٻٽيهن مان چوهٺ ايئن وڌندا ٻار جي پيدا ٿيڻ تائين سندس جسم ۾ جڙندڙ خلين جو تعداد پنجاهه کربن کي پهچي ويندو آهي. هڪ خليي مان ٻئي خليي کي ٺاهڻ جي صلاحيت سان گڏ خليي جي ٻيـن پـراسرار سـرگـرمين کان سواءِ خليي جي اندر قسمت (Determination) جو مثال ڊي اين اي (DNA) يعني ڊاڪسسي ريبو نيوڪلڪ ائسڊ ۾ موجود هوندو آهي. هي وٽيل نوڙي يا ڪمانيءَ (Double Helix) وانگر هڪ ميٽر ڊگھوانتهائي پتڪڙو ڌاڳو مرد عورت جي تخمي جرثومن يعني ڪروموزومس (Chromosomes) جي ملڻ سان ٺهندڙ خليي ۾ موجود هوندو آهي. اهو ئي ڊي اين اي آهي جنهن ۾ عضون جي جوڙ جڪ کان وٺي رنگ ڍنگ جو تعين، عادتن، علتن، افعالن، امڪاني بيمارين، صلاحيتن ۽ حالتن جي موافقت جي ڪاٿي سميت آئيندي جي گھڻي ڄاڻ شامل هوندي آهي. ڊي اين اي تي Codes يعني اشارا هوندا آهن جيڪي حڪمن جاري ڪرڻ جا دفتر هوندا آهن.
لطيف سائينءَ جي اک ڊي اين اي ۾ سمايل قدرت کي قسمت جي سادي تصور ۾ آڻي ٿي ۽ لطيف سائين مٿين بيتن مان جيئن پهرئين بيت ۾ چوي ٿو ته ”توڻي ولاڙون ڪرين، توڻي هلين وک، لکئي منجھان لک، ذرو ضايع نه ٿئي.“ ولاڙ جي معنى ڊُڪ ڊوڙ، جاچ جُوچ آهي. رسالن جي سمجھاڻي مطابق ڪيتري به ڊڪ ڊوڙ ڪرين يا وک وک هلين پر ٿيندو اهو جيڪو لکئي ۾ آهي. هن قسم جي وضاحت لطيف سائين جي فڪري وچور کان بلڪل پري آهي. ڪيڏي نه بي واجبي آهي جو چند بيتن جي تناظر ۾ پورن سرن تي ٻڌل جدوجهد، جاکوڙ، پڄراڻ جي نتيجي ۾ لطيف سائينءَ جي لاءِ اها راءِ رکجي ته هو به روايتي قسمت پرستيءَ ڏانهن مائل هو! لطيف سائين محنت ۽ ڪاهلي کي برابر نه ٿو ڪري، پر چوي ٿو ته جيڪڏهن گھڻي توانائي استعمال ڪرين يا ٿوري، ٿيندو اهو جيڪو تنهنجي وجود جي بڻيادي اهڃاڻ يعني جِيوَ گھرڙي (Cell) جي ڊي اين اي D N A ۾ موجود آهي، جنهن لاءِ سائنس چوي ٿي ته عضوياتي جوڙجڪ سان گڏ انسان جي صلاحيت، قابليت، عادت ۽ سگھه وغيرهه خلقڻهار انسان کي پاڻ سان رکي ڏني. ان حوالي سان هر انسان جو مقدر سندس ساڻ آهي. ان ڳالهه جو انسان جي مٿان دارومدار آهي ته هو پنهنجي مقدر کي جيڪو هن سان گڏ آهي ڪيئن ٿو استعمال ڪري. قرآن شريف ته واضح طور تي سورت نجم جي آيت 39 ۾ ٻڌائي ٿو ته ”۽ هر انسان کي اهو ملندو جنهن جي لاءِ ڪوشش ڪندو.“ حضرت علي ڪرم االله وجه جو فڪري قول به قسمت جي سائنسي وضاحت ڪري ٿو ۽ سندس چوڻ آهي ته ”ڪاميابيون حوصلن سان ملنديون آهن ۽ حوصلا دوستن مان ملندا آهن ۽ دوست مقدر سان ٺهندا آهن ۽ مقدر پاڻ ٺاهبو آهي.“ مطلب ته زندگيءَ جي سوڀ جو دارومدار اسانجي ڪردار تي آهي، يعني اسان جي ڪردار ۾ پنهنجي سوڀ جي سلسلي ۾ هٿ ونڊائيندڙ حالتن يا ماحول جي چونڊ ڪرڻ جي سگھه شامل آهي.
فلسفي ۾ عذر جون سموريون ڪيفيتون خام خياليءَ واري زمري ۾ اچن ٿيون. حضرت عيسى کان تقريبن 535 سال اڳ پيدا ٿيل يونان جي مفڪر هراڪليتس (Heraclitus) جو چوڻ آهي ته A man’s character is his fate يعني ”انسان جو ڪردار ئي سندس قسمت آهي.“
99.9 سيڪڙو جيتوڻيڪ انسانن جا جين ساڳيا آهن پر ان جي باوجود 0.1 سيڪڙو مختلف جِينِ هجڻ ڪري شڪل صورت، رنگ ڍنگ، عادت مزاج وغير ۾ هرجسم ٻئي جسم سان اختلاف رکي ٿو، ان کي علتي اختلاف (Effective Difference) چئبو آهي. لطيف سائين جاکوڙ ۽ جدوجهد جو قائل آهي، هو رسمي معاملن تي قناعت ڪونه ڪري ٿو، ڇو ته سندس موقف مان پڌرائي ٿئي ٿي جيئن؛
صبر ۽ شڪر کي، ڪاڏي آئون ڪندي
آهيان جنهن سَندي، سو گھُرجي ساڻُ مون
لطيف سائين ته قسمت جي روايتي بڻياد کان مورڳو نفي ڪري ويٺوآهي، ڇو ته قسمت جو بڻياد ته صبر ۽ شڪر آهي پر لطيف سائين وٽ عظيم مقصد جي حاصلات اٿاهه جدوجهد سان ئي گھربل آهي، هو صبر ۽ شڪر کي استحصالي قوتن جو حربو ۽ هٿيار سمجھي ٿو جنهن جي ذريعي اهي پنهنجي ڦرلٽ واري عمل کي خدا جي رضا سمجھندا آهن ۽ محڪوم طبقي جي سجاڳ ٿيڻ جي خوف کان، ماڻهن ۾ مصلحت ۽ شڪست جي نفسيات پيدا ڪرڻ لاءِ ”صبر ۽ شڪر“ يعني مصلحت ۽ شڪست کي الله جي مرضي طور مڙهيندا آهن. سر سهڻيءَ ۾ ته لطيف سائين مقدر پرست يعني ٻئي تي ڀاڙڻ واري نفسيات (Dependant psyche) کي ته مورڳو لت هڻي ڇڏي آهي. پاڻ چوي ٿو
سُپريان جي تَرهَي، ٻُڏِين هٿ مَ لاهِ،
صُباح تان چوندياءِ ، اسان تو اُڪارِيو
مطلب ته جيڪڏهن ٻڏي وڃڻ جو خطرو سر تي آهي، تنهن هوندي به پنهنجي خود داري کي وڃائڻو نه آهي، ڀلي پنهنجي سيڻن جو ترهو ئي باقي سهارو هجي، متان ڪڏهن چئي وجهن ته توکي اسان پار ڪيو! ترهو اصل ۾ پاڻيءَ مان اڪرڻ لاءِ ڪاٺين ڪانن ۽ گاهه سان پنهنجي ٺاهيل سادي ٻيڙي کي چئبو آهي. ان جو مقصد ته توانائين کي مات ڏيندڙ هر قسم جي مصيبت سان مقابلي جي جدوجهد ڪجي، ڇوته جدوجهد زندگي آهي. توهان جي زندگي توهان جي پنهنجي دنيا آهي، خدا توهان کي مڪمل قوت ۽ اختيار سان آزاد خلقيو آهي. اصل ڳالهه ارادي (Will power) جي آهي ته ڇا اسان جا ارادا واقعي قدرتي آزاديءَ مان لاڀ وٺڻ جا قائل آهن؟ اهو سمجھڻ گهرجي ته جيڪڏهن اسان جا ارادا ڌنڌلا هوندا ته جاکوڙ کوکلن نتيجن کي جنم ڏيندي، اهڙا ئي نتيجا، پنهنجي حڪمت عـملي (Expediency) جو عقلي جائزو نه وٺڻ جي ڪري، مقدر يا لِکيي جو ليک بڻجن ٿا. ان ۾ ڪو شڪ نه آهي ته ماڻهوءَ جي ڌنڌي (Profession) جو سندس مزاج تي نفسياتي اثر پوندو آهي، هڪ مشين تي ڪم ڪندڙ مزدور مشين جي رفتار ۽ پيداوار جو اثر وٺندو آهي.
اهڙي نموني زرعي سماج ۾ ٻج ڇٽي فصل حاصل ڪرڻ تائين انتظار ڪرڻ مان دير نتيجن حاصل ڪرڻ سان ڍِلي نفسيات يعني ”موڳائپ“ پيدا ٿئي ٿي پر زرعي سماج ۾ مقدر پرستي يا لِکئي جو تعلق پُر اميدي (Optimism) سان هوندو آهي ڇو ته پاڻي جي ٻنهي حالتن يعني برسات ۽ درياءَ جي لٽ جي موقعاتي آمد جي آسري کان اڳ يا پوءِ زمين جي تياري ۽ فصل جي لهڻ تائين اُلڪي (Anxious) جي کپت ٿيندي آهي.
نظر ڦيرائڻ سان خبر پوي ٿي ته قسمت جو تصور انسان جي ابتدائي تصورن مان هڪ آهي. ايئن نه آهي ته قسمت جو تصور رڳو اسان وٽ آهي، هي تصور مختلف تهذيبن، مذهبن ۽ مختلف معاشرن ۾ قديمي موجود آهي. يونانين، رومن ۽ ايرانين وغيره ۾ رهندو آيو آهي، جيتوڻيڪ هن تصور ۾ به عقل جي ڪا نه ڪا وصف موجود آهي پر ڇاڪاڻ ته هن تصور جو ڊوميسائيل مذهب رهيو آهي، ان ڪري سائنس ۽ مذهب جي روايتي اڻ بڻت جي سبب لکيي يعني قسمت کي سمجھڻ بجاءِ هي تصور ڦٽڪار جو سبب بڻيو، ڦٽڪار جو ٻيو سبب لکيي يا مقدر پرستي کي وقت جي حاڪمن، ظالمن، جابرن، ڦورُن، ڪاهون ڪندڙ لُٽيرن جي هر ناجائز ۽ غلط قدم کي خدا جي مرضي قرار ڏيڻ آهي. دين اسلام ۾ اهڙو تصور اموي حڪمرانن جي دور ۾ مضبوط ٿيو. مولانا محمد اسماعيل پاني پتي، ”مقالات سرسيد“ جي يارهين حصي جي صفحي نمبر ڇهه ۽ ست تي لکيو آهي ته ”تقدير جو بدترين تصور اموي حاڪمن جي دور ۾ پيدا ڪيو ويو ۽ تقدير جي ان شڪل تحت هر قسم جي ظلم ۽ زيادتيءَ کي االله جي تقدير جو جواز ڪري پيش ڪيو ويو.“ تاريخ مان ان جو وڏو دليل يزيد جي درٻار ۾ ڪربلا جي قيدين جي سرواڻي ڪندڙ نياڻي زينب کي يزيد پنهنجي قتل عام واري قدم کي جائز قرار ڏيندي قرآن جي سورت آل عمران جي آيت نمبر 26 جي اڙَ ورتي جنهن جو مطلب آهي ”(اي رسول) چئو اي منهنجا الله، جهان جا مالڪ، جنهن کي وڻئي تنهن کي باشاهي ڏين ۽ جنهن کان وڻئي تنهن کان باشاهي کسي وٺين ۽ جنهن کي وڻئي تنهن کي عزت ڏين ۽ جنهن کي وڻئي تنهن کي ذليل ڪرين، سڀ چڱائي تنهنجي ئي هٿ ۾ آهي. بيشڪ تون هر چيز تي قادر آهين.“ يزيد جي ان آيت جي جواب ۾ رسول پاڪ جي ڏوهٽي ۽ حضرت علي ڪرم االله وجه جي نياڻيءَ زينب، يزيد کي ساڳيءَ سورت جي آيت نمبر 178 سان مخاطب ٿي، جنهن جو مطلب آهي ”۽ اسان ڪافرن کي مهلت ڏيون ٿا تنهن مان ايئن نه سمجھن ته هنن لاءِ چڱائي آهي ، اسان هنن کي انهيءَ لاءِ مهلت ڏيون ٿا ته پنهنجي گناهن ۾ اڃا به وڌيڪ وڌارو ڪن ۽ آخر هنن کي وڌيڪ ذليل ۽ خوار ڪندڙ عذاب ملندو.“
رسول پاڪ کان پڇيو ويو ته ڪهڙو ڪم الله سائين جو گھڻو ڌيان ڇڪائيندو آهي؟ پاڻ فرمايائين ته” اهو ڪم جيڪو باقاعدگيءَ ۽ تسلسل سان ڪيو وڃي، پوءِ ڀلي ننڍو ڇو نه هجي“. رحمت العالمين جي خدا وٽ انسان جي رٿابندين ۽ جدوجهد جو قدر آهي ۽ هو جاکوڙي انسانن ڏانهن ڌيان ڏي ٿو. قرآن شريف جي سورت نجم جي آيت نمبر 39 ۾ انسان جي حاصلات کي سندس سگھاري جدوجهد ڪرڻ جو نتيجو ٻڌايو ويو آهي. آيت ۾ چيل آهي ته انسان اهو ئي حاصل ڪري ٿو جنهن جي لاءِ هو ڪوشش ڪري ٿو.
سوال اهو آهي ته ڇا لکيي يعني مقدر کي رد ڪجي؟ شين، سوچن يا خيالن کي رد ڪرڻ سان انهن جي هيئت کي ختم نه ٿو ڪري سگھجي. شيون يا سوچون اسان جي ڌيان يا بي ڌيانيءَ جون محتاج نه آهن.هڪڙن کي رد ڪرڻ ۽ ٻين کي قبول ڪرڻ خيال جي تبديلي آهي، حالتون جيڪڏهن اسان کان چونڊ ڪرڻ جي تقاضا ڪنديون آهن ته اسان جا رويا تبديل ٿيندا آهن باقي سوچون ۽ شيون اسانجي منهن فيرائڻ سان ختم نه ٿيون ٿي سگھن. جيڪي شيون ۽ عنصر يا نظريا ۽ خيال اسان جي وڏن جي قربت جو يا کڻي چئجي ضرورت جو سبب بڻيا ۽ سندن روين ۾ انهن شين جو ڀرپور اظهار ٿيندو آيو، تن جي لاءِ اسان جا رويا بدلجي چڪا آهن. ان جو اهو مطلب نه آهي ته شين جي هيئت ختم ٿي چڪي آهي يا اسان جا وڏا غلط هئا ايئن نه آهي. مثال طور ماضيءَ ۾ اسان جي وڏن سج کي ديوتا ڪوٺيو ۽ چنڊ جي تعظيم ڪئي، وڻن کي مقدس حيثت ڏيندا هئا ۽ باهه جي ٻوڄا ڪندا هئا. حقيقت ۾ سج ته واقعي اسان جي لاءِ قدرتي سگھه جو مظهر آهي ڇو ته اسان جي واڌ ويجھه، کاڌ خوراڪ سان گڏ هر شيءِ سج جي توانائي يعني روشني جي محتاج آهي. ان کان سواءِ وڻن جي بقا لاءِ کين مقدس حيثيت ڏيڻ ۽ انهن جي ڪٽجڻ تي موت جون سزائون ڏيڻ مان ظاهر آهي ته وڻن جي افاديت مقدم هئي. اسان کي سائنس ٿي ٻڌائي ته وڻ اسان جا ايترا خيرخواهه آهن جيترا والدين. ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ جيڪو ماحولياتي گندگيءَ سبب پيدا ٿئي ٿو، تنهن جي جھجھائي اسان جي حياتيءَ لاءِ ڏاڍي خطرناڪ آهي، ڇو ته اسان کي جيئڻ لاءِ آڪسيجن جي ضرورت آهي جيڪا وڻ ڪڍن ٿا ۽ ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ گيس ڳهن ٿا. ان کانسواءِ طوفانن ۽ ٻوڏن کي رڪاوٽ جا زبرست بند آهن. وڏي ڳالهه ته گھڻي وقت کان وٺي ڳوٺن ۾ هاري ڌنار آسرنهه جي وڻ لاءِ چوندا آهن ته هي وڻ سيد آهي تنهن ڪري ان کي وڍڻ ڏوهه آهي. ٻيو اهو خيال عام هوندو آهي ته آسرنهه وڻ ۾ جنات هوندي آهي. چڱا ڀلا ان خيال کي جهالت سمجھندا ۽ چوندا آيا پر ڪنهن کي خبر نه رهي ته ان سادڙي تصور جي پويان اصل ڪهڙي حڪمت لڪيل آهي. سائنسي تحقيق ٻڌائي ٿي ته آسرنهه وڻ ٻين وڻن جي ڀيٽ ۾ آڪسيجن گھڻي خارج ڪندو آهي جيڪا انساني زندگي لاءِ انتهائي ڪارگر آهي. اهڙي نموني باهه انسان کي توانائي مهيا ڪرڻ ۾ ايتري ئي اهم رهي آهي جيترا ٻيا عنصر رهيا آهن. سج، چنڊ، وڻ ۽ باهه وغيره جو هن وقت تائين ڪم اهو ئي ساڳيو آهي جيڪو اسان جي وڏن کي ملندو هو، بس رڳو فرق اسان جي وڏن جي روين ۽ اسان جي روين جو آهي. اسان جي وڏن جي ضرورتن جو محور سندن غير منظم ارتقائي جدوجهد جي بقا هئي پر اسان جي ضرورتن جا سانچا بدليل آهن ڇو ته اسان جي وڏن جي پيٽ جو پورائو ڪندڙ شيون سندن جي حيثيت کان مقدم ۽ مقدس هيون پر اڄ جي انسان جي پيٽ جو پورائو ڪندڙ شيون سندس مرتبي کان افضل نه آهن. ڪالهه جي انسان کان قدرت گھڻو پردي ۾ رهي پر اڄ جي انسان کان قدرت حجاب ڪرڻ ۾ ڪيٻائي ٿي. ماضيءَ جي انسان ۾ ضروري خواهشن جي تڪميل جي ڪا آسان ۽ منظم شڪل ڪانه هئي، ان جي ڪري ضروري خواهشن جو پورائو ڪندڙ تدبيري عمل سست ۽ ناپائدار رهيو. اهڙي قسم جي تدبيري سستي ۽ ناپائداري انسان جي ان قدرتي لاڙي (Aptitude) لاءِ وڏي هاڃيڪار رهي. جنهن ۾ هو پنهنجي بقا سمورين شين کان وڌيڪ عزيز رکي ٿو.
انسان جي فطرت ۾ بقا جي جاکوڙ ٿميل آهي، هن جي فطرت پنهنجي وجود جي زوال پذير آثارن کي قبولڻ جي لاءِ آماده نه هوندي آهي، ان جي ڪري ڇڙواڳ روين،ڌنڌلن ارادن ۽ عملي ڪوتاهين جي نتيجن کي هو مقدس هستي تي ٿافي پاڻ کي آجو ڪندو آهي.
لطيف سائين هر قسم جي انساني فطري يا نفسياتي عُذر کي رد ڪري ٿو ۽ انسان ۽ قدرت جي حقيقي رشتي جي اهميت ۽ افاديت کي اجاگر ڪري ٿو.

صبر ۽ شڪر کي، ڪاڏي آئون ڪندي
آهيان جنهن سَندي، سو گھُرجي ساڻُ مون

ڏور مَ تون ڏوريج ، صبر ڪر مَ سسئي!
پُـــرَڻُ ڇــڏ پـيـرن سيـن، وِهــڻُ وســاريــج
سُکـن جا ســيـد چــئـي، لاڳاپا لاهــيــجِ
هينئين ساڻُ هَليجِ، ته پنڌ پاسي ڀر نبري

مٿين بيتن ۾ قسمت جي بنيادن يعني صبر ۽ شڪر کي لطيف سائين مقصد جي سامهون ڪا به حيثيت نه ڏئي ٿو ۽ ان کان به اڳتي آسائش کي به نه ٿو قبولي جيڪا انساني مزاج جي گھرج آهي. هلڻ هميشه پيرن سان ٿيندو آهي پر لطيف سائين ته قدرت جي مهيا ڪيل بندوبست تي به قناعت ڪو نه ٿو ڪري ڇو ته قدرت هلڻ لاءِ پير مهيا ڪيا آهن ۽ جيڪڏهن پير هلڻ کان لاچار آهن ته هلڻ ڪونه ٿيندو پر لطيف سائين انسان کي الاهي عقل جو وارث ڄاڻيندي، انساني قدرت ۽ اختيار جي شرف جو استعمال پنهنجي ايجاد يعني پيرن تي هلڻ کان هٽي ڪري هينئين سان هلڻ تي ڪيو آهي.