ڪھاڻيون

اٽي اجھي لٽي جي ڳولا

ممتاز مصطفيٰ هڪ نوجوان ڪهاڻيڪار طور ڪهاڻين ۾ پنهنجي نفسياتي ۽ روحاني روين سميت پنهنجي سماج جي اصل شڪل بيان ڪرڻ جو ساهس رکي ٿو، جنهن سبب سندس ڪهاڻين ۾ زندگي موجود آهي، جيڪا ڪهاڻي پڙهڻ تي مجبور ڪري ٿي.
Title Cover of book اٽي اجھي لٽي جي ڳولا

دل نگر جي اتر واري ڪنڊ

منان جي دل نگر جا چارئي سيل چئني ڪنڊن جي اجهامڻ کان اڳ اجهامي ويا ها. پاڻ به نه جيئندي جي ء رهيو هو.بي عمل لٻاڙين جي وستي ۾ پنهنجي جيئڻ جي پوک پوکڻ جي اڻ تڻ هئي.منان ڪنهن کي نه ٻڌائيندي کڻي اتر جي ڪنڊ طرف رخ رکيو.اها ڪنڊ سڏ ڪوهه پري هئي.ان ڪنڊ تائين پهچڻ لاء دادو ڪئنال جو سهارو ورتو.ڪئنال جو وهڪرو اتر کان ڏکڻ هيو. هوا جي ڇولين جو چاڙهه اتر هو.هن سهڻي جي ڇولين ۾ فطرتي رنگ ملائڻ جي ڪوشش ڪئي. رنگن جي رونقن ۾ وات سان پاڻي مان بوڙيا جوڙي گڏ ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو رهيو. بوڙيا گهڙي ساعت کان پوء پنهنجو وجود وڃائي وسمندا رهيا.اها راند ڪنارن جي گهٽ گهيڙن سان کيڏندو لهندو چڙهندو وڃي ان تار پهتو جتان جي ميڻا وستي جوڪڏهن ڪو عجب جهان هو. هن وستي جي اوطاق جو نظارو ڏسڻ جهڙو هو.هت ڪيئي مسافر مانجهاندو ڪندا ها.رات جي گود ۾ فقير مسافر کائي پيء موجن سان سمهي پوندا ها.ڪينسر فقير مهماني جو انداز ڏسي پنهنجن کي وساري ويٺو هو.ڪارا ڪپڙا ڪارا ڪولابا ڪارا ڊگها ڪيس ڪنڌ تائين ڌڻ ڪتن سان گڏ پيو تڳندو هو.پاڻ پني پاڻ کائي باقي ڪتن کي کارائي ڪتن سان گڏ سمهي پوندو هو.ڪيئي زمانن گذرڻ بعد منان ساڳي اوطاق پهتو.هڪ ڇڳل کٽ پيل هئي.ماڻهن جي پيهه الائي ڪاڏي هلي وئي هئي.ڪينسر جا ڪتا ته ڇا پر ڪتن جي ڪا ڀونڪ به ٻڌڻ ۾ نه آئي.هي دلي مان پاڻي ڊڪ پيئڻ لاء اٿيو.دلي ۾ پاڻي ڦوٽو نه هو.دلي ۾ پنهنجو عڪس پري جي ڳالهه هئي.منان کي ڪنهن سڃاتو ڪنهن سڃاتو ئي ڪونه.ٻار چرين وانگي هن کي ڦري ويا ها. مرد ٻارن کي درويش فقير جي سفارش ڪري رهيا ها.
منان موقعي جو فائدو وٺي ڏهن فوٽن تي جڙيل قادن اسڪول تي نظر ڊوڙائي.اسڪول جو در ٻيڪڙيل هو.دري جو هڪ تاق کليل هو.ٻن ڪمرن تي مشتمل اسڪول ۾ ٻارن بجاء هڪ ڪمري ۾ ٻه لاسي گڏهه ٻڌل ها.بئي ڪمري ۾ وڏي منهن وارو رڇ بڇ وارو ڪتو سونهري زنجير ۾ سونهري پٽي سان ٻڌل هو.اسڪول جي در اڳيان ايراني گهوڙو بگي ۾ جوٽيل هو.بگي ۾ ويٺل ڳوٺاڻو سونهري ٽوپ نراڙ تي رکي شهپرن کي وٽ ڏئي هڪ نظر ۾ پنهنجي ڪتي کي ڏسي رهيو هو ته وري اتي ئي ٻي نظر انبوهه تي ڦيرائي رهيو هو.هن جي تيز نظرن سان اکيون ڪير ملائي.ٻار ڪتي جا اڳئي کاڌل هئا.مرد سڀ ماريل ها.هي ڳوٺ جو ڪو چگو لڳي رهيو هو.منان اوطاق مان اٿيو ته سڀ هن جي ڪڊ لڳا.جيئن هن تڪڙيون وکون کنيون ته ٻارن هيڙو هيڙو ڪيو.هن اوطاق جو ڦريو کنيو. گهوڙي گاڏي کي ڪراس ڪندي اڳتي وڌيو..اسڪول جي در ٻيڪڙيل کي لت وهائي ڪڊي.در ڪتي طرف ڪريو. سونهري ٽوپ پاتل همراه وڙهڻ لاء هيٺ لٿونه ويندي چرئي جا پٽ،ڄٽ جا پٽ......
.منان جا ڦرئي ۾ هٿ ۽ وڌيري جا هن جي ڳچي ۾ هٿ.
تون ڪتي کي ٿو مارين.
ڪتي کي نه پر تن ضميرن کي ٿو ٻهاريان جن وٽ ٻار جو مستقبل ڪتي کان مٿي ناهي.منان وڏيري کي جواب ڏنو.وڏيرو منان جي اکين کي گهورڻ لڳو.هٿ ڊرا ڪيا.
لاشڪ تون منان آهين.
۽ تون ساڳو نبو آهين. منان ائين چئي ڪمرو ٻهارڻ لڳو.نبو کي زمانو ياد آيو.منان جون چگايون ياد آيون. منان ء۽ نبو ڦريو ڏيڻ لڳا.نبو ڪتي جو زنجير سونهري پٽي کان ڇوڙيو.ڪتو ٻارڙن جا پير ،مردن جي پيرن سنگهڻ بجاء منان جي پيرن کي دير تائين سنگهڻ لڳو.ٻئي مرد لاسي گڏه ڇوڙيا.لاسي گڏه ٻئي گڏهه کي پستي وهائي ڪڊي.ٻار کل ۾ ڏند ڪڊي رهيا ها.ڏسندي ڏسندي گهڙي کن ۾ اسڪول جرڪي پيو. گهوڙي گاڏي جو مالڪ شرم وچان اسڪول ۾ داخل ٿيو.ٻارڙا سائين سائين ڪري هن سان مليا.هن ڪاري بورڊ تي بيهي پڙهائڻ شروع ڪيو.
الف اک به بدڪ
ٻارڙن پڙهڻ شروع ڪيو الف اک به بدڪ.
والدينن جي اکين ۾ خوشي وچان ڳوڙها تري آيا.منان خالي گهڙو کڻي اک ڇنڀ ۾ دادو ڪئنال جي مست ڇولين ۾ دل نگر جي ٻي ڪنڊ تائين ٽٻي هڻي ويو.ماڻهو ٻار نبو هن کي گهڻي دير تائين ڏسندا رهيا.