سوا لک
ڪنواريتن طرفان آندل ميندي، چاچس ئي ٿالهي جهلي، گهوٽ اڳيان بيٺو، گهوٽ چيچ ساڄي ميندي ۾ ٻوڙي سئو جو ڳاڙهو نوٽ ٿالهي تي رکي رسمن جي شروعات ڪئي. ٻنهي ڌرين ٽي ٽي ڄڻا ڪنوار کان پڇا لاءِ موڪليا، جن ۾ مان به شامل هيس، اڱڻ رنگ برنگي چولن..... گجن..... سون جي ڪوڪن، چوڙين سان ٻري پيو ٻري..... مان ڪنڌ هيٺ ڪندي به تر ۾ لٿل پکي کي اکين مان گسائي نه سگهيس.... وات پاڻي ٿيندي ان ڪوٺي ڀڳس جتي ٻآرنهن سالن جي ڪچڙي عمر ۾ حسينا نکٽ نکيڙيا ها. هو در جي پٺيري ويٺي هئي. ماڻس اڳئين دور جو پراڻو سون پايون ڌي کي اسان جي سڌ ڏئي پئي. قيصر خان شرع شرعيت موجب رٽيل جملو ٽي دفعا ورجائيندي، حسينا جي مٿي کي هٿ جي زور ڏئي هيٺ ڪيو.
”چپن سان ها.... نيٺ ڇوڪري نه ڪئي“ انجنيئر قيصر سان چرچو ڪيو.
”ڌي ڪنهنجي آهي.... ان کان وڌيڪ ها، ڪيئن ٿيندي“ قيصر پاڻ پڏائيندي جواب ڏنو.
اوطاق تي شاهدن ساهه ئي نه پٽيو ته مُلي فيضو نڪاح پڙهڻ جي اجازت گهري. ”ائين ڪيئن ٿيندو، ملو اسان به ڪوهن کان گهرايو آهي“ قيصر اکيون هڻندي چوڻ لڳو، ڪنواريتن جي ملي کي تڏهن وڃي ساهه پيو ته ٻيلي ڪو ڌڻڪو آهيان. ملن جي ويڙهه تي ڄاڃي کلي کيرا ٿي پيا ئي مس ته گهوٽ جي ننڍي ڀاءُ ڳالهايو ”نڪاح اسان جو ملو پڙهي.... پئسا ٻنهي کي هڪجيترا ڏينداسين“ سڀني جي واهه واهه تي ملي فيضو نڪاح پڙهي پورو ڪيو، چو طرف کان گهوٽ کي مبارڪون..... چميون.... ڀاڪرن جي وٺ وٺان ٿي...... ڪنوار جي پي کي پڻ ساڳي پٽ ٿي. ڄاڃين جي وات ۾ پتاشا پيا ته ڏند ٽڙي پين، ڪي کل ۾ کيرا، ڪي مووي ڀرائڻ لاءِ منٿن ۾ پورا.
گهوٽ سميت گهوٽ جا ماڻهو ڪنوار جي در تي پهتا..... در بند ديد بند. نيرن نوٽن آڌار تي، گهوٽ کي نکيٽڻ وٽ ڇڏي سڀئي پڙ ڇڏي وياسون، دير دير آخر، عورتن ريسارين، واڄٽ سهرا ڳائي گهوٽ ڪنوار کي سينگاريل ڪار ۾ ويهاري، بسن، ٽيڪسين ۾ منزل طرف روانگي ڪئي.
مان بس ۾ سوچويندو رهيس، هيرن پاتل ڪانڀو خانن جي چڳ مڳاهٽ غيرت ڇو نه ڇڙي، جينز بت رهيا بت..... عورتون پاڻ پکي کي اڏاري تماشي ٿيون.... ڪنهن جي اک آلي نه ٿي.... شايد حسينا جي معاوضي جي ونڊ ورڇ سڀني کي اڳڙيون ڪري ويئي، دل چوندي هوندن نياڻين ڄڻڻ ۾ مزو ئي مزو آهي.... پئسو ئي پئسو......