ڪھاڻيون

اٽي اجھي لٽي جي ڳولا

ممتاز مصطفيٰ هڪ نوجوان ڪهاڻيڪار طور ڪهاڻين ۾ پنهنجي نفسياتي ۽ روحاني روين سميت پنهنجي سماج جي اصل شڪل بيان ڪرڻ جو ساهس رکي ٿو، جنهن سبب سندس ڪهاڻين ۾ زندگي موجود آهي، جيڪا ڪهاڻي پڙهڻ تي مجبور ڪري ٿي.
Title Cover of book اٽي اجھي لٽي جي ڳولا

گوءِ

مامي همن جي هوٽل، ڊاڙي، ٻٽاڪي ماڻهن سان هر وقت ڀريل هوندي آهي. هتي هر قسم جا ماڻهو ايندا آهن، جن مان اڪثر ڊش اينٽينا ڏسڻ جا عادي آهن. ساڳئي وقت گهر کان واندا پڻ. هوٽل ۾ ڏاندن جي شوقينن لاءِ مخصوص بينچون رکيل آهن، جيڪي چانهه جو هڪ ڪوپ پي، سڄوڏينهن، خبرون ڪٽڻ جا ماهر آهن. اهڙين خبرن ڪٽڻ ۾ راهو کي سڀني کان وڌيڪ ڏانءُ آهي. هي اندر جو به ڪارو ۽ ٻاهران جو به ڪارو آهي. هي نڙي تي زور ڏئي، ڏاڍيان ڳالهائي سڀني کي پنهنجي ڳالهه ٻڌائڻ ۾ مهارت رکي ٿو. اڄ به جيئن ئي راهو هوٽل ۾ داخل ٿيو ته خفتين ۾ عجيب سُسُ پُس شروع ٿي. هي بينچ تي ويٺو ئي مس ته پويان گڏيل آواز ۾ کيڪر ٿي.
”اي راهب خان، جڳ جا چڱا ڀلي ڪري آئين“
”مان پياري، قربو، رٻي سميت گوگهٽ جو به نوڪر“ راهو ڪنڌ پوئتي ڪري سلام جو جواب ڏنو. ٻه منٽ ئي ڪونه گذريا ته راهو سيٺ کي گاني جي فرمائش ڪئي. گاني جا ٻول ڪجهه هن ريت هيا ”چوڏهين صدي هلي ٿي، گرم هوا گهُلي ٿي..... نباهه“ راهو، سگريٽ جي ڪش مان نڪتل دونهين کي، نڪ جي سلينڊر مان ڪڍندي، شوڪارا ڀريا. سيٺ کي داد ڏيندي چيائين ”تون جنهن وقت گاني جا اهي ٻول، رڪارڊ تي آڻين ٿو. تڏهن منهنجي دل جو زخميل پکي، انهن ڀٽن ۾ ڊوڙندي، انهن دوستن تي ماتم ڪري ٿو، جيڪي زمان سان مٽجي وڃن ٿا“.
”مار جوڻ سان“ پويان ڪنهن رڙ ڪئي.
”اهي وري ڪنهن کي ڳاڙها مرچ لڳا“.
جواب ڪير ڏئي، جي ڏئي ته ان کي ڪير ٽيڪ ڏئي. ڇو ته راهو ڳالهائڻ سان هر ڪنهن تي چڙهي ويندو هو. راهو سڀني کي خوب سڃاڻي پيو. سو نه ڪيائين هم نه ڪيائن تم، قربو کي ڇنڀي وڌائين.
”آهي قربو شوق، بابي تيوڻي کان به ڊگهي اٺ فٽي نينهن گهر ۾ لڳائي اٿئي، ڪر شوق ته ٽٽ ته راڄ ٻڌنئي“
”ڪيئن“ قربو سُرڪي هن جي ڀر ۾ ويٺو. ٻيا شوقين وات پٽيو ٻنهي کي ٻڌڻ لڳا.
”تنهنجو ٽيڊي (ڏاند جو نالو) مُني، پياري جو ٻڪري (ڏاند جو نالو مُني، ڏاند ملڪ کليل، پنڌ نو ويهون، شرط پنج پنج هزار“
”لڳي“
”لڳي“
ٻنهي ڌرين جي واٺڙين پنج پنج سئو بياني طور ملايا. تاريخ سنڌي مهيني جي ستين مقرر ٿي، چارا ”ماڻڪٽارو“ ڦٽل تاريخي ماڳ) وارا ٻنهي ڌرين قبول ڪيا.
بس تاريخ مقرر ٿي، ڄڻ راهو ۽ پيارو جنڊ جي ٻن پڙن وانگر پاڻ ۾ ملڻ لاءِ آتيل هُيا. ائين ٻئي راز ڀائي ٿيا، ڄڻ ته وڇڙيل ڀاءُ مليا هجن. هڪ ماءُ جي ٻنڊ پيتي هئي، هڪ ٻنڌڻ ٻڌيا هئا. راهو رُنڊ هليو، نه رن نه رلي. جتي پڪي اُتي کاڌي. پياري جي ميل ٻڌي، راهو پنهنجيون آڱريون سچي گيهه ۾ وڌيون هيون. وڻيس ته گولڊ ليف پئي، وڻيس ته ڏهي پئي.
پيارو پاڙي واري رئيس ڳهڻي خان جي زمين جي ڪمداري ڪندو هو. هن جو گذر سفر ڪمداري مان آيل ان تي هيو. هن کي ٻه زالون، پنج پٽ ۽ هڪ نياڻي هئي. هن جي طبيعت به عجيب و غريب هئي. هن کي جنهن ٽوڪيو تنهن ڄڻ ته نانگ تي پير وڌو، جنهن ٽيڪر ڏنس تنهن تي اول گهول ويندو هو. هن کي رکي رکي بلڊ پريشر چڙهندو هو. ته چوندو به ائين هيو ”هن چڪلائي مان واهه جو اڙيو آهيان“ ۽ پوءِ ڪچهري ۾ ويٺلن کي مخاطب ٿي چوندو هو ”هي واقعي بلڊ پريشر حرامي شي آهي. پر مان ان جو پي آهيان. جيڏي محل تنگ ڪري نه، اصل ئي بيراج ۾ ٻوڙي ٻوڙي هڻندو آهيان. پاڻهئي ٺيڪ ٿي ويندو آهي“ هن جي انهي ڳالهه تي ڪچهري ۾ ويٺلن کي خوب مزو آيو.
هن جي طبيعت جي رُکي مزاج کي راهو ئي خوب سمجهي پيو، جيئن تاريخ سوڙهي ٿي تيئن پياري کي سر جي لڳي.
”ماڱي لئي ڏاند ڌاڙيل وٺندس“ پيارو راهو کي مخاطب ٿيو.
”بيشڪ وٺنداسين، ڌاڙيل ڇا ڌاڙيل جي پي بُچي کان به وٺنداسين“
”جيڪا به في گهريائين نه، ڀري ڏيندس“
”ڀري ڏينداسين“
راهو پياري سان سُر ۾ سر ائين ملائيندو رهيو، جيئن موسيقار فنڪار سان ملائيندو آهي. اڙي يار راهو ڏس نه، هي عزت ۽ غيرت جو معاملو آهي. غيرت هر شئي کان اُتم آهي. ڌن وڃي، دولت وڃي، گهر جا ڳهه ٽپڙ وڃن. ڀلي وڃن پر قربو نه چڙهي. قربو چڙهيو ته هر شئي وئي“ راهو سان پيارو ڪن ۾ ڳالهيون ڪرڻ لڳو. ”رک الله تي، هيڻي نه ٻول باقي قربو......“ راهو دلداري ڏني.
”هيترا سارا پئسا ڪٿان آڻيندس؟، ڪنهن کان اوڌر تي وٺان؟ ڪنهن کان وياج تي ملندا؟ پيارو رستي سان خيال ويڙهائيندو لڙي رات گهر پهتو. هن جا ننڍا ٻار ننڊ ۾ هئا. ننڍي گهر واري نئي ڄاول ٻار کي ببو پئي ڏنو. وڏي گهر واري سياڻي هن جي انتظار ۾، در تي اک اٽڪايو ويٺي هئي. سياڻي جي هن سان بي انتها محبت هئي. ٻنهي هڪٻئي سان ڪڏهن به بينش نه ڪيو هو. اهو ئي سبب هو، جو شادي کانپوءِ، ڪيئي سالن تائين اولاد نه ٿيڻ جا باوجود به، هڪ ٻئي کي وظو پڙهي جي ول وانگر هڪٻئي کان جدا ئي موت سمجهندا هئا. سياڻي جون پياري سڀ ڳالهيون مڃيون مگر هن ڪڌي ڪم کان بلڪل انڪاري ٿي بيٺو، جيڪو غم سياڻي کي اڄ به دل ۾ آهي. سياڻي جي چوڻ تي هن ٻي شادي ڪئي. پر ٻي شادي به هنن جي پاٻوهه ۾ ڪمي نه آندي. پيارو اڄ به لڙي رات گهر پهتو ته سياڻي منهن ۾ گهنج آڻڻ بجاءِ پٽڙو ڀت، کير سان کڻي آئي. پيٽ جي ٻوڄا بعد، ڪجهه چوڻ بغير وڇايل هنڌ تي ليٽي پيو. ننڊ هن جي اکين مان موڪلائي ويئي. هن وهاڻي کي ٻيڻو ڪري ڪنڌ هيٺان ڏئي، آسمان جي ٻرندڙ تارن کي تڪڻ لڳو. هن جي اکين جا تارا، گهر جي اڱڻ تي، ٻڌل مال کي نور ٻلي جيان تڪڻ لڳا. تڏهن سياڻي کي جاڳ ٿي.
”سمهين ڇو نه ٿو؟“
”ننڊ نه ٿي اچي“
”طبي ٺيڪ اٿئي؟“
”ها ٺيڪ آهيان“
”ته پوءِ ڪهڙي بلا تي پير پيو اٿئي، ٻڌائين ڇو نه ٿو؟“ سياڻي پريشاني مان پڇيو.
”بس، سڀاڻي ٻڪري جي ميل آهي.... پئسا کپن“
”پئسا،پئسا ڪري ڏنا ٿئي. انهن خراب ڪمن ۾ گهرجي ڀينگ ڪري ڇڏي اٿئ، اڃا نٿو مڙين. سانوڻي جي ڇتي مينهن غريباڻو گهر ڊاهي پٽ ڪيو. ٻچڙا ڪکائين گهر ۾ مال سان گڏ رهن پيا“ سياڻي تپي باهه ٿي وئي. سياڻي جي وڏي پڙلاءُ ڪري پکين ۾ ٽاهه پيا. سياڻي پاڻ ڪنٽرول ۾ رکندي آهستي آواز ۾ چوڻ لڳي ”..... ۽ اوهان جهڙن مردن جي جونءُ به نٿي چري“
”ها ها، چُري ٿي، تو کان وڌيڪ سوچ اٿم. پر هي غيرت جو مسئلو آهي. بيانو کارائيندس ته گلا ٿيندي“
”غيرت..... غيرت..... اوهان مرد غيرت ڪنهن کي ٿا سڏيو؟ توهان مرد ٽيڪر پسند ٿي ويا آهيو. بس هُش ۾ خوش، واهه ڙي پيارا خان واهه.....“ پيارو، لٺ هٿ ۾ ڪري سياڻي کي مار خاطر اڳتي وڌيو.
”او، هاڻي تنهنجا هٿ مار ڏي به وڌيا...... سچ ڪيڏو نه ڪڙو آهي“. ايتري ۾ ڪڪڙن پهريون دس هنيو. سياڻي گهر کي ٻهارو ڏيڻ ۾ لڳي ويئي.
”اي پيارا خان آهين“ ٻاهران سڏ ٿيو.
”هائو هائو آيو“ پياري سڏ جو جواب ڏئي، منهن ڀيلو ڪري ٻاهر نڪتو. واپاري سان راهو به گڏ هيو. پيارو خوش ڀڙ ڪري گهر موٽيو. اڱڻ اڳيان ٻڌل نئي سُئا مينهن ڇوڙڻ لڳو، جنهن کي ويامي هڪ ڏينهن مس ٿيو هيو. سياڻي ڦريو ڦٽي ڪري، هن جي پيرن تي رئو رکندي، منٿ ڪرڻ لڳي ”پيارا پيار جي صدقي، ننڍن ٻچن جي صدقي، مينهن مان هٿ ڪڍ“ پياري سياڻي جي هڪ به نه ٻڌي. ٻنهي جا هٿ رسي ۾. هو ڇڪي اڳتي، سياڻي ڇڪي پوئتي. نيٺ سياڻي سالن کان ميڙيل پئسا جيڪي هن ٽُڪ جي رلين، نهور جي کٽن ۽ برٿ مان ڪمايا. سي ميڙي سيڙي هن وٽ کڻي آئي. تڏهن پياري جي غيرت کي ٻنجو آيو.....! ۽ هن مينهن مان هٿ ڪڍيا.
پيارو پئسن ملڻ کانپوءِ، مينهن وانگر ويامي پيو. تڙ تڪڙ ۾ وهنجي، برٿ تي اڇو پهراڻ پهري، نرڙ، ڀرون ۽ شهپرن کي پاءُ کن تيل جو هڻي، مٿي تي ڳاڙهي ٽوپي رکي کڻي ٻاهر نڪتو. ”واپاري پريل تنهنجي مهرباني، پئسن جو ڪم ٿي ويو، وري ضرورت پئي ته پري نه آهين. پياري واپاري کي جواب ڏئي واپس موڪليو.
هاڻي، راهو ۽ پيارو ڊاڙون ٻٽاڪون هڻندا اڳتي وڌيا. پياري راهو کي پئسا ڏئي ماڱي ڏاند لئه روانو ڪيو. پياري هوٽل تي ساهه ئي مس پٽيو ته راهو ڪار مان لهي السلام عليڪم ڪئي. اڄوڪي ميل ڪري، راهو به پني سني، عجيب ڪپڙا پهريا هئا. بدن تي ويڪري قميص، ڪلهي تي اجرڪ ٻه پڙو ۽ مٿي تي سونهري ڪلا باز ۾ پوتيل ڪوڏين وارو ٽوپ رکيل هيو هن Red & White جي سگريٽ کي Gold Leaf جي پاڪيٽ ۾ وجهي، اڳئين کيسي مان اڌ اندر ۽ اڌ ٻاهر ڪري رکيو هو. هوٽل ۾ اچڻ شرط سگريٽ دکايو. سگريٽ جو وڏو سوٽو قربو ڏانهن ڦوڪيندي کهنڪر ڪئي ”قربو گهٽ نه ٿيندئي، تو ڪڻڪ جون ٻوريون، وياج تي وٺي، سستي اگهه تي کپائي سمجهين ٿو ته ٻيڻا پئسا ڪمائيندس. ائين سمجهه ته ڪاڇي جي آيل ٻوڏ ۾، سڀ ڪجهه لڙهي ويو. هاڻي مائي کپائي پوري ڪجان“
”اڙي هائو هائو، تون به خوش نه ٿي. بس ائين سمجهه ته لوسڻ جي گاهه پياري جي مينهن ڦاڙي وڌي“ قربو ڌنڪي جواب ڏنو. تڏهن هوٽل ۾ وڏو ٽهڪڙو مچي ويو.
جيئن شام لڙندي وئي، تيئن هوٽلون ماڻهن سان ٻُري پيون. هوٽلن تي ويهڻ جي جاءِ ڪانه هئي. چارن تي ڪشمور، ڪنڌ ڪوٽ، شهدادڪوٽ، قمبر، لاڙڪاڻه، ميهڙ، نصير آباد، سيتا پياري، ڦلجي ۽ دادو جا جواري ويگنون، ڪارون، ٽريڪٽر، بسون ڪرائي تي ڪري پهتا. ماڻهن جي رش وڏي سياسي جلسي جي ڀيٽ جهڙي لڳي. ڏاندن جا مالڪ، وڏي ناز نخري سان، ڏاند ٽرالين ۽ پڪ اپ ۾ کڻائي پهتا. ان وقت مالڪن جي حيثيت ڏسڻ وٽان هئي. ڪئي واٺا هنن جي ڪڍ هئا ۽ هر ڪو خوش خيرافيت ڪرڻ ۾ لڳل هو. ننڍن ٻارن جي هٿن ۾ ٺڪائڻون ۽ سرن جا ٽڪرا هيا، وڏن وٽ بندوقون هيون. پوليس وارا وردي ۾ احتياطن آيل هيا. ڏاندن پهچڻ کان اڳ ئي جوارين، پنجن ۽ هزارن سون جون دستيون ميرن هٿن ۾ جهلي واڪ ڏيندا رهيا. ڪٿي ڌاڙيل سٺ تي سو پئي ڏنو ته ڪٿي برسات (ڏاند جو نالو) ڏني پئي. جوارين جي لٺ سردار غلام کوسو، ته پٽ تي ويهي سگريٽ جي ڪلي تي شرطون لکندو ويو. هو لکن ۾ کيڏيو. سڀني جوارين کي ميري گوڏ، قميص، بلڪل پير اگهاڙا ۽ هٿن ۾ هزارن جون ڪڙڪ دستيون ڏسي دماغ گهڙي پل چڪرائجي ويو. ڄڻ State Bank هن جي پيءَ جون تجارتون آهن.
سج اندر ٻاهر ٿيو. ته ڪاڪو الهداد پنهنجن وڏين ٻرانگهن سان، نو ويهون جو پوري ٿيڻ تي، امانتي ليڪو ڪڍرايو. مالڪن جي رضامندي سان، گاجو کي هيٺين امانت جو بار وڌو. بس رڳو امانتي جي ويهڻ جي دير هئي. هاڻي ڏاند مٿي وڃڻ لڳا. واٺڙين، مالڪن اڳيان سرخرو ٿيڻ لاءِ، کڻي لٺيون کنيون. ”هلو ڪنڌي ڏي ڇڏيو چارا“ گوگهٽ چوندو مٿي ويو. راهو ته باقائدي سان ڪچيون گاريون پئي ڏنيون ”هٽو هٽو ته ڪيانو نه بڇڙو..... ڪ......نـ........ڃـ........ ر. .......“ ماڻهو، ڪنڌي ڏانهن ڪي ويا، ته ڪي اتي رهيا. گوگهٽ برسات واري پاسي کان ۽ راهو ڌاڙيل واري پاسي کان دستگير جو ليڪو ڪڍندي، ماڻهن کي قسم وڌا تڏهن وڃي ڪنڌي پري بيٺي، ٺڪائڻن وارن ڇوڪرين کي هوشيار ڪري ويهاريو ويو.
ماڻهن، کان وڌيڪ ڏاندن کي سرجي هئي. ڌاڙيل بيهي ته برسات کڻي پاڻ کي، زمين تي سٽي. ٻڪري ٺهي ته ٽيڊي پولهه ڪڍي وڃي. ڏاند ٺهي بيهن ته مٺڙيا ڏاند کاري وڃن. هر ڪو ڏاندن کي الله توهار وٺڻ لاءِ هوشيار ڪري رهيو هو. اچانڪ الله توهار ٿي وئي. ڪنڌي تي بيٺل واٺن جون ماڻهن کي ٿيلها، مُڪون، گاريون، متان لٿا آهيو. بيهي مزو ڏسو. ڏاند جتان جتان لنگهيا. بندوقون ۽ ٺڪائن جا منهن کوليا ويا. ڪٿي ڌاريل اڳتي ته ڪٿي برسات اڳتي هيو. آخري پنجن وکن ۾ پوليس واري جيئن ئي G-3 جا لاڳيتا فائر ڪيا، ته برسات کي پويان پئيندڙ باهه، اک ڇنڀ ۾ کڻي ٽڪ کان، ڪکن تي اڳ ٽپايو. ڪو چوي، ڌاڙيل ماري ويو. ڪو چوي برسات، جيترا وات اوترون ڳالهيون هيون. هيڏي ساري خلق اماني کي ڦري وئي. اماني برسات جي حق ۾ فيصلو ڏنو. ڪي کل خوشي ۾، ڪي ٽپهري جهڙو منهن ڪري موٽيا. گدڙ جي ڳالهه وانگيان، راهو اتان ئي کڻي پيرن تي زور رکيو، ته گهو گهٽ منهن پئجي ويس. گهو گهٽ راهو کي بيهڻ جو چيو. راهو گهو گهٽ کي هلندي جواب ڏنو ”گولي دل تي لڳل آهي، بچڻ مشڪل آهي، پر جي بچيس ته گهٽ نه ٿيندئي“. پيارو ٻين جي ٽيڪن تي لڏندو چگهندو، جهرندو، ڪرندو، گهر پهتو. قربو کي اماني، مٺڙيا، ڏاند (ماڱي جو) مالڪ پئسن لاءِ ورائي ويو. قربو ڪنهن جي پوري ڪري ڪنهن جي پوري ڪري....... قربو کي گار جي رئي پئي پئي. گهڻن جي قربو کي ها ها ٿي ته جيڪر سڃا آهيو، غريب آهيو. پورا نه ٿا پئو ته گوءِ ڇو ٿا رکو. گويون ڪرڻ سوليون آهن ڇا؟ پئسن جي پوري ڪريو..... نيٺ قربو گهر جا پئسا ڏئي جان ڇڏائي.