مان ۽ منهنجو پرين
”دوستي مرڻ دم تائين رهبي، دوستي ۾ ليکا نه ڪبا، ادب ڪبو، سڪ ۾ رهبو، بار بار قرباني ڏبي“
سٽن هيٺان ٻنهي جي دستخط ٿيل هئي. هي سڀ ڊائلاگ آهن. پاڻ سان دوکو آهي، اڄ جو تجريدي مين، اهو سڀ ڪجهه ڄاڻي ٻجهي ڪري ٿو. هو چوي ٿو ته اهي به دوستي جا اسلوب آهن، نان سينس... ڪنفيوزنس. ... سوئر ڪنهن جاءِ جا. ... هي ماڊرن مين. ... ماڊرن ڪلچر. .. ڌوڙ پئي آ منهن ۾.
ٺيڪ آهي ماڊرن... اولڊ، اولڊ..... ماڊرن، پر توازن هجي، هو چوي ٿو ته هي تنهنجي ٽرڙائپ آهي، بيوقوفي آهي، ارڏائي آهي، پاڻ هرتڙو ٿي ٻين کي مونجهاري ۾ وجهڻ جو اصل جڙ آهيان. ٻارن کان وڌ ٻار آهيان، نا بالغ آهيان، ڪورو ڄٽ آهيان. هو صحيح، مان غلط آهيان. هو حق تي، مان ناحق تي، ٺيڪ آهي، قبول آهي، نا بالغي، دل رانديڪو. ته ته، پوءِ دوستي، هي سچائي، محبت ۾ ادب، سڪ، پاڪائي کليل آهي، ڪشڪول آهي....... ڪيئن پرکيان؟ ائين ڇڏي ڏيان. پر پر هر ڪنهن کي هڪ دل آهي، ائين مونکي دل آهي، دل دلدار لاءِ ڏکي ٿي. هو خالي ڪمري ۾، ڀتين سان ڳالهائڻ لڳو. هن جا چپ، گلاب جي پتين جيان ٽڙيا، ڪومايا، بند ٿيا ۽ پوءِ ڇڻڻ لڳا. پاڻي ڏيو، کير ڏيو، ٻئي ناهن زهر ڏيو، امرت ڏيو امرت ٿيان“
”هان وٺ پاڻي، پي ڏوگها“
”ها پيتيم“
”ڪٿي پيتئي؟“
”ڪونه پيتم، پيان اڃ لهندي“
”ها ها“
”پوءِ ڏيو پيان، مران، جيئان“
پاڻي جو گلاس، چپن تي رکيو. ڪجهه نڙي اندر لٿو، ڪجهه واڇن مان وهيو. گلاس خالي، هر شي خالي، هانءُ خالي، گلاس ڪري، ٽڪر ٿيو، سٺو ٿيو، نباهه ناهي ڊٿو، ٽٽو، سٺو ٿيو. هن مرض مان، هن بگاڙ مان، پاڙي جي پيار جي، پرين جي جند ڇٽي، سٺو ٿيو.
هو نهور جي واڻيل کٽ تي ليٽيو. ننڊ نه آئي، زيرو بلب آن ڪيو. هن جي نظر چانئٺ تي اٽڪي، ٻڪ ڊيڪوريٽ پيس طور لڙڪي رهيو هو. نيازمندي، هيٺانهين، هٿ بندي بڪواس، ڏيکاءُ، دور بدلجي ويا آهن. ماڻهو اندر جا ڪانءُ، ظاهر هنجڙو، اڃا تون ساڳيو، غلط غلطان، ٻڪ سان ڄٺ. هن سٽ ڏئي پٽ تي ٽوڙيس، ٽڙ ٽڙ، ٽٽو سٺو ٿيو. هن ٻڌڻ مان، هن فريبي، هن ڪارب مان پيارن جي پرين جي جند ڇٽي سٺو ٿيو.
کٽ جي پيراندي، جي کٻي پاسي تي کليل ڪٻٽ رکي هئي، هن ۾ ڪئي خانا هئا، خانن ۾ ترتيب سان ڪتاب پيل هئا. هن جي هڪ ئي لت سان، ڪٻٽ مان ڪتابن هيٺ ڦهڪو ڪيو، ڪتاب، پمفليٽ، اخبارن جا ڪالم، مضمون، ڪوٽيشن هيڏي هوڏي پکڙيا. وزني ڪتابن ڪرڻ ڪري نرڙ تي، مٿي ۾، دل پاسي کان ڌڪ رسيا. ڪتابن جي ڌوڙ سان بڀوت ٿيو. فٽيس، ڀريس سٺو ٿيو. ڦٽ ڇٽن نه ٿا وڌن ته سهي. گهٽ مان گهٽ مٽي، مٽي سان ته ملي. هون به مٽي کي آڪڙ ڇا جي.....؟
در، هوا جي جهوٽي سان کليو ”اوهو، هي تو ڇا ڪيو؟ ڪڏهن ڪيو؟ ڇو ڪيو؟“ هي گونگو، هي خود ڪفيل، بي موسمي گل وانگر ڪومايل، ڇڻيل لڳو. هو ڀٽڪيل ڀونئر وانگر، هن تي ڪريو. هُن جي ڇهڻ سان، ڇهاءُ سان، لگن ۾، اکين ۾، بدن ۾ ساهه پيو. هي شڪاري کان بچيل هرڻي وانگي، اکين مان آب آڻي، هُن ڏانهن ڏٺو. چپن ڪم ڪيو ته لفظن روپ ورتو. ”ڪڏهن؟ ڪٿي؟ ۽ ڇو؟، واهه، ڏکائين، تڙپائين، جلائين ٿو پوءِ پڇين ٿو، ڏک ڪنهن ڏنو آهي؟ واهه.......؟
”مون کي پڪ هئي، اچڻ سان ائين چوندين؟“ ”مونکي پڪ هئي، ته پاڻ سان اهڙو لڪاءُ ڪندين“. هُن کيسي مان رومال ڪڍي هن جا ڀرون، اکيون، ڪن اگهيا. ڳل، زبان سان چٽيا. هٿن کي، قميص جي پلاند سان اگهيو ۽ پوءِ دل کي وات جو ڦوڪو ڏنو. هي کڙو ٿيو، ادب وچان چپ رهيو، بت ڪو سندر بت.
”ههڙي حالت ڪيسين ڪندين.....؟“
”جيسين ست، ڌڙڪن آهي ۽ تنهنجو بي رخو عمل آهي، جاري رکندس، مرڻ کانپوءِ ملنداسين، ڪنهن نه ڪنهن روپ ۾، نه سڃاڻيندي، اها ٻي ڳالهه آهي“
”سوال توکان پڇان؟“
”پڇ........“
”هي روپ نکار ڪيسين ڪندين؟ ڪنهن کي دوستي ۾ ڦاسائي ۽ پوءِ ڪتڪائڻ اوهان کان سکجي. پر ڇا ڪندو؟ ڪيترا کٽائيندو؟ هي اڻکٽ سوز آهي. هن سفر ۾ اچڻ جا رستا کوڙ ۽ نڪرڻ جو ڪوبه ناهي“
”هي ڇا ٿو چوين؟ ڪهڙيون ڳالهيون ٿو ڪرين؟ اڳي ته ائين ڪونه چوندو هُئين؟“
”مان ٿو چوان، مان ٿو ڳالهيون ڪريان، وقت ٿو چوي، ماڻهو ٿا چون، وقت ٿو بڪي“
”ڌوڙ پئي آ ماڻهن کي، انهن جي چئي نه لڳجان، اهي ڏات هوندي، ڏنڀڻ وارا آهن. بگاڙ نه هوندي، بگاڙن ٿا، ڀڃ ڊاهه هنن جو محور آهي. هي پاڻ نه پار پيا، نه ٻين کي پار ٿيڻ ڏين.......
....... ڏس مون وٽ تو جهڙي دل آهي، دل جي ٽڪ ٽڪ تو وٽ قيدي آهي، سڪ آهي، ادب آهي، پر ڪيئن وشواس ڏياريان سڀ گڻ Perfect آهن پر.......“
”پر ڇا؟“
”ها ها چئو، ڏوهه منهنجو آهي.“
”ڏوهه، ڪنهنجو آهي، ان کي ڇڏ، هل هلون ٻاهر“
”ڪاڏي ٻاهر؟ ڇا آهي ٻاهر؟ ها ها ٺيڪ آهي، توسان انڪار گناهه....... نه نه بي ادب نه آهيان.......“
”ها ته، ترس، پهرين توکي افعالن ۾ آڻيا.“
هُن هن کي وهنجاري ڪپڙا پهرايا. هن جي وارن کي ڦڻي ڏني، پوري وچ تان سينڌ ڪڍي. کٻي اک تي ٻٽون پهري طور نصف ڪيو. جيئن نظر کان ڌپ کان بچي. اکين ۾، سرمي جي تکي ڌار اوتي، ڪئي رٺل غم سانوڻي جي ڪڪر جيان گنوائي ڇڏيا. ڀٽائي جي سرندي مان، مڙهيل ڌاڳو، ڳچي ٻڌي، ساٿ مرڻ ساٿ جيئڻ جو قسم ڏئي ڇڏيو. هن جو ويساهه وڌيو. هاڻ هر وقت بهار آهي، بهاري هوندي، بهار نه ويندو.....“
”هاڻ هلون“
”هي مرڪيو، هل“
سڏ پنڌ تي پڪنڪ پوائنٽ جو نظارو پسيو. هي حسين جوڙ، جوڙيون، بگيون، ڪاريون تتريون، تتر. هي هن سان، هو ٻئي سان، هوءِ ٽئين سان، ٽيون ٻئي سان، وري ٻيو چوٿين سان، ڦڪيون چميون، ڦڪا ڀاڪر. هي ملٽي پل پيار، ٿو ٿا ٿو. هي پيار جي ٿئي ٿي بي ادبي، خودڪشي بي پاڪائي، هون....... او........ هون ڪو فرق نه پيو.
هُن هڪ قدم کنيو، هو حسرتن سان بيٺو رهيو. هن هڪ قدم کنيو، هُو بيٺو رهيو، ائين ئي ادب ۾ رڌم ڇڙيا.
”هن ڳاڙهي ڳل گلاب کي چمان“
”چم“
”نه، چنڊ کي گرهڻ نه ڪبو“
”ڀلا، تراڇڙي بدن تي تران، ٽلان؟“
”نازڪ نفيس چيلهه چٻي نه ڪبي“ هن چئي بس ڪئي ته وري هُن چيو.
”هي انجير چپڙا ڇهان، پيان؟“
”پي“
”نه، مان پيئندس، نه ڍاپندس“ هُن جواب ڏنو.
هنن آسمان تي نظر ڦيري.
”ڇا ٿو ڏسين؟“
”ڏسان ٿو، هي بادل ويچارا، ڇو ٿا ڀڄن؟، ڀڄن ٿا، ٿڪجن نه ٿا. هوائن جي زور تي ڪڏهن هيڏي ڪڏهن هوڏي، ڪڏهن اوڀارا، ڪڏهن لهوارا، ڄڻ هنن جو ڪو وجود ئي ناهي، نه هڪٻئي سان ساٿ ڏيڻ جو ڪو دم آهي. ڇا هنن کي ڪو گهر آهي؟“
”...... توکي گهر آهي؟“
”گهر آهي“
”ڇت آهي؟“
ذلف جي ڇانءُ ڪافي آهي“
”گهر ۾ ٻيو ڪجهه“
”هوندو آهين ته، سڀ ڪجهه، نه آهين ته ڪشڪول به ٿيان، ڏکارو گيت به ٿيان، راڻو به ٿيا.......“
”بس بس داستان نه ڇيڙ، پنڌ پٺيرو ڏور آهي، هلڻو ضرور آهي، سج پوين پساهن ۾ آهي“
”ته پوءِ اُٿ اُٿ دير نه ٿئي“
ڳپل پنڌ ڪيو آ، پنڌ کٽي نه ٿو، ٿڪ ڇڏي نه ٿو. هي بڙ جي ڇانو مس ملي آهي، هيڏي پنڌ ۾ ڪٿي ڪو ڪانڊيرو به نظر نه آيو، هت هي ڪيئن آيو؟ خير، منهنجي خيال ۾ هت ويهي، ٿڪ ڀڃيون.
“No Comments……..”
او هت سبيل به آهي..... هُو پاڻي جو هڪ گلاس ڀري آيو. اڌ هُنَ، اڌ هِن پيتو. هي پوڙهن پڪن جي ويهڪ لڳي ٿي. هي ٻئي سُري ماڻهن جي وچ ۾ ويٺا. ڪچهري ۾ حال احوال، ڏس سور، ڏورون، سينگار پڙهيا پئي ويا. هڪ پوڙهي ويهي ڏور ڏني. ڪنهن نه ڀڳي، پوڙهي سڌي ڪري سڻائي ؛هت جتي ويٺا آهيون، ڪو وڻ نه هو، پنهنجي پيڙهي مان ڀٽڪيل احمد پنهنجي زندگي اجائي گذرندي محسوس ڪئي. لائين تي آيو ته هن هي ٻوٽو پوکيو، الحمدلله اڄ جوان آهي. هنن وڻ ڏانهن ڏٺو، ان ۾ ڪيئي ڏار هيا، هر ڏار ۾ اڻ کٽ پکين جا آکيرا، ڪي واهيري تي، ته ڪي، موٽيا ئي ڪونه هُئا.
هنن ڏنو، تاراجي جي پڙن ۾، پاٽوڙا پيل هئا. هڪ ۾ ان ۽ ٻئي ۾ پاڻي هيو، تاراجي ڊگهي رسي سان، وڻ جي هڪ ٽار سان ٻڌل هئي. هنن اٿي چوءِطرف نظر ڊوڙائي. وڻ ڀرسان نار وهي رهيو هو. نار کي اٺ ڦيرايو پئي. نار جا لوٽا واري واري سان پاڻي موڪ ۾ هاريندي خالي ٿيندا پئي ويا. موڪ جي پاڻي تي ٻني آباد ٿئي پئي. ڪا پوک گلن تي بيٺي هئي، ڪا پوک پاڻي نه ملڻ ڪري ڪومائجي ويئي هئي.
هن هُن کي چيو ”ڏسين ٿو“
”ها...... پر تون سمجهين ٿو“
”هون“
”ڪيئن؟“
”اهو ئي نار (دوستي) کي پنهنجو بڻ بڻياد آهي. هو واري سان، هر لوٽي کي، فرض اپنائڻ ڏئي ٿو. لوٽا فرض ۾ ڪوتاهي نٿا ڪن، تيئن تئين.....“
”ها چئه“
”هن ٻن دلين کي نه گڏايون، نه ريجهايون، هڪٻئي کي وقت نه ڏيون، فطرتي رنگ رکا هجن، ڦڪا هجن..... ڇا تون چاهين ٿو ته هنن تي زنگ چڙهي، هي ان پوک وانگر ڪومائجن“
”مڃان ٿو، اهي گڻ، بڻياد تي ئي ته پلجن ٿا، راس ٿين ٿا. پر بنياد نيت آڏو محتاج هوندا آهن، نيت بد روٽي رد“
”جواب ڪونه ڏنئي“
”آرسي اڳيان تصوير سڀ ڪجهه ٻڌائيندي آهي. لڪائيندي به نه لڪندو آهي. سچائي کي دليلن جي ضرورت ناهي هوندي“
هو ماضي جي يادگيرن ۽ مشاهدن ۾ گم ٿي ويو ۽ پوءِ Un Known ليکڪ جو سٽون ياد پيون.
”...... سچائي جي اولڙي ۾، جن فطرتي حسن کي نه ڇهيو. يا جن بي پاڪائي سان، فطرتي حسن کي ڇهيو، غلط استعمال ڪيو، سي وڏا ماڻهو سڏيا، ليکيا، پر انهن کي غلط عمل جي سزا ملي. ڪي بي علمي، ڪي علمي ڀنڊار پڙهڻ باوجود وڦليا، پاڳل ٿيا، چريا ٿيا. شڪليون بدليون، بد مذهب ٿيا، حيواني صفت بڻيا“ پوءِ توبه توبه ڪندو، هن ڀر آيو. ٻنهي اکيون اکين ۾ ملايون ۽ پوءِ آهستي آهستي نڪ، نراڙ، ڪن، اکيون، ڀرون، ڇاتي تي رنگ ڀريندا هو، جنڊ جي ٻن پڙن وانگي ملي ويا.
اوچتو در هوا جي جهوٽي سان بند ٿيو. هي ڇرڪ مان اٿي کڙو ٿي، اکيون مهٽيون، وال ڪلاڪ جا لڳاتار پنج ٽون وڳا. ماءُ هن اڳيان اچي بيٺي ’’ابا، پٽ، ٻچا فجر جي نماز نه پڙهندي ڇا؟!؟!...‘‘