لطيفيات

اک اُلٽِي ڌارِ

هي ڪتاب عالمي ڏاهن جي فڪر جي روشني ۾ شاهه لطيف جي بيتن جي سمجهاڻي تي مشتمل تحقيق جو مجموعو آهي، جنهن جو محقق محمد اسلم ڀٽو آهي.
شاهه عبداللطيف ڀٽائي اسان جي وجداني جذبن جو ٻارڻ ڪيئن ۽ ڇو آهي ۽ ڇا لطيف سائينءَ جي تعليم واقعي اسان کي زندگيءَ جا حقيقي زاويا پسائي سگهي ٿي؟ انهن ئي سوالن جو جواب لطيف سائين جي ڏنل بيتن جي تشريح ۾ موجود آهي ۽ لطيف سائين جي بيتن جي شرح يعني سمجھاڻي سائنس ۽ دنيا جي مفڪرن ۽ فلاسافرن جي خيالن جي جوڙ سان ڪئي وئي آهي .
Title Cover of book اک اُلٽِي ڌارِ

  خاص وَڙَ..

ايءَ نه مارُنِ رِيتِ، جِئَن سيڻ مٽائن سونَ تي
اَچي عُمرَ ڪوٽَ ۾، ڪنديس ڪا نه ڪُريتِ
پَکَنِ جي پِريتِ ، ماڙيءَ سين نه مٽيان

ڀَڳو آءُ نه چَوان ، مارِيو ته وِسَهان
ڪانڌَ مُنهَن ۾ ڌَڪِڙا ، سَيڪِيندي سُونهان
پِڻُ لَڄَ مَران ، جَي هَونسِ پُٺِ ۾

سُر مارئي ۽ ڪيڏاري جي هن بيتن ۾ لطيف سائين ثقافتي امين جي حيثيت سان باخبر ڪري ٿو ته قومن يا معاشرن ۾ ڪي خاص وَڙَ يا عادتون (Constitutional habits) ٿينديون آهن جيڪي ان قومن جي خاص نفسيات جي نمائندگي ڪنديون آهن، اهڙي قسم جي نفسيات لطيف سائين وطن جي عورت جي بيان ڪئي آهي. وطن واسي عورت جي نفسيات جو ڇيد ڪندي ڏيکاريو ويو آهي ته هوءَ ذهني طرح سُورهه ۽ جانٺي ٿئي ٿي. هن جي سورهه هجڻ جو قدرتي سبب پنهنجي رشتن ۽ ماڳن جي مالڪيت (Ownership) وارو جذبو آهي. بيتن مان ظاهر ٿئي ٿو ته عورت شعوري پختگي جو بي مثال نمونو آهي، اهو ايئن ته هڪ ته هوءَ جيئڻ جي قدرتي حق جو دفاع ڪرڻ سمجھي ٿي. ان ڪري پنهنجي دفاع کي مضبوط رکڻ لاءِ ميدان ڪرڻ جي حالت تي لهي اچي ٿي. ٻيون ته هوءَ ميدان ڪرڻ جي حالت ۾ ضروري نتيجن يعني کٽڻ يا هارائڻ جي محتاج نه ٿي ٿئي پر هوءَ دفاعي سچائي تي اٽل آهي. دفاعي سچائي جو معيار هن وٽ مقابلو ڪري جيئڻ يا مرڻ آهي.
بيت پهريين ۾ عمر بادشاهه مارئيِءَ کي اغوا ڪري پنهنجي محلاتي ڪوٽ ۾ رکي ٿو ۽ مارئي کي پنهنجِي شان شوڪت؛ شاهي محل، شاهي کاڌن، شاهي وڳن ۽ شاهي بسترن، نوڪرن چاڪرن وغيرهه ۾ ڏيکاري ٿو. عمر مارئي جي مسڪيني حال کي مارئي جي اهڙي ڪمزوري سمجھي ٿو جنهن ۾ هن کي ڪنهن به قسم جي مزاحمتي سگھه جو ڪو پهلو نظر نه ٿو اچي. حڪمرانن يا دولت مندن کي هر قسم جا جذبا، احساس، قدرَ رڳو اقتدار ۽ دولت جي طاقت (Power) ۾ نظر ايندا آهن، هنن کي اها خبر ئي نه هوندي آهي ته غريباڻي يا مسڪيني حالتن ۾ به ماڻهو پنهنجن رشتن ۽ ماڳن سان لازوال محبت ڪري سگھن ٿا.اقتدار يا دولت جي طاقت ۾ جبر ۽ ڏاڍُ جو عنصر هوندو آهي جيڪو علم نفسيات جي تناظر ۾ خوف يعني عدم تحفظ جو نتيجو هوندو آهي. جڏهن ته مارئي ۽ سندس مسڪين سيڻن جي محبت ۾ هڪ مقناطيسي طاقت (Power of Polarity) آهي جنهن جو جسمن جي فنا ٿيڻ کان سواءِ زوال ممڪن نه هوندو آهي.
عمر باشاهه مارئيءَ جي مسڪيني ڪمزوري کي محلاتي آسودگي جي ذريعي مات ڏيڻ چاهِي، پر هنکي اها خبر نه هئي ته مارئي جيتوڻيڪ هڪ خوبصورت ۽ ضعيف عورت هئي پر هن جو پنهنجي مسڪين ماروئڙن سان نظرياتي ۽ روحاني وحدت وارو رشتو انتهائي طاقتور هيو جنهن جي آڏو سموريون شاهي مراعتون بي هودهه ۽ بيڪار هيون. مفڪرن جو چوڻ آهي ته ڪنهن به تهذيب جو بڻياد خاندان هوندو آهي. جيڪڏهن ڪو به خاندان انصاف ۽ اخلاق تي پورو آهي ته ان جا ڀاتي بهترين معاشري قائم ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندا آهن. مارئي به هڪ سُڌريل ۽ سنواريل ماحول جي عورت آهي جيڪا پنهنجي ڪلچر جي اخلاقي وحدت جي قيد ۾ رهڻ جو وچن ڪري ويٺي، ۽ عمر کي ٻڌائي ٿي ته ” ايءَ نه مارن ريت، جي سيڻ مٽائن سون تي“، مطلب ته اسان مارُو ماڻهن جو اهو وَڙُ ئي ناهي ته پنهنجا مِٽَ مائٽَ سون تي يعني دولت جي عيوض مٽايون. ريت لفظُ؛ رسم، رواج، هلت،دستور، سرشتو، وَتِير، وضع، طور طريقو وغيره جي معنا رکي ٿو. ابن ڏاڏن جا ماڳ قدرتي مرتبي جو درجو رکن ٿا.اهڙي نموني مٽ مائٽَ قدرتي ڪٽنب آهي. جنهن جو متبادل سِڪَن يا سون ۾ نه آهي. هي هڪ ايڏو ته پيچيدو طاقتور روحاني ڳانڍاپو آهي جنهن کي مادي مرعاتن يا ٻين ڏجھن ذريعي نابود نه ٿو ڪري سگھجي. بيت جي ٻين سٽ ۾ مارئي چوي ٿي ته ” اچي عمر ڪوٽ ۾ ، ڪنديس ڪانه ڪُريت“؛ مطلب ته عمر جي ڪوٽ ۾ ڪو خراب ڪم نه ڪبو. ڪُريت لفظ اصل ۾ ريت لفظ جو ضد آهي جنهن جي معنا لغت جا ڄاڻو خراب هلت يا رسم ڪن ٿا. ان جو مطلب ته ”ريت“ هڪ اهڙي هلت يا رسم آهي جنهن کي اخلاقي وجدان جو درجو حاصل آهي، ان سطح تي فرد ۽ معاشري جو تعلق مڇي ۽ پاڻيءَ جي قدرتي تعلق وارو رهي ٿو. مارئي جو به جسم عمر ڪوٽ ۾ هيو پر ساهه پنهنجي ديس ملير ۾ هيس ان ڪري هن واڄائي چيو ته شاهن جي شاهي ڪو ٽ ۾ پنهنجي ريت ڇڏي ڪُريت نه ڪبي، ڀلي محل ماڙيون هجن پر پنهنجي مسڪيني ڪلچر تان هٿ نه کڻبو. لطيف سائين ان سموري اخلاقي وجداني ڪلچر جي رٽ کي قائم رکڻ جو رتبو هڪ غريب عورت مارئي کي ڏئي ٿو. ڇو ته عورت خاندان جو محور آهي ۽ خاندان تهذيب جو بڻياد آهي.
لطيف سائين جو فڪر عورت جي شعوري پختگي جو دستاويز آهي، لطيف سائين جي بيتن مان ظاهر آهي ته عورت جيئڻ جي قدرتي حق جو دفاع ڪرڻ سمجھي ٿي. ان ڪري پنهنجي دفاع کي مضبوط رکڻ لاءِ ميدان ڪرڻ جي حالت تي لهي اچي ٿي. ٻيون ته هوءَ ميدان ڪرڻ جي حالت ۾ حيلي يا بهاني جي محتاج نه ٿي ٿئي پر هوءَ دفاعي سچائي تي اٽل آهي. دفاعي سچائي جو معيار هن وٽ مقابلو ڪري جيئڻ يا مرڻ آهي.ان جي لاءِ سندس رويو ايڏو ته نڊر آهي جو هوءَ پنهنجي محبوب وَرَ لاءِ به ساڳي حالت لاڳو هجڻ جي حامي ڀري ٿي، جيئن بيت ٻيين ۾ چوي ٿي ته منهنجو ور ميدان مان ڀڄي، ايئن ته مان چئي نه ٿي سگھان، ها پر جي مارجي وڃڻ جي خبر آهي ته پوءِ وشواس ڪريان، ڇو ته ڀڄڻ هُن (وَرَ) جو شيوو نه هجڻ گھرجي. پر جي ميدان مان بچي اچي ٿو ته پوءِ منهن وارا يعني سامهون وارا لڳل ڌڪ سيڪيندي يعني ٽاڪور ڪندي مان سٺي لڳان، پر جي پٺيءَ وارا ڌڪ هجنسِ ته ٻڏي مري وڃان. وِسهَڻُ لفظ جي معنا ڀروسو يا يقين ڪرڻ آهي ۽ سُونهَڻُ لفظ جي معنا سهڻو لڳڻ، ڀلو يا سٺو لڳڻ آهي. هاڻي سوچڻ جي ڳالهه اها آهي ته ڪانڌ جا سامهون وارا ڌڪ سيڪيندي پاڻ کي پاڻ سٺي ٿي لڳي ڇو ته سامهون وارا ڌڪ وڙهڻَ يعني ميدان ڪرڻ جي علامت آهن، اهڙي نموني هيءَ سڀني ۾ سوڀي ڳڻبي، ان ڪري پاڻ کي سهڻي لڳي ٿي پر جيڪڏهن سندس ڪانڌ کي پٺيءَ وارا ڌڪ آهن ته هوءَ سيڪڻ ته پري جي ڳالهه رهي پر شرم ۾ مرڻ جهڙي حالت ٿئيس ٿي، ڇو ته هوءَ پٺيءَ وارن ڌڪن کي ڀڄڻ جو سبب سمجھي ٿي. لطيف سائين هڪ عجيب انسان آهي ڇو ته سائين جنهن به ڪردار جي اپٽار ڪري ٿو ته ايئن محسوس ٿئي ٿو ڄڻ ته پاڻ ڪردار جي ڪيميا آهي، ڇو ته عورت جي قدرتي نفسيات دفاع ڪرڻ واري هوندي آهي. هوءَ هر سطح تي ۽ هر مصيبت ۾ پنهنجي ڪٽنب جو بچاءُ ڪندي آهي. اهڙي نموني عورت قدرتي ربوبيت جو وڏي ۾ وڏو اهڃاڻ هجڻ سان گڏ هوءَ معاشرتي ايڪائي ۽ تهذيبي قدرن جو بڻياد آهي. ٽورنٽو يونيورسٽي جي حياتيات جي سائنسدانن پنهنجي تحقيق ۾ ڄاڻايو اٿن ته هنن پائلٽ وهيل مڇيءَ ۽ ٻين تي تجربا ڪري ڏٺو آهي ته وهيل مڇي جڏهن عمر جي خاص حد تي پهچي نسل پيدا ڪرڻ کان رڪجي وڃي ٿي ته پوءِ هوءَ پنهنجي ٻچن جي ٻچن کي سنڀالڻ ۽ سيکارڻ جو ڪم ڪري ٿي.ان حد تائين جو کاڌي نه هجڻ جي صورت ۾ کاڌي حاصل ڪرڻ جا دڳ ۽ ڏانءَ مهيا ڪري ٿي. انهي تناظر ۾ عورت جي حمل رڪجي وڃڻ جو قدرتي سبب معلوم ڪرڻ لاءِ هنن قديم قبيلن جيڪي سائنسي ترقيءَ جي رفتار کان بنهه وانجھيل آهن انهن جي سماجي وهنوار تي تحقيقات ڪئي جنهن مان هنن کي خبر پئي ته نوجوان عورتون نسل پيدا ڪرڻ جو ڪم ڪن ٿيون ۽ وڏي عمر واريون عورتون نئين نسل جي سنڀال ۽ سنوار ڪرڻ ۾ رڌل رهن ٿيون. ان ڳالهه مان چٽائي ٿئي ٿي ته عورت رڳو معاشري جي نسلي پيدوار جو سبب نه پر نسل جي تربيت ۽ بقا جو اهڃاڻ به آهي. اهڙي نموني عورت هڪ تهذيب جو بڻياد مهيا ڪريٿي. قدرت جي سنسار ۾ مادي (Female) زندگيءَ جي مهورت آهي ۽ عورت جو ڪردار انساني معاشري ۾ آبياري جي علامت آهي. جيڪي معاشرا معاشي ڏيوالپڻي ۽ اخلاقي ڏڪر جو شڪار ٿين ٿا انهن ۾ عورت جي حيثيت جي نفي هوندي آهي ۽ اهڙا معاشرا پنهنجي ڄنڊا پٽ ۾ مصروف هوندا آهن، ڇو ته ان معاشري جي نسلن جي پرورش مرداڻي برتري (Male Chauvinism) واري ماحول ۾ ٿيندي آهي. ان ڪري ٻار ننڍي هوندي کان ئي پيءُ جي آمرانا (Dictatorial) ڪردار ۽ ماءُ جي معذرت خوانا (Apologizing) رويي جو ذهني طور شڪار هوندا آهن. ڇاڪاڻ ته قدرتي طور ٻچا ماءُ سان گھڻو ويجھا هوندا آهن، ان ڪري هو پنهنجي چونڊ ۽ قربت واري احساس جو اُسرندي کان ئي قتل ٿيندو ڏسندا آهن، تنهنڪري اڳتي هلي معاملن يا شين جي حقيقي چونڊ واري عمل ۾ ذهني طور مفلوج ٿيندا آهن، نتيجي ۾ اهڙي ئي مرداڻي ماحول جو حصو بڻجي ويندا آهن جنهن جو بڻياد اناپرست (Ego Centric) تي بيٺل آهي ۽ ”عورت جي قدرتي مرتبي“ کان خائف هوندا آهن.
لطيف سائين ڪمال جو سلڇڻو انسان آهي، هو جيتوڻيڪ عورت جي لاهِيءَ (Apologizing) واري ڪردار جو بي مثال (Un precedent) نمونو آهي پر لطيف سائينءَ جي فڪر ۾ اهو ڪردار بي وس يا بي بس نه آهي ۽ نه ئي جابر مرداڻي ماحول جو محتاج آهي. لطيف سائين وٽ ان ڪردار جو قدرتي ڇيد ”مالڪيت واري لازوال دعوا“ آهي جيڪا عورت جي جُز (DNA) ۾ آهي. جن ماڳن يا رشتن کي هوءَ پنهنجو (Own) ڪري ٿي تنهن دعوا ۾ هوءَ انتهائي نفيس آهي. لطيف سائين عورت جي قدرتي نفاست جو ايترو ته گَهرائيءَ سان مشاهدو ڪيو آهي جو سائين پاڻ ان نفاست کي اوڙي ورتو ۽ تقريبن هر سطح تي اديون، سرتيون، جيڏيون چئي پنهنجي اندر جي پچار ڪڍي ٿو.