پنج منٽ پوئتي
ان سڄي معامري ۾ منهنجو ذري جو به قصور نه آهي. مون کي پنهنجي ماءُ ڄڻيو. مون کان پوءِ هڪ ڀيڻ ٻي به آئي، منهنجي پيءُ کي چاچن اڻ پڙهيل، درويش سمجهي گهر مان لوڌي ڪڍيائون، بابا شهر جي روڊن، رستن تي مزدوري عيوض هي مسواڙ تي گهر ورتو. سو به خدا جي داداگيري سان کسجي وڃي مٽي جي ڌڻڪي ٿيو. اسان اٿاريون ئي نه ويون سين ته بابا فوت ٿي ويو. هڪ ڀاءُ لُل چريو، مست ڇهين مهيني حاضري ڀرڻ آيو ته وڏو ڇيهه، نه ته وتندو هت هُت ٿاٻا کائيندو.
اسان جي روزي به هوائي روزي ٿي ويئي، ملي ته ٻل نه ته طعنا، در در جا ڌڪ، پاڙي جون نظرون، ماڻهن جون نظرون، چٻرن وانگر تڪن ٿيون. هن اپارٽمينٽس ۾ جيترا به گهر آهن، سي ڄڻ ته خون کار ٻلن جا گهر آهن. دل چوي ٿي انهن ننڍڙن گهرن تي ڪتن جي بڇ ڪرايان يا ته گهر ڇڏي وڃون، باعزت باملاحزا........ ڪنهن کي مجال ٿي جو پٿر هڻي، منهنجي گهر جي شيشي لڳل دري ٽوڙي وڌائون، مون ڪاوڙ مان ٻاهر نهاريو، هڪ ڄڻو مون تي عاشق آهي، ان مجنون جي اپارٽمينٽ وارن، سين ڀري پئي، ڪي ڏک غم ۾ شريڪدار ٿين ٿا، ٽيپ جي ڊيڪن کي ٻاهر ڪڍي وڏي آواز ۾ ڀريل، مجنون جي آواز کي آن ڪن ٿا.
ديوانڳ هيڻ....... پروانڳ هيڻ...... اس ڪو لڳ جائڳيڻ گڳ.......
مجنون روڊ تي بيهي ئي مس ته اپارٽمينٽ جون زالون مردن کي، ٻآرن کي، اٿاري چون ته بغير پئسي ڀرڻ جي انڊين فلم هلي پئي توهان نه ڏسندؤ ڇا؟ ماڻهن جي بي حيائي تي باهه ته ڏاڍي آئي پر جي ڪُڇ ته چونديون هينئن هُيون هونئن هُيون.... نه چؤ ته هي حالت آهي.
هڪ ڏينهن نيٺ احساسن جي ور چڙهي ويس، ننڍي ادي کي سڏي چيم “ادي جنهن ماڻهو کي ماڻهو پٿر هڻن ٿا، منهنجي ڪري، تنهن سان پيار ڪندس، بغير شرطن شروطن جي، ڪير آ؟ ڪيئن آ؟ ڪهڙي ماڻهپي ۾ آ؟ ڇا اٿس؟ ڇا ڏيندو؟ گهر اٿس، تڙ اٿس، پئسا اٿس نه اٿس، سڀني شين جي بي خبري باوجود قدر نه ڪيانس ته حيف هجيم“ دم وڪوڙيل ماءُ اڳيان هام ڀريم، ”امان هو ويچارو مون لاءِ ٿو تڙپي، مان هن اڳيان شرط رکان. هن حسن جو غلط فائدو وٺان، هو حسين آهي، لوڪ سڄو حسين آهي، مان ڪجهه به ته ناهيان. ”امان جيجل کي لک شابسون جنهن منهنجي قدرداني ڪندي اجازت ڏني، نه رڳو اجازت پر رسمن جي ٻنڌڻ ٻنڌڻي ۾ اڳيان ئي اڳيان هئي. هونءَ به مان لپ اسٽڪ ڪجل جي ڌار يا سورنهن سينگارن مان ڄاڻيان ئي ڪونه، پر صاف سٿرا غريباڻا ڪپڙا تن تي گهرجن. سي بغير استري جي پائيندي آهيان. مون پنهنجي اڳئين مجنون ۽ هاڻوڪي مڙس کي ڇا نه ڏنو؟ چاهت ڏني، ڇا تي جي پينگهي تي لولي ڏني، چهري جي آرسي کي ٽڙڪائي ڇڏيم، سواءِ ڪنهن ضرورت جي روپيو نه گهريم، بغير ضرورت جي روپيو خرچ نه ڪيم، زندگي جي ٻنڌڻ ۾ صرف هڪ غلطي ڪري، لوڌي ڪڍيائين ته نياڻي ڇو ڄڻيم؟ نياڻي يا نينگر ڄڻڻ بنو انسان جي پنهنجي وس ۾ آهي ڇا؟ حيف هجئي مرد ڏاڍو بي وفا نڪتين. مطلب پرست نڪتين، پر تنهنجي ڪري زندگي داغ تي نه لڳائينديس؟ ڇو روئان؟ ڇو ڊپريشن ۾ جيئان؟ تنهنجي مرضي آهي ته ڳوڙها پيئان، زنده رهڻ مان خفا ٿيان. هل، بزدل، گيدي ۽ ڊڄڻا، توڏي ايندي پويان ماءُ ويچاري لاعلاج ٿي هڪ بستري پئي، شابسن جي ڀري ته ادي ننڍي کي ڏجي جو وڃي ڪو يار ته ڪيائين. گهٽ مان گهٽ امان جيجل جي علاج جو خرچ، گهر جي مسواڙ ڀرڻ مان جان ته ڇٽي پئي، مون کان ته اها بهتر ٿي، جنهن شادي به نه ڪئي، لزت به ورتي ۽ گهر به ٺاهيائين، باقي شيطاني غفلت عيوض تندرستي لاءِ ٽڪيون کائڻ ڪفر ڪونهي، جس هجي منهنجي ڀيڻ کي جنهن موٽي اچڻ تي رستي روڪ نه ڪئي نه ته مان به وتان ها ڇوڪرڙي چيلهه تي کنيو پنندي. مان ان نياڻي کي ساهه جي تڪليف ۾ ڏسي جهٽ پٽ ڊاڪٽر وٽ وٺي آيس. ان وقت مون باٿ روم ۾ ڪپڙا پئي ڌوتا، پاچا پاڻي ۾ آلا هيا ۽ ڪجهه چولو پڻ، باقي مان هونءَ مٿي تي شرافتي رئو رکڻ بجاءِ ڳچي ۾ لڙڪائيندي آهيان. ڊاڪٽر ويچاري جي تسلي تي بود ۾ آيس. ڊاڪٽر مون کان ائين ڇو پڇيو ته امان ڪيئن اٿو؟ ادي به اوهان جي بلڊ پريشر ڏيکاري ويئي هئي. تون به بلڊ پريشر ڏيکارڻ آئي آهين. ڇا ڳالهه آهي سڀني سان.....؟ مون ڊاڪٽر صاحب کي ورندي ۾ ائين ڇو چيو ته مون لاءِ هر مرد چٻرو، ٻلو ۽ ماس پٽر بد تهذيب جانور آهي ۽ اسان سڀ پنج منٽ پوئتي آهيون......؟ ها پر سچ ته چوان ٿي......