اٽي ، اجهي، لٽي جي ڳولا
”نه نه ساران هي نيرو وڳو نه لاهيندس...هن کي لڳل چتيون مون لڳايون آهن هوبهو ستارن جهڙيون “ هو ننڊ ۾ زال ساران سان مخاطب هو. هو ننڊ ۾ ڪتن کي ٻچڪرون ۽ ڪٿي بيراڳڻ (لٺ) سان تڙي رهيو هو. لڙي شام ڌاري جاڳي پيو اٽي جي ڳنڍ اتي ڇڏي پاڻ پليٽ فارم تي پلٿي هڻي اچي ويٺو. پکي واهيري ڏانهن واپس وڃي رهيا هئا. هي وري ساران سان مخاطب ٿيو.
”ها ها هن ڀيري اٽو جام آڻيندس ! پنهنجا ٻچا ماني ويلي لاءِ ڪنهن ٻئي در جي موٿاجي نه ڏسندا. مان به نه پنان هان پر بيماري اهڙي ٿي جو ڪم جهڙو نه رهيس “ هن اطمينان سان پليٽ فارم سامهون لڳل علم پاڪ تي ڏيئو ٻاريو. ڏيئو ٻاري پليٽ فارم تي ٻيهر ويٺو. ڪافي دير کانپوءِ سمهڻ جو سوچي پليٽ فارم پارڪ تي آيو. بيدمشڪ جي ٻڇانگ ۾ هن جو هنڌ ڪونه هيو. هن هيڏي هوڏي ڪنڌ ورائي هنڌ ڳولڻ جي ڪئي. پارڪ تي مچ ڪچهري جاري هئي. ڪجهه فاصلي تي ديڳ پلاءُ ديڳيون لٿل هيون. هن جي روح سٽ کاڌي. هن صادق جي گهران رات جي ”واٽ الله جي ماني “وٺڻ بجاءِ پلاءُ واري ديڳ تي پهتو. هن ٽڳي کي ٻنهي هٿن سان جهلي ماني وڌائيندڙ جي اڳيان جهليو. ماني ورهائيندڙ همراهه ٽڳي کي کٻي لت هنئي ۽ سڄي هٿ سان فقير کي ٿيلهو ڏنو. ٽڳو ٽن حصن ۾ ٽٽي پيو فقير پٽ تي ڪري پيو. سوڍل فقير مچ ڪچهري ۾ ”اياز“ ڳائي رهيو هو. ”توبن کاڄ نه اجهي، تون به ته مون سين کاءُ“