ڪھاڻيون

اٽي اجھي لٽي جي ڳولا

ممتاز مصطفيٰ هڪ نوجوان ڪهاڻيڪار طور ڪهاڻين ۾ پنهنجي نفسياتي ۽ روحاني روين سميت پنهنجي سماج جي اصل شڪل بيان ڪرڻ جو ساهس رکي ٿو، جنهن سبب سندس ڪهاڻين ۾ زندگي موجود آهي، جيڪا ڪهاڻي پڙهڻ تي مجبور ڪري ٿي.
Title Cover of book اٽي اجھي لٽي جي ڳولا

خواهش

اڄوڪي صبح، هر ڪنهن کي مجبور ڪري رهي هئي، ته دُنوي معاملن، حرص حواسن کان هٽي ڪري، ڪو اهڙو گڏيل عمل ڪيو وڃي جنهن سان زندگي جي روزنامي ۾ ڪا تبديلي نظر اچي. اها ئي وجهه هئي. جو ڌنار پنهوار، مال متاع جي پيٽ ڀراءُ لاءِ گاهه پٺي تي ويا هيا، ته ڪي ڀريون مٿي تي کنيو موٽيا پئي. نوجوانن اوطاق جي اڱڻ کي ٻهاري ڏئي کٽون آڻي رکيون هيون، ڳوٺ جي اڪيلي کوهه تي نوجوان، ٻڍا ٻار وهنجي تڙ تڪڙ ۾ تياري ڪري رهيا هئا. هونءَ به ماحول ۾ ايندڙ، لمحن، تبديلين ۽ ڀلارن ڏينهن جو دل کولي آجيان ڪرڻ ۾ احمد مشڪل سان گسندو هيو. هو حساس دل هيو، تنهن ڪري وڌيڪ دردمند هيو. سج جي ڪرڻن نڪرڻ کان اڳ ئي هن پلڻ ولاڻيا. هو سويري ئي اگر بتين جي ڦارين، ماچيس، دل ۾ خدا جو خوف ۽ ذهن ۾ قرآن مجيد جي حافظي جو ڀنڊار کڻي بئراج طرف وڌيو. بئراج ۽ ڳوٺ ۾ مفاصلو سڏ پنڌ جو مس ٿئي ها. ڳوٺ جي بلڪل اوڀر ۾، رستي جي کٻي هٿ کان هڪ وڏو مقام هيو، جتي ورلي سان ايڪڙ ٻيڪڙ کبڙين، لاڻين جا جهڳٽا نظر آيا پئي. باقي پٽ ئي پٽ هو. هت وڏو جهنگ هو پر ڳوٺاڻن ڪاٺ ڪپي، کپائي ۽ ڪجهه ٻاري مقام سان خاص عنايت ڪئي هئي. هت ڪي ننڍيون، ڪي وڏيون ڪي گپ گاري سان لنبيل، ڪي بٺيون رنگين پترن سان مڙهيل هيون، ڪي مينهن جي گس جي لپيٽ ۾ اچڻ ڪري، زمين جي سطح سان اچي لڳيون هيون. ڪي قبرن جي وچ مان، ته ڪٿي پاسن سان، ڪانڊيرا، ڊڀ ڦٽل هئا، جيڪي بيوسي محسوس ڪرائي رهيون هيون. ته پونئيرن مان، ڪنهن ڪيتري، هنن مرده عزيزن جي سار لڌي آهي....!
احمد ترتيبوار پيءُ، چاچا، ڀيڻ جي بٺين تي پوءِ عزيز، رفيقن کان ٿيندي نامعلوم قبرن تي هڪ هڪ اگر بتي ٻاريندو. چار قل بخشيندو اڳتي وڌندو رهيو. ان وچ ۾ ايڪڙ ٻيڪڙ ماڻهو عزيزن تي ابتا سبتا قل پڙهندي، تڙ تڪڙ ۾ واپس ٿي وريا. ائين ٿي محسوس ٿيو ڄڻ مئلن تي احسان ڪرڻ آيا هئا. قبرون اڻ کٽ هيون. هي هيڪل هيو، قبرن ۾ دفن ٿيل روحن جي پڪار اڻ کٽ هئي ۽ هن کي صرف هڪ دل هئي. پنهنجي وت وس آهر قبرن تي ڦٽل ڪانڊيرن، لاڻين ۽ ڊڀن کي هٿن سان پٽيندو، قبرون ميساريندو رهيو. هن جي هٿن کي جهير آيا، لڦون پيون پر پوءِ به ڪا پرواهه نه ڪئي.
هي اڳيان هڪ ننڍڙي بٺي آ.مگر اوچائي ۾ سڄي مقام کان اوچي هئي. احمد بٺي جي سڄي ڪنڊ کان جهڪي لئي، لاڻي پٽي پوءِ اُتي ئي ويهي اگر بتي ٻارڻ لاءِ کوکو کوليو، کوکو خالي هو. ”او. ..... هو“ هن اجنبي رڙ ڪئي. رڙ ۾ ڪو درد هو. جنهن زلزلي جي جهٽڪي جيان، بٺي کي ڀاڪر پاتل نيگرن کي جاڳايو هي ڪيڏي محل کان ستل هئا؟ سا خبر نه هئي. پر هو ڏاڍا ٽڪل، نٻل، رُٺل لڳي رهيا هئا. ائين لڳو پئي ڄڻ ڪائنات جي ڪا گود هنن کي ننڊ، پيار نه ڏئي سگهي هئي. ٻارن جي معصوم اکين مان ڪرندڙ سمورا ڳوڙها ڊسڙ بٺي ۾ گم ٿي ويا هئا. بٺي جي مٽي بلڪه آلي هئي. هنن جي پاڪ ڇا تي بلڪل پگهر ۾ شل هئي. ڳل ڀرون ڌوڙ ۽ مٿي ۾ لين جو ٻور. احمد جي اونهي ساهه کڻڻ تي نيگرن ڇرڪ ڀريو، احمد انهن کي ڏسي وڌيڪ ڇرڪ ڀريو.
”توهان هتي ڪيئن؟“
“تون هتي ڪيئن“
”مان هتي پنهنجن جي، عزيزن جي سار لهڻ آيو آهيان“
”سار“
”ها جيڪا وڃڻ وارا پوئيرن کي ڪري ويندا آهن. هن جواني ۾ خوب عيش آرام، شباب ڪباب، ڌن دولت گڏ ڪئي. مسڪينن کي، نه خير، نه تن تي ڪپڙو ڏئي سگهيا. فضيلت جا ليڪچر هنن کي گار مثل لڳندا هئا. پر موت وقت صرف پارت. .... پارت“ احمد خيالن ۾ گم ٿي ويو.
”...... پر ادي ظلم نه ڪيو، نه دولت ڪٺي ڪئي نه بڇڙن ڪمن عيوض وصعيت ڪئي. پوءِ........ پوءِ خدا ڇو کسيو؟ جي بڇڙا ڪم ٿا ڪن، تن لاءِ خدا چپ آ، ڄڻ ڀت آ، باقي باقي.....“ پهراڻ پهريل نينگر ڳالهايو. هن ڳالهائي بس ڪئي ته ڀر ۾ بيٺل ٻن نينگرين گڏيل التجا ڪئي ”چاچا هڪڙي اگر بتي ٻاريون هن ننڍڙي مٿان“ ”ها ها ٻچڙا هڪ ڇو؟ جيڪي وڻي، سو ٻاريو“ احمد ائين چئي کوکو نينگرين حوالي ڪيو. هڪڙي کوکي ۾ ٻنهي نينگرين جا هٿ. هڪ چوي مان ٻاريان، ٻي چوي مان ٻاريان پر پهراڻ ۾ ملبوس نينگر اهو چئي جهيڙي کي ٽاريو ”ٻئي ڇڏيو مان ٿي ٻاريان“
”ٺيڪ آهي تون ئي ٻار، پر کوکي مان ڪڍون ته سهي“
”او هو. ..... هي کوکو ته خالي آ هي“ ٻارن رڙ ڪئي.
”هان بابڙا پيڪٽ خالي آهي، نه نه ڪجهه هوندس“ احمد خبر وار هوندي به، پڪائي ڪئي.
”نه چاچا هي خالي آهي، ڇا هر شي خالي آهي؟ پوءِ ته دل به خالي هوندي. اوهان وٽ وڏين قبرن تي، رنگ برنگي چٽسالي سنگمرمر بٺين تي، گلاب جي گل سان مهڪندڙ وچ پيٽ وارين قبرن تي، اگر بتيون ٻارڻ لاءِ هيون. هن ڊسڙ معصوم بٺي تي آيو ته پيڪٽ خالي، دُعا به ڪانهي ۽ دل به خالي. پوءِ سار ڇاجي؟ ٻارڙا معصوميت مان جو ڪجهه چون پيا. تن جي خبر هنن کي به نه هئي، بس درد سڀ ڪجهه چوائي پيو.
احمد اڳ ئي ڏکارو هيو. ٻارن واتان لفظي ڇنڀ جهڙا حرف ٻڌي ويتر ڏکارو ٿيو. هي پاڻ تي پشيمان ٿيو، پوءِ پاڻ کان پڇيو ”هڪ به تو وٽ نه بچي جو هن بٺتي تي ٻارين ها“ ۽ پوءِ پاڻ ئي سوال جو جواب ڏنو ”ڪا هڪ هجي خالي، ته ان جي روح کي تسڪين ڏيان. هت ڪير ڪنهنجو ڪونهي. مئي کانپوءِ ڪير ڪنهنجو ڄڻيو ئي ناهي“ هن آهستي آهستي پاڻ کي Depression مان، احساسيت جي آزاريندڙ لمحن کان ڪڍي، ٻارن تي شفيق پيءَ جيان، هٿ ڦيريو، قرب ڏنو ۽ پوءِ پڇيو
”توهان ٻچڙا هت ڪيئن؟“
”سار“
”ڇاجي سار؟“
”ادي جي“
”ادي جي“
”ها هي ادا جي بٺي آهي. اسان گڏجي ادا کي وٺڻ آيون آهيون. صبح کان سڏي سڏي ٿڪجي پيون آهيون سڻي ئي نه ٿو. سڏڪي سڏڪي ساڻيون اچي ٿيون آهيون، ريجهي ئي نٿو. اڄ عيد آهي، سڀ ٻار پنهنجن ڀائرن سان گڏ نوان ڪپڙا پهرن ٿا. اسان ڪنهن کي پهريون، هو هڪٻئي سان کيڏن ٿا اسان ڪنهن سان کيڏون؟“ وڏي نينگر سڏ ڪندي جواب ڏنو.
”اوهو بابڙا هي جو توکي پهراڻ پهريل آهي. هي ڪنڊڙن تي ڪانچ سُٺي سُٺي“. پهراڻ پهريل ٻار، آڱر وات ۾ وجهي، هن کي ٻڌو پئي، تڏهن ٻن ٻارن اڌورا لفظ ڪڍيا.
”ادي جا ڪپڙا هن پهريا، ادو ته نه ٿيو، ٻيا عيد گاهه ويا. اسان کي امي خرچي ڏني. اسان به عيد گاهه وڃڻ بجاءِ سدوري جي دوڪان تان ٽافيون، کٽ مٺڙا، رسيلي سپاريون، جولي وٺي هت پهتيوسين، جيئن ادا به کائي اسان به کائون پر پر...... ادا کائي نه ٿو. ڀلا چاچا ادي جي ڪاوڙ ٺهي ٿي؟ هان چاچا، ادا ڪڏهن ايندو؟ اسان هر سال انتظار ڪيون، هر سال وٺڻ اچون، نه اچي ٿو. نه پرچي ٿو..... امان چوي ٿي، بابو چوي ٿو ادي کي الله پالي ٿو..... وڏو ٿيندو الله کان موٽي ايندو...... هان چاچا الله ڪٿي ملندو.....؟ ڪيئن هوندو آهي..... چاچا چپ ڇو آهين؟ ڪڇين ڇو نٿو؟.....“ نينگرين جي يڪساهي سوالن جي هن تي پرمار ٿي. هڪ ڳالهائي بس ڪري، ٻي ڳالهائي، هو بس ڪري ته ٽين ڳالهائي، نيٺ احمد ٻارن جي ڳلن تي، وارن تي هٿڙا ڦيرائيندو سمجهائيندو رهيو ”الله وڏو آهي، ادا الله ڏيندو، ادا رُسيو ٿوري آهي، هو هن سال اچي ويندو“ احمد جي دلاسي تي ٻار ريجهي ويا. احمد اڳيان ٻار پويان. هڪ بٺي آئي وڏي نينگر بيهي رهي. ننڍن ٻارڙن رڙ ڪئي ”چاچا ادي هُن بٺي وٽ بيهي رهي آهي“ احمد پوئتي ڪنڌ ورايو ”دادلي، ڏاهي اچ اچ، ڇو بيٺي آهين؟“
”چاچا....... چاچا“
”ها چئه“
”هت امان هڪ دفعو وٺي آئي هئي. هي ڏاڏي جي قبر آهي، ڏاڏي بابا کي پٽيو هو“
”ڇا تان؟“
”بابا ننڍي کان شرارتي هيو. هن وٽ ڪبوتر، پاريهر، سها ڌاريل هيا، جڏهن ٻلو ڪو ڪتو، پاريهر يا سهو کائي، ته بابا انهن کي پڪڙي ماريندو هو. ڳوٺ جي ڪتن کان بڇ ڪرائيندو هو. ڏاڏي بابا کي جهليندي هئي ته بابا چڙ مان ان کي به ماريندو هو. هاڻ ڪو ادو بچي نٿو، ڪو ادو اچي نٿو، ڪو ڪو ڪو.......“
”توکي ڪنهن ٻڌايو“ احمد پڇيو.
”امان“
”امان ڪوڙ ٿي ڳالهائي“ احمد نٽائڻ جي ڪوشش ڪئي.
”ها پر چاچا، اسان ڪهڙو ڏوهه ڪيو؟ بابا جي سزا اسان کي ٿي ملي، بابا ڄاڻي ڏاڏي ڄاڻي اسان کي ته ادو گهرجي“
”ها بابا وٺنداسين، الله کان به پڇنداسين؟ ڏاڏي کي بد دعا واپس وٺڻ جو چونداسين“ ايتري ۾ مسجد جي لائوڊ تان پڙهيو آيو. صالح جون نينگريون گم ٿي ويون آهن، جنهن کي به خبر هجي يا هٿ اچن ته گهر پهچائن، گهر وارا سخت پريشان آهن.