لطيفيات

اک اُلٽِي ڌارِ

هي ڪتاب عالمي ڏاهن جي فڪر جي روشني ۾ شاهه لطيف جي بيتن جي سمجهاڻي تي مشتمل تحقيق جو مجموعو آهي، جنهن جو محقق محمد اسلم ڀٽو آهي.
شاهه عبداللطيف ڀٽائي اسان جي وجداني جذبن جو ٻارڻ ڪيئن ۽ ڇو آهي ۽ ڇا لطيف سائينءَ جي تعليم واقعي اسان کي زندگيءَ جا حقيقي زاويا پسائي سگهي ٿي؟ انهن ئي سوالن جو جواب لطيف سائين جي ڏنل بيتن جي تشريح ۾ موجود آهي ۽ لطيف سائين جي بيتن جي شرح يعني سمجھاڻي سائنس ۽ دنيا جي مفڪرن ۽ فلاسافرن جي خيالن جي جوڙ سان ڪئي وئي آهي .
Title Cover of book اک اُلٽِي ڌارِ

  ساڙ جي ڄراٽ

اَلا! کَرَ جِيئنِ ، مَدِي جن جي مَنَ ۾
اسان ۽ پـريـن جون ، اُمـيدون پَـسـن
تِهان پـوءِ مَـرن ، سـڙِي ان سُــور ۾.

سر آسا جي هن بيت ۾ لطيف سائين ڪمال جي رويي جو اظهار ڪيو آهي، پنهنجي ڌڻيءَ کي عرض ڪري ٿو ته اي االله! ساڙوڪن، حاسدن کي ايتري حياتي ڏجانءِ جو اهي پنهنجي ڪِرتا جي نتيجي جي ڀوڳنا پنهنجي هوش سان ڀوڳين، ڇو ته محبتي ۽ پرين پيارن جي گڏجڻ تي جيڪا سندن دل ۾ مَدي يا ميرُ يا ساڙُ پيدا ٿئي ٿو ته اهي مَرُ زنده هجن ته جيئن پرين سان ملڻ جي اسان جي مراد پسن. لطيف سائين ساڙولي انسان جي زندگيءَ جي سائنسي پڄاڻيءَ کان واقف آهي، ان ڪري االله کان ان جي جيئڻ جي ته دعا گھري ٿو پر ان جي مرڻ جي دعا نه ٿو گھري ڇو ته لطيف سائين ڄاڻي ٿو ته ساڙولي انسان جي حياتيءَ جو انجام پرين جي وصال تائين پورو آهي. لطيف سائين فڪري طور تي لڳي ٿو ته دنيا جي تهذيبن ۽ فلسفين جي مشاهدن جي سَنَدَ آهي ۽ دنيا جي فلسفين جي فڪري پڙاڏي کي ورنائي ٿو.
انسانن جي صحتمند رهڻ جو الڪو رکندڙ يونان ملڪ جو ڏاهو حڪيم بقراط (Hippocrates) پنهنجي شاگردن کان، علم طب کي بغير ڪنهن مت ڀيد جي سمورن انسانن جي بهتر صحت لاءِ، ڀرپور ڪردار ادا ڪرڻ جو وچن وٺندو هو ۽ اهو وچن پوءِ ميڊيڪل سائنس ۾ پوري دنيا جي ڊاڪٽرن لاءِ جنيوا پڌرنامي تحت Ethics Code of جي عنوان سان لازمي قرار ڏنو ويو. حڪيم بقراط جو چوڻ آهي ته ”جنهن به شخص ساڙ يا حسد کي پنهنجو دوست بڻايو ته ان جو نفس قائم دائم نه رهندو ۽ اهو ئي ساڙُ کيس مرڻ کان اڳ ماريندو.“
کَرُ لفظ جي معنيٰ کَرِيَلُ آهي. ان کان سواءِ گڏهه کي به چئبو آهي جيتوڻيڪ گڏهه لاءِ فارسي لفظ خَرُ استعمال ٿيندو آهي. لطيف سائين انهن شخصن جو ذڪر ڪري ٿو جيڪي پنهنجي افعاليت ۾ کَريل آهن يعني هو پنهنجي ذات ۾ منظم ۽ سُڌريل نه هوندا آهن. وکريل ۽ ڇڙواڳ شخصيت جا مالڪ هجڻ جي ڪري هر قسم جي معاشرتي وهنوار کي بي رُخي ۽ بي تُڪي انداز ۾ قبول ڪندا آهن، جنهن جي ڪري سندن عمل يا اظهار مان منفي لاڙا بَکندا آهن. منفي لاڙا رکندڙ ماڻهو پاڻ ته پنهنجي رويي جو کاڄ بڻبا ئي آهن پر پنهنجي آسپاس ۽ پنهنجي ئي رشتن تي بدبختيءَ جا اثر ڇڏيندا آهن. جيئن برطانوي مفڪر برٽرينڊ رسل (Bertrand Russell) چيو ته ”ناخوش رهڻ جي سببن ۾ سڀني کان وڌيڪ سگهارو سبب ساڙُ ڪرڻ آهي. ساڙُ ڪندڙ شخص کي پاڻ کي ته خوشي نصيب ڪانه ٿئي ٿي پر هو ٻين کي به بدبختي ۽ پريشانيءَ ۾ ڏسڻ جو آسوند هوندو آهي.“
چوڏهن سؤ سال اڳ حضرت علي ڪرم االله وجه حسد يعني ساڙ ڪرڻ جي نتيجي ۾ جسم کي ٿيندڙ سائنسي نقصان جو ڇيد ڪندي چيو آهي ته”العجب لغفلة الحساد عن سلامةالاجساد“ يعني تعجب آهي ته حاسد پنهنجي جسم جي سلامتي کان ڇو غافل آهن؟ حضرت علي ڪرم االله وجه جو مطلب آهي ته ساڙوڪ ڀلا ڇو نه ٿو سمجھي ته سندس ڪيفيت جو پنهنجي جسم کي ڪيڏو نقصان پهچندو آهي.
لغت ۾ لفظ مدي يا مندي هڪٻئي مان نڪتل ڄاڻايا ويا آهن ۽ معنا جي لحاظ کان به ڪو فرق ڪونهي. مدي يا مندي جي معنا؛ برائي، بڇڙائي، خرابي، بدي، مَندائي، مَٺائي، ويرُ، ڊوهه، ڪُپت وغيره آهي. لطيف سائينءَ جي رسالي ۾ ”مندي“ يا ”مندو“ سر سريراڳ ۽ بلاول وغيره ۾ استعمال ٿيل آهن.
هندي ٻوليءَ ۾ مَندي لفظ جي معنا واپاري گھاٽو آهي. بازار ۾ جڏهن شين جي خريداري ۽ وڪرو نه ٿئي ته ان کي بازار ۾ مندي چئبو آهي. هتي به مدي لفظُ، مندي لفظ جي ٻٽي گھاٽي (Duel loss) واري معنا ۾ استعمال ٿيو آهي يعني پاڻ کي ۽ ٻئي کي هڪ ئي وقت نقصان ڏيڻ واري ڪيفيت جي معنا ۾ آهي. ڇو ته حسد يا ساڙُ ڪندڙ ماڻهو ساڙ ڪرڻ واري ڪيفيت جي ڪري پاڻ ذهني ۽ جسماني طرح گھاٽي ۾ رهندو آهي ۽ ان ئي مزاج جي ڪري ٻين کي به نقصان ڏيندو آهي.
ساڙُ يا حسد، سائنسي نقطي نگاهه کان هڪ اهڙو منفي ”جذبو“ آهي جيڪو پنهنجي ڪوتاهين ۽ ناڪامين جي ڀيٽ ۾ ٻئي شخص جي صلاحيتن، قابليتن ۽ ڪاميابين جي ڪري پيدا ٿيندو آهي.
تازي تحقيقن مان پتو پيو آهي ته ساڙ يا حسد جي ڪيفيت اصل ۾ اسان جي دماغ جي cognitive function يعني دماغ جي ان ڪارڪردگيءَ کي تبديل ڪري ٿي جنهن ۾ ذهني عمل يا صلاحيت، خواهش، جذبات ۽ ارادي کان هٽي ڪري ڄاڻڻ پُرجھڻ ۽ سوچڻ سمجھڻ جو عمل مختلف ٿيندو آهي. اهڙي نموني ذهن جي اورچائي (Mental Persistence) ۽ حافظي کي وڏو ڌچڪو لڳندو آهي. ان ڪري لطيف سائين چوي ٿو ته ”الا! کر جيئن، مندي جن جي من ۾“ مطلب ته کريل يعني غيرمنظم يا ڇڙواڳ ذهن جا ماڻهو، جن جي من ۾ گھاٽو يا مندائي آهي، اهي ڀلي هجن ڇو ته جيترو هو گھڻي وقت تائين ساڙ جي حالت ۾ رهندا، اوترو پنهنجي جسماني ڊول ۾ ڀُرندا ويندا ۽ دماغي طور ڊهندا رهندا، ڇو ته انهن کي خوف هوندو آهي ته متان سلڇڻن انسانن جون محبت کي سگھاري ڪرڻ جون اميدون پوريون ٿين ۽ اهي خوشحال ٿين! محبت، ايڪي جو بڻيادي جز ۽ خوشحاليءَ جو وڏي ۾ وڏو اهڃاڻ آهي. ساڙوڪَ يا حاسدَ، سلڇڻن انسانن جي گڏجڻ کان خوفزده هوندا آهن، شايد هنن کي خبر هوندي آهي ته ايڪو يعني ٻڌي خدائي طاقت جو سرچشمو آهي ۽ دنيا جي ڪابه طاقت اڃا تائين ان ايڪي جو مقابلو نه ڪري سگھي آهي ۽ جهڙي نموني لوهه جي ٽڪري تي مقناطيس هڻڻ سان ان ۾ مقناطيسي طاقت يعني ڪشش پيدا ٿيندي آهي، ان جو سبب اهو هوندو آهي ته لوهه جي ٽڪري ۾ ماليڪيول وکريل هوندا آهن ۽ مقناطيس جي رڳڙائيءَ سان ان لوهه جا ماليڪيول هڪ رخ ۾ اچي ويندا آهن. جنهن جي ڪري لوهه ۾ خود مقناطيسيت پيدا ٿي ويندي آهي تهڙي نموني محبتي انسانن جو ميلاپ وکريل ماحول ۾ عوامي جاڳرتا جو مکيه ڪارڻ بڻجي ويندو آهي.