لطيفيات

اک اُلٽِي ڌارِ

هي ڪتاب عالمي ڏاهن جي فڪر جي روشني ۾ شاهه لطيف جي بيتن جي سمجهاڻي تي مشتمل تحقيق جو مجموعو آهي، جنهن جو محقق محمد اسلم ڀٽو آهي.
شاهه عبداللطيف ڀٽائي اسان جي وجداني جذبن جو ٻارڻ ڪيئن ۽ ڇو آهي ۽ ڇا لطيف سائينءَ جي تعليم واقعي اسان کي زندگيءَ جا حقيقي زاويا پسائي سگهي ٿي؟ انهن ئي سوالن جو جواب لطيف سائين جي ڏنل بيتن جي تشريح ۾ موجود آهي ۽ لطيف سائين جي بيتن جي شرح يعني سمجھاڻي سائنس ۽ دنيا جي مفڪرن ۽ فلاسافرن جي خيالن جي جوڙ سان ڪئي وئي آهي .
Title Cover of book اک اُلٽِي ڌارِ

مهاڳ

معاشرن يا قومن يا تهذيبن جا ڪي خاص وَڙَ (Proprieties) يا ثقافتي قدر (Values Cultural) ٿيندا آهن جيڪي انهن معاشرن يا قومن ۾ مصيبتن يا آفتن مان نڪرڻ جي نفسياتي قوت پيدا ڪرڻ جو سبب هوندا آهن. قدرتي آفتن، خارجي اُرهه زوراين ۽ سماجي ناانصافين جي ڪري هر سطح جي معاشرتي واڌ ويجھه جمود جو شڪار ٿي ويندي آهي، نتيجي ۾ قومن ۾ زواليت جا آثار نمايان نظر ايندا آهن. اهڙين حالتن مان نڪرڻ لاءِ خاص قسم جي گڏيل ردعمل جي ضرورت هوندي آهي ۽ ان گڏيل ردعمل جو جوهر ”ثقافتي قدر“ هوندا آهن. ثقافتي قدر اهڙا گڏيل وجداني قاعدا قانون آهن، جن ۾ احساس ۽ جذبا لاشعوري پابندي جا محتاج هوندا آهن. معاشرو ڪيڏي به معاشي يا سماجي پستيءَ جو شڪار ٿي وڃي، پر جيڪڏهن اجتماعي قدرن جو ورثو زندهه آهي ته اهو معاشرو هڪڙي ڏينهن غير معمولي سطح تي ضرور اُڀري ايندو آهي.
مثال طور، عرب قوم جيڪا پنهنجي خاص وحشي پڻي وارين عادتن سان سڃاتي ويندي هئي. مختلف قبيلن ۾ رهڻ وارا ۽ ٻين قبيلن جي مٿان پنهنجي قبيلي جو دٻدٻو ۽ مرتبو قائم رکڻ لاءِ جنگيون ڪرڻ ۽ انتقام پاڙڻ هنن جو شيوو هوندو هو. پر ان جي باوجود ڪي قدر هئا جن عربن کي رسول سائين جي سرواڻيءَ ۾ ڪنهن حد تائين علم ۽ اقتدار ۾ دنيا جي ڳپل حصي جو امام بڻايو. قبائلي سرشتي ۾ ٻَڌل، وکريل ۽ ورهايل سوچ وارو معاشرو آخر ڪيئن ٿو ايڏو مرتبو ماڻي سگھي! ان جو سبب سڀني جو هڪ خاص ثقافتي قدر يعني ضابطي جي پاسداري هو ۽ اهو ضابطو (اسلام کان اڳ) عربن پنهنجي اجتماعي مذهبي رسم (حج ۽ عمري) ادا ڪرڻ لاءِ پاڻ تي لاڳو ڪري ڇڏيو هو. ٽي مهينا ذوالقعد، ذوالحج ۽ محرم مهينو حج ادا ڪرڻ لاءِ مقرر هئا ۽ چوٿون مهينو رجب عمري جي لاءِ مقرر هو. عربن جون ڊگھيون قبائلي جنگيون ٿينديون هيون، پر جيئن ئي انهن مهينن جي آمد ٿيندي هئي ته جنگ بند ڪري قبيلن جا سرواڻ پنهنجي جڳهن تي ڳاڙها جھنڊا لڳائي ڇڏيندا هئا، جنهن جو مطلب هو ته جنگ روڪي وئي آهي پر ختم ناهي ڪئي وئي. وڏي ڳالهه ته فورو يا ڌاڙيل به انهن مهينن ۾ ڏوهه نه ڪندا هئا پر جيڪڏهن ڪو ڪندو هو ته سمورا قبيلا ان جا دشمن ٿي ويندا هئا. مثال طور غفاري قبيلو سرڪش قبيلو هيو ۽ ان قبيلي جا ماڻهو ذڪر ڪيل چئن مهينن جو لحاظ نه ڪندا هئا ۽ حج تي ويندڙ قافلن کان فرلٽ ڪندا هئا. عربن جا سمورا قبيلا غفاري قبيلي جي ماڻهن کان سخت نفرت ڪندا هئا ۽ اگر کين ڪو غفاري قبيلي جو ماڻهو هٿ اچي ويندو هين ته ان کي ماري ڇڏيندا هئا. اصل ڳالهه ته معاشرتي طور وکريل هئا ۽ معاشي طور به ڪنگلا هئا ۽ اخلاقي طور به گھڻو سڌريل نه هئا پر ان جي باوجود سندن وجود ۾ ضابطي جي سگهه موجود هئي. مذهبي رسم ئي سهي پر هنن جي اجتماعي مڃتا جو مقام ته هو، ان ڪري ان کي سانڍڻ ۽ زندهه رکڻ لاءِ هنن ۾ قوت موجود رهي.
اهڙي نموني ٻي جنگ عظيم ۾ جاپان جي صنعتي شهرن ناگاساڪي ۽ هيرو شيما تي جڏهن آمريڪا ائٽم بم وسايا ته جاپان جي چيلهه ڀڄي پئي. اتحادين جاپان جي شهنشاهه کي سندس ملڪ ۾ اتحادي فوج جي گھڙڻ لاءِ رستو صاف ڪري ڏيڻ جي ڌمڪي ڏني. باشاهه اتحادين جي سامهون ٻه شرط رکيا ۽ پوءِ اتحادين جي فوج کي پنهنجي ملڪ ۾ گھڙڻ ڏنو. باشاهه جا ٻه شرط هي هئا ته سندس ملڪ جي تعليمي نظام کي نه ڇيڙيو ويندو. ٻيو ته جاپاني ثقافت کي ڪنهن به قسم جو ڇيهو رسايو نه ويندو. باشاهه اتحادين کان انهن ٻن شرطن جي ضمانت ورتي ۽ پوءِ ملڪ قابضن جي حوالي ڪيو. باشاهه ڄاتو پي ته سندس ملڪ معاشي ۽ سياسي طور تي ڊهي پيو ۽ دشمن فوجن جي قيد ۾ اچي ويو . باشاهه اهو به ڄاتو پئي ته دشمن اتحادي سندس ملڪ مان جيترو به مال دولت کڻڻ چاهيندا، اهو سڀ کڻي ويندا، پر ان جي باوجود باشاهه ملڪ جي مادي وسيلن جي لُٽجي وڃڻ عيوض جيڪو سودو ڪيو اهو حقيقت ۾ قومن يا معاشرن لاءِ تهذيبي جياپي جو بڻياد هو. ثقافتي قدرن جي يڪتائي ۽ مضبوط تعليمي سرشتو شاندار تهذيب جي اُسرڻ جا اهڃاڻ آهن. تهذيب جي بقا جو بڻياد معاشي آسودگي يا وسيلن جي گھڻائي يا نسلي هڏڪاٺ تي نه آهي، پر تهذيب جي بقا جو اهڃاڻ ئي اهي ثقافتي قدر آهن جن ۾ معاشري جا فرد احساساتي طور تي پاڻ ۾ ڳنڍيل رهن ٿا، ان ڳانڍاپي مان ئي هڪ نفسيات اُسري ٿي جيڪا هڪٻئي کي جيارڻ ۽ سانڍڻ لاءِ شعوري ۽ لاشعوري طور اتساهيندي رهندي آهي. اهڙي اتساهه جي حالت کي برقرار رکڻ لاءِ پنهنجي ذات ۾ اخلاقي وجدان جو زندهه هجڻ تمام ضروري آهي. اها ڳالهه ذهن ۾ رکڻ گھرجي ته ”ڪنهن به قوم جي قومي سوچ جو محور ڪا هستي، ڪو ماڳ، ڪو دستاويز ضرور هوندو آهي، جيڪو ان قوم جي اخلاقي وجدان جي اُڀار جو لازمي ڪارڻ هوندو آهي“. ان ڪري ان ”ڪارڻ “ کي جيڪڏهن پنهنجي سوچ جي محور کان پري ڪبو ته پوءِ ممڪن ئي نه ٿيندو ته اخلاقي وجدان پرورش وٺي سگھي!
سنڌ جي ماڻهن جي قومي سوچ جو محور جيڪڏهن ڪا هستي آهي ته اها شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي ئي هستي آهي، جيڪا اسان جي قومي هڏڪاٺ ۽ اخلاقي وجدان جي پرورش جو حيلو وسيلو هجڻ جا اهڃاڻ رکي ٿي.
مشهور انگريز شاعر پرسي بشي شيلي (Percy Bysshe Shelley) چيو (Poets are the Unacknowledged legisletors of the World) ”شاعر دنيا جا اڻ ليکا قانون ساز آهن“. لطيف سائينءَ پنهنجي فڪر ۾ فرد، معاشري، وطن ۽ عالمگيريت جي درجن جي مرحليوار قانون سازي ڪئي آهي. ان قانون سازيءَ ۾ فرد جي ڇڙواڳي کي سندس قدرت جي ڀڃڪڙي قرار ڏئي ٿو. ان ڪري با مقصد يڪسوئي پيدا ڪرڻ لاءِ فرد کي اخلاقي قدرن ۽ سماجي ذميوارين جو پابند بڻائي ٿو. معاشري کي تهذيبي نقش قائم ڪرڻ لاءِ پابند ڪري ٿو . وطنيت کي قدرتي انگ سمجهي ٿو ۽ گڏيل ثقافتي نفسيات رکندڙن لاءِ ٿانيڪي ٿيڻ جو جواز قرار ڏئي ٿو . ان کانسواءِ عالمگيريت کي احساسن ۽ سوچن جو فطري جوڙ سمجھي ٿو.
دنيا جي فلاسافرن، سائنسدانن ۽ دانشورن جي فڪري اپٽار سان گڏ لطيف سائين کي انڪري رکيو ويو آهي ته جيئن اسان کي سمجھه ۾ اچي ته لطيف سائينءَ جو فڪر ڪيڏو ڪشادو ۽ جدت پسند آهي. ذڪر ڪيل دنيا جي ڏاهن کي پنهنجا معاشرا يا قومون اثاثو سمجھن ٿيون، ڇو ته انهن، ڏاهن جي گس تي هلي دنيا ۾ مقام ماڻيو. ان ڪري هو پنهنجي ڏاهن کي هستي جي درجي تي سمجھن ٿيون. اسان لطيف سائين کي سندس فڪر جي روشنيءَ جي بجاءِ پنهنجي روين جي تناظر ۾ پرکيون ٿا، ان ڪري اسان لطيف سائينءَ جي فڪر مان رومانوي تسڪين ته حاصل ڪئي آهي پر عملي وجدان کان قاصر رهيا آهيون. تهذيبن جو بڻياد قومن جي وجداني سوچن ۽ عملن جو نتيجو هوندو آهي.
1954ع ۾، دنيا جي ايڪويهن تهذيبن جي سائنسي ڇنڊڇاڻ ڪرڻ کان پوءِ انهن جي ڪمال ۽ زوال جي سببن تي ٻارهن جلدن تي تيار ٿيل ڪتاب ”تاريخ جو مطالعو “ A Study of History جي جڳ مشهور مورخ آرنلڊ جي ٽائن بي (Arnold J toyn Bee) جو چوڻ آهي؛
“The rise of civilization was not the result of such factors as superior racial qualities or geographical environment but rather as people`s response to a challenge in a situation of special difficulty that rouses them to make an unprecedented effort. Difficult rather than easy conditions promoted people to cultural achievement.” ”ڪنهن به تهذيب جي اڀرڻ جو دارومدار ڪن نسلي معتبر خاصيتن سان نه آهي ۽ نه ئي بهترين جاگرافيائي حالتن جي هجڻ سان آهي پر ماڻهن جي اها ”صلاحيت“ جيڪا کين مصيبتن ۽ آفتن سان منهن ڏيڻ لاءِ اڻ ٿڪ جدوجهد ڪرڻ تي ڀڙڪائيندي رهي. تهذيب جو بڻياد وجھندڙ ڪاميابيون آسانين جي مقابلي ۾ ڏکين حالتن ۾ حاصل ٿينديون آهن.“ ان جو مطلب ته مشڪل حالتون ئي قومن کي تهذيبي ڪاميابي ماڻڻ جي قابل ڪن ٿيون ۽ دنيا ۾ اهي قومون سُرخرو ٿين ٿيون جن مشڪلاتن کي غير معمولي جدوجهد سان ٽاري ڇڏيو. ٽائن بي صاحب جو وڌيڪ چوڻ آهي ته تهذيب جي اها خاصيت هوندي آهي ته اها هميشه ڪا نه ڪا تخليقي اقليت Creative minority (اهڙا ماڻهو جيڪي معاشري ۾ تبديلي پيدا ڪرڻ جي سگھه يا صلاحيت يا حيثيت رکندا هجن) پيدا ڪندي آهي جيڪا در اصل پستيءَ ۾ پيل ماڻهن کي بيدار ڪرڻ لاءِ جدت يا نواڻ جي گس تي آڻي مصيبتن کي منهن ڏيڻ جو ڏانءُ (Mechanism of Response for Challenge) ڏيندي آهي. ٽائن چوي ٿو ته ڪا به تهذيب تڏهن تباهه ٿيڻ شروع ٿيندي آهي جڏهن ان تهذيب جي تخليقي اقليت پنهنجي اڳواڻيءَ وارو ڪردار ادا نه ڪندي آهي ۽ ان جي سزا يا ڪيتو (Nemesis of creative) اُبتڙ ڪردار يعني سخت گير ۽ تشدد پسند غلبو رکندڙ اقليت (Dominant Minority) جي شڪل ۾ ڏيندي آهي، جيڪا بگاڙ، فتني ۽ فساد جو لباس اوڍي تهذيب جي تباهيءَ جو سبب بڻبي آهي. ٽائن بي چوي ٿو ته مشڪل حالتن ۾ گھريل قوم اگر رد عمل جي نفسيات ۾ ٻڏل هوندي ته اها حالتن کان رڳو فرياد ۽ احتجاج ئي ڪندي رهندي آهي.
ٽائن بي جي خيال جي تناظر ۾ تهذيب جي بقا جي اهڃاڻن ۾ هڪ ته معاشري جي اها صلاحيت آهي جيڪا مصيبت کي ٽارڻ جي قوت رکي ٻيو ته آسانين جي مقابلي ۾ تڪليفن برداشت ڪرڻ جي صلاحيت هجي ۽ ٽيون ۽ اهم معاشري جي اها صلاحيت جيڪا تخليقي اقليت پيدا ڪري.
ذڪر ڪيل ٽنهي تهذيبي اهڃاڻن جي تناظر ۾ پنهنجي معاشري جو جائزو وٺڻ سان خبر پوي ٿي ته مصيبتن يا آفتن کي منهن ڏيڻ جي صلاحيت جو ڍنگ موجود نه آهي جنهن جي ڪري هر ايندڙ ڏينهن ڪارو ڏيهن نظر اچي ٿو. ان جو سبب معاشري جي اها تخليقي اقليت آهي جيڪا قوم کي سجاڳ ڪرڻ سان گڏ ڏانءُ ڏيندي آهي. چاليهن سالن کان وٺي سنڌ جا خير خواه سياستدان، لکاري ۽ وطن پرست سنڌ جي غريب اڪثريت تي فٽڪار ڪندا آيا آهن ۽ سنڌ جي سجاڳيءَ ۾ غريب اڪثريت کي رڪاوٽ طور محسوس ڪيو ويو آهي.
اسان جي معاشري جي وڏي اڪثريت يعني هاري مزدور آسانين جي مقابلي ۾ ڏکين حالتن سان منهن ڏئي رهيا آهن. ڇا ڪو سوچي سگھي ٿو ته حالتن جي پيڙائن مان گذرندڙ نٻل ۽ بي وس اسان جي اڪثريت تهذيب جي بقا جو سبب ٿي سگھي ٿي؟ جواب آهي بلڪل اها ئي بي بس ۽ حالتن جي ماريل اڪثريت تهذيب جي بقا جو سبب آهي، ڇو ته ان اڪثريت ۾ ئي آسانين جي مقابلي ۾ ڏکين حالتن مان گذرڻ جي صلاحيت موجود آهي جيڪا تهذيب جي بقا جو هڪ اهڃاڻ آهي.
قوم جي قومي سڃاڻپ ۽ معاشري جي مربوط اڏاوت برقرار رکڻ لاءِ سماجي قاعدن ۽ ضابطن، اخلاقي قدرن ۽ رسمن جي پوئيواري ڪرڻ لازمي هوندو آهي، اهڙي نموني انهن قدرن يا ضابطن يا روايتن جي پاسداري ۽ نگھباني جو ڪم، تهذيبن جي پارکو ٽائن بي صاحب مطابق تخليقي اقليت ڪندي آهي. جيئن مٿي ذڪر ڪيو ويو آهي ته تخليقي اقليت ڪنهن به قوم يامعاشري جو اهو سگھه ۽ صلاحيت رکڻ وارو تعداد آهي جيڪو تهذيبي قدرن جي دفاع جي قوت ۽ اختيار رکندو آهي. اهڙي نموني ان تخليقي اقليت ۾ دانشور، سياستدان، لکاري، صحافي، ڪامورا، واپاري، وڪيل، استاد ڊاڪٽر، فنڪار، شاعر، سگھڙ، عالم، چڱا مڙس وغيره اچي وڃن ٿا. هاڻي سوال جيڪو تقريبن هڪ نه ٻئي جي وات مان نڪري ٿو ته ڇا سنڌ جو معاشرو پنهنجي تهذيبي قدرن تي بيٺل آهي؟ سوال پوري ٿيڻ سان ئي گڏيل جواب انڪار ۾ ملي ٿو. ڀلا بيٺل نه آهي ته ڇو ؟ ڇاڪاڻ ته اسان جي معاشري جي تخليقي اقليت جو ڪردار کوکلو ۽ ڀُلائتو (Erring)آهي. تخليقي اقليت جي اهڙي ئي بيهوده ڪردار تي لطيف سائين دانهَين ٿو؛
1، جُه سي لوڙائو ٿيا، جنهينءَ ڀر رهن
مارو منجھه ٿرن، رهي رهندا ڪيترو.
2، جُه سي لوڙائو ٿيا، جنهينءَ سندي ڌير
ماروئڙا فقير، ڪنهن در ڏيندا دانهڙي.
مطلب ته قوم جي اڪثريت جنهن ”سگهاري تخليقي اقليت“ جي آسري جيئندي هجي، اگر اها ئي تخليقي اقليت فرلٽ، ڏاڍ، بدمعاشي، چوري، ڪوڙ، ڌوکي، ٺڳي ۽ بي حيائي جهڙا ڪُڌا ڪرتوت ڪري ته پوءِ ان قوم جي اڪثريت ڪيڏانهن ويندي؟ ۽ ڪير سندن داد فرياد ٻڌندو؟ ظاهر آهي ته اها قوم نڌڻڪي ۽ لاچار ٿي ويندي!
تخليقي اقليت جي مردار ڪردار جي ئي تناظر ۾ مظلومن جي سرواڻ امام حسين ابن علي ڪرم االله وجه جن چيو ته ”دنيا بدترين ٿيندي ويندي، برن ماڻهن جي برائي جي ڪري نه پر سٺن انسانن جي خاموشيءَ جي ڪري“. اهڙي نموني پنهنجي دور جي ذهين انسان البرٽ آئن اسٽائن به تخليقي اقليت جي صحت مند ڪردار کان منهن موڙڻ جي نتيجي جي ڳالهه ڪئي.
Albert Einstein once said: "The world is a dangerous place to live; not because of the people who are evil, but because of the people who don't do anything about it.” ”خبيث انسانن جي خباثت جي ڪري دنيا ۾ زندگي گذارڻ ڏچو ناهي پر انهن (لائق) ماڻهن جي ڪري جيڪي ان (خباثت جي خاتمي) جي لاءِ ڪجھه به نه ٿا ڪن.“
اسان جي هن موجوده دور ۾ اسان جي تخليقي اقليت جو گھڻو تڻو تعداد رڳو خاموش نه آهي پر انهن شيطاني قوتن سان ٻِٽُ آهي جيڪي اڪثريت جي تهذيبي اهڃاڻن ميسارڻ جو سبب آهن.
لطيف سائين جو فڪر تخليقي اقليت پيدا ڪرڻ جو وجداني اهڃاڻ آهي. هي اهڃاڻ عقيدت يا جذباتي وابستگيءَ وارن لاڙن جو غلام نه آهي پر فلسفيانا مشاهدن ۽ سائنسي نتيجن جي ٺوس بنيادن سان سلهاڙيل آهي. لطيف سائينءَ جي ڳالهه هڪ عام شاعر يا صوفي يا درويش جي ڳالهه نه آهي پر هي هڪ فلسفي رهبر جي ڳالهه آهي جنهنجو فڪر اسان کان وسيع علم حاصل ڪرڻ جي تقاضا ڪري ٿو. لطيف سائين پنهنجي دور جي ”تهذيبي تخليقي اقليت جي وجداني ذميواريءَ “ ۾ اڪيلو نظر اچي ٿو. حالتن جي سنگينيءَ جو ڪنهن وٽ ادراڪ نظر نه ٿو اچي. سائنسي نقطي نگاهه کان تهذيب جي بقا جو ٻوليءَ جي بقا سان سڌو تعلق آهي، جيڪڏهن ڪا قوم پنهنجي ٻولي بچائي نه ٿي سگھي ته ان جو مطلب اهو ٿيو ته اها قوم تهذيب قائم ڪرڻ جي سگھه کان محروم ٿي وئي، ڇو ته تهذيب کي قائم ڪرڻ لاءِ ادراڪ جي وجداني قوت (Power of Cognitive Ability ( جي ضرورت هوندي آهي جنهن جو بڻياد قوم جي ٻوليءَ تي هوندو آهي. لطيف سائينءَ جي دور جي تخليقي اقليت اهڙن ڪمن ۾ مصروف نظر اچي ٿي جيڪي ڪم ڪنهن به معاشري ۾ وقتي اڀار ته پيدا ڪري سگھن ٿا پر تهذيبي طور تي معاشري ۾ مستقل مقصد جي تعين جي سگھه نه ڏئي سگھندا آهن. تاريخي ۽ سائنسي ثابتين جي آڌار تي دعوا سان چئجي ٿو ته لطيف سائين پنهنجي دور جي تخليقي اقليت ۾ نج اڪيلو انسان آهي جنهن سنڌ جي تهذيب جي اصل اهڃاڻ يعني سنڌي ٻوليءَ جي بچاءَ ۽ بقا لاءِ نه صرف ڪم ڪيو پر سنڌ جي ثقافتي اوصافن کي پنهنجي فڪر جو بڻياد بڻائي دنيا جي آڏو اڇو اجرو ڪري آندو. لطيف سائينءَ جي دور جي تخليقي اقليت جا افعال سندس بيان مان ظاهر آهن؛ جيئن
1، اگھيو ڪائو ڪچ، ماڻڪن موٽ ٿي
پلئه پايو سچ، آڇيندي لڄ مران.
2 ، جي تون فارسي سکيو، گولو توءِ غلام
اڃيو تان آب گھري، بکيو تان طعام
جو ٻڌو ٻن ڳالهيين ، سو ڪيئن چائي ڄام
عامن سندو عام ، خاصن منجھان نه ٿئي.
3، معلم ميڙيو خبرون، اوريائين آڻين
تان ڪي سُڌ نه ڏين، جتي وَههُ ويڌ ڪري
4، حقيقت هن حال جي، ظاهر ڪريان ذري
لڳي ماٺ مرن کي، ڏونگر پون ڏري
وڃن وڻ ٻري، اوڀڙ اُڀري ڪين ڪي.
ماضيءَ ۾ تخليقي اقليت جا پنهنجي ٻولي ۽ پنهنجي مارن ۽ پنهنجي ثقافتي قدرن سان اجنبين جهڙا رويا رهيا آهن. وڏا وڏا عالم، عاقل، فاضل، آخوند، قاضي ۽ سرنديءَ وارا پنهنجي ٻوليءَ کي سطحي ٻولي سمجھندا هئا ۽ ڌارين فاتحن جي ٻولين عربي، فارسي کي پنهنجي بهترين آئيندي جو ڪارڻ سمجھندا هئا. اهڙي طرح سنڌي ٻولي صرف هڪ مقامي محاوري واري ٻولي(Vernacular) جو درجو رکندڙ مسڪين ڪلچر جي ٻولي هئي. اندازو ڪريو ته تخليقي اقليت جي اهڙي نفسيات جا اثر انگريز دور ۾ به نمايان نظر اچن ٿا. مانائتو ڀيرومل مهرچند آڏواڻي سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ ۾ لکي ٿو ته ” ڪئپٽن جارج اسٽئڪ پنهنجي ٺاهيل سنڌي گرامر جي منڍ ۾ چوي ٿو ته سندس وقت (1845کان1847) ۾ سنڌي ماڻهن جو چاهه عربي ۽ فارسي سان هو ۽ پنهنجي سنڌي ٻوليءَ لاءِ چوندا هئا ته اها مسخرن جي ٻولي آهي. جڏهن ته ڪئپٽن اسٽئڪ پاڻ پنهنجي سر سنڌي ٻوليءَ جي گھڻي واکاڻ ڪئي آهي.“
افسوس جي ڳالهه آهي ته ماضيءَ جي اهڙن روين جي نتيجي ۾ ملندڙ رسوائيءَ جي باوجود اڄ جي دور جي تخليقي اقليت اڳ وارن کان به اڳري آهي! ايئن ٿو لڳي ته رضاڪارانه طور تي پنهنجي ثقافت جو ٻيڙو ٻوڙي تهذيبي سفر جا رستا بند ڪيا ويا آهن. تاريخ ۾ سنڌي ٻوليءَ سان ايڏو وڏو حادثو نه ٿيو آهي جيڪو هن وقت ٿئي پيو، ڇو ته تاريخ ۾ بدمعاش فاتحن جي ذريعي سنڌي ٻوليءَ کي زيرِ ڪري پنهنجي ٻولين کي بلند ڪيو ويو هو، پر هن وقت سنڌ تي سنڌين جي حڪمراني آهي. تعليمي، ثقافتي ادارا سندن تابع آهن. سنڌي اخبارون آهن، سنڌي چئنل آهن پر ان جي باوجود غير محسوس طريقي سان ۽ پنهنجي ئي هٿان پنهنجي ٻوليءَ جو ٻيڙو غرق ٿئي پيو. شهرن کان وٺي ڳوٺن تائين پرائيويٽ اسڪولن جو ڄار وڇائبو ٿو وڃي ۽ ٻارن کي نصابي ڪورس تقريبن انگريزي ميڊيم ۾ پڙهايو وڃي ٿو. پنهنجي سنڌي ٻوليءَ کي سليس (آسان) سنڌي طور پڙهايو وڃي ٿو، جيئن ڪراچيءَ ۾ غير سنڌي آباديءَ جي ٻارن کي پڙهايو ويندو آهي. هن وقت جن ٻارن ميٽرڪ پرائيويٽ اسڪولن ۾ ڪئي آهي تن کي سنڌي اخبار به پڙهڻ نه ٿي اچي. ظاهر آهي ٻارن لاءِ جيڪڏهن پنهنجي ٻولي لازمي سبجيڪٽ نه آهي ته ٻار ڪيئن پنهنجي ٻولي پرائيندو؟
اهڙي نموني ايندڙ ويهن سالن ۾ سنڌي اخبارون ۽ ڪتاب نئين نسل لاءِ سمجھڻ ڏاڍو ڏکيو ڪم هوندو! سنڌي اليڪٽرانڪ ميڊيا اردو ميڊيم کي شامل ڪرڻ سان پنهنجي ڪاروباري ڪاميابي سمجھي ٿي. تقريبن لکيا پڙهيا ماڻهو، پر وڏي ڳالهه ته عاقل طور ليکجندڙ صاحب به پنهنجي ٻوليءَ کي ايندڙ سائنسي دور لاءِ ناڪافي چون ٿا، افسوس جي ڳالهه آهي ته هو ٻوليءَ جي سائنسي اهميت کان به وانجھيل آهن. نوڪري پيشه اڪثريت ۽ سکيو ٽُڪر کائڻ وارا پنهنجي ٻارن کي ترجيحي بنيادن تي انگريزي ميڊيم يا اردو ۾ پڙهائن ٿا ۽ پنهنجي ٻُوليءَ کي پنهنجي ٻارن جي آئيندي لاءِ ناڪافي سمجھن ٿا. وڏي ڳالهه ته گھرن ۾ ٻارن سان انگريزي يا اردو ۾ ڳالهه ٻولهه ڪئي وڃي ٿي ته جيئن سندن ٻارن ۾ عقلي اڏام پيدا ٿئي! هن قسم جي نفسيات مان اندازو ٿئي ٿو ته نوڪري پيشه ۽ سفيد پوش طبقو خود غرض ۽ لالچي آهي. خود غرض، اجتماعي سوچ کان محروم ۽ اخلاقي ضابطن کان عاري هوندو آهي، اهڙي نموني لالچي قدرتي طور تي قناعت واري حالت کان خوفزده هوندو آهي. ان ڪري پنهنجي ٻارن جي خوشحال آئيندي ۾ سندن لڪيل خواهشون؛ دولت جي رواني، مرتبي جي بک، شين جو ذخيرو ۽ آسائش ۽ عياش (نڪمي) زندگي گذارڻ جي آرزو هوندي آهي.
سرڪاري اسڪول جيڪي سنڌي ميڊيم تعليم جو مرڪز آهن، تن کي هڪ ڳوڙهي سازش جي ذريعي تعليمي سڌارن جي آڙ ۾ برباد ڪيو وڃي ٿو. پوري سنڌ جي استادن ۾ اذيت ناڪ روين ۽ پاليسين جي نتيجي ۾ نفسياتي بيچيني پيدا ڪئي وئي. اربن روپين جي ڪرپشن جا گناهه لڪائڻ لاءِ لکين استادن جي اهليت ۽ عزت نفس تي حملو ڪيو ويو. ساڃاهه وندن جي اکين ۾ موريسر پيل آهن.
ريڊيو ٽي وي جي مشهور شخصيت مرحوم اشفاق احمد صاحب ڪتاب زاويه ۾ لکيو آهي ته هن جو اٽلي ملڪ جي شهر روم ۾ ٽريفڪ چالان ٿيو. مصروفيت جي ڪري وقت تي ڏنڊ (Fine)ادا نه ڪري سگھيو، ان ڪري ڪورٽ وڃڻو پيس. جج جي سامهون پيش ٿيو ، جج دير ڪرڻ جو سبب پڇيو. هن جواب ڏنو ته پروفيسر آهيان، ايترو ته مصروف هيس جو وقت تي چالان ڀري نه سگھيس. هن چيو ته مان اڃا ڳالهه پوري ئي نه ڪئي ته جج صاحب دانهن ڪئي
“A TEACHER IS IN MY COURT!”
سڀ ماڻهو اٿي بيٺا ۽ مونکان معافي گُھري ڪري چالان رد ڪيو. اشفاق احمد صاحب لکي ٿو ته ان ڏيهن کان مان ان قوم جي ترقيءَ جو راز ڄاڻي ورتو.
اسان جي هن سوسائٽيءَ ۾ هڪ ڪامورو استاد کي ديوار سان منهن لڳائي بيهارڻ جي سزا ان ڪري ڏئي ٿو ته استاد پنهنجي درد جو داستان ٻڌائڻ جي جرئت ڪري ٿو. اسڪولن جون اجڙيل عمارتون، فرنيچر ڪونه، ڪا به بنيادي سهوليت مثلن پاڻي، ڪاڪوس، بجلي پکا لڀن ئي ڪونه، ۽ نه ئي حفاظتي چوديواري. اهڙين حالتن ۾ ٻارن جي نفسيات ڪهڙي ٺهندي؟ آهي ڪو انسان جنهن جي ماءُ جي ٿڃ ۾ هن ڌرتيءَ جو جوهر شامل هجي؟ ۽ حق سچ چوي! هڪ ڪلارڪ کان وٺي ايس ڊي او، ڊي او، ڊاريڪٽر، سيڪشن آفيسر ۽ ڊپٽي وغيره تائين سمورو ڊانچو مها ڪرپٽ آهي، استاد ان ڍانچي جو کاڄ بڻجن ٿا. ڇا دٻدٻي ۽ ڏاڍ سان ڪڏهن به سکڻ ۽ سيکارڻ وارو عمل بهتر ٿيو آهي؟
ٽائن بي صاحب جو اهو به چوڻ آهي ته
“Civilization dies from suicide, not by murder.”
تهذيب کي ڪو ماري نٿو سگھي جيستائين اها پاڻ مرڻ تي راضي ٿئي. مطلب ته پنهنجي تهذيب کي پاڻ ئي ماري يعني ميساري سگھجي ٿو، ٻيو ڪو ميساري نه ٿو سگھي.
اهڙي نموني اسان جي تخليقي اقليت جا تقريبن عمل اسان جي تهذيب کي خودڪشي ڪرڻ تي بيهارن ٿا. سگھه رکندڙَ ماڻهو ردعمل جي نفسيات ۾ پنهنجي ڪاڻي ڪردار کي حالتن جو سبب اوڙهي آپيشاهيءَ ۾ غرق رهن ٿا. تخليقي اقليت جيڪا تهذيب جي اوسر جو سبب بڻجي ٿي، سا پنهنجو مثبت (Positive) ڪردار ادا نه ڪرڻ جي نتيجي ۾ ابتڙ يعني منفي (Negative) نفسيات جو ڪردار ادا ڪري رهي آهي. اهڙي قسم جي نفسيات ۾ لذت ۽ آسائش ايمان جو مرتبو رکن ٿيون، ان ڪري ان نفسيات جو پورائو ڪوڙ، ٺڳيءَ، ٻيائيءَ، دوکي، فرلٽ ۽ چوريءَ جي ذريعي ئي ممڪن ٿئي ٿو. اهڙي قسم جي ممڪنات لاءِ دٻدٻي، ڏاڍ، لُڙ بکيڙي، ٻهروپيت ۽ فتني اختيار ڪرڻ جي ضرورت پوي ٿي، جنهن جي ڪري پورو معاشرو هڪ ڏهڪاءُ رکندڙ اقليت(Dominant Minorty) جو شڪار ٿئي ٿو جيڪا تهذيب جي تباهي جو سبب بڻجي ٿي.
بهرحال هر گذري ويندڙ دور ايندڙ دور جي لاءِ ڪو خاص نياپو يا ڪم (Assignment) ڇڏي ويندو آهي. اسانکي اسان جو دور ٻڌائي ٿو ته تخليقي اقليت جي ٻهروپي ۽ سرڪش ڪردار اسان جي ثقافتي قدرن کي تمام وڏو ڇيهو رسايو آهي. ان جي ڪري هر سطح جا معاشرتي ادارا ڊاهه ڊوهه جو شڪار آهن. اسان جي لاءِ ضروري آهي ته اسان هر معاملي ۽ هر مسئلي جو سائنسي ڇيد ڪريون ۽ ان جو حل ڪڍون. ايئن سوچڻ نه گھرجي ته مسئلا اسان جي صلاحيتن کان وڌيڪ وزن رکندڙ آهن. ان سائنسي حقيقت کي نظر ۾ رکڻ گھرجي ته ”گذري ويندڙ پيڙهيءَ کان ايندڙ پيڙهي وڌيڪ ذهين هوندي آهي.“
تهذيبي قدر، تهذيب جو بڻياد هوندا آهن ۽ انهن ئي تهذيبي قدرن جي جوهر ۾ وجداني قوت هوندي آهي، جيڪا هنگامي حالتن کي منهن ڏيڻ جي شڪتي پيدا ڪندي آهي.
اسان جي سنڌ جي معاشري جا بي مثال (Unprecedented) ثقافتي قدر آهن جيڪي اسان جي تهذيبي عظمت ((Dignity جا اهڃاڻ آهن. اهڙي نموني انهن ئي قدرن جي آبياريءَ سان اسان پنهنجي تهذيبي ڏانءَ ((Civilizing Mechanism کي قائم ۽ دائم رکي سگھون ٿا. تهذيبي ڏانءَ کي طاقتور ((Energetic بڻائيندڙ گڏيل وجداني انگُ ”پنهنجي ٻولي“ آهي. ٻوليءَ کي اظهار جي سگھه چوڻ ٻئي درجي جي ڳالهه آهي ٻوليءَ جو اصل ڪمال وجداني احساسن ۽ ڪيفيتن جي صنعتڪاري ڪرڻ آهي ۽ اهي ئي احساس ۽ ڪيفيتون پوين پِيڙهيُنِ جي لازمي ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ پڪا (Permanent) نقش هوندا آهن. اسان جي قدرن ۾ مهمان نوازي، سامَ جهلڻ، ڳڻ ڪرڻ، ڪچهري، انڪساري وغيره شامل آهن.
مهمان نوازي جي جوهر ۾ خوشحالي جو عنصر نمايان آهي. خوشحالي رڳو معاشي آسودگيءَ جو نالو نه آهي پر اها اصل ۾ ذهني آسودگي آهي. خالص معاشي آسودگيءَ ۾ استحصال ۽ آپيشاهي جنم وٺندا آهن، ٻين جي ڳَڻ ڪرڻ جو احساس ئي نه اُڀرندو آهي. سنڌ جي مهمان نوازيءَ جي تاريخ ۾ معاشي آسودگي پوري پني، پر ذهني آسودگيءَ جو وڏو ذخيرو ملي ٿو. حيرت جي ڳالهه آهي ته صدين جون صديون جبر ۽ غلاميءَ مان گذرڻ جي باوجود پنهنجي ان آفاقي ” گُڻَ “ کي قائم رکندو اچڻ ثقافتي اخلاق جي وڏي تنظيمي سوڀ آهي. تهذيب يافته يا تهذيب پذير معاشرا هڪٻئي جي ڳَڻَ ڪرڻ يا رکڻ واري صلاحيت تي تمام وڏو ڌيان ڌريندا آهن ۽ ان صلاحيت کي قائم ۽ دائم رکڻ لاءِ ان کي ”مها آدرشي رسم“ طور معاشري ۾ لاڳو ڪري ڇڏيندا آهن. لطيف سائين ان رسم جو آڌرڀاءُ ڪندي چوي ٿو ته
1 الا! جُنگَ جِيَن، اَجھي جنين گهاريان
شال م سُڪي ويئري، جئان پي پين
2 گند جنهين جي گوڏ ۾، پاٻوڙا پوشاڪ
انهن جي اوطاق، راجا ريجھي آئيو
3 هوندو هڏ مَ رک، لاءِ پياڪن پنهنجو
4 انهين جي اوطاق، وڃڻ واجب مون ٿيو
5 جين سي سنگهار، اجهي جنهين آهيان
ان کان پوءِ سام ڏيڻ وارو قدر جيڪو اسانکي رڳو دنيا جي مذهبن جي تاريخن ۾ نبين، ولين، صوفن فقيرن ۽ درويشن جو شيوو ملي ٿو، پر سنڌ جي ثقافت ۾ پورو معاشرو سام ڏيڻ جي قدر کي وجداني مرتبو ڏيندو آيو آهي. سام ڏيڻ جو مطلب جان جي پناهه ڏيڻ کانسواءِ روزي رزق جي سام، عزت نفس جي سام، حق سچ جي سام آهي. مثال طور ڪينجھر ڍنڍ جي مهاڻن کان مڇي مارڻ جي عيوض ڍل ورتي ويندي هئي، جيڪا ڄام تماچيءَ ختم ڪري کين ڍل جي مصيبت کان آجي ٿيڻ جي سام ڏني. جيئن لطيف سائين سر ڪاموڏ ۾ چوي ٿو ؛
پکا پکاريو ، ڄام تماچي آيو
گوندر لاهيو، گندريون! آتڻَ اجاريو
ڪينجھر قراريو، سمي سامَ بخشِيِ
مطلب ته پنهنجا نجھرا سهڻا ڪري اڏيو، ڄام تماچي آيو آهي. اي مهاڻيون! ڏک وساريو ۽ پنهنجا آتڻ اڇا اجرا ڪيو. ڪينجهر جا مهاڻا سرها ٿيا ڇو ته تماچي سمي سڀني کي (ڍل کان ) پناهه بخشي آهي.
جادم جکري جي سخاوت ۽ سورهيائيءَ کان لطيف سائين ڏاڍو متاثر آهي، هن جوان کي لطيف سائين ٻين جي مَٽ نه ٿو ڪري، جيئن سر بلاول ۾ چوي ٿو ته ”سما! تو سِرِڇٽُ، نات پاڳارا پُرس ٻيا“ يعني اي سما سردار ڇٽُ حقيقت ۾ تنهنجي ئي مٿي تي سونهي، جيتوڻيڪ پڳ پهريندڙ مرد ٻيا به گھڻا آهن. هن سورهيه جي شهادت سومرن جي ننگن کي سام ڏيڻ جي ڪري ٿي. جيئن سر بلاول ۾ ئي پاڻ چوي ٿو ته ”هو مَهانئين مير، پر مستوراتن ماريو“.
ڪچهري سنڌ جي ڪلچر ۾ معاشرتي سجاڳي (Social awareness)جو درجو رکي ٿي. رابطي، سوچ ويچار، خبر چار ۽ ڏات جي رسد جو آسان ۽ عام ذريعو ڪچهري رهي آهي. علم وارن جو خيال آهي معياري لڇڻَ رکندڙ معاشرو اهو آهي جنهن جو اجتماعي سڀاءُ (Disposition) فن جي طرف هجي. ڪچهري جي تاريخ اهڙي اجتماعي قومي سڀاءَ سان ڀريل آهي.
هن سموري بحث ڪرڻ جو مطلب هر ان شيءِ جي هيئت ۽ اهميت کي سمجھڻ آهي جنهن جي رشتي جي ڪيميا ۾ پنهنجو وجود سلهاڙيل آهي. اهڙي قسم جي سمجھه پيدا ڪرڻ لاءِ علم يعني پُرجھه حاصل ڪرڻ تمام ضروري آهي.
علم حاصل ڪرڻ لاءِ اهڙن ادارن جي ضرورت آهي جيڪي ادارا رڳو تعليمي سنَدَ حاصل ڪرڻ جا ذريعا نه هجن پر اسان جي وجدان کي زندهه ڪرڻ جا وسيلا هجن. اهڙن ادارن مان سنڌ جي ماڻهن لاءِ فوري ۽ ضروري ادارو شاهه عبداللطيف ڀٽائي آهي، جيڪو اسان جي اخلاقي وجداني جذبن جي پيدا ٿيڻ جو هن وقت پهريون ۽ لازمي ذريعو آهي.
شاهه عبداللطيف ڀٽائي اسان جي وجداني جذبن جو ٻارڻ ڪيئن ۽ ڇو آهي ۽ ڇا لطيف سائين جي تعليم واقعي اسان کي زندگيءَ جا حقيقي زاويا پسائي سگهي ٿي؟ انهن ئي سوالن جو جواب لطيف سائين جي ڏنل بيتن جي تشريح ۾ موجود آهي ۽ لطيف سائين جي بيتن جي شرح يعني سمجھاڻي سائنس ۽ دنيا جي مفڪرن ۽ فلاسافرن جي خيالن جي جوڙ سان ڪئي وئي آهي . لطيف سائين زمانن جو انسان آهي ۽ سندس ڪلام مختلف زمانن جي انسانن لاءِ اصلاحي ضرورت آهي. لطيف سائين جو ڪلام ڪن خاص فردن يا خاندانن يا طبقي يا خاص پيڙهيءَ لاءِ وقف ناهي ۽ نه ئي ڪن جي فِرقن، مسلڪن، گادين ۽ تعبيرن جي نمائندگي ڪري ٿو. لطيف سائين نِجُ نواڻ پرست ۽ انساني آدرشن، سماجي قدرن ۽ اخلاقي ڪردارن ۽ ذميوارين جو نمائندو آهي.