دما دم مست قلندر
اڄوڪي رات، چانڊوڪي جي چانڊاڻ ڪري، اوندهه کي ڀڄائي ڪڍيو آهي، تارن جو چنڊ کي، چئني طرفن کان ڪڙو آهي، چنڊ ستارن جي اڳيان پويان عاجزي ڏسي، پنهنجي حسن تي غرور ڪري رهيو آهي.
مون کي به الائي ڇو ننڊ، ڇورو ڪري ڇڏي ويئي آهي؟ سوچي سوچي دماغ جي پردن کي خشڪ ڪري ڇڏيو اٿم. هڪ غربت، ٻيو سور، ٽيون وري پور، اهڙي هنڌ کڻي بيهاريو آهي جو جت نه، جي سگهان ٿو ۽ نه مرڻ ئي سولو آهي.
آهيان ته ناچيز شئي، پر خوابن کي ڪير چئي، بس خواب ئي ته مون وٽ، آزاد آهن، جن کي رهنما سمجهي پويان ئي پويان لڳندو آهيان، نه هو ٿڪا آهن نه مون ئي چپ ڪئي آهي.
بانسري جو مٺڙو آواز، رات جي گود مان ڏکارو بڻجي ڪوهين ڏور انصاف لاءِ ڀڄندو آهي. مان خالي ڪشڪول جهلي ٽڪڻ جو چوان ٿو، ماڻهو سنگيت ٻڌڻ لاءِ محفل طرف وڌي رهيا آهن، سگريٽ جو ڪش، هميشه مارن جو ساٿ ڏئي رهيو آهي.
ٻڌو اٿم ته بانسري جو هي مٺڙو ورلاپ، پنهنجي اصل شي کان جدا ٿيڻ ڪري دانهين آهي، ته مون کي اصليت کان جدا ڪيو آهي، هت هر ڪنهن کي بڻ آهي، مان ڇو بي بڻ آهيان؟ منهنجو بڻ ڪٿي آهي؟ مان ان وڻ کان ڇو جدا ٿي آهيان؟ مون کي جبري طور ڇنيو ويو آهي، منهنجي ايف آءِ آر ڪٽي وڃي. بانسري تي ڪلاڪار، مومل راڻي کي، وڏي درد مان، ڳائي رهيو آهي، ماڻهو مستي ۾ جهومر پائي نوٽ گهوري رهيا آهن. هو سڀني کي ٻنهي هٿن سان لٽي رهيو آهي.
هونئن به هن ۾ ڪو جادو آهي، ڪا لهر آهي، جنهن جو دل تي جلدي اثر ٿئي ٿو. دل جا غم اٿلي پون ٿا اکيون هيڻي ٻولي روئي پون ٿيون.
طبقن ۾ ورهايل ننڊ جو، پهريون سوپو پورو ٿيو. ماڻهن موٽڻ جي ڪئي آهي، ونيون ڀوتارن جي ڀاڪرن ۾، پڪڙجڻ لاءِ، کڙهن کي تڪي رهيون آهن، منهنجي بلڪل هن ڀر، ٻه سورنهن ساليون بستري تي اٿل پٿل ڪري رهيون آهن، چون وارا چون ٿا ته هي ٻارڙيون هيون. ته ڪن شاهينگن هٿان، کڄي هت پهتيون آهن. گهڻي محنت کانپوءِ رس ڀريون ٿيون آهن، انهن مان هڪڙي ته ملوڪ آهي، اصلي ڏکويل جنڊ ۾ اسريل چنڊ آهي. اهڙو منهن مبارڪ آهي جو بخمل جيان ٿو جرڪي، دل ٿي چوي ته پاءُ گلن جي وزن جيتري کي جهولي ۾ کڻي، کڻي اچان. مون ڊنگهريون اورانگي، پيرن جي تري تي، ٿڌڙا پاتا، ٿڌڙن هن ۾ ڪرنٽ لڳائي ڇڏيو، ها ها خاموش رات ۾ ڳجهن رازن جي گهٽ ذريعي رات رسڻي، رسي رهي آهي، چنڊ جي روشني تي حسد ڪري رهي آهي، چنڊ، تارن تي فريادي آهي ته هنن منهنجا گهٽ بند ڪيا آهن، چوءَ طرف ڪنڊن جو ڄار وڇايو آهي، هو ڪروڙين، سڀ غم مارا، مان هڪ، ڪنهن جي ٻڌي ڪنهن جي ٻڌان، ڪنهن کي ريجهائي ڪنهن کي ريجهايان، تارا چنڊ تي دانهين آهن، اوجاڳا اسان ڪيا آهن، بيهي بيهي جهري اسين ويا آهيون، منهنجو ميرانجهڙو من، چنڊ ۾، پرين جا اولڙا پسي رهيو آهي. مان، پنهنجي فقيراڻي گودڙي ۾، چنڊ جي چانڊاڻ، اڀرڻ وقت ڳاڙهسري ڳاڙهاڻ، پرين جي نکار لاءِ چوري ڪندي کيسڙي وجهي رهيو آهيان.
هي منظر، هي سناٽو، قدرت جي نعمت سان سرشار آهي، هن ۾ ڪيڏي نه خدائي حڪمت رکيل آهي، هن ۾ زندگي جا سڀ ٿڪ لهڻ جا، رنگ سمايل ٿو ڀانيان، ڪيڏو نه مزو آهي، جاڳڻ جي جنبش ۾، سپنن ۾.
مان ڪجهه آهيان. منهنجي هانءُ ۾ سٽون اڀري رهيون آهن، مان چنڊ جي وچ ۾ ، ان خوبصورت چهري کي پسي رهيو آهيان. جنهن کي ماريو ويو، ان بنياد تي هو ڪاري آهي، پهرين، ڪهاڙي جي هڪ وار سان، ڳچي ڪپي ويئي، پوءِ ڪاري ڪپڙي ۾ قبرستان ڏي کنئي ويئي، بلڪل لاوارث نموني، نه ڪفن، نه غسل ۽ مان هن کي بچائي نه سگهيس، نه پوءِ قبر تي ڏيئو ٻاري سگهيس.
محبت ۾ آيل رڪاوٽون شيم شيم
قاتل انسانيت جا هٿ قانون، مصلح پسنديون شيم شيم
رات جو سينگار چنڊ بادلن جي لپيٽ ۾ وائڙو ٿي پيو. نار جو چيڪٽ بند ٿي ويو آهي، ڌنار، مينهن کي، بئراج مان، آڌي جو ڪڍي، گهرن ۾ پيکڙ هنيا آهن، مڇر به انسان جو رت چوسي ڍاپيا آهن. ڏيڏرن جي ٽران ٽران مس مس وڃي جهڪي ٿي آهي، ڪتي وري اڀري آئي آهي، اجهو اوٺارن اٺن کي روئاريو، بُههَ جي ٻورن ڀرڻ لاءِ.
سورنهن سالين مان، من کٽي ويندڙ چهري، پاسو بدلايو، ڀر ۾ وڻ تي واهيري ويٺل پکين ٽاهه کاڌو، مون ۾ ٽاهه پيو، سوچيم تر جي گٿي سئو چوٽون کائي، متان ويل وري نه موٽي، هونءَ به ٻن دلين جي گڏجي ڌڙڪڻ، جي رڌم جو مزو ئي ٻيو آهي....!
چوڏنهن مئي سورنهن
اڄ رات وري ٻيهر ريچڪ رچايو آهي. مسجد پيش امام چار رڪعتون فرض جماعت کي پڙهائي رهيو آهي. مسجد ڀر ۾ خالي پلاٽ ڦٻائڻ لاءِ ڀوتارن علم پاڪ هڻي، ڏنڊي ڪونڊي سان دل وندرائي رهيا آهن. مولانا صاحب وڏي رڌم سان وتين وزيتون سورة پڙهي رهيو آهي. ميٺاج هوا ۾ هلندڙ پکڙجندو، گهٽ مان گهٽ مون جهڙي گنهگار جي دل کي مسجد ڏانهن ڇڪڻ لاءِ متوجهه ڪري ٿو.
بلڪل ان سامهون وڏا ٽهڪ اچي رهيا آهن، ڇوڪرو جماعت جي ڀر ۾ اچي زيتون کاسين، زيتون کاسين چئي چيڙائي رهيو آهي. هو جلدي سلام ورائي. ان نينگر کي ڊڪائي رهيو آهي. ته جيئن خطمي جي ماني، فروٽ، برياني کائي ٺٺ ٿي پوان.
منهنجي ماءُ ٻڍاپڻي باوجود ڪم ڪار ڪري ساڻي ٿي پئي آهي. هن ٽي پٽ پرڻايا آهن يا پرڻائي ڏنا آهن، پٽن جي ڪهول جي ماني ٽڪي کان ڪپڙي لٽي ڌوئڻ تائين نه گٿي آهي. نُنهون کٽن تي ويهي کلنديون آهن، پٽن جي مجال آ جو ڪا جونءِ چري. جڏهن رات ٿيندي آهي ته امان کي ننڊ جي پڙي اچي ويندي آهي.
اڄ ڳوٺ ۾ سنسانيت آهي، اڃان گهُٽ، ماڻهن کي پگهر ۾ وندرائي پئي، ڪلر جي اُٻ، ٿڌين هوائن کي نارمل بڻايو ڇڏي. ماڻهن ۾ ڏينهن جي نفسا نفسي واري جهلڪ، اڃا به ذهن مان نه نڪتي آهي، نه ساعت آهي، نه مٺيون ڳالهيون، مالوند ماڻهو پلاسٽڪ جي ٿيلهين ۾ پٽاٽن جو ڪلو وٺيون، مهانگائي تي چرچا ڪندا گهرن ڏي وريا آهن.
جماعت، هلڪي آواز ۾ ذڪر لااِللهَ اِلاللهُ) شروع ڪيو آهي. ذڪر دور دور تائين، هئي هئي سبحان الله جا ارلاپ کڻي وڌندو وڃي ٿو. ننڍڙا ٻارڙا ذڪر سڻندي سمهي پيا آهن، ڄڻ رٺائي ناهن، چنڊ ٽٻي مان ڌڪ کائي، ڳاڙهاڻ ڪري نڪتو آهي، صفا ٿڌيرو آهي، شرميلو آهي. وڏيري مرزا علي بليڪ اينڊ وائيٽ ٽي وي، اوطاق جي اڱڻ تي رکرائي آهي. چنڊ، ان وڏي ٽه ماڙ ماڙي کان، ڄاڻ نڪرڻ تي آهي، آسمان تي ڪڪر، ٿڪل رڍن جهڙا وڳ جوڙي، هوائن تي ڀڄندا وتن ٿيا پيا. اتر کان کنوڻ، رکي رکي لائٽون هڻي رهي آهي. تارا ڪجهه ٻڏتر ۾ ڪجهه جلوي سان ٽمڪي رهيا آهن. واٺڙ ئي ٽي وي آن ڪئي. ناظرين غزل ۾ پاڻ ٻڏي وڃن ٿا.
اگر تم، هم ڪلام هو جائيڻ، هم فقيروڻ ڪا ڪام هو جائڳ.
چنڊ، ٻن ڪانن جيترو مٿي چڙهي آيو آهي، مان چنڊ ۾ جوهه وجهي، نور پسي رهيو آهيان، هو مون کان الرجڪ آهي، ته هن منهنجي سونهن کي نظر هنئي آهي. اڙي بابا هن سمجهايو، هن منهنجي ننڊ ڦٽائي آهي. نه هن کي ڏسان ها، نه دل هرکائي ويهان ها، نه هن کي ڪتڪتائيندي ڏسان ها، نه سيلاني ٿيان ها؟
مون کي پرين ڏي ايندي، ميل پنڌ جا، ياد اچن ٿا. غريب هوندي، پنڌ، اوجاڳا ڪٽيم. سوکڙي ڏيڻ لاءِ ٻيو ته ڪجهه نه هو، بس مالهي جي باغ مان گل پٽيم. مالهي جا موچڙا، ته ليکي ۾ ئي ڪونهن. گل پرين کي ڏنم، ته هن روبرو ئي، پنهنجي پيرن سان لتاڙي هليو ويو. ان لت، ان ادا، پاڳل بڻائي ڇڏيو آهي.
سندس اهڙي ادا، ٻي ڪا ٿيندي ڇا؟ عمر هن جي پال ڪئي، هن کي خبر ئي ڪانهي. اهڙي محبت جي سنگم ٻئي کي ملندي؟ يادون وسرڻ جون آهن ڇا؟ چنڊ، منهنجي چريائي جو ڳالهيون ٻڌي، ريجهائڻ بدران، ٺٺول ڪري رهيو آهي (ٺٺول ڪرڻ ته هونءُ به سولي آهي ۽ اڄ جي ماڻهن جي جيئڻ جو محور آهي)
اڃا چنڊ، ٻن ڪانن کان ڪجهه مٿي چڙهيو آهي، ماحول ۾ ڪنهن قدر ساعت پيدا ٿي آهي. گهر ڀاتي هنڌن ۾ سمهڻ جا سانباها ڪن پيا، وڏڙين جي ڊگهي نظر، آخر ۾ ٽانڊن تي پاڻي به هارائي ٿي.
ڳوٺ، جي بلڪل، ڀر واري ڪچي دڳ کان، ٽرالي ٽريڪٽر، گڙ گڙ ڪندو شهر طرف وڌي رهيو آهي. ٽرالي ۾ نون مهينن جي ڀِرئي پيٽ واري مائي، سور جون دانهون ڪري رهي آهي، ٻار اڌ اندر اڌ ٻاهر آهي. ڳوٺ جي حافظياڻي، ياسين جي تلاوت ڪندي رهي ٿي. هن ڀر کان اڱڻ تي ڪنڍيون مينهون، تازي گهوڙا ٻڌل آهن، وڏيري مرزا علي جي اوطاق جي ڳجهي قرب واري ڪوٺڙي ۾ هلڪڙا ٽهڪڙا جاري آهن. نوڪر پنجن سيرن واري ساڙهي کي تازي کير سان ڀري ٽمٽار ڪيو آهي، مهمانڙيون ۽ پاڻ پي، سانوڻي درياءُ جي موجن وانگر، اٿلي پيا آهن. يارڙين مان هرڪا، هن کي سڀ کان پهرين، پاڻ تي مارڪون چاڙهڻ لاءِ، ڊسڪ اڳيان جهلي آهي. کنوڻ سان گڏ هلڪي بوند، ماحول کي رونق بخشي ڇڏي آهي. رات هر ڪنهن کي، پنهنجي وت آهر، وجهه ڏئي، اڳتي وڌي رهي آهي، رات ماڪ سان وهنجي پئي. مان هيڪل آهيان، مون ۾ به ريس وڌي ٿي، ڪٿان به ڪو آواز نٿو اچي.
مان انسان آهيان، مون ۾ به هڪ دل آهي. دل هن وٽ قيدي آهي. هُن سان گڏجي وڃي، ائين ملي وڃي، بت هن بت سان، ڪو ڇني ڇني نه سگهي، لتون هڻي ته به ڌار نه ٿيون. ها اهڙي خاموش فضا جي وفا ۾ مان هجان، پرين هجي، سنگيت پئي وڄي، پر مان ڪيئن جاڳايان...... ۽ ڪنهن کي جاڳايان؟
هن کي..........!
ها هن کي، جنهن ننڊ حرام ڪئي...... ڪمال آ، ٻين کي سُتي ڏئي، پاڻ وري گهور ننڊ ۾ ستل آهي، هي ٿڌاڻ، هي رم جهم، هي گرم ٿڌڙا بسترا، ٿڌيون مٺيون...... ادبي ڌارا، ڀٽائي کان نئين ٽهي تائين، هن مند کي پرين جو ميلاپ سان، منسوب ڪيو آهي، هي ملڻ جي ئي مند آهي، هن ۾ ته صرف جوڙ جڙندا آهن، ٻه دليون ڳنڍبيون آهن. هڪٻئي مٿان چڙهنديون لهنديون آهن. هن ۾ ته ٻه دليون اڄ جي جديد ايجاد اي، سي، جي کي به لاڪ ڪري ڇڏينديون آهن.
ها! لاڪ لاڪ.........!
هن ۾ ته هرڪو واهيري آهي، هرڪو هم بستري آهي، منهنجي اندر جي، پنجن خانن واري، غريب دل بغير معاوضي ۽ بغير شرط جي هن سان ملڻ گهري ٿي، ڪمال آهي، جو بتي تي، هن پويان پيرو کڻندڙ چون ٿا ته گابي گم ٿي ويئي آهي.
انسان پهرن مان آزاد نه ٿيو آهي، خواهشن کي، سپنن کي، محبت جي سنگم کي، سرحدن ۾ بند ڪيو ويو آهي، هت ته ديوانن کي ڪو هٿ ڏئي اٿارڻ لاءِ به تيار نه آهي، سبب ڄاڻڻ ته پري جي ڳالهه آهي، هت سڀني چرين جو حل آهي، انسان وڏي وٿ آهي، بيمار ذهن کي علاج جي، شفا جي، حسينن جي، ضرورت آهي، الله پاڻ به سونهن جو مظهر آهي، انسان ڪڏهن اناالحق آهي، ڪڏهن انت محبوبي، ڪڏهن هر حسن تي مفتون، ڪڏهن خود سم تن آهي.
منهنجو من به معصوم ماري آهي، اصلي سوداين جو به سرواڻ آهي، ذهن شاهه ڪلياڻ تائين حجتي آهي، هاڻ وري ڀٽائي جا ٻول ٻولي، وري وري دل ٻولي ٿي. ساهڙ کپي، ساهڙ کپي، ساهڙ بنان ساهڙ ڇڙي نه ٿي. پراڻي ٿي ويئي ته به ڀُري نه ٿي، ڀڄي نٿي، جند ڇڏي نه ٿي. وري به مون تي لانگ رکيو ويٺي آهي، ته باءِ پاس آپريشن جو اڳواٽ ڪيل آهي. توکي ڦٿڪائي مارڻ منهنجي ڪرت آهي، چوي ٿي، تو مونکي ڪهڙو سک ڏنو، جو مان ڏيان..... پاڻ ئي اڇليئي پاڻي ۾، هاڻ ٿو لرزين ته پاڻي ڦهنگيون نه هڻجان..... مان به چڪان ٿي، تو به چڪ ويٺو.
مان به قدردان آهيان بي بُڻو ٿورئي آهيان، هون به مان هن سان ئي جيئان ٿو، پوءِ هي آٽا مڃڻ ۾ ئي ته مزو آهي. هن جو ڏڍ پنهنجو ڏڍ آهي. هن جو مقصد محبوب ئي آهي، پر ملي سگهندس، ڪنهن کي آئيندي جي خبر آهي....؟!
چانڊوڪي جي اٿل پٿل سان گڏ ڪڪرن جو رکي رکي وسڻ، ڌرتي کي قسمين رنگ ڏئي ڇڏيا آهن. جتن جي اٺن جا وڏا چڙا ۽ آسمان تي نظر ايندڙ ٽيڙو ٻڌائي رهيا آهن ته رات ڍري ويئي آهي. رات ماکي جهڙو ميٺاج رکي ٿي. هن ۾ ڪيئي رنگ جڙن، ڪي ذهن پرين جي ڀاڪرن ۾ سيني تي ليٽي ٿڪ لاهن ٿا ته ڪي گهر ٻهاري پرين جي ڪڍ آهن. مان هن کي پنهنجي سندرتا سمجهي هر وقت جيءَ جياريندو آهيان ۽ ذهن ان ڳالهه تي اڄ به ضد ٻڌي بيٺل آهي. هن جي هر پهلو ۾ ڪنواري جوڙي جي پهرين چمي جي جوٽ گوءِ کڻندي ڏٺي ويئي آهي. هن جي آرس ڀڃڻ سان سنگيتڪار کان ڪلاڪار تائين نوان موضوع نکيرن ٿا. هن ۾ جوان ڇوڪري جا سڀ سپنا نڪور ۽ پراميد آهن. نشا اڻ کٽ آهن. اهي منهنجي ٿر جهڙي ڊسڙ بدن تي ٿڌڙا پائي کسڪي رهيا آهن پر مان مايوس ناهيان.
ها مان هيڪل آهيان، دل جي خاني سکن جي جاءِ رکي ئي نه آهي، پور ئي پور آهن. لڳي ٿو، مون سان گڏ ٻيو به ڪو ڀٽڪي ٿو. جيڪو رکي رکي سڌي رستي تي آڻڻ جي ڪوشش ڪري پيو. مان ان ٽيڪ تي چست برجست آهيان ٿيو، منهنجي پاڳل ذهن نقش چٽيا آهن. دل ۾ پاڻمرادو من اٿل کاڌي آهي. مان ڪرم لڪا واري ڪلڪ کڻي ٿو ان کي جوڙيان، نڪ ڪنڍڙو، ڀرون ڀالا، وار واسينگ، اکيون ٻرندڙ ڏيئا، ڄاڙي سنڌڙي انب جي کيکڙي، ڳل ڳاڙها، امرتي ڍڪ ڀريا، ڏند ڏاڙهون ڪڻ، بت تراڇڻو، چيلهه چهو، پير پازيب، ٽنگون هرڻي نما آهن. رات به لڳاتار، ڪئميرا جي فليش هڻي، ناز نخرا ڪيچ ڪري ٿي. هو چپن مان رس پلٽي ڏئي، وار وڇائي، ڇانوري سان گڏ کير پياري پئي، مان مڌ ۾ مدهوش ٿي ويو آهيان. من جا سور، خوشين جو واس کڻي دور هليا ويا آهن. زندگي بي سري، بي چسي، مبارڪون ڏئي ٿي. مان وري ان رنگ ۾ ٻيهر موٽي آيو آهيان، جتان سلسلو شروع ٿيو هو. ڪي اوڏائي ڏور، ڪي ڏور به اوڏا سپرين. واري سٽ دل ۾ اڊکي پئي.
مان يقينن، ماڪ ڀنل گلاب مکڙي ۾، من جو تصور تازي ٽاري ۾ لڏندي ڏسان ٿو. ها هو ننڍپڻ واري ڇوڪري ڪيڏي نه پياري هئي. جنهن ۾ انڊلٺي رنگ ڀريل ڏسندو هيس، ٻالڪپڻي واري ماحول ۾ بغير ڪنهن رٿا جي پاڪ پوتر ٿي کيڏياسين، مان اميراڻي ٻار وانگر ڪٽيون کڻي هن کي کارايون پئي. هو رف پنن مان ٻيڙيون ٺاهي مينهوڳي ۾ دل وندرائڻ لاءِ گهر کان سڏيندي هئي. گهر مٽي مان جوڙيندا آهيون. مان هن جي اکين ۾ پاڻ کي پابندي سورٺ بند جيان لڳان ٿو. ڪجهه پيئندو آهي ڪجهه پيئان ٿو، جڏي جيءُ مٿان ڪرندي آهي، ڪٿي مان ڪرندو آهيان، اکيون اُڀ ۾ ڪندي ڊوڙندي هلي ويندي آهي. مان ڪڍ آهيان. ڳوليندي به لڀي نه ٿي. هو ڇا هئي، بس ڦڙي به تور ۾ گهڻي آهي. جا مون اڃاري کي هميشه لاءِ پياس ڏئي ويئي. مان سپي سڏيانس ٿو، هو سپي جيتري به نه هئي. ماءُ جو نالو نجمل، ذات جي ڪڇي هئي، ڇا به آ پر ڪچي پٽ جي ڪا نازڪ تند آهي، ڇڪيان ته ڇڄي پوندي، ڳنڍيان ته ڳنڍيون ڳنڍيون ٿي پوندي. ڀوتارن کي، هن کي ڇهڻ لاءِ، ڪئي بهارون دڙها هڻڻا پوندا.
نجمل مکڙي، ماڻهن کي اوجاڳن جي ستي ڏئي سگهي ٿي. هي غريب گهر ۾ پيدا ٿي سگهي ٿي......؟ هن جي حفاظت لاءِ تخليقڪار ڇو چپ آهي.....؟ ڪوئل جي ڪو ڪو گهٽي وڃي ٿي. باغ پن ڇڻ ٿي وڃن ٿا. هي هيڪل ٿي، ڪڏهن هن بستري، ڪڏهن هن بستري، شراب شباب ٿئي ٿي. هو شهر ۾ لڪل پيٽ سان رُپيو، آڌي ۽ پاولي گهري ٿي. ماڻهو ٻلي جهڙين اکين سان ڏسن ٿا، جيترا وات اوتريون ڳالهيون آهن. رات هلي ويندي. ....؟ سڀ ڪجهه سهي ويندي....!! خير کان گهڻو ڪجهه ملندس...... سهڻ ۾ ڇاهي......!! ساڍا پنج کپنئي.....! هو حسرتن سان سڀ ڪجهه ٻڌي ٿي پئي.....؟؟؟ هي عشق ۾ ڪهڙو فلسفو آهي..... هي وحشيت واريون گڦون..... هي اسٽاڪ ايڪسچينج وارا واڪ ايندا رهندا. ٿيندا رهندا. مال سر، کپندا، ڀُرندا، اجڙندا رهندا. جيسين ڪو سمجهي ڪو ڄاڻي ٻئي جي ويڌن پنهنجي ويڌن سمجهي ٽارو نٿو ڪري. هي اڻ درج فرياد ٿيندا رهندا. هي دلين جي ڌڙ ڌڙان کس کسان. هي ڳنڍجڻ جا به ڪي رشتا آهن..... حيرت آهي.....! ذهن پاڳل آهي......!
رات، قدر دان ٿي، منهنجي ڀٽڪيل روح جي ميزباني ڪري رهي آهي. تصور ۾ تصوير ڇڪجي آئي آهي. مون گهر به ڪا ڪنوار اچڻ لاءِ آتي آهي، چوطرف خاموشي ئي خاموشي آهي، جڳ کي ننڊ جي پڙي اچي ويئي آهي. تمام بسترا ڀاڪرن سان ڀريل آهي. گدڙ جي اوئان اوئان جاري آهي. رات ماڪ ميڙي منهنجي آس کي ڌوئي ٿي. مان به پاڳل پڻي ۾ ميري نفس کي ريجهائڻ خاطر، گرم بستر ڪرڻ لاءِ وڃي رهيو آهيان. جت منهنجي زخمي دل اندر من مکڙو انتظاري آهي. ان سان رهاڻ اکين جون پلڪيون، ديدار کان پوءِ، بند ٿي وينديون آهن. مان آپي مان نڪري ويندو آهيان.
مان پاڳلن ۾ ڀُوڪ سڏجان ٿو.
پرين پرين ۾ ڀُوڪ سڏجي ٿو.
پندرنهن مئي سورنهن
ڏينهن رات کي ڊيوٽي ڏئي، ڀڄي ويو آهي، رات ننڍِڙي ڪڪي جيان ٻڏي ٻڏي پيرن تي کڙي ٿي، جيئن پوءِ تيئن آٽا ڪرڻ لڳي آهي. اصلي هاڻ ته نئين ڪنوار وانگر ونواهه کائڻ تي پهتي آهي. ڏکڻ جي هير مور جيان پر کنڊيڙي ٿڪلن کي ريجهائي پئي. کنوڻ پيرن ۾ گهُنگهرو پائي ناچ پئي ڪري، چنڊ کڙهه تي مٿان ٽڪ ٻڌي خالي هندوري کي لوڏي چوچڙيون ڏئي پيو. مان عاشق ڪک پن جو، ٻنهي هٿن سان پاڻ ڏي سڏيندي نوٽ گهورڻ لاءِ چوان ٿو. دل ۾ سوچان ٿو ڳل تي چهنڊي پائي ٿڪ ڀڃندس. اهو رس رساءُ اونداهي راتڙي ۾ نصيب ٿيندو الائي......!
پر اڄ پاٺ ڪٿي ٿي ٿئي؟ مان ڏاڍو ٻڏل آهيان. شوڪارا ٿو ڀريان، ذلت رسوا ذهنن تي ماتم ٿو ڪريان، رات ۾ وهائو تاري کان اڳ ئي، تير ڀت ٽٽڻ تي حيران آهيان. هن جي ٽٽڻ سان ڪيئي مالوند ماڻهو پاڻي جي بي رحم وهڪري ۾ گوتا کائي کائي ساهه ڏين ٿا.
الله سائين ماري به ٿو ته ڪنهن نه ڪنهن بهاني سان، هونئن به هن کي پسند نه ٿي آئي ته ٺاهيس ئي نه ها، ٺاهي به ٿو، ڊاهي به ٿو. ويچاري بوزدار جون چارسو رڍون پاڻي ۾ لڙهي ويون. هن جي لاڏلي ملوڪان، لڙهندي لڙهندي ساڻي ٿي پئي، واسينگ وارن کي ڊنگهرن مان ڇڏائيندي، جان ڏئي ويٺي، پاڻي، ملوڪان جي حسن سان کيچلون ڪندو وڃي ٿائڪو ٿيو، پيءُ جي سموري ملڪيت مان جوڙيل سونيون ڪيوٽيون ملوڪان جي ڪنن کي ذيب بخشو پئي، هن کي پري کان ڀوتار ڏسي، ڀڻ ڀڻ ڪري ٿو، امان به چيو هو، ته توکي رڻ ۾ ڳاڙهي ڪنوار ملندي واهه جي اڄ سورج ديوي سان کيچل ٿيندي؟ پوءِ جڏهين ملوڪان کي مرده حالت ۾ اڻ ڍڪيل ڏٺو ته بغير ڪنهن رحم ڪرم جي پوري طاقت سان، ڪنن کي ڪپيون ويو ته سون ڪم اچي ويندو......!
اڄ منهنجو ميرانجهڙو من جهريل اداس ۽ اکيون باهه جا اُلا ڇڏن ٿيون. رات سان رم جهم ڪيئن ڪيان؟ بکئي پيٽ کي ڍئو ڏيڻ لاءِ، پنيل ماني ٺوٺ کي پاڻي سان آلو ڪري نڙي ۾ لاٿو اٿم، ماڻهو به عجيب آهن، خدا کي خير ڏين ٿا سهائي سهائي سو به پاروٿو، بک ڪيڏي نه بڇڙي آهي، ٻه گرهه مليا ته ڏينهن به وڻي ٿو نه ته، ڦڪائي ڦڪائي.....
ماني هر ڪنهن جي مجبوري آهي. هن پيٽ انسان کي بي حس بڻائي رکيو آهي. افسوس آهي جو مون جهڙن کوڙ پاڳلن لاءِ ورلڊ ليول تي ڏينهن ملهائجي پيو. مون جهڙن ٽٽل عاشقن کي جنهن هوٽل تان سڪي ڊڳڙي، خير ۾ ملندي آهي. سا هڙتال ڪري بند آهي، وزارت صحت، انساني حقوق وارا، تمام تر خرچ سيمينارن تي پورا ڪري ڇڏيا آهن. سڌارو، جيئن پوءِ تيئن ٻڙي آهي. هت بي ايمانن، بي مذهب انسانن جو انت ڏکيو آهي.....
او مٺي رات مون ۽ منهنجي پرين وچ ۾ ملاقات رچائيندڙ رات، تون وڃ. هنن بي ايمانن کي چئو. هڪ فقيرڙو هوٽل ٻاهران گرهه هڪڙي لاءِ هن ملڪ، هن قوم ۽ هن وزارت تي ٿوڪارا هڻي رهيو آهي.
اي نوي ڊِگري جيان مٿان بي ريسائيندڙ، چوڏهين چنڊ تون هنن بي رحمن بي گهرن تي، محلن تي احتجاج ڪندي روشني جا ڪرڻا به رساءِ، هنن جي هندوري ۾ ٽڪيل محبوبا کسڪائي کڻي آ. ڇو ته ان جا ماءُ پي ان جي زور جي ميندي تان نابري ڪندي ذهني توازن وڃائي پاڳل خاني پيا آهن کي ڦوٽارا هڻ ڦوٽارا هڻ.... جن ڪري اسين سڀ پنڻ تي مجبور ٿيا آهيون. ڌرتي هوندي حق کسيل آهن. هي ڪيئن، ڪڏهن ۽ ڪهڙي نموني سان اسان جي روح، جسم پرين تي قابض ٿيا آهن، لتر کي پڄي چڪر وانگر اڳ پوءِ دما دم مس قلندر ڪرڻي آهي. ننگن دنگن جي حفاظت ڪرڻي آهي. الاهو الاهو سر تال واري ڌرتي جا امين اسين رکوال اسين. اسين اهنسا، اسين عالم سڪار هي ڪير ٿيندا آهن کسڻ وارا.....!؟
اي رات مون کي تون اڄ معاف ڪجان، مون پاڻ سان گڏ توکي به سورن جون ڪهاڻيون ٻڌائي ٿڪايو آهي، تون هي سانورو حسن کڻي موٽائي وڃ. اي چانڊاڻ تون منهنجي روح جي رچنا پوري ڪرڻ ۾ فيل ويو آهين. منهنجي فطرت سکڻن دلاسن سان ڀرجي نه سگهندي. الاهو سان او پوتيل ننڊ، تون چوين ٿي ته هلي وري ٻرون، بستر ٿيون. ڀلا جيڪو عڪس پسڻ چاهيان ٿو، سو ساڀيان ٿيندو......!؟
او ننڊ نماڻي، مون مان بيزار نه ٿي، موٽي آ، جاڳڻ مان بيزار آهيان، جاڳ نه گهرجي، ڊاڪٽر مجاهد صديقي چوي ٿو ٻچا ننڊ ڪر، تون ننڊ جو بکايل آهين. تنهنجي ننڊ ڄائي ڄم کان کٽل آهي. اڄ مان نه عڪس جا اولڙا ۽ نه خواب ۾ من ٿو گهران، پر زنده دل ٿو گهران، مون کي پرين گهرجي، جنهن جي دلين ۾ عاشقن سان نرم رويئي لاءِ ڪا برسات وساءِ، اي ماڻهؤ منهنجو ساٿ ڏيو. منهنجي روح کي هٿي ڏيو. هڪ هٿ جي تاڙي نه وڄندي آهي.