ڀاڙيا ڀاڙين جا يار
بادل حاضري هنئي، هن کي سالن کان پوءِ گهڙي کن جي مليل موسمي خوشي به پيرن مان کسجي ويئي. چپن کان کسي ويئي. هن ڏٺو ته اڳئين ڏينهن جي Initial مٿان گول دائرو لڳل هو. هي بغير ڪجهه ڪڇڻ جي ڪينٽين ڏي ويو. ڪينٽين آفيس ڀرسان هئي. ات اڳ ئي کاٽو پٽ، کوٽا سڪا ويٺا هئا. هن کي ڏسڻ سان ئي سڀني ٿڌو شوڪارو ڀريو پوءِ گڏيل آواز ڪڍيا ”بادل چانهه پي“
”مهرباني“
”يا سڀني کي پيار“
”ها پيارڻ سان ڪو کٽي ويندس؟“
”ها سائين بادل جي پوري پوري لئي آ“
”آفيس ۾ به بادل، صاحب وٽ به بادل، صاحب به جيڪا هن جي ٻڌي ٿو نه، اصل ئي پٿر تي ليڪو.....“ هو سڀئي واري واري سان ائين بادل کي کڻندا رهيا. جيئن ملهه پنهنجي مقابل ملهه کي سندري وقت اڳيان پويان، اکر ويڙهائي ڪيرائيندو آهي.
هنن کي بادل ورندي نه ڏني، ٻڌي اڻ ٻُڌي ڪندي سوچڻ ۾ محو رهيو ”مون سان ائين ڇو ٿا ڪن، ڪنهن کي دانهن ڏيان؟ مون سڀني کي پيار ڏنو آهي، سڀني سان ٻانهن ٻڌڻ جي واٽ آهي، ڊيوٽي جو پابند آهيان.... پر فطرت ۾ سچ سمايل آهي..... ها اهوئي مون ۾ نقص آهي، ٺيڪ آهي چنڊ به اڻ ٿڪل مسافر آهي، هو ٿڪو آهي جو مان ٿڪجان“. بادل دل کي ارادن جا بند ٻڌندو. آسرا ڏيندو، جياريندو رهيو. ٽيبل تي چانهه رکئي ڪافي دير ٿي. هي اڻ پيتي جي نشن ۾ گم رهيو.
”اي چانهه پي......“
”ٺاري پي نه، تنهنجي مرضي ڇا.....؟“
ٺارڻ ۾ مزو واهه جو اٿئي!“
هو نمبروار ڊائلاگ ڳالهائيندي آفيس طرف وڌيا. بادل ڪاريهر جيان وروڪڙ کائيندي دل ۾ گجندو رهيو ”ڇو نه جلايان هنن کي، ڇو نه ٺونشا منهن تي برسايان، ايترو ماريان جو هي ڦٿڪن رڙن، هڏڪيون ڏيندا رهن ۽ مان ٽهڪ ڏيندو رهان. اهو سلسلو تيسين جاري رکان، جيسين گهڻي پئسي ڪري تڪبر ۾ وڪوڙيل ذهن موٽي اچن، هنن کان سڀ خوشيون، جسماني سونهن کسي وٺان، ڇني وٺان، تاڪه هنن کي خبر پوي چٿر ڇا ٿيندي آهي؟ انسان کي ستائڻ جو وهنوار برو هوندو آهي؟ مگر هي خدا جي خدائي تي چپ رهيو. اندر جي جذبن کي ٽانڊن تي پاڻي جيان وسائيندو رهيو.
هن چانهه پيئڻ شروع ڪئي. ذهني نشونما کي ڪجهه گهڙي ساعت ملي، بکي پيٽ جي ڪنهن قدر بک ٽري. هن جي ذهن ۾ وري سوچ اڳتي وڌڻ لڳي ”آفيس جي معاملن تي به صاحب ئي پڇا ڪئي هئي. پوءِ جي مون ڳالهايو ته ڇا ٿيو؟ ڀلا ان ۾ ڪوڙ ته ڪونهي ڪو. هت اڪثر ڪرپٽ آهن. هر شئي تي پئسا وٺن ٿا، ڪميشن کائن ٿا، ناقص مٽيريل استعمال ڪن ٿا. Even خالي پاٺا به تور تي کپائن ٿا. ڀلي کائن، ڀلي کپائن. ٺيڪ آ سڀ ڪو پنهنجي کڏ ۾ ڪرندو پر هي ايڏا ڪريل آهن جو Labour کان نٿا مڙن، ٽرڪون لوڊ ۽ ان لوڊ تي سرڪاري في ڇهه سو رپيا ڏيکارين ٿا. مسڪينن کي ٻه سئو ڏين ٿا. اهڙي طرح ستن مزدورن ۾ في مزدور ساڍا اٺاويهه رپيا کڻي وڃي ٿو. هنن جي هوائي روزي آهي. ان روزي تي ٻچا پلجن ٿا. هي استحصال آهي. ظلم آهي. ظلم خلاف نه ڳالهائيندڙ به ساڳيو سزا وار آهي. گهٽ ۾ گهٽ مان ان ظلم ۾ حصيدار نه بڻجندس. بادل سوچي سوچي، پنهنجي منهن ڀڻڪندي جولان ۾ اچي ويو. هي پگهر ۾ شل ٿي ويو. هن جي نرڙ مان هن جي نس نس مان باهه پئي نڪتي، ايتري ۾ هن جي مٿان Helper اچي بيٺو.
”بادل“
”هون“
”صاحب سڏي پيو“
هي تڪڙا تڪڙآ قدم کڻندي آفيس ۾ داخل ٿيو. صاحب ريوالونگ ڪرسي کي ٽيڪ ڏيئي، فائل ڏسندو رهيو. اڳيان ڪائي جي پنج باءِ چار ٽيبل تي سعودي جي تسبي پئي هئي، بادل کي صاحب سڃاڻيندي به پڪائي ڪئي ”اوهان جو نالو“
”بادل“
”ته اوهين آهيو بادل.......... اوهان شيخ ۽ جاويد جي Misbehave ڪئي آهي.
”نه سر مون نه، پر هنن بي واجبي ڪئي آهي“
”وري الٽو انهن تي الزام“
”الزام نه پر حقيقت آهي، مون سائينجن سان جنهن ڏينهن کان گفتگو ڪئي آهي ان کان پوءِ هي. ......“
”بس بس.....“ صاحب اڌ ۾ ڇنڀندي کڻي چپ ڪرائي. بادل چپ رهيو. صاحب سگريٽ دکائيندي وري پڇيو ”غريب آهين“
”آهيان“
”غريب ۽ عزت“ هي پنهنجي منهن لفظ ڪڍندي کائي ويو.
”نوڪري سر، سرڪار جي ڪيون ٿا، عزت ذلت رب جي هٿ ۾ آهي. عزت عزت هوندي آهي، عزت ۽ غيرت جو غريب سان، هونءَ به گهرو رشتو آهي“. بادل صاحب کي جواب ڏيندي ٻاهر نڪتو. صاحب تپي باهه ٿي ويو. هن پوري طاقت سان بيل تي آڱر رکي. ٽر...... ٽر...... ٽر...... جو آواز چؤ طرف پکڙجي ويو.
هيلپر حاضر ٿيو ”جي سر جي سر“
”آفيس سپرنٽينڊنٽ ڪو بلاؤ“ چئي صاحب ڪچي ڊرافٽنگ لکڻ ۾ لڳي ويو.ٿوري دير کان پوءِ هڪ ليٽر بادل کي مليو، جنهن ۾ لکيل هيو:
As you are irregular, unpunctual and disobedient you have misbehaved to bass. So you are being suspended ie 07-08-96 up to an other decision.
This copy is for your information.