شاهو شيطان
شاهو کان شهر وڃڻ نه پڳو ته کٽ تي سمهڻ به حرام سمجهيائين، ذهن ۾ ڪو نه ڪو ٽيکڙ ٺاهي، لونگ مسڪين وٽ اچي ٺڪاءُ ڪيائين. هونءَ به لونگ جو گهر هن جي گهر کان ڏهن وکن تي ئي ته هيو. لونگ شاهو کي ڏٺو ته ساڻين رڳن ۾ ساهه پئجي ويس. خوش ڀڙ کان ٿيندا وڃي ڳجهڙين ڳالهين تي پهتا. لونگ ٻارن کي پنهنجي اڻ وس ڇپري ڏانهن نه اچڻ جو چيو.
”لونگ مون ٻڌو آهي ته. ......“
”ها ها چئه......“
”جوسو. ..... سنڱ. ..... وڏي پٽ کي ڏيڻ تان. ....... “ شاهو هٻڪي هٻڪي ڳالهايو ته متان ” ڏس نه ادا...... زمان کي الائي ڪهڙو واءُ لڳو آ..... اڳي ڳالهه ٿيندي هئي..... ڄڻ مـُـنڊي تي ٽڪ...... جوسو ڪير مان ڪير..... هڪڙو ڏاڏنگ..... هڪڙو رت...... لونگ جواب ڏنو.
شاهو دل ۾ گدگد ٿيندي ڪا گهڙي سوچيندي..... موقعي جو فائدو وٺندوي چيو ”جوسو کي ڏائين آيل اٿئي سپڙ جي..... سپڙ کي آهي پنهنجي ڀاءُ لاءِ پيٽ ۾ سور...... ”بس ادا غريب هن دنيا ۾ ڄائو چڱو ناهي...... برادري وارا به اٿئي سائي جا...... سڃو مري ته گهر ۾ مائٽ پٽنس......“ لونگ روئڻهارڪو ٿي چيو.
”نه نه. ..... رک الله تي..... توکي اڪيلو ڪو ڇڏبو......! اٿ مڙسي ڪر.......“ لونگ کي شاهو ڪن ۾ ڪا سُسُ پُس ڪئي ته لونگ ڪنڌ لوڏيندي چيو ”ڀلو آن.... سچو آن.....“ لونگ شاهو ڪٺي ٿي لالو لانباڻ جي گهر پهتا. لالو جي گهر ۾ ته شاهو جي ڀيڻ هئي، شاهو جي ڀيڻ کي ڦوڪ ئي ڪافي هئي. پرئين ويڙهي ڏي ٽپندي شاهو ۽ لونگ تي واحد جي ڪاري ڪتي رومڙ ڪئي، ٻئي ڪتي مان جان ڇڏائڻ ۾ ئي لڳل هئا ته واحد ڪتي کي ٻچڪر ڏئي ماٺو ڪيو. واحد سان ڳالهه ۾ ٻٽ ٿي نورل ڏي وڌيا. شاهو لونگ کي ايڏانهن نه هلڻ جو چيو مگر پنهنجو سمجهي شاهو کي مطمئن ڪيو. نورل کان ٿي وڏل وٽ ئي مس پهتا ته لالو، واحد به اچي ٺڪا ڪيو. رنن کان ڳالهه ڳجهه ۾ رکندي، وڃي قرآن شريف تي هٿ رکي واعدو ڪيائون ته جوسي سان ڪير به اسان مان نه کائيندو......... اهو ڏينهن پورو ٿيو، رات ٿي. شاهو کي ننڊ نه آئي، سڀاڻي جو سڏايل برادري ميڙ هن لاءِ امتحان هو. چار سال اڳ شاهو کي برادري سڏ ڀت مان ڪڍي ڇڏيو هو، شاهو جي پٽ اڪو گامڻ کي گهران سڏي، درياهه جي ڪنڌي تي ماري، لوڙهي ڦٽي ڪيو هئائين، گامڻ گڏي کي پنهنجي بدچال عورت کي جهلڻ تان سزا ملي. شاهو ان فيصلي کانپوءِ پنهنجن پٽن جون شاديون ته وڏي خرچ سان ڪرايون پر مٽن مائٽن کانسواءِ سانج سڀ نپٽا ٿي ڀانيا. ان ڪري برادري فيصلي ۾ ڀائرن جي حمايت ٻن جي به ٻارنهن ڀانئڻ لاءِ فڪرمند ٿيڻوپيس.
پٽن جي پيڙا پي پئي ڀوڳي، شاهو ڪيڏي مهل کٽ جي کٻي ٻانهين ته ڪٿي وري سڄي پاسي پئي وٽ ڏنا. ننڊ نه آيس ته اکيون پوريل پٽيائين، ساران کٽ ڀرسان ويٺس ته هروڀرو پاڻ وڻائيندي پڇيائين ”گوڪي واري زمين ريج ٿي......“
”ٻج“
”ٻج رونبي لاءِ پٽيل آهي“
”رونبو مڙس ماڻهو ٿي ڪجو..... متان مرهيون پاڻي ۾ ترن..... ها سچي. .... گهاٽو ڪجو.....“
جوڻس هڪ ڪن مان ٻڌي ٻئي ڪن مان ڪڍي ڇڏي. ساران ڪجهه نرم ٿي ته ٻانهن مان هٿ وٺي، ويهاريندي چوڻ لڳس ”مون کان ڪجهه نه پڇندينءَ ڇا..... سڄو ڏينهن وتان ٿو هن هن جا. ..... مهٽيندو.....“
”ڪهڙو حج پڙهي آيو هوندين.......“ ساران رکي ورندي ڏنس.
”ها ها..... چڱو..... صبح جو ويس لونگ جي گهر......“
”پوءِ.....“
”بس. .... ٻيڙا پار...... مڙئي هئي چڻنگ ڇڏڻي.... ڏسجان بنڀٽ..... ها سچي پوءِ آيس لالو جي گهر.....“
ڇو ڀيڻين شبي جي شهمت، لالو تي اثر نه ٿي ڪري ڇا.....؟“
”وچ ۾ نه ڳالهاءِ..... ڳالهه پوري ڪرڻ ڏي..... هڻائين نه ٿڦڙ.....“ شاهو منهن خراب ڪري زال کي چيو.....“
”آخر ڳالهه ڪٿي پهتي.....“ ساران تنگ ٿيندي چيو.
”سڀاڻي خبر پوندي..... پوءِ ته ٺاريندينءَ نه..... مڃندينءَ ڪٿي....؟“ شاهو اکيون اکين ۾ ملائيندي چيو.
”ها. ..... پر. ...... وري ڦري ويندا.............. ڪتي جوپڇ.............“ زال ڌنڪي سان ڳالهايو.
”نه. ... نه. ..... نه...... قرآن تي هٿ رکي ڳالهه ڪئي اٿن.... ڪيئن نه قابو ڪيا اٿم چري، مڃي نه مڃي.....“
شاهو ائين ئي مطمئن ٿي سمهي پيو، جوڻس به گهڙي پلڪ ڀرسان سمهي پئي، جوڻس هٿڙا ڦيرائيندي، پيار پلٽيندي وڃي کٽ تي پئي، ساران جي کٽ شاهو ڀرسان ئي رکيل هئي.
ٻئي ڏينهن شام تائين، سپڙ جي اوطاق، برادري جي ماڻهن سان ڀريل نظر آئي.
سپڙ روايتي وڏيرن کان بنهه مختلف هو. هن جي سوچ پڙهيلن وانگر هئي، عام سان عام، ننڍي سان ننڍو ته وڏي سان وڏو لڳندو هو. گڏ ٿيل برادري جا سڀ ماڻهو اچي چڪا هئا، سواءِ شاهو جي، ڇو ته هو راڄ ڀاڳ مان به نڪتل هو، ماڻهن موقعي جو فائدو وٺندي هڪٻئي سان خوب چرچا ڪيا. سپڙ ڳالهايو ته سڀ خاموش ٿي ٻڌڻ لڳس. سپڙ ڪڙڪندڙ آواز ۾ چيو ”ادا واحد، نورل، لالو، ولڻ، لونگ، جانڻ، ڍولڻ، ڪنهن ڪنهن جا نالا وٺان. ...... سڀ ڀلي ڀلي ڪري آيو....“ برادري مان جوابي کيڪار ٿي... ڪنهن ڏاڍي ته ڪنهن آهستي ڪئي.
”مون توهان ڀائرن کي ٻيهر تڪليف ڏني آهي، هر سال ڏهين محرم تي ننگر نياز ڪندا آهيون.... نياز تي اڪيلي سر به ڪري ٿي سگهيس پر گڏيل نياز جو مزو ٻيو آهي. محبت ۾ رحمت آهي.....“ سپڙ وات سان گڏ هٿن جا اشارا به ڪتب آندا.
”بروبر (برابر)“ هيٺين هڪ آواز ٿي چيو.
سپڙ ڳالهه جاري رکندي چيو ”ڳوٺ ۾ چوري جي آزار سبب مسڪينن جي ننڊ حرام آهي، جانڻ جا ڏاند چورائجي ويا..... جانڻ اڪ تي سڌا ڪري آيو آهي..... اڪ اڳ ۾ ئي گامڻ گڏي کي ناحقي ماري ڇڏيو..... منهنجي دل ۾ ته الائي ڇا ڇا ٿي باهه ٻري.... پر ڀائپي صرف شاهو کي مرڻي پرڻي مان ڪڍيو.... اڪ جهڙو جيل ويو تهڙو نه ويو.....“ سپڙ ڳالهه جاري پئي رکي ته نورل برادري جي بيزاري محسوس ڪندي اڌ ۾ ڳالهايو ”صرف نياز جي ڳالهه ڪريو........“ نورل جي اڌ ۾ ڳالهائڻ جو موقعو لونگ به نه وڃائيندي چيو ”شاهو ته ڌي جي سنڱ، ڏنڊ چٽيون، معافيون آزيون وٺي ٿو ٻيو ڇا ڪري؟“
سپڙ، لونگ ۽ نورل کي ويهڻ جو چيو گڏي جو پيءُ مخاطب ٿيو ”جهڙا ڪانو تهڙا ٻچا، شاهو هجي يا شاهو جي ڌيءَ..... توهان جي مرضي آهي ته شاهو جي ڌي وٺي وري ٻيو ڪو ممڻ مچي....“
سپڙ ڳالهه کي اڳتي وڌائيندي شارٽ ڪٽ ڪئي.. ... ماضي نه ورجايو.... اڄ مڙڻ جو حل ڪڍو.....“ لالو ڊگهي کي پوئتي زال جا سوٽا، سجهيا پئي، سو اچي واحد کي اک هنيائين واحد لونگ کي ٺوٺ هنئي جيڪو هن ڀرسان ئي ويٺو هو. لونگ سپڙ ۽ برادري اڳيان جذبات ۾ ڏڪندي ڀڻ ڀڻ ڪئي ”.... جوسو، منهنجي پٽ کي سنڱ نه ٿو ڏئي، اهو فيصلو حر حال ۾ اڄ ٿئي.....“ لونگ جي ڳالهائڻ، لالو ۽ واحد تي دل تي پاڻي جا ڇنڊا هنيا.
جوسي وضاحت ڪئي ”زور جي ميندي نه لڳندي. ڏي وٺ ته ڪانهي.... ننڍي هوندي نياڻي ٻين جي حوالي ڪرڻ به ڪا چڱ مڙسي آهي.... ماين جون ڳالهيون ماين تائين.....“
واحد، لونگ، لالو جي ڦيٽاري کي سپڙ به سلجهائي نه سگهيو، ٽئي نڪرندي چوندا ويا ”لونگ جو فيصلو نه ٿيندو..... نه نياز کائنداسون.... نه خيرات....“ سپڙ ۽ ٻيا ماڻهو اوچتي اڍنگي رويئي تي پريشاني مان ئي نه نڪتا ها ته نورل سپڙ کي مخاطب ٿيندي چيو ”اهي سڀ ڪم اٿو شاهڙو جا....“ شاهو اٿو شيطان..... ٻيلي ان جو بلو ڪريو نه ته. ..... محبت ويندي لڏي......“ سپڙ نورل جون ڳالهيون ٻڌي ڪرٽون سٽيندو رهيو.... برادري پنهنجن گهرن ڏانهن رواني ٿي.