لطيفيات

اک اُلٽِي ڌارِ

هي ڪتاب عالمي ڏاهن جي فڪر جي روشني ۾ شاهه لطيف جي بيتن جي سمجهاڻي تي مشتمل تحقيق جو مجموعو آهي، جنهن جو محقق محمد اسلم ڀٽو آهي.
شاهه عبداللطيف ڀٽائي اسان جي وجداني جذبن جو ٻارڻ ڪيئن ۽ ڇو آهي ۽ ڇا لطيف سائينءَ جي تعليم واقعي اسان کي زندگيءَ جا حقيقي زاويا پسائي سگهي ٿي؟ انهن ئي سوالن جو جواب لطيف سائين جي ڏنل بيتن جي تشريح ۾ موجود آهي ۽ لطيف سائين جي بيتن جي شرح يعني سمجھاڻي سائنس ۽ دنيا جي مفڪرن ۽ فلاسافرن جي خيالن جي جوڙ سان ڪئي وئي آهي .
Title Cover of book اک اُلٽِي ڌارِ

  پُڇن سي پسن

پُڇن سي پَسن، جڏهن تڏهن پرينءَ کي
ڏورينديون ڏِسـن، اڱـڻَ عجيبن جـا

هي بيت سُر حسيني مان ورتل آهي. هن بيت ۾ لطيف سائين پرينءَ جي پسڻ کي ووڙڻ يعني جاچڻ جي وصف سان ايئن واڳي ڇڏيو آهي جيئن کٽ نوڙيءَ سان واڻيل هوندي آهي. کٽ جو تصور واڻ کانسوءِ ڪيئن هوندو؟ معلومات يعني ڄاڻ کان سواءِ مشن يعني جدوجهد کي حاصل ڪرڻ جو تصور به ايئن آهي. اهڙيءَ طرح معلومات رڳو پنهنجي روين جي تناظر ۾ شين کي قبول ڪري انهن جي وضع طئي ڪرڻ کي نه چئبو آهي پر ڄاڻ حقيقت ۾ شين، معاملن يا لقائن جي واقع پذيريءَ جي سببن ۾ خارجي حالتن جي اثرن جي نتيجي ۾ داخلي يعني اندروني ڪيفيتن جي مناسب سمجهه (perception) کي چئبو آهي. لطيف سائين شين جي ڄاڻڻ لاءِ هڪ زاويي يعني هڪ رخي (Unidirectional) سوچ کي رد ڪري ٿو ۽ اهڙي قسم جي رويي کي پسند نه ٿو ڪري جنهن جي آڌار تي شين جي خاصيتن جي بدران پنهنجي ئي خوبين ((Superiorities جي تناظر ۾ وضاحتون ڪجن. ”پڇن سي پسن، جڏهن تڏهن پرينءَ کي“ جو مطلب آهي ته جيڪو ووڙي ٿو اهو پروڙي ۽ پرکي ٿو ۽ جيڪو پرکي ٿو اهو ئي لهي ٿو. ٻين لفظن ۾ جيڪو جاکوڙي ٿو اهو ئي ڳولي ٿو.
ڏسڻ ۽ پسڻ ۾ لغتن جا ليکڪ واضح فرق نه ٿا ڪن، لفظ ”ڏسڻ “ جو ناتو پراڪرت ٻوليءَ جي لفظ ”ديک“ ۽ سنسڪرت جي لفظ ”درش“ سان ظاهر ڪيو ويو آهي ۽ معنيٰ پسڻ يا نظرڪرڻ ڪئي وئي آهي.اهڙي طرح ”پسڻ“ لفظ جو لاڳاپو سنسڪرت ٻوليءَ جي لفظ ”پشيه“ سان ڪيو ويو آهي جنهن جي معنيٰ پڻ ڏسڻ، نهارڻ ۽ جاچڻ وغيره ڪئي وئي آهي. سنڌي ٻوليءَ جي ثقافتي صنعت جي آسودگي ۽ لطيف سائين جي فڪري وسعت مان خبر پوي ٿي ته هنن ٻنهي لفظن جي معنا سمجھڻ ۾ فرق آهي. ڏسڻ اهو آهي جيڪو اکيون عام انداز ۾ ڏسن ٿيون ۽ ان جو اطلاع دماغ تائين پهچائن ٿيون، پر پسڻ اهو آهي جنهن ۾ دماغ اکين کي پابند ڪندو آهي، ڇو ته پسڻ جو مطلب رڳو اکين سان ڏسڻ نه آهي پر پرين جي اهڃاڻن يعني وصفن، عادتن ۽ ادائن جو دماغ تي حاوي رهڻ آهي. اهڙي نموني دماغ اکين سميت پوري جسم جي عضون کي ان ڪيفيت ۾ مبتلا ڪندو آهي. اک جي بناوٽ ۾ قدرت ٻين کان سواءِ هڪ انتهائي اهم مادو رکيو آهي جنهن کي ريٽنا Retina)) چئبو آهي. دماغ جي طرفان اک ۾ ڄڻ ته ريٽنا جي صورت ۾ هڪ قسم جي ڳجھي ايجنسي ويهاريل آهي جيڪا اک جي هر منظر جي رپورٽ دماغ کي پهچائي ٿي، ڇو ته سائنس دانن جو چوڻ آهي ته ريٽنا اصل ۾ دماغ جو ئي هڪ ننڍڙو حصو (Piece) آهي جيڪو اک ڏانهن وڌيل آهي ۽ دماغ تائين اک جي ڏسڻ ۽ پسڻ جو اطلاعاتي سلسلو جوڙي رکڻ ريٽنا جو ئي ڪم آهي. هڪڙا گينگلين سيلسGanglion cells) ) ريٽنا ۾ موجود هوندا آهن جيڪي ريٽنا مان اطلاع کڻي دماغ تائين پهچائيندا آهن ۽ ٻيا تنتي خليا (Nerve Cells) ريٽنا جي ئي اندر ڪنهن به ڏيک جو ابتدائي ڇيد ڪندا آهن. مطلب ته قدرتي طرح اک جي اندر ڪي معمولي ڪم ٿين ٿا ته ڪي غير معمولي ڪم ٿين ٿا.”پڇن سي پسن جڏهن تڏهن پرين کي“؛ پڇڻ جي عادت سمجھه سان واڳيل آهي ڇو ته سمجھبو ته پسبو، نه ته پسڻ ڪو نه ٿيندو. ان جي ڪري لطيف سائين پڇڻ جي وصف کي سمجھڻ سان ٻَڌِي رکيو آهي. پڇڻ جو مقصد رڳو معلومات ڪٺي ڪرڻ نه آهي ڇو ته معلومات ڪٺي ڪرڻ ۽ سمجھڻ ۾ وڏو فرق آهي. جيئن آمريڪا جي سائنسدان چارلس ايف ڪيٽرنگ Charles F Kettering) جو چوڻ آهي ته Everything knowing is not under standing مطلب ته ”هر شيءِ کي ڄاڻڻ جو مطلب ان کي سمجھڻ نه آهي.“ شين جي معلومات يا ڄاڻ رکڻ ۽ انهن کي سمجھڻ ۾ وڏو فرق آهي. ايئن ته زندگيءَ ۾ اسان تمام گھڻين شين جي باري ۾ ڄاڻون ٿا پر انهن مان انيڪ شين جي حقيقت ۽ اصليت جي ايتري سمجھه نه هوندي آهي. ان ڪري اهو سمجھڻ گھرجي ته لطيف سائينءَ پڇڻ جي وصف جو لازمي تعلق ”سمجھڻ“ سان جوڙي رکيو آهي، جنهن جي ڪري پسڻ ٿئي ٿو.
بيت جي ٻين سٽ ۾ لطيف سائين چوي ٿو ته ”ڏورينديون ڏسن اڱڻ عجيبن جا“ پنڌ ڪرڻ واريون پرين کي لهنديون آهن، يعني سفري رولاڪيون يا منزلون جھاڳڻ ڪنهن نه ڪنهن ماڳ تي رسڻ جو سبب هونديون آهن. برطانيا جي دانشور ٿامس اسٽيم ايلٽ (Thomas Stearns Eliot) جو چوڻ آهي ته
Only those who will risk going too far can possibly findout how far one can go.
جنهن جو مطلب ٿيندو ته ”جوکَمُ کڻندڙ جاکوڙي انسان ئي منزلن جو تعين ڪندا آهن.“ پوري ڪائنات جو وجود ”ڏورڻ“ تي قائم آهي. هر عنصر ٻئي عنصر کي ڏورڻ جو گس ڏي ٿو.سج پنهنجي منزل پاڻ کان وڏي سج ليمبڊا جي قرب يعني ڪشش ۾ ڏوري ٿو، اهڙي طرح ڌرتي سج جي قرب ۾ پئي ٿي ڏوري ۽ چنڊ وري ڌرتيءَ جي قرب ۾ فاصلا طئي ڪري ٿو. فاصلا قياس ۽ گمان جي علامت هوندا آهن، ان جي ڪري جيستائين انهن فاصلن کي جهاڳڻ ۽ ڏورڻ جي ذريعي کُٽائبو نه ته يقين جي حالت قياس ۽ گمان تي غالب يعني حاوي نه ٿيندي آهي. ڏورڻُ گمان وڃائڻ جي حالت آهي ۽ يقين پائڻ (حاصل ڪرڻ) جي حالت آهي.”ڏورينديون ڏسن اڱڻ عجيبن جا“ يعني پنڌ ڪاٽڻَ واريون عجيبن جا ماڳ لهنديون.
سفر ڪرڻ ۾ قدرتي طور تي بدني ۽ ذهني شڪتي پيدا ٿيندي آهي. ان ڪري لطيف سائين پڇڻ سان پرين جي پسڻ جي ڳالهه ڪئي آهي ۽ ڏورڻ سان ساڳيو پرين عجيب ٿي ملي ٿو، ڇو ته جيڪي پيڙائون سفر يا منزل جھاڳڻ ۾ ملنديون آهن انهن ئي پيڙائن جي نتيجي ۾ مشاهدي جي قوت ۾ زبردست اضافو ٿيندو آهي. اهو ذهن ۾ رکڻ گھرجي ته جتي حالتن جي ڀڃ ڊاهه ٿيندي آهي ته اتي ئي علم ۽ عقل جنم وٺندا آهن. منزل کي ڏورڻ ۾ به حالتن جي اڻ واقف سَٽڪن جي اذيت سهبي آهي.
ان ڪري ئي ته اسان جي نبي سائينءَ چيو آهي ته”السفر قطعه من النار”يعني سفر دوزخ جي باهه جو ٽڪرو آهي.