لطيفيات

اک اُلٽِي ڌارِ

هي ڪتاب عالمي ڏاهن جي فڪر جي روشني ۾ شاهه لطيف جي بيتن جي سمجهاڻي تي مشتمل تحقيق جو مجموعو آهي، جنهن جو محقق محمد اسلم ڀٽو آهي.
شاهه عبداللطيف ڀٽائي اسان جي وجداني جذبن جو ٻارڻ ڪيئن ۽ ڇو آهي ۽ ڇا لطيف سائينءَ جي تعليم واقعي اسان کي زندگيءَ جا حقيقي زاويا پسائي سگهي ٿي؟ انهن ئي سوالن جو جواب لطيف سائين جي ڏنل بيتن جي تشريح ۾ موجود آهي ۽ لطيف سائين جي بيتن جي شرح يعني سمجھاڻي سائنس ۽ دنيا جي مفڪرن ۽ فلاسافرن جي خيالن جي جوڙ سان ڪئي وئي آهي .
Title Cover of book اک اُلٽِي ڌارِ

  ڏاهپ جو ٻيو رخ

الا! ڏاهِي مَ ٿيان ، ڏاهيون ڏک ڏِسَن
مُون سِين مُون پِرين ، ڀورائيءَ ۾ ڀالَ ڪيا.

هن بيت کي سمجھڻ لاءِ سُرَ (ليلا چنيسر) کي سمجھڻ ضروري آهي. ليلا، چنيسر باشاهه جي دل گُھري راڻي، زال آهي. ٻئي طرف ڪڇ ملڪ جي واليءَ جي ڪؤنروءَ نالي ڌيءَ جي خواهش هئي ته هوءَ چنيسر سان شادي ڪري. ڪؤنروءَ جي خواهش کي پورو ڪرڻ لاءِ مختلف حيلا هلايا ويا ۽ چنيسر جي خاص وزير جکري جي ذريعي چنيسر تائين شاديءَ جي ڳالهه پهچائي وئي پر چنيسر جکري سان ليلا جا ڳُڻ ڳائي انڪار ڪيو، ڇو ته ليلا پنهنجي فهم ۽ نفاست جي ڪري چنيسر تي خاصو اثر رکندڙ شخصيت هئي. ڪڇ جي رهواسڻ ڪؤنرو ۽ سندس مالڪن چنيسر جي انڪار کي وڏي للڪار سمجھي ۽ اوستائين ڪونروءَ جي رسائي کي اٽل مقصد ڄاتو ۽ پڪو پهه ڪيو ته وڏي ۾ وڏي رڪاوٽ يعني ليلا کي ٿيڙڻ لاءِ ٽِرڪون ٺاهجن. ڪونروءَ پنهنجي ماءُ سان گڏ غربت جو حُليو اوڙي ليلا جي پيش پيون ۽ آزيون نيازيون ڪري نيٺ محل ۾ ملازمت وٺڻ ۾ ڪامياب ٿي ويون. ڪؤنروءَ ۽ سندس ماءُ جو نشانو ليلا جي شخصيت هئي جيڪا اورچائي ۽ سلڇڻائپ جي ڪري چنيسر وٽ اگھيل هئي. هاڻي هڪ طرف ليلا جيڪا ڏاهپ ۽ نفاست جي علامت آهي ۽ ٻئي طرف ڪؤنروءَ حِرفَت ۽ مڪاريءَ جي علامت آهي. هتي مڪر ۽ عقل جي چٽاڀيٽي آهي. ڏاهپ جي هيئت ۾ جٽاءُ ۽ نڀاءُ آهي، جڏهن ته مڪر ۽ ٽرڪ جي هيئت ۾ فٽاءُ ۽ ٽوٽِ آهي.
ڪؤنروءَ ليلا کي ايڙيون ٽيڙيون ڳالهيون ٻڌائي ليلا جو ڌيان پنهنجي طرف ڇڪائيندي رهي ٿي. ڪؤنروءَ ليلا کي ٻڌائي ٿي ته جيتوڻيڪ هو هاڻي غريبي ۾ ورتل آهن پر ماضيءَ ۾ هو سکيا ستابا ۽ آسودا هوندا هئا. ماضيءَ جي آسودگيءَ کي ثابت ڪرڻ لاءِ ڪؤنروءَ ليلا کي نو لکو هيرن جو هار ڏيکاريو. ليلا هيرن موتين جي وڏي شوقين هوندي هئي، سا هار ڏسي هِرکِي پئي ۽ ڪؤنروءَ کي هار ڏيڻ لاءِ چيو. ڪؤنروءَ دير نه ڪئي ۽ هار ليلا کي بخش ڪرڻ لاءِ چنيسر سان نويڪلائيءَ ۾ ملاقات جو شرف حاصل ڪرڻ جو شرط وڌو، جيڪو ليلا هيرن جي هار حاصل ڪرڻ عيوض قبول ڪيو. هڪ رات چنيسر محل مان شراب ۾ ڌت ٿي جيئن ئي پنهنجي خوابگاهه ۾ آيو ته ليلا سندس عليل حالت ڏسي ڪونروءَ کي اجازت ڏني ته ڀلي ساڻس ڪچهري ڪري. ڪؤنرو سڄي رات چنيسر سان بستري تي رهي، جيئن ئي چنيسر تان کيپ لٿا ته هن ڪؤنروءَ کي ڏسي ڇرڪ ڀريو ۽ پڇيو ته تون ڪير ۽ هتي ڇو؟ ڪؤنروءَ چنيسر کي ٻڌايو ته هن ليلا سان هيرن جي هار جي عيوض تنهنجي قربت حاصل ڪرڻ جو سودو ڪيو آهي، جيڪو ليلا قبول ڪيو. چنيسر جون وايون بتال ٿي ويون ۽ هو ليلا جي ان عمل تي دنگ رهجي ويو. هن ليلا کان منهن موڙي ڇڏيو. چنيسر کي ليلا جي لاءِ زنگ پيو ۽ ڪؤنروءَ لاءِ قربت وڌي. ڪونروءَ پنهنجي ٽرڪ ۾ ڪامياب وئي ۽ ليلا پنهنجي فهم ۾ ڪري پئي ۽ چنيسر طرفان ڌڪارجي پنهنجن پيڪن ۾ موڪلي وئي.
لطيف سائينءَ جو هي بيت قصي جي پڄاڻيءَ تي واقع ٿئي ٿو ته الا! ڏاهي مَ ٿيان، ڏاهيون ڏک ڏسن.
مون سين مون پرين، ڀورائيءَ ۾ ڀال ڪيا
اصل حقيقت اها آهي ته ڏاهپ سلڇڻن انسانن جو وتر رهيو آهي ته پوءِ لطيف سائين ڏاهپ کان وئون ڇو ٿو وڃي؟ ڀلا ڪٿي ايئن ته نه آهي ته اسان لطيف سائين جي احساسن جي گرمي سردي جي اثر کي مورڳو محسوس ئي نه ٿا ڪري سگھون! ڇو ته اسان شين يا معاملن جي نتيجن جو تعين پنهنجي روين جي تناظر ۾ ڪيون ٿا ۽ اسان جا رويا اسان جي عقل ۽ ڄاڻ تي قادر آهن. هاڻي جڏهن عقل ۽ ڄاڻ روين جا محتاج رهن ٿا ته پوءِ اهو عقل ۽ ڄاڻ ڏاهپ جو رنگ ته اوڙي سگھن ٿا پر ڏاهپ جي ڍنگ کان محروم هوندا آهن. زندگيءَ جا پنجٽيهه سال انساني تهذيبن جي کوجنا تي ڳاري يارهن جلدن تي مشتمل ”تهذيب جي ڪهاڻي“ لکندڙ جڳ مشهور آمريڪي مؤرخ ۽ فلاسافر ول ڊيورنٽ ( Durant Will) اهڙي قسم جي خيال جو اظهار ڪندي چوي ٿو ته The trouble with most people is that they think with their .hopes or fears or wishes rather than with their mind مطلب ته ”اڪثر ماڻهن سان مسئلو اهو آهي ته اهي پنهنجو شعور استعمال ڪرڻ جي بدران پنهنجي اميدن يا خواهشن يا خوف جي تناظر ۾ سوچيندا آهن.“
ان جي ڪري جيڪڏهن ڄاڻ ۽ عقل ڪنهن جي به اندر ۾ نٿا اوتجن ۽ ان جي نتيجي ۾ هزارين سالن جي معاشرتي آلودگيءَ جا شڪار رويا تبديل نه ٿا ٿين ته پوءِ شين يا معاملن کي سمجھڻ ته پري جي ڳالهه پر زندگيءَ جو ڳپل حصو ان ڪروڌ ۾ گذرندو ته پاڻ کي ڪو به نه سمجھي سگھيو ۽ زندگيءَ جي لاچاري واري حالت ۾ نيٺ ان حقيقت تي به پهچبو آهي جتي پشيماني جا ٿڌا شوڪارا ڀري چوڻو پوندو آهي ته ”پاڻ ڄاتو ته صحيح پر پاتو ڪو نه!“
ان ڪري شين، معاملن ۽ لقائن کي سمجھڻ جون ٻه حالتون آهن. هڪ حالت اسان جي سمجھڻ جي آهي ۽ ٻي حالت جيئن شين جي حقيقت آهي. دنيا جا عظيم انسان ان تانگهه ۾ رهيا ته چيزن جي قدرتي ماهيت جي واقفيت حاصل ٿئي ته جيئن سنسار ۾ قدرت جي ڏاهپ جو اڀياس ٿئي. اسان جي نبي ڪريم لاءِ چوندا آهن ته االله سائين کان اها دعا گھرندا هئا ته”منهنجا الله، مونکي شين جي اصليت پساءِ.“
لطيف سائين ليلا جي اختيار ڪيل ڏاهپ کان پناهه گھري ٿو جنهن ۾ ليلا نَوَ لکو هار قبولي چنيسر جي نينهن کي نيلام ڪري ٿي. لطيف سائين رشتن جي اهميت کي مادي آسودگيءَ کان هزارين دفعا وڌيڪ اُتم سمجھي ٿو. حيرت جي ڳالهه آهي ته ليلا، جنهن کي چنيسر ڏاهپ ۽ نفاست جي تناظر ۾ پنهنجي جان سمجھي ٿو ۽ ڪؤنروءَ جي سڱ وٺڻ کان انڪار ڪري ٿو پر اڳتي هلي ليلا ان ئي ڪؤنروءَ کي چنيسرُ کپائي ڏئي ٿي. عورت جو اهڙو ڪم لطيف سائين جي مزاج ۾ اضطراب پيدا ڪري ٿو. حاڪمَ چنيسر جي محل ۾ ليلا پنهنجي نفاست ۽ فهم فراست ۾ مرتبي واري زائفان آهي ۽ چنيسر جي دماغ ۾ ليلا جي خوبين جهڙي ٻي عورت جي هجڻ جو امڪان ڪو نه آهي. ليلا کي محل جي راڻيءَ جو رتبو ۽ مٿس نوازشن ۽ مهربانين جي ورکا جو ذريعو ۽ ڏاتار رڳو چنيسر حاڪم ئي آهي، ان جي باوجود ليلا هڪڙي هار جي عيوض چنيسر جي احساسن ۽ جذبن جي توهين ڪئي ۽ پنهنجي فهم ۽ نفاست جي نفي ڪئي. اندازو ڪريو ته بي روح هار جو سوڌو ڪيڏي اٽل رشتي جي عيوض ڪيو ويو! هي ڪوڙو فهم ۽ ڪوڙي ڏاهپ آهي. لطيف سائين اهڙي ڏاهپ کان پناهه گھري ٿو ۽ ليلا جي ان عمل کي ننديندي چوي ٿو ته
وصل تنهن وڃائيو، سينڌ سُرمي سِيئن
سا لوٺي ليلان جيئن، مڻيو جنهن مِٽُ ڪئو.
سينگار اصل ۾ ڪوجھي هجڻ جو ردعمل آهي. پنهنجي اندر ۾ حسن کان بي خبر سينگار تي گھڻو ڀاڙيندا آهن. حضرت علي ڪرم االله وجه جو قول آهي ته ”خوبصورتي جي ڪمي کي اخلاق ته پورو ڪري سگھي ٿو پر اخلاق جي ڪمي کي خوبصورتي پورو ڪري نه ٿي سگھي.“ تنهن ڪري لطيف سائين چوي ٿو: سينڌ سرمي يعني سينگار سان وصل کي جنهن وڃائيو اها ليلا جهڙي لوٺي آهي جنهن مڻيي کي مِٽُ ڪيو، يعني هار قبولي پنهنجو يار پري ڪيو. لطيف سائين انسان جي نفسياتي پهلوئن جو ماهر نفسياتدان وانگر انتُ لهي چڪو آهي، تنهن ڪري ته چوي ٿو ”وصل تنهن وڃائيو، سينڌ سُرمي سِيئن!“ جيڪي پنهنجي شخصيت ۾ ڪاڻيارا هوندا آهن، سي پنهنجي شخصيت جو پورائو ٻين نمائشي شين سان پاڻ کي جوڙي ڪندا آهن. عام ضرورتن جي شين کي به نُماءَ جي حالت ۾ رکنداآهن ته جيئن هنن جي کوٽي شخصيت وائکي نه ٿي پَوي. مثال طور: وڏي گاڏي، بنگلو، قيمتي لباس، هارسينگار ۽ پئسي يا کاڌي جو نماءُ وغيره. ڪو به انسان جنهن رشتي کي پاڻ سان سلهاڙي ٿو، اهو رشتو ان انسان جي ڪردار جو معيار هوندو آهي، تنهن ڪري ڪنهن به رشتي جي پسنديدگي دراصل شخصيت جو آئينو هوندي آهي. ان ڪري ڪنهن به شخص جي اخلاقي ۽ معاشرتي قدرن جي بيهڪ ۽ ڏاهپ جو اڀياس سندس پسنديدگيءَ مان ڪري سگھجي ٿو ڇو ته پسنديدگيءَ ۾ غير معمولي ذهني سڀاءُ درڪار هوندو آهي. گھڻا ماڻهو معاشرتي برتري ۽ مادي حاصلات جي ڪاميابيءَ کي ڏاهپ سمجھن ٿا، جيتوڻيڪ اهڙي قسم جي ڪاميابيءَ ۾ ڪوڙ، منافقي، ٺڳي ۽ ڌوکي جهڙا اوگڻ به ڪارفرما هوندا آهن ۽ اهو سڀ ڪجھه ڪرڻ وارا چالاڪي، ڦڙتي، چال، ٽِرڪَ، مڪر ۽ داءَ کي پنهنجي ذهانت ڳڻائي ڏاهپ جي ڪلچر سان جوڙين ٿا پر ڏاهپ ته اصل ۾ ”پنهنجي ضمير جي قيد ۾ رهڻ“ جو نالو آهي ۽ ضمير سچاين ۽ حقيقتن جو مادو آهي. يونان ملڪ جي فلاسافر يوريپيڊس (Euripides) جو چوڻ آهي ته ”Cleverness is not wisdom“ يعني چالاڪي کي ڏاهپ نه چئبو آهي. ان جو مطلب ته شاطرپڻي ۽ ڏاهپ ۾ فرق آهي. ڏاهپ جي اهڃاڻ ۾ عُذر، مصلحت ۽ معذوري قطعي نه ٿيندي آهي، ڏاهپ حقيقتن ۽ سچائين جي ادراڪ ڪرڻ ۽ انهن تي اٽل بيهڻ جو نالو آهي. آمريڪي فلاسافر راف ولڊو ايمرسن Ralph Waldo Emerson)) چوي ٿو ته ”Nature is but an image or imitation of wisdom“ يعني قدرت جيڪا به آهي، پر هيءَ ڏاهپ جي مورت يا پيروي آهي. سنسار ۾ قدرت جو اڀياس ڪرڻ سان ايئن ٿو معلوم ٿئي ته ڪائنات ۾ ڏاهپ کان سواءِ ته ڪجهه آهي ڪونه !
ڪي شيون پنهنجو اساسي يا اهڃاڻي تعارف پاڻ سان نمايان رکنديون آهن جن جي ٻاهر ۽ اندر جو آسانيءَ سان اندازو لڳائي سگھبو آهي ۽ ڪن شين جو ظاهر پنهنجي باطن کان بلڪل مختلف ٿيندو آهي، جنهن ڪري انهن شين کي سمجھڻ ايستائين ممڪن نه هوندو آهي جيستائين انهن جي ٻنهي حالتن جو ادراڪ نه ٿيندو آهي. مثال چنڊ ظاهر ۾ روشن لڳندو آهي ۽ اسان اهو سمجھندا آهيون ته چنڊ اسان کي ٿڌي روشني ڏئي ٿو پر حقيقت يعني چنڊ جو باطن ان جي ابتڙ آهي. اهو هيئن ته چنڊ ۾ بڻيادي طرح روشني ٿيندي ئي نه آهي، اها ته سج جي روشني جي موٽ هوندي آهي.
لطيف سائين جي فڪر جو اَندرُ يعني باطن پنهنجي ٻاهرَ يعني ظاهر کان اوجھل نه آهي. پهرين سٽ ۾ جيڪڏهن پاڻ چوي ٿو ته ”الا! ڏاهي مَ ٿيان، ڏاهيون ڏک ڏسن“؛ مطلب ته اهڙي سياڻپ يا عقل جنهن جي ڏڍ تي پنهنجي پر ۾ سوڀائتو ڪم ڪيو وڃي پر ان جو نتيجو ان جي ابتڙ هاڃو رسائيندڙ ملي ته اها ڏاهپ نه چئبي. لطيف سائين اهڙي ڏاهپ کان پناهه گھري ٿو.
بيت جي ٻِي سٽ ”مون سين مون پرين، ڀورائيءَ ۾ ڀال ڪيا“ ۾ لطيف سائين عقل جي سادگي يعني ڀورڙائي کي پرين جي قرب ۽ رضا جو سبب ٻڌائي ٿو. حقيقت ۾ ڏاهپ اهڙي وصف آهي جنهن جي ڪيميا ۾ ضابطن جي پابندي آهي. نماءُ ۽ ردعمل، عذر ۽ پڇتاءَ جو ڏاهپ سان پري جو به واسطو نه آهي. ڏاهو انسان رشتن جي قدرتي ايڪتائي ۾ نينهن نڀائڻ وارو (Committed) هوندو آهي. لطيف سائين جو پاڻ کي ڀورو يعني اٻوجھه يا سادڙو چوڻ اصل ۾ وڏي معنى رکي ٿو، ڇو ته ايڏو وڏو انسان جنهن جي خيالن کي پُرجھڻ لاءِ وڏي توانائي جي ضرورت پوي ٿي، سو ڪيئن اٻوجھه چئبو؟ گھڻو ڪري ڏاها انسان ڏاهي هجڻ جي دعوا کان لنوائيندا آهن ۽ هو اڻ ڄاڻ ۽ سادي هجڻ جو تاثر ڏيندا آهن. هو سمجھن ٿا ته شين جي آگاهي يا ڄاڻ جو حاصل ڪرڻ حقيقت ۾ ڏاهپ نه آهي، ڇو ته جن به شين جي آگاهي يا ڄاڻ ملي ٿي سي دراصل ته موجود آهن يعني انهن شين جي طبعي بيهڪ يا ڪيميائي خاصيت انهن ۾ اول کان ئي موجود آهي ته پوءِ انهن جي واقفيت رکڻ ۾ ڏاهپ ڇاجي؟ ڏاها انسان سمجھن ٿا ته موجودات جو هڪٻئي سان تعلق قدرتي قانون جو حصو آهي. ان ڪري ڏاها قدرتي قانون جي عملداري (Writ)جي پابندي ڪندي تعلق جي سمجھه يا پرجھه رکڻ کي اخلاقي وجدان جي تڪميل سمجھندا آهن، ان ڪري ان کي ذاتي خوبي سمجھي ڏاهپ چوڻ ڏاهن پنهنجو وڙُ نه رکيو. هو پاڻ کي موجودات جي ڪيميائي وحدت جو پرتو سمجھن ٿا ۽ موجودات جو قدرت جي قانون جي تعبيداري يا تڪميل واري عمل ۾ هو به عمل جوحصو ٿي وڃن ٿا. ان جي ڪري ڏاها وڏي ۾ وڏو سچ اهو ٿا سمجھن ته هو ڪجھه به نه ٿا ڄاڻن. ان ڪري يونان جي ڏاهي سقراط کي چوڻو پيو هو ته ”The only true wisdom is in knowing you know nothing.“ سچي ڏاهپ ان ڄاڻپ ۾ آهي ته توهان ڪجھه به نه ٿا ڄاڻو.
لطيف سائينءَ جي ڀورائيءَ جو ٻيو سبب اهو آهي ته هو لاڳاپن جي حوالي سان ايڏو ته حساس آهي جو شايد ڪو ثاني هجيس، پاڻ تعلق يا لاڳاپي جي جڙڻ ۽ ٽٽڻ کي زندگيءَ ۽ موت جي حالتن سان ڀيٽي ٿو. لطيف سائين رَسدَ جي ڀيٽ ۾ طلب کي محور سمجھي ٿو. ان جي ڪري جيڪڏهن طلب ڪمزور ٿيندي ته محور کان رسد ڪا نه ملندي. قدرت جو قانون آهي ته جيڪو به عنصر پنهنجي محور سان جڪڙيل آهي ته محور جي طرفان کيس تحرڪ جي شڪل ۾ بقا ملي ٿي، پر جي محور کان ٽٽي ٿو ته فنا ٿئي ٿو. ان ڪري لطيف سائين رشتن جي نڀاءَ کي پنهنجي بقا جو اهم ترين اثاثو سمجھي ٿو. رحمت اللعالمين جن جو فرمان آهي ته”لا يدخل الجنت قاتع”يعني رشتن ٽوڙڻ وارو جنت ۾ نه ويندو.
رشتن جي نڀائڻ جي سلسلي ۾ لطيف سائين ليلا سميت هر اسم کي، پنهنجي محور مان بقا جي جوهر کي جذب ڪرڻ جو تاڪيد ڪيو آهي. جاذبيت واري ڪيفيت ۾ محور جو ئي ڪيميائي روپ حاوي هوندو آهي، ان ڪري ئي لطيف سائين ليلا کي چوي پيو ته”گھوريو سو سهاڳ، جنهن ۾ پسين پاڻ کي.“ يعني اهڙي خوش نصيب پرڻي واري زندگيءَ کي ٻن ڏجي جنهن ۾ رڳو پاڻُ نظر اچي. مطلب ته چنيسر کي حاصل ڪرڻ کان اڳ ليلا جي دل ۾ رڳو چنيسر جي ئي ڌڪ ڌڪ ۽ دماغ ۾ سندس عڪس هئا پر ان کي حاصل ڪرڻ کان پوءِ وري چنيسر جي مهر ۽ ٻاجھه جي وسڪاري ليلا کي پنهنجي اهميت جي احساس ۾ ڀُلائي وڌو.
رشتن ۾ خود اهميتي (Self Importance)وارو لاڙو وڏو هاڃيڪار آهي. هي احساس رشتن وڃائڻ تي دنگ ڪندو آهي. حقيقت ۾ رشتو ”سپردگي يا حوالگي Surrender“ جو نالو آهي، ان ڪري رشتن ۾ پنهنجي اهميت جو جواز گھڙڻ جو مطلب رشتن کي پنهنجو (Own) نه ڪرڻ آهي. ”لطيف سائين جن رشتن مان سَوادُ وٺي ٿو، انهن رشتن جي سامهون پاڻ اٻو جھه آهي.“