ڪھاڻيون

اٽي اجھي لٽي جي ڳولا

ممتاز مصطفيٰ هڪ نوجوان ڪهاڻيڪار طور ڪهاڻين ۾ پنهنجي نفسياتي ۽ روحاني روين سميت پنهنجي سماج جي اصل شڪل بيان ڪرڻ جو ساهس رکي ٿو، جنهن سبب سندس ڪهاڻين ۾ زندگي موجود آهي، جيڪا ڪهاڻي پڙهڻ تي مجبور ڪري ٿي.
Title Cover of book اٽي اجھي لٽي جي ڳولا

ماءُ جو پٽ

مان، انٽر جو امتحان ڏيئي ڳوٺ اچي ترسيس، ڳوٺ ۾ وڏي اوطاق هوندي هئي، جنهن ۾ ٽالهي جو وڻن، پنهنجي ڇانو سان، اوطاق جي اڱڻ کي ڍڪي ڇڏيو هو. اوطاق جي ڀر کان هلڪو واٽر وهندو هو. واٽر تي ڳوٺاڻن جون زمينون آباد ٿينديون هيون، روز مره وانگر مون به واهه مان، پاڻي جا ڏول ڀري، اوطاق جي اڱڻ کي وهنجاري ڇڏيو هو. گهر مان کٽ ۽ ريڊيو کڻي اچي ليٽي پيس، ٽالهي جون ٽاريون هوا جي لڳڻ سان سنگيت ڇيڙي ويٺيون. ڳوٺ جا اڪثر ڇوڪرا توڙي هاري ناري اچي ٿڪ ڀڃندا هئا. ڪچهريون به ٿينديون هيون، ڪچهريون مختلف موضوعن تي ٿينديون هيون، اڄ مون وٽ صرف جانڻ ويٺل هو، هي سٺي دوست سان گڏ سوٽ پڻ ٿئي. جانڻ کي گهران سٺي ڇنڊ آيل هئي، هن جو چهرو لٿل ڏوراپيل پئي لڳو. هي سدائين کلندو ايندو هو. پر اڄ جي ڇنڊ، هن کان سڀ ڪجهه وساري ڇڏيو هو. هي سمورا ڏک مون وٽ اورڻ لڳو، اکين ۾ لڙڪ آڻيندي چيائين ”بابا جو، گهر وارن سان اڍنگو رويو ڏسي ڏسي، تنگ ٿي پيو آهيان، ٿوري گهڻي ڳالهه تي شوم ٿي ويندو آهي، جهيڙي جي وچ ۾ اچي ماءُ کي ڇڏايم، ته مون کي کپي ويو. خرچ لاءِ پئسا گهريم ته وير وهايم“ جانڻ مون کي اٽلندو سوال ڪيو ”تون ٻڌاءِ پنهنجي وني هوندي ٻئي ڪنهن سان روح ريجهائڻ، تن من ڌن ان تان گهورڻ، ڪهڙي انسانيت آهي؟ مون هن جا لڙڪ اگهڻ ۽ آٿت ڏيڻ ۾ وسان نه گهٽايو. گهڻي دير بعد هو ٿڌو ٿيو. مون هن کي هوش مان ڪم وٺڻ جي تلقين ڪندي کٽ تي ويهاريو. مون دل ئي دل ۾ پڪو پهه ڪيو ته جانڻ جي هر ممڪن مدد ڪندس. پر مدد، مسئلي کي سمجهڻ ۽ ان جو حل ڪڍڻ بغير اڌوري رهندي، جهڙا خيال ذهن ۾ اُسرڻ لڳا. نيٺ دل ٻڌي حقيقت پڇيم ته جانڻ جواب ڏنو ”اهو گهر جنهن ۾ کبڙ آهي نه“
”ها ها“
”ان گهر جي رنوٽي جيندو بابا کي لٽي ڇڏيو آهي“
”جيندو جي تنهنجي پيءَ سان ڪيئن لڳي؟“
”بس هڪ بڇڙو عشق، ٻيو مذهبي ڌٻڻ ۽ ٽيون غلط رسمون بنيادي ڪارڻ آهن“
”مثلاً“
بهراڙي جون عورتون توڙي مرد، گهٽ علم ڪري ڪافي مسئلن ۾ جڪڙيل آهن، ڪا عورت، ڪنهن بيماري مان، نه ٿي ڇٽي يا عورت کي اولاد نٿو ٿئي ته هو سٺي ڊاڪٽر وٽ وڃي علاج ڪرائڻ بجاءِ پئسي خرچ ڪرڻ بجاءِ وڃي پيرن، ولين تي باسون باسينديون، ڪنهن مڪار کان تعويذ ڪرائينديون، بابا جهڙي ڪوري ڄٽ، جنهن کي وضو ڪرڻ جي به خبر نه آهي، تنهن کان وتنديون ڦيڻا پڙهائينديون، ڪي نوجوان ڇوڪريون شوقيا طور ۽ ڪي بيماري ۾ ڦاٿل ڦاسيو وڃن. هر مهيني ڌاڳو وٺن، ٻارهين مهيني ڪنڌ هڻن، چلي طور ڇيلا ڏين، پوءِ تون پاڻ سمجهين ٿو.....!؟“
“Oh! My God…….!”
مان اهڙيون ڳالهيون ٻڌي، سچ پچ ته ان اونهي گار ۾ هليو ويس، جتي ڪنهن ڪنواري جي اسرندڙ ممتا، نازڪ نفيس بدن ۽ پيرن جي پازيب زندگي جا پر رونق ڏينهڙا، رنگ برنگي سيجون وحشي چنبن ۾ ڦاٿل، انهن علم جي تخليقڪارن تي ڀونڊا هڻي رهيون هيون، جن مصنف جي حيثيت ۾ ڪتاب لکيا، پينٽر جي حيثيت ۾ رنگ ڀريا، پر ڪو هڪ ڪيس به، علمي طرح کٽي نه سگهيا، ماڻهن جون دماغ واش ڪري نه سگهيا......!
منهنجي وجود کي جانڻ، اتي موجود نه سمجهندي ڪن جي پاپڙي کان، زوردار چهنڊي هنئي، تڏهن منهنجا حواس زندگي جي عام واهپي ڏانهن موٽي آيا.
”ڪٿي آ تنهنجو دماغ؟ تو کي به ڪا عشق جي باهه ياد آئي ڇا؟“
”ڪجهه نه، ڪجهه به نه، مان ته اتي آهيان، جانڻ تو وٽ آهيان“
”تون، منهنجي مدد ڪندين؟“
”ڪهڙي“
”ان رنوٽي مان بابي جي جند ڇڏائڻ جو گس ملئي ته دير نه ڪجان، منهنجي صدقي، دوستي صدقي“ جانڻ اهي لفظ چئي هلي ويو. مان، ريڊيو جي سئي کي حيدرآباد اسٽيشن تي سيٽ ڪري ٿورو آواز ڏئي، سمهي پيس، ڇو ته فرمائشي گانا اچڻ ۾ ٻه ٽي منٽ باقي هيا. سانوڻي جي موسم ڪري سڄي آسمان تي بادل ڇانيل هئا. هوائن جي زور تي، ڪي بادل هيڏي ته ڪي هوڏي ڀڄندا ٿي ويا. تيز هوا جي ڪري ٽالهي جي وڻن جون ٽاريون لڏن لمحن پيون. آسمان ۾ گوڙ ڪري ريڊيو جي Transmission ۾ خلل ۽ ٽڙ ٽڙ بند نه ٿي. نيٺ مجبور ٿي Volume بند ڪري سمهي پيس. رات جو مڇرن جي چڪن ۽ گهُٽ گرمي سبب اوجاڳيل هئڻ ڪري، ننڊ منٽ ۾ ئي پاڻ ڏانهن گهلي ويئي. اوچتو مونکي ننڍڙي ڇوڪري زيبو ننڊ مان اٿاريو. ڪچي ننڊ مان جاڳڻ ڪري باهه ڏاڍي ورتو، پر سامهون ڇوڪري زيبو ڏسي ڪاوڙ جهڪي ڪيم. زيبو پهرين ڊني، پر پوءِ منهنجي چپ رهڻ تي هوريان بلڪل هوريان چوڻ لڳي ”چاچا جيندو آهي نه جيندو“. ”ها ها ڳالهه ڪر“. ”اها انهي ڪمند واري ٻني ۾ گهڙي ويئي آهي“. چاچا جيندو ڇو وئي آهي؟“ زيبو ناسمجهي مان مونکي سوال ڪيو. مون سوال ڏيڻ بجاءِ زيبو کان پڇيو ”تون منجهند جو پيرين اگهاڙي گپ ۾ ڪاڏي نڪتي آهين“. زيبو ورندي ڏيڻ بغير سڄي ٻانهن مٿي ڪئي هٿ ۾ آچار هُيو. ”چڱو هل گهر هل“ تڏهن زيبو گهر ڏانهن تيز ڊوڙندي ويئي.
مان ذهن کي ڊوڙائڻ لڳس ”جيندو. .... ڪهڙي جيندو؟“
پوءِ هڪدم ذهن تي ياد اچي ويئي. ها هي اها ئي جيندو آهي، جنهن جو مون سان جانڻ ذڪر ڪيو هو. مان ڊڄندو ڊپندو، پهرين تيز تيز ۽ پوءِ آهستي ٻلي پير هلندو اڳتي وڌندو ويس. ڪنن کي وڌيڪ سرلو ڪيم ته ڪٿان ڪو ڳالهاءِ، ڪو گوگاءَ ڪا ڀڻ ڀڻ من ڪني پوي. مينهن جا ڦڙا ڪمند جي پنن ۾ ڦاٿل هئا سي منهنجي لنگهڻ سان، مٿي کان ٿي، ڳلن تي ڪريا. ته ڪن ڪپڙا ڪافي آلا ڪيا، ڪن منهن ۾ جهير ڪيا. سوچيم ته ماڻهو هيڏن مڇرن کي منهن ڏئي گاهه ڪيئن ٿا ڪن؟ عشق ڪيئن ٿا ڪن، پر عشق لاءِ ٻي اهڙي آسان آماجگاهه ملندي ڇا؟ خير سڀ ڪجهه سهندي اڳتي وڌيس، سامهون غزالي اکيون، ڪنهن جي انتظار ۾ پنهنجي ڪونج جهڙي ڊگهي ڳچي سان، هيڏي هوڏي ڪر کڻي نهاري رهي هئي. هن جو رئو، مٿي تان ڪري، سندس ئي چيلهه کي، ڪمند جي لڙهه ۾ ٻڌي ڇڏيو هو. هن جو اڌ جسم ڍڪيل ۽ اڌ اوگهڙ هو. هن جا ڊگها، سنها، وڏا وار ڪلهن تي گسائي پيرن ۾ ٿي پيا، ڄڻ ته ڪو ٻوڙو هو، جنهن ۾ هن، سمورو پاڻ کي ڪائنات کان لڪل عشق، بي خوف ٿي لڪائي رکيو هو. انتظار ۾ آيل پياس پي چڪي هئي يا ڇُهڻ تي هئي يا وٺي چڪي هئي، پر مون ته نظر پوڻ سان، سانءُ پکي وانگر جهُڪي، پوري توانائي سان ڇلانگ هڻڻ جي ڪوشش ڪئي، تڏهن ٻئي انگ ڪمند جي تراڇري گرين مٿان ترڻ لڳا. مون ان گهاٽي ٻوڙي ۾ هٿ وڌو. هو ”آهه“ ڪري شيش محل بدن سميت پيرن تي جهُڪي پئي، منهنجي نس نس ۽ ذهن جهومڻ لڳو. هي اهڙي ڪشش هئي، جتي هر سوچ مٽجي ٿي ويئي پئي، تڏهن ته پٿر دل ماڻهو به پگهرجي ويندا آهن. مان به اڃايل آهيان، پيئڻ ۾ ڇا آهي؟ مان به خدا جي هن آرٽ کي ڇهي ته وٺان، جيڪا خدا صرف انسان لاءِ جوڙي آهي، جنهن تي خدا، سڀ کان وڌيڪ ذهن، توانائي خرچ ڪئي آهي، ڪٿي هن سان ناانصافي ڪندي، ڪفارو ادا نٿو ڪريان؟ جهڙا سوال دل ۾ ذهن کي ڇيڙڻ لڳا پر سڀ شيون ڪفاري ۾ رکندي سوال ڪيم ”هت شوق خاطر آئين آن يا مجبوري خاطر“
”شوق ۾ سڀ مجبوريون لڪل آهن“
”ڪيئن سمجهاءِ؟“
”منهنجي شادي ٿيندي ڏهه سال ٿيا آهن، اولاد نه ٿيو، دوا ٿي درمان نه ٿيو، مڙس جي محبت ملي پر گل نه ٿيو، آخر هن گهر ۾ گل گهرجن، ڇا تون گلن جو انڪاري آهين؟
”نه مان گلن جو انڪاري آهيان ۽ نه خدا، پر گلن پيدا ڪرڻ لاءِ هن غلطان جو ڪٽر آهيان“
”ڪٽر“
”جي ها“
”ڪٽر ته ڪٽڙو ملان آهن، هو هڪ طرف ڪٽر، ته ٻئي طرف غلط نڪاح پڙهائڻ جا ڏوهاري پڻ، پر افسوس آهي جو اڄ معاشري جا چڱا چوکا به هو ليکيا وڃن ٿا“
”ان جو مطلب ته تنهنجو نڪاح غلط ٿيو؟ توکي مڙس بي مڙسي مليو؟“
”ٿي سگهي ٿو، هو مون کان گهڻي عمر جو هيو، منهنجي ماءُ پيءُ زوري شادي ڪرائي، ته جيئن مان انهن جي مائٽن ۾ وڃان، ٿي سگهي ٿو ته ذهني هم آهنگي نه هجي؟“
”توهان ڊاڪٽر وٽ پيشاب ٽيسٽ ڪرايو، وڏي ڊاڪٽرياڻي کي ڏيکاريو؟“
”ڪهڙا ڊاڪٽر“ هت ته جيڪي آهن ٻهراڙي ۾. تن کي ڏيکاريم، مڙس منهنجو نمازي هو. چوي ته سڀ ڪجهه الله جي هٿ ۾ آهي بس، باقي ڪٿان آيا ايترا پئسا، جو شهر وڃي وڏن ڊاڪٽرن کي ڏيکاريون؟“
جيندو جو جسم منهنجي پيرن تي جهڪيل رهيو. مون هن کي وڌيڪ ايذاءُ کان بچائڻ لاءِ مٿي ڪيو. هن کي لٿل چولو پارايو، پوتي مٿي تي رکڻ کان پهرين ۽ آخري سوال ڪيو ”توکي ڪارو ڪاري جي خبر آهي“. ”ها خبر اٿم، رڳو مان ڪاري آهيان! ته هو به ڪارا آهن. سزا مون سان گڏ، هنن کي به ملڻ گهرجي ۽ توکي به“
”مون کي ڇو“
”ها تون به هن جلوي ۽ خدا جي سڀ کان وڌي چٽيل جڙيل آرٽ ۾ رنگ نه ڀري، ڪٿي فطرت کي رسايو نه آهي. تون مذهبي ڀنڊار ۾ رهندي، متان مون تي ڪريو آهين؟ عشق مذهب کان مٿي آهي ميان! ائين چئي هو اکين کان غائب ٿي ويئي. مون هٿ هن جي وارن ۾ وڌو هو، سو هٿ ات ئي سڪي ويو. مس مس رڳن کي مهٽي سهٽي نيم ۾ آندم، رزلٽ اچڻ کان بعد چٽا ڀيٽي ذريعي داخلا آغا يونيورسٽي ۾ ٿي. مان ڊاڪٽر جو ڪورس پوري ذوق سان پڙهيو. آغا ۾ امتحان ۽ پڙهائي جي شيڊول خوب متاثر ڪيو. ائين وقت مصروف رهيو، جو محسوس ڪيم ته ڪنهن مغربي دنيا ۾ پهتو آهيان، جتي شاگرد وٽ اسٽرائيڪ، هڙتال، يونين بازي ڄڻ گار هيون.
ڊگري وٺڻ کانپوءِ ڳوٺ وريس ته ان ئي ٻني جي ڊڀراٽي ٽڪري تي، مينهن جي ٻن ڍورن پويان، ڪا لٺ کنيو بيٺي هئي. هن جا وار چڳون چڳون ٿيل، ڪي اڇا ڪي ڪارا سينهون وانگر وٽيل هيا، سُٿڻ جا پاچا کُٿل. هڪ هيٺ هڪ مٿي، پير گپ سان ڀريل هيا. مون هن جي پاسي کان جڏهن پيلي ٽيڪسي سان ڪراس ڪيو ته چيائين ”پٽ ڀلي آئين“ مان هٿ لوڏيندو هن کي اجنبي وانگر ڏسندو اڳتي وڌي ويس. هن جا چپ گولاڙي جي ول ۾ ميسيل ڳاڙهن ڦارن وانگر لڳا. هن جا ڳل نٽهڻ اس ۾ ڪنهن مينهن جي ڳچي ۾ پيل ڪاري ٽلي وانگر لڳا. گهر ۾ پير رکڻ شرط امان کان ان عورت پڇيو، امان ٻڌايو ته جيندو آهي جيندو. هن جي مڙس کي ڊائريا ٿي. ان ۾ لوڙي لوڙي مري ويو ”امان ڀلا پٽ جو اولاد ٿيس“ مون امان کان سوال ڪيو.
”ها پٽ، پٽ جو اولاد ٿيس نه ٿي ويچاري......“ امان جي ان چوڻ سان مان خيالن ۾ دور هليو ويس. منهنجي ذهن جي کوپري مان ڪيئي سوال اڀريا، جان ميڻ جيان پگهرجڻ لڳي، ايتري ۾ پيلي ٽيڪسي کي سموري شهر جا ٻار ڦري ويا هئا. شور ٿيو. مان، ڇوڪرن کي تڙي چاڙهڻ لاءِ گهر مان ٻاهر نڪتس، سڀ ڇوڪرا هڪ سهڻي سيبتي ڇوڪري کي چيڙائي رهيا هئا ”ماءُ جو پٽ، ماءُ جو پٽ“ مون کي ڏسڻ سان، سواءِ هڪ ڇوڪري جي سڀ جا سڀ ڀڄي ويا. ڇوڪري جي بت تي ڦاٽل قميص پهريل هئي، چهرو گلاب جيئن ٻهڪي رهيو هو، ته ڪيڏي محل روئي رهيو هو. ڀڄي ويل ڇوڪرن مان، هڪڙي جي ٻانهن ۾، منهنجو هٿ پئجي ويو ”ڇو ٿا چيڙايو هن ٻار کي“
”سائين سائين هي ماءُ جو پٽ آهي، حقي پيءُ مان ٿوڙئي ٿيو آهي“ مان ڇوڪري کي سمجهائي موڪليان ٿو. ته ائين نه چئو، ائين چوڻ سان خدا ناراض ٿي ويندو. جيندو جو پٽ، اکين جا لڙڪ ٺوٺ سان اگهڻ لڳو. مون پيار مان ڳل تي چمي ۽ ڏهه رپيا ڏنا، ٻار ٺينگ ٽپا ڏيئي جيندو طرف ڀڄڻ لڳو.