ڪھاڻيون

اٽي اجھي لٽي جي ڳولا

ممتاز مصطفيٰ هڪ نوجوان ڪهاڻيڪار طور ڪهاڻين ۾ پنهنجي نفسياتي ۽ روحاني روين سميت پنهنجي سماج جي اصل شڪل بيان ڪرڻ جو ساهس رکي ٿو، جنهن سبب سندس ڪهاڻين ۾ زندگي موجود آهي، جيڪا ڪهاڻي پڙهڻ تي مجبور ڪري ٿي.
Title Cover of book اٽي اجھي لٽي جي ڳولا

گذريل چوويهه پهر

شور، هُل، هنگامي سان گڏ، ٺاٺا، گڊ گڊ گڊ جي ڀيانڪ آواز سوڍي کي پرهه ڦٽي جي مٺي ننڊ مان جاڳايو. هن اکيون مدري کان ٻاهر جهاتي پاتي. ”مارو اس مرغي ڪو، ڪتڳ ڪو..... “ ڪمان سنڀاليندڙ حڪم ڏنو. جي ٿري جا سڌا برسٽ هن تي وسايا ويا، مگر سوچي پاڻ کي، فرش تي سٽي، دشمن جي پهرئين وار کي مات ڏني. گوليون، ڪائي جي درين کي، پار ڪندي ڇت سان لڳيون. ننڍڙن ٻارن سان گڏ سندس زال بختاور ۽ پٽ ڪيهر جاڳي پيو.
”ڇا آهي ٻاهر؟ ٻڌائين ڇو نٿو؟ وري بختاور جو سوڍي تي زور. ”خدا خير ڪري، صبح سان ئي......“ سوڍو گهر جي ڀاتين کي، پريشان ڪرڻ کان نٽائي ويو. ”دروازا کولو ورنه سارڳ آگ ميڻ جل جائيڻ گڳ“ پاڙي واري مسجد جي لائوڊ تان پڙهو آيو.
”بابا هي پنهنجي پيش امام جو آواز آهي، جنهن وٽ اسان قرآن پڙهڻ ويندا آهيون“ ڪيهر پيءَ کي ٻڌايو. سوڍو پٽ جون خبرون ٻڌي دور ماضي ڏي ڪا ساعت هليو ويو. هي سوچڻ لڳو هي ڌرتي ڪيڏي نه ڪشادي ۽ فراخ دل آهي. جنهن هنن کي تهذيب ڏني. اهنسا جي تعليم تربيت ڏني. هتان جي ماڻهن، وڏي چاهه سان، مسلماني جي ناتي ۾، اجها ڏنا، گهر ڏنا، پيار ڏنو. اڄ اهي ئي ٿا هي ڌرتي ڏنگن ۽ پوءِ پاڻ کان ئي سوال ڪندي پڇيو ”هنن کي، ڪو اهڙو ڏاهو ڏات ڌڻي نه مليو، جو سنئين دڳ لائي؟“ هن ٿڌو شوڪارو ڀريو.
”آپ ڪو ڪڇ نهيڻ ڪهيڻ گڳ، ورنه بچوڻ سميت مر جاؤ گڳ“ گهر جي چؤطرف ڦهليل دهشتگردن مان، ٻن ڄڻن وڏي ردم سان رڙيون ڪيون ”هي آواز ته، امجد جي ٻنهي پٽن جو آهي، جن سان کائڻ پيئڻ، مرڻ جيئڻ، ڀائي بندي آهي“ بختاور سوڍي سان مخاطب ٿي. ”ها“ سوڍو ڪنڌ لوڏيندي، مٽي جي تهه چڙهيل ڊوسل رائيفل کنئي.
”بختاور“
”جي“
”ٻارن کي وٺي، رڌڻي ۾ ويهو“
”۽ تون“، ”مان ڌرتي، ڌرتي جي دنگن ۽ ٻچن خاطر ماريو ويندس، مري ويندس“
”ها ائين الله ڪري“ بختاور کي خوشي وچان اکين مان لڙڪ وهيا.
”او چري رک الله تي، هي ڇا ڪندا ڀاڙيا؟“ سوڍو هلڪي مرڪ سان، لڳاتار مشڪندو رهيو.
”بختاور، ٻارن سميت رڌڻي ۾ ويٺي. هن کي مزو نه آيو ته قرآن کڻي رڌڻي ۾ دور ڪرڻ لڳي. سوڍو ۽ ڪيهر، ڏاڪڻ واري گيٽ ڀرسان سڄي طرف، سيٽو جي آڙ وٺي، باقائدي دهشتگردن کي مٿي چڙهڻ کان، روڪڻ ۾ سٺي حڪمت عملي اختيار ڪئي.
”دروازا کولو“ چوندي دهشتگردن لاڳيتا برسٽ هلائي لوهو در پروڻ ڪري ڇڏيو. سوڍي جي، فائر ڪرڻ تي سڀ ڪافي پري ڀڄي ويا. پوءِ ڪنهن ٻيهر اچڻ جي همت نه ٿي. پري کان بيهي، گهر تي باهه وارا بم اڇليا. ڌماڪي وارن بمن جي پڻ برسات وسائي مگر قرآن جي تلاوت سڀني کي ناڪاره ڪري ڇڏيو. صرف هڪ اسٽور، ڪمري جي شاٽ سرڪٽ ٽٽڻ ڪري باهه لڳي، ڪافي سامان سڙي خاڪ ٿيو، باهه جا شعلا پري پري تائين ڦهلجي ويا. ڪمرن جا لوها گيٽ، ڀتيون، ڇت تئي جيان تپي باهه ٿي ويون.
بختاور، پاڻي جي ٽانڪي مان، ٻه سوڙون ڀڄايون. هڪ پاڻ وٽ، اسٽور ۾، فرش تي رکي، ٻارن کي ويهاريو. ٻي سوڍي ڏي اڇلي. بختاور، رب سائين جي در، دعا گهرندي رهي ۽ چوندي رهي ”شڪر آهي جو باهه کان پهرين ئي سوڙون کڻي آيس، جو ڪم آيون، ورنه هن تپش ۾ ته، ٻچڙن جي کل ئي سڙي وڃي ها“ سوڍو ۽ ڪيهر سوڙ کي مورچي بند فرش تي وڇائي، ليٽيا رهيا. ٻاهريان اطمينان سان، پنهنجي ڪارروائي تي خوش ٿيندا رهيا، تاڙي ملائيندا رهيا، هوائي فائرنگ ڪندي چوندا رهيا ”اب اس محلڳ ميڻ ڪوئي اور تو نهيڻ رها، علائقا صاف هو گيا“ ڪجهه وقفي کانپوءِ، گهر لٽڻ ۽ بنو انسان جي لاش جي، وڊيو ڀرڻ لاءِ ٻيهر آيا؛ تاڪه اعلى حڪام گڊ سرٽيفڪيٽ وٺي سگهن مگر پوءِ به ڪنهن کي، اڪيلي سر همت نه ٿي، ته اندر گهڙن، تڏهن سڀني علي علي رضي الله تعالى عنه ۽ ناري تڪبير جا نعرا هڻي فاتحن وانگر اندر گهڙڻ لاءِ اڳتي وڌيا. سوڍي فائر ڪيو. سڀني گدڙن جيان وٺي ڀاڄ ڪئي. فرش جي تپش، پي پٽ جي جسم تي داغ ڪري ڇڏيا هئا. هنن وٽ صرف، ٻه گوليون بچيون، هنن وٽ ڪا بچڻ جي واهه ئي نه هئي. پيءُ پٽ، ته ڪيڏي محل پٽ پي کي چمي ڏئي روئي رهيو هو، ڪيڏي محل، هنن جي ڀاڙيائپ تي کلي رهيا هئا.
سرڪاري هٿياربند دستن کي، گاڏين ۾ پاڻ ڏانهن ايندي ڏسي، دهشتگردن گهرن ۾ وڃي لڪا. دستن پهرين پوزيشن ورتي. پوءِ هڪ سپاهي وڏن شهپرن سان هو، رڙ ڪئي ”هم فوج هيڻ، نيچڳ آؤ“
”ڪوڙ ٿا ڳالهايو، دهشتگرد به ائين ٿا چون“ سوچي جواب ڏنو
”هم فوج هيڻ، نيچڳ آؤ، ورنه“ سپاهي روبدار آواز سان ڳالهايو.
سوڍي ڌاريو آواز سمجهندي در کوليو، ڇو ته دهشتگرد سڀ، هن جي علائقي جا هيا، جيڪي ڪهڙو به فريبي آواز ڪڍن، پر هي سڃاڻي وڃي پيو. ڪمانڊر پهرين هن تي ڪڙدي ڪئي، هٿيار هٿ مان کسيو، پر پوءِ هنن جي ڪوئلي جهڙي حالت ڏسي ٿڌو ٿيو.
”بس ڀائي شڪر ڪرو بچ گئڳ، ورنه اس علائقڳ ميڻ ڪوئي ڀي نهيڻ بچا“
”بس سائين شڪر آهي“ هن هٿ مٿي کڻي آسمان ڏي نهاريو.
”همارڳ پاس ٽايم ڪم هڳ، جلدي ڪرو“ڪمانڊر سوڍي ڏي نهاريندي چيو.
”پر سائين هي ظلم ٿيو آهي، چوويهه پهرن کان......“
”بس بس يه همارڳ بس ڪي بات نهيڻ، يه همارا ڪام نهيڻ“سوڍي کي باهه ڏاڍي آئي، ته چوان ته، بهراڙي ۾ هڪ ڊاڪو عيوض، ڪيئن نه گهرن کي ساڙڻ، گهرن مان ٻار ٻچا ان عيوض ڪڍڻ، بي عزتو ڪرڻ سولو آهي. باقي هتي...... پر هي زهر جو ڍڪ پي ويو.
”ته سائين، هي گهر، هي مال سڀ هنن کي ڏيون هلون“ سوڍي ڪمانڊر کي حيراني مان چيو.
”آپ ڪو تين منٽ ديتڳ هڳڻ، همارڳ پاس نا تو ٽائيم هڳ اور نا گاڙي ميڻ جگه“ تڙ تڪڙ ۾ هي صرف V.C.R، ٽي وي کڻي سگهيا. بختاور قرآن مجيد کنيو، هنن کي گاڏي ۾ ٻڪرين جيان واڙيو ويو. ننڍن ٻارن جا چهرا هيسيل بکايل هيا، شڪل صورت، باهه جي تئو ۾ ڪاري ٿي ويئي هئي، ائين لڳي رهيو هو، ڄڻ لاکڙا جي ڪوئلي جي کاڻ مان، مزدوري ڪري نڪتا هجن.
”تڳ سانو ڪدهر ڇوڙ ڪڳ آويڻ؟“ هن جي ڀر ۾ ويٺل ملتاني سرائيڪي ۾ ڳالهايو.
”هي اسانجو گهر آهي، تڙ آهي، هت ئي رهنداسين، ڌرتي پنهنجي ڪنهن ڇڏي آهي؟ هن اکين ۾ انتقام جي باهه آڻيندي دستن کي جواب ڏنو.
گاڏيون چوراهي کان مڙندي اڳتي وڌيون، سوڍو اهو ڏسي ويتر حيران ٿي ويو ته اڇي ڏاڙهي سان، پنج وقت نماز جا پابند مرد، علائقي جا معزز، انهن جون عورتون پوڙهيون پڪيون، سڀ نعرا هڻي رهيا هئا، پاڪ فوج ڪو سلام....... پوءِ شور، هل، هنگامو برپا ڪيو ”يڳ سنڌ ڪڳ ڊاڪو هيڻ، ان ڪو ڦانسي پر لٽڪاؤ، انهوڻ نڳ همارا جينا حرام ڪر ديا هڳ“ فوج وڏي بي کٽڪي، وڏي عدم اطمينان ۽ چين تي مسڪراهٽ آڻيندي، اڳتي وڌي رهي هئي........!!!!