ٻه اکر
سچ پچ، پُڇو ته، اصل ڳالهه احساس جي آهي. مان جڏهن هن سماج جي پيڙائن ۾ پيسجندڙ مختلف ڪردارن جهڙوڪ ڪنواري کان پاڪ دامن، غريبن کان ماني، هاري، ناري ۽ پورهيت جي حقن جي حق تلافي، اوچ نيچ، گلا غيبت، ٺڳي بي ايماني ڏسندي ٻڌندي، لٽجندي ۽ ڦرجندي ڏسندو آهيان ته ڏٺي نه پڄندي اٿم. لوچيندو لڇندو آهيان، لوڙيندو آهيان، ساگر وانگر هوندي به نه هوندو آهيان. ڪڏهن آپي ۾، ڪڏهن آپي کان ٻاهر نڪري ويندو آهيان.
پوءِ ذهن جنهن ڳالهه جي اجازت ڏني، ائين ڪري وٺندو آهيان، ڪڏهن پرائي فلم پنهنجي ڳچي ۾ پئجي ويندي آهي ۽ ان فلم ۾ هيرو جي رول وانگر نڀائيندي ڪنهن به ڳالهه جو پڇتاءُ نه ٿيندو آهي، نه ڪنهن جي پرواهه ئي ٿيندي آهي، ڪڏهن ٻين جي ڏکن جا، داستان ٻڌندي روئي ڏيندو آهيان. ته ڪڏهن زماني جي بدنام ڪردارن جي گلي مان وٺي ٻه ٺونشا هڻي، فرحت پائيندو آهيان. جڏهن ٻين جي ڪوجهائپ، مجبوري ۽ بي قصوري تي کل ڇٽندي آهي ته پاڻ تي ٻيٽ مان تازا چها پٽي، پٺي تي، دل تي، ذهن تي، ضمير تي وسائيندو آهيان. ڪچيون گاريون ڏيندو آهيان ته
اُلا ڏاهي مَ ٿيان، ڏاهيون ڏک ڏسن.....!
ڪوشش ڪئي اٿم ته ڪهاڻي جو پلاٽ ۽ ذڪر ڪيل ڪردار Original کڻان (اها ٻي ڳالهه آهي ته نالن ۾ مڙئي لنوايو اٿم، ڪنهن حد تائين) ڪي پلاٽ سفر ۾ ته ڪن لاءِ وئشا، رنڊي، طوائف، بازار حُسن، موالي، شرابي، مئه خاني سان گڏ هن ڌرتي جي هزارين ڪردارن جي تهه تائين پهچي، اصلي ڊائلاگن ۾ آڻي، انهن سان انصاف ڪرڻ لاءِ ڀوڳڻو پيو، ته به پرواهه ناهي ڪئي. پنهنجي، دل جي غريب خانن کي، سخاوت لاءِ آماده ڪندو آهيان ته جيڪو به جيترو به، مون مان ڪردارن کي ملي سگهي، ڏئي سگهان، هن ڌرتي تي ڪنهن کي به ڪا معمولي رهنڊ اچي ٿي ته شيخ اياز چواڻي ”ڏانڊي ڪپيئي ڏار مان، يا تو ڪپي ٻانهن.......... جهڙي دانهن نڪري وڃي ٿي.“
هت، ڀٽائيرحه مخدوم بلاول شهيد جي ديس جي وڻن، گلن، پکين، جانورن ماڻهن سان پيار ۽ پاٻوهه آهي. ڏکويل ديس ۾ هڪ پــُراميد دل آهي. هزار غم آهن.
شال! ديس ڌڻين ۽ ان کان ٻاهر وسندڙ دنيا جي ڏکويلن لاءِ ڪٿي پها، ڪٿي رحمتي ڪڻ ڪڻ، ڪٿي، سڄو هٿ ثابت ٿيان.
اوهان مارُو، مارِويون، شاهد رهجو...... دعا ڪجو... آمين)
[b]ممتاز مصطفي ”دوست“[/b]