ڪھاڻيون

اٽي اجھي لٽي جي ڳولا

ممتاز مصطفيٰ هڪ نوجوان ڪهاڻيڪار طور ڪهاڻين ۾ پنهنجي نفسياتي ۽ روحاني روين سميت پنهنجي سماج جي اصل شڪل بيان ڪرڻ جو ساهس رکي ٿو، جنهن سبب سندس ڪهاڻين ۾ زندگي موجود آهي، جيڪا ڪهاڻي پڙهڻ تي مجبور ڪري ٿي.
Title Cover of book اٽي اجھي لٽي جي ڳولا

ٻه رُخ

[b]جيئري:
[/b]پي؛ پٽ خانو، تون هوبهو پنهنجي ڏاڏي تي ويو آهين، هو جتي ڪٿي ڏئي ايندو هو، تون جتان ڪٿان سڀ ڪجهه رهڙيون ٿو اچين. ڪيڏي ڪيڏي مهل گسين ٿو نه، ته مونکي بڇان ٿي لڳي.
سڳي ماءُ؛ ادي نوران، منهنجي ٻچڙي کي ڪر هڪڙي پاسي، پاڙي جي ڇوڪرن کي ڪر ٻئي پاسي، ته به پٽ خانو جو مٽ ئي ڪونهي. هي جيڪا ڪڪڙ ٻچڙن سان ڏسين ٿي نه..... ها...... ها...... سا به ڪٿان هٿ آيس ته رهڙيون آيو. اصيل آهي اصيل پر وات جو مڙئي ڇر هڙيو آهي، ٻچڙي جي دل ۾ نه ڪجان.
وڏو ڀاءُ: منهنجي ماءَ کي نوڪري پنهنجي طبيعت آهر ملي آهي، وڃ شهر ۾، واهڻ، مڙس جي ڳالهه پئي ٿي هلي. ڪيڏي مهل دل چوندي آهي ته ٻڌي موچڙن جو سٺو ڪٽڪو چاڙهي ڇڏجيس. پر هن ڀڙوي ۾ وري هڪڙي خاصيت سٺي آهي، جو ڏسندو ته ادي جو بُلٽ ڦرندو پيو وڃي ته پاسڙو وٺي خرچي ڪرائي ڇڏيندو آهي.
هاري ڀاءُ اڙي يار، وڏو ڏاهو ٿي ويو آهي، تتري جا ٻچڙا ڪانگڙي مان، وٺي مان آيس! وڏڙا مون ڪيا. تو وري پئسن تي کپائي ڇڏيا. ڀلا رکت تي سومر کان سودو ته کڻائي ڏي.
ننڍو ڀاءُ؛ چڱو چڱو هاڻ بس ڪر، نه ماڻهن جي نه ڇيڙن جي، جيڪو ٿو اچئي سو وهائي ٿو ڏئين، گهر جون ڳالهيون به ٻاهر ٿو ڪڍين. پر ٻيلي ٻڌ سُولي کي صنعت ٺهرائي ڏني هيم، پئسا نه ٿو ڏئي. ان کي ته ڪٽڪو چاڙهه، اڌ پئسا تنهنجا، اڌ منهنجا.... ٺيڪ.......
آخري ننڍو ڀاءُ؛ بس ڀائو ڇا ڪجي، خانو سان گڏ آهيان. هن کانسواءِ سري نه ٿي. امان جيجل چيو ته خانو سان گڏ آهين. جاڏي ٿو چوي اکيون ٻوٽي نڪري ٿو پوان، نهڪر ئي ڪانهي. ادا جي هڪڙي ڳالهه اصل نه وڻندي آهي، هو پاڏن لاءِ پويون ڏينهن آهي. پاڏو ڄائو ناهي، سوتي وٺڻ شروع ٿي ناهي.....!“
وڏي ڀيڻ: ها سانئڻ، سمجهيندي آهيان ته مان ۽ خانو ساڳي ڳالهه آهيون، ٻيا سڀ جا سڀ پيا هن کي لوڀيندا، ڇو جو کارائين نٿو، مزي جهڙي ڳالهه ته ستو پيو آ ته بس کيسن کي پيا ٿا هٿ هڻنس، پر ادا خانو به ابداڻي مان پئسا ٻاهر رکي ڇو ٿو؟
ننڍي ڀيڻ: ادا سڀ کان پهرين منهنجي گهر اچي، ماني منهنجي هٿن جي کائي، ڀاڄي ڪچي ڀاڻجن جي گهر موڪلي، ڀانئين وري وڏي ڀيڻ جي پٽ مختيار کي، باقي منهنجا ٻچڙا ڄڻ ڪاري انجڻ ڄڻيا هُجن........
زال: ها...... ها...... خانو! ڄڻ ٺهيو ئي مون لاءِ آهي. اديون سئي سڳي کان فرج، ٽي وي تائين گهر مال سان ڀري ڇڏيو اٿس. آنڌي مانجهي جو به نه، جي خيال آيس ته نور جي پڇ وانگر ڦيرا هوندس، ٿورو موڳو آهي..... ڪم سان گڏ ٽٽن جو ٽڙڪاٽ اٿس.
وڏي ڀيڻ جو پٽ: ماما، هر واري مون لاءِ، رانديڪو آنريندو (آڻيندو) آهي. هي ٽن ڦيٿن واري سائيڪل به ماما آندي آهي. ماما شام جو مونکي ساخ (شاخ) تي وهنجاريندي آهي. ماما شي مون لاءِ وٺي اچي هت وري سڀ ٻار مريو (مڙيو) وڃن. جيڪا شئي سمجهندو آهيان ته تي (ٽي) ڏينهن هلندي سا گهري (گهڙي) جو ختم ٿي وڃي.
پاڙي وارو: خانو پاڙي ۾ برابر، ويهڻ لائق آهي، البت چندي چاڙي ۾، مڙئي هر ڀيري ڪترايون ٿو وڃي.
پاڙي واري جي زال: خانو به آهي پر سندس زال سهڻي، سيبتي ملوڪ آهي. نه ٻن ۾، نه ٽن ۾، نه ڪا جهيڙو ڪار آهي، پاڙي ۾ چڱي چوکي مهل ڏيندا آهيون ته ڏيندا به آهن. ڪڏهن کوٽي مهل ڪو ٻارڙو موڪليون ته چوندا به ائين، اصلي هاڻي هاڻي ته کائي ويٺا آهيون نه ته اوهان کان ڪو شئي مٺي ڪبي.
سيڌي وارو دوڪاندار: خانو..... ها بلڪل رکت تي ڏيندو آهيان. جيڏو سامان وٺڻ جو ڪوڏيو آهي، اوترو اوڌر ڏيڻ ۾ به ڇوٽ آهي..... ڪهڙيون ٿو خبرون پڇين ڀائو، ميهان. پگهار ملندس ته ٻاهران ئي ٻاهران ٻئي دوڪان تان سودو وٺيون، اهو ٿو وڃئي، ڪيئي پيا ڪنگ رڙنس..... رڳو مان آهيان. اوهان ٺيڪ چئو ٿا ته کنڌو بند ڪريانس پر اڳين موڙي کان پوءِ ملندو لام.....ن.....
ٻيو دوڪاندار: ادا، خدا سان ڪم پوندو، مڙس ڀلوڙ آهي. ها..... ها..... ٿيو نئون گِراهڪ آهي. هر پهرين تي پورا پئسا ڏيندو آهي. هو مون وٽ پنهنجا پئسا به امانت طور رکندو آهي، پوءِ ان مان پيو آهستي آهستي کڻندو آهي. منهنجي پٽ ٽِلو کي ٿاڻي تان ڇڏرائڻ ۾ وسان نه گهٽايائين، في الله ته پئسا به پاڻ ڀريائين. اڙي...... چريا...... تنهنجي پٽ کي اک هڻي ٻڌرايائين پاڻ..... وري ڇڏرايائن پاڻ...... مڙئي لئه لست وڌائڻ لاءِ، ڏٺو اٿئين نه تو وارو ڇورو سهڻو، تڏهين........
ڀاڄي وارو: خانو روز ڀاڄي وٺين ٿو. ”تازي، تواني ۽ سٺي به، توکي ڏيان، وري ڪُر ڪُر به مون سان.... ڀلا پئسا ڪڏهن ڏيندين؟
ڌوٻي: خانو، روز نوان وڳا ٿو مٽائين، ساڳيا ڪپڙا ڪڏهن تون ٿو پائين، ڪڏهن ڀاڻين ننڍو. الحمدالله ڏاڍو پاڻ ۾ رس اٿو.
پر ٻڌ، مون کي پئسا ياد بيهن ڪونه ٿا، لکڻ ڄاڻا ڪونه، استري جا پئسا ته ياد ڪندو وڃجان.
دعا سلام وارو: سڀ سٺا ڀائر آهن. وڏو به ڀلو، ننڍا به ملوڪ آهن. خانو ته سڀني ۾ چيز آهي چيز. ڪيڏي هن ۾ خوش ڀڙ واري عادت آهي؟ هئي..... هئي. هون به هن دنيا ۾ وڃي رهندو واس.
درزي: ڀائو خانو، جنهن ڪپڙن تي تون ماپ وٺرائين ٿو. معاف ڪجان، اهي مان چڱي طرح سڃاڻيان. ادي وڏي جي شادي لاءِ سبرايا هيم بوبي کان، اڳين رات پوليس راهه گناهه گهر ۾ گهڙي. هڪڙو پوليس وارو زوري چاٻي امان کان وٺي پيتي کولڻ لڳو. صبح جو ڏٺوسين ته پيتي ۾ نانگ، ڪٿي تون ته ڪونه هئين؟
سيلون وارو: سائين توهان جا وار تمام ڀلا آهن، جهڙا توهان ڀلا آهيون..... ماشاءَ الله، هزارن مان ڪنهن ڪنهن جا اهڙا هوندا. سائين توهان کي ٻڪري ڪٽ ڏاڍي ٺهندي؟ نئين ڊزائين انٽروڊيوس ڪرائڻي آهي. پوءِ...... پئسا نه وٺندين.... چڱو جي بسم الله.
هوٽل وارو: يار خانو، اخبار پڙهڻ کانپوءِ، هٿ ۾ ڏئي پوءِ ويندو ڪر. تنهنجي پڙهڻ کانپوءِ اخبار هوٽل مان گم. هٿ ٿا ٻڌون اڄ کانپوءِ اخبار چورائڻ بند ڪر، هت گراهڪ مٿو چٽي ٿا وڃن.
ڌنار: چاچا....... مال چراڻي ڪونه ٿي ملي. کائيندين ته ڪونه، پر بابا جي پوئتي ڀڪ کٽي نه ٿي. چئي پيو ته اڄ پئسا وٺيون اچجان، ته ڪڪڙن جي ميل تي رکندس، پوءِ کٽ کٽائي شاهه.
پري جو دوست: خانو، جي سر سان ليکا..... ڏاند خانو جي قرض ۾ ڪاهي ڏنم. ڀلو ڪارو تتر هن کي آڻي ڏنم ته صاحب هن کي اسپيشل ٽيم ۾ لڳرائي. اڃان پئسا کپنئي ته حڪم ڪر.
ويجهو دوست: خانو کي مان ته سمجهائي سمجهائي ويٺو آهيان، ته سڌر. رائيٽ ليفٽ گول ڪرڻ ڇڏي ڏي، پر مڙي نٿو سچ ٿو چوان ته خالي مٽ به هڻندي دير نٿو ڪري. چوانس ٿو ته رکت تي سودو نه کڻ، جي کڻين ته ڏي ته به ساڳي ڪار، ٽينچر، ٺرو ته به ڏيلا، ڏيلا........... ليٽ پلٽ به پنهنجي ڳچي ۾.
گهرو دوست: ڏي احوال خانو، تنهنجي چرچ تي وتان ٿو اُڙيا، سُڙيا، ٻڌرائيندو. درخواستون، ڦوڪون ته ليکي ۾ ئي ڪونهن. اهو به چوندي وات پچي پيو آ ته ان مصيبت مان خانو ڇڏرائي سگهي ٿو، هن جي وڏن ماڻهن وٽ وڏي عزت آهي. ڏي احوال ڀلا، اڳئين واري آيو مانئين ته ناس به ڪانه هنيئي، هن واري ته مال چٽرا، نه.......
آفيسر: مسٽر خانو، ڊسپلين ڊسپلين هوندو آهي..... آفيس جي ڪم ۾ سُستي نه ڪرڻ گهرجي...... ۽ ها..... مٿي منٿلي به پهچائڻي آهي..... سڀني کان پئسا اوڳاڙي ڇڏجان. تون پنهنجي به چال سڌار...... ٻيا ته ٿيا تنهنجي گوڏن جو گاهه..... پر مون کي به هٿڙي هنيو ٿو وڃين.
استاد: بابت خوش آهين. پڙهائي ڪٿي پهتي؟ ڏاڍو هوشيا هوندو هُئين، مون کان تنهنجي هوشياري ڪڏهن به نه وسرندي..... ها پر پٽ.... مون کي ٿو هڪ سئو چوئيتاليهه ۾ چالان ڪرين.....!
پاڙي جو ڪائونسلر: يار خانو، شناختي ڪارڊ ڏي ته توکي جڳاڙ ڪرايان. مون کي ڪوٽا ۾ سلائي مشين، نلڪا مليا آهن. ڏسين ڇاٿو توکي ٺڳيندس؟
ڊاڪٽر؛ خانو قدرت جي سسٽم تحت، هر ماڻهو اندر باڊيگارڊ موجود هوندا آهن. باڊيگارڊن کي مـُووَ ڪرڻ ۾ ان ماڻهو جي سوچ جو وڏو عمل دخل هوندو آهي. هو ڊڄندو باڊيگارڊ ڊڄندا. هو چست ٿيندو ته باڊيگارڊ به چست ٿيندا.

[b]مُئي:
[/b]مسجد جو پيش امام: الله قبر جي عذاب کان بچائيس. ڏاڍو چڱڙو هو. هڪ دفعي نماز پڙهڻ آيو ته کل بيهيس نه پئي. عرس مهيني ۾ ڀتڙو آيو ته چوڻ لڳو ٻڌايو نٿا ته گهر ۾ جهلي ڇڏيان، ته منهنجي ماني نه ڪن.
هوٽل وارو: ڏاڍي يار سهپ هُيس، ڪيترا به چرچا ڪر، پيو کلندو هو. هڪڙي مهيني پئسا اوڌر جا ڪونه ڏنائين، ته چانهه بند ڪيم، پوءِ به ويچارو ساڳي جاءِ تي گهڙي کن لاءِ ضرور اچي ويهندو هو، عادت پوري ڪرڻ لاءِ.... پر يار اخبار چورائڻ جو هُيو وڏو قابل.
موچي: جڏهن به جوتي کي پالش ڪرائڻ ايندو هو ته هڪ روپئي ۾ ڪرائيندو هو. مان به ڀڳل اڱارن مان برش ٻوڙي، کڻي آلو ڪري ڏيندو هيومانس، مجال جو ڪڇي.
ميڊيڪل اسٽور وارو: ڪيڏو نه موڳڙو هو، هڪ روپئي واري ٽڪي ٻن ۾ هڻي ويندو هومانس.
آخري رسمن ۾ شريڪ ٿيندڙ هڪ شخص ڪهڙا چڱا ڪم ڪيا اٿس جو وتوس ٿا مولوي گهرائيندا. سٺو مولوي.... ڪاري..... ٽنگيوس ڪنهن ٽاور ۾، کائنس ڳجهيون، ماس، وري وصيعت ڪري ويو آ، ته قبر جي وچ ۾ موتيا گلاب پوکرائجو. ڀر ۾ ويٺل ڇنڊ پٽيس تڏهن بس ڪيائين.
جنازي نماز پڙهائيندڙ ملو: مونکي پهرين پنج هزار ڏيو ته هلان. هن جي جنازي نماز ۾ ڪير شريڪ ٿيندو ئي ڪونه ته ڌوڙ مان ٿيندا پئسا......
سوشل تنظيم وارا: جنرل ميٽنگ فيصلو ڪيو آهي ته هلندڙ مهيني جي ستين تاريخ تي، مرحوم کي خراج تحسين ڏيڻ لاءِ ميڙاڪي جو پروگرام رکيو ويو آهي. في الوقت خانو جي نالي سان نئي ديري ۽ ڪچي ڳوٺ لڳ سبيل کوليون ٿا.
هڪ پرستار: ڏاڍو ڀلو هو. مون لاءِ سڀ ڪجهه ڪيائين. مون کي ڪهڙي خبر ته اڄ ڪا آخري ملاقات ٿيڻي هئي. چوي پيو ته يار لڳي ٿو ته سڀاڻي نه ملون، خطائون معاف ڪجان. هن جي هڪ عادت ڏاڍي ڀلي هئي ته ويٺو ڳالهائيس مجال جو ڪا رُخي ورندي ڏئي.
سهرو: منهنجي ڇوڪري کي ڏکيو ڏينهن ڏسڻ ڪونه ڏنائين. جماڻو مان ڪندس. هن جي ملڪيت ۾ ڪنهن کي ڪو پڇڻ ڏيندس؟ رک الله تي......
آفيس جو چوڪيدار: موت تي ڪهڙو ڀروسو..... آ..... دم...... ماڻهو چڱو هو. البت شل نه سگريٽ دکايان ته مٿان ٺڳي اچي بيهي رهي، جيسين ڦوڪ ڀرايانس، تڏهن وڃي پچر ڇڏي ميان!
بگي وارو: چڱو هو، خدا سان ڪم پوندو، مڙس جي ڳالهه مڃبي. هڪ دفعي گهوڙي گهه ڪيو هو ته مڙس ٿي مون سان نڀايائين. ٻنهي اچي گهوڙي کي ورتو، جڏهن آئي مڃيائين تڏهن وڃي هٿ ڪڍياسونس.
صحافي: هن جي نيوز هلائڻ لاءِ ڇا جو فيڪس ڪريان. هجي ڪامورو ته پوين کي بليڪ ميلنگ ڪرڻ سولي ٿئي..... ٻيو نه ته به واهه واهه ته ٿيندو، واهه ڙي غوث تنهنجي رپورٽ.........
پيالي ڀائي: خانو گڻنگ موالي هو. هڪ دفعي ايترو پيتائين جو سڪي ۾ کڻي ٽپو ڏنائين. پڇومانس ته ٻڌايائين ته پيرن ۾ بلا پئي وچڙي سوچيم ته ساهواري شئي آهي، بچايانس......