ڪھاڻيون

اٽي اجھي لٽي جي ڳولا

ممتاز مصطفيٰ هڪ نوجوان ڪهاڻيڪار طور ڪهاڻين ۾ پنهنجي نفسياتي ۽ روحاني روين سميت پنهنجي سماج جي اصل شڪل بيان ڪرڻ جو ساهس رکي ٿو، جنهن سبب سندس ڪهاڻين ۾ زندگي موجود آهي، جيڪا ڪهاڻي پڙهڻ تي مجبور ڪري ٿي.
Title Cover of book اٽي اجھي لٽي جي ڳولا

عشق

مولوي مسجد مان، لائوڊ تي، عصر واري بانگ ڏني. پاڙي جي ننڊ ڦٽي پئي، اڪثر مولوي کي پٽڻ ۽ نندڻ لڳا. باقي ٿورائي ڪي هيا، جيڪي بانگ جي آواز ٻڌڻ سان ئي، مسجد ڏانهن وٺي ڀڳا، سڀاڳيون عورتون عصر سان ئي قرآن شريف جي دور ۾ رڌل هيون، ڪي دور ڪري، پنهنجي گهرو ڪم ۾ مصروف هيون، وَروُ پنهنجي کٽ تي، جاڳيو ته پئي، پر ڪچي ننڊ کيس اٿڻ جي زهمت نه ٿي ڏني، سندس ڀيڻ دور ڪرڻ بعد، سست ئي لوڙهي مان ڊنگهريون پٽي، آڻي رڌڻي ۾ رکيون. پاٽ اٽي جي گندڙي مان ڪڍي ڳوهڻ ۾ شروع ٿي ويئي. ماڻس رڌڻي جي ٺلهه ڀرسان کير ولوڙي رهي هئي. سندس تيز ڦيرن کير کي بوڻين جي صورت ۾ ٻاهر نڪرڻ تي مجبور ڪري وڌو. پکي پکڻ، داڻي پاڻي لاءِ چُون چُون، ٽيون ٽيون ڪندا سندس گهر مٿان وڃي رهيا هئا. پاڙي وارن جو مال جهنگ ڏانهن روانو ٿي چڪو هيو ۽ ڪجهه نڪرڻ تي هيو. ورو به جلدي ۾، چادر منهن تان هٽائي رڌڻي ۾ پيل گهڙا منجي تان، دلي مان پاڻي ٻڪ تي پلٽي کڻي ٿي منهن کي هنيائين. هيڏي هوڏي نظر ڦيرايائين، ته ڏاند قلعي تي موجود ڪونه هيا، سمجهي ويو ته بابا ٻني تي ڪاهي ويو آهي. هاڻ هو چلهه تي ويٺل ڀيڻ وٽ پهتو، جيڪا ماني پچائي رهي هئي. ماني اڃا تئي تان لٿي ئي ڪا نه، ته ٻيا به ننڍڙا ڀاءُ اچي، چلهه چوڌاري ڦري ويٺا، ٻار چون ته پهرين ماني اسان کي ملي. هو چوي ته پهرين ماني مونکي ملي. ڇو جو مال ڇوڙڻ ۾ دير ٿي ويئي آهي. ماني لٿي ئي مس ته سڀني جا هٿ ماني ۾. پر هي سڀني کان وڏي هئڻ ڪري زور زبردستي سان، ماني جا ٽڪر کسي ويو. ٻارن پٽ تي ليٿڙيون هڻڻ شروع ڪيون. ڀيڻس کان به رهيئي نه ٿيو. ڀاءُ کان ٽڪر کسي، وڃي ٻارن کي ريجهايائين. وري هي روئڻ شروع ٿي ويو. ماڻس ڀڄندي آئي، پٽ کي پٽ تان مٿي ڪيائين. ڳلن تي هٿ، پيشاني تي چمي ڏئي اچي کٽ تي ويهاريائين، ڀيڻس هن کي ههڙن حالت ۾ ڏسي کلڻ لڳي. ماڻس کيس مخاطب ٿيندي چيو ””ننڍي ڀاءُ جو خيال ڪندي ڪر. ڀيڻ آهين يا......!“
ڀيڻس، گرم ماني آڻي اڳيان رکي. ماڻس ته ججهي انداز ۾ تازي ڦٽي، گرم اوڦراٽن تي رکي ڏنائينس. هن ماني جا ٻه گرهه، ڄاڙي جي سڄي پاسي، ٻه گرهه ڄاڙي جي کٻي پاسي، اڌ ڍؤ، اڌ بک ۾ ئي کڻي بس ڪيائين. امان ”مال جا پيکڙ ڪڍ“ هن آواز ڪڍيو. ماڻس مال ڇوڙڻ لڳي. هن پنهنجو سامان کڻڻ لاءِ ڪوٺي ۾ ڀڳو، سامان لڀي ته لڀي، ڪوٺي اندران رڙ ڪيائين ”امان منهنجو سامان ڪٿي آهي؟ پڪ ادي لڪايو آهي، ادي الائي ڇو مون سان وير وڌو آهي“ ماڻس مال ڇوڙي ٿلهي تي پهتي، ڀيڻس پنهنجي منهن کلڻ لڳي. ماڻس سمجهي ويئي ڌي کي چوڻ لڳي ”ڇوڪري آهين يا ڏچو، سامان ڏي ڀاءُ کي ته وڃي مال ڏي، مال پوي نه ڪنهن جي پوک ۾ ته وري“ ڀيڻ ڪوٺي اندران گهڙي، ٻئي در مان نڪري منجي ڀرسان رکيل سامان کڻي آئي، رڳو سامان کڻي نه آئي پر هن پنهنجي هٿن سان، کلي کي پاڻي سان ڀري سندس ڪلهي ۾ وڌي. انگوڇو مٿي تي، لٺ هٿ ۾ ۽ گليل ڳچي ۾ وڌائينس ۽ پيار مان سندس ڳلن کي به ڇهيائين. نه رڳو ڳلن کي ڇهيائين پر خوب چوڻ لڳس ”پريت اٿم توسان تڏهن مذاق ڪرڻ کانسواءِ سري نه ٿي“. ورو مرڪڻ لڳو، ڀيڻس چپ چوريا.
”ادا هڪڙي ڳالهه پڇان؟“
”پڇ“
”لٺ مينهون هڪلڻ لاءِ، انگوڇو، مٿي تي رکي مومن سڏائڻ لاءِ، باقي گليل ۽ پاڻي جي کلي، ڇا لاءِ کنئي اٿئي؟“
ورو، ٿڌو شوڪارو ڀريو ۽ پوءِ چوڻ لڳو ”پاڻي جي کلي گهڻي ڪم ايندي آهي، ڪو زخمي پاڻي پاڻي ڪندي، تڙپندو آهي ته ڍڪ پائي وڃي پياريندو آهيان. مال چاريندڙ ڌنار، سدائين جهنگن ۾ هوندا آهن، انهن کي پاڻي گهرجي....... واهڙ ۾ ڪڏهن پاڻي ملي ته ڪڏهن ملي به ڪونه، پر ڀيڻ هن ڀيري ته درياهه ئي سڪي ويو آهي، ٽٽيهر به درياهه مان پنڌ ٿو ٽپي اچي......!
”ڀلا گليل، ڪهڙي مرض جي دوا آهي جو کنئي ٿئي؟
”ها! نشاني لاءِ ڪم ايندي آهي“
”نشانا ته ماڻهو تي به ٿيندا آهن.“
”ها ڇو نه؟ پر اڃا تائين ته مون انهي ماري کي چُٽيو آهي، جيڪي بکايو پکين کي چڳڻ وقت، واهيري ورندڙ جوڙن کي ويهڻ وقت ۽ چهنب چهنب ۾ ڏئي، پيار ونڊيندڙن کي نشان بڻائيندا آهن، انهن کي ماريندي، مون کي، منهنجي گليل کي ذري جو به قياس نه ٿيندو آهي، ٻيو انهي مندر، مسجد، گرجا جي پادري، پنڊت ۽ مولوي جي ويهندڙ جاءِ (هجري) تي هڻندو آهيان. جيڪي وڏي عصر جو، لائوڊن تي اوچون بانگون ۽ گهنڊن جا بيل وڄائيندا آهن، ڀيڻ کيس اڌ ۾ ڪٽيندي چويس ٿي ”جاڳائڻ گناهه جو ته ڪم ناهي، جو تون ايڏو انهن کان خفا ٿيو آهين“
”ها ڀيڻ، برابر جاڳائڻ گناهه جو ڪم ناهي، ثواب به ناهي..... جاڳائي ٻئي طريقي سان به سگهجي ٿو. پر انهي جاڳائڻ سان ٻڌاءِ گهڻا خدا جي گهرن ۾ ويا هوندا؟!“
”ڪجهه ته ويا هوندا“ ڀيڻس جواب ڏنو.
”۽ هيترا سارا جيڪي ننڊ مان جاڳي پيا هوندا، ڪن جي پيار ۾ رخنو ته ڪن جي سپنن جا، آدرشي ميل ٽٽا هوندا، هن چوويهه ڪلاڪن ۾ ههڙي نفسا نفسي، وٺان وٺان ۽ مهانگي دور ۾، سڪون سان ڪير سمهي ئي ڪونه. وري جي وڃي، ڪا گهڙي اک لڳي، ته اوچا آواز.....! بانگون.....“
”پاڻ ڏي اشارو ڪندي، رڳو مان اٿيس؟ مون جهڙا کوڙ اٿيا هوندا، پکي پکڻ واهيري مان ڀڙڪو کائي، داڻي پاڻي لاءِ ڀٽڪيا هوندا، هُنن کي ڇا هي؟ هو پيٽ ڀريو، پن جا ٽڪر کايو، لٺ لڳا وتن ٿا. سڳن، ڌاڳن، تعويزن جي بهاني کوڙ پئسا ڪمائن ٿا ۽ تون مان......“ ڳالهه اڳتي وڌائيندي ٿڌو ساهه ڀريندي چوي ٿو ”توکي خبر آهي، مان موٽي ايندس، پکي چڳي موٽي ايندا ۽ پوءِ اکين مان معصوميت جا ورلاپ ڏيندي چوڻ لڳو ”ڪي ڪسي ويندا، ڪي ماري جي ڄار ۾ ڦاسي ويندا، ڪي عشق ۾ اڙجي ويندا“
”ادا خبرون ٿو ڪرين الجهڻ ۾ وجهڻ واريون، پر گليل تترين تي استعمال نه ڪجان“ ڀيڻ جا اهي لفظ ٻڌي هي چپ چاپ ۾ هٿ لوڏيندي، وٺي مال ڏانهن ڀڳو. مال ڪنهن جي پوک ۾ لهڻ بجاءِ سڌو کڏ تان پاڻي پيئڻ لاءِ پهتو. انهي کڏ تان سڄي شهر جو مال، پاڻي پيئندو هو، جيڪا ڪچي جي علائقي ۾ هئي ۽ درياهه جي ٻوڏ تي گذريل سال ڀرجي ويئي هئي. هي به مال جي ڪڍ لڳو آيو. مال کي پاڻي پياري کڻي، ساون ڊڀن پاسي رخ رکرايائين ۽ پاڻ ڪنهن ڪنڊي جي جهڳٽي هيٺيان، ڇانو جو پاسو وٺي وڃي ويٺو، سنس پاسي کان، سڏ پنڌ تي ڳوٺاڻن کوهي کوٽي هئي، جتي صبح شام، ڳوٺن جو تتريون، پاڻي ڀرڻ اينديون هيون، تترن جي نظر جيئن ئي هن تي پئي ته پنهنجي پازيب پيرن تي زور ڏئي اڳتي نڪري وڃڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳيون. تترين جي ٽهڻ تي هُن جي مينهُن به ٽاهه کاڌو. هن ڪر مٿي کنيو، هن جي نظر به تترين تي پئي. هن سڃاتيون اهي ته سندس ڳوٺاڻيون هيون، جن ۾ نوري، ماروي، ليلا ۽ ڪونج هيون. سڀني جي ٻآنهن ۾ چوڙيون سيني تي گج ڀريل چولو ۽ مٿي تي ٻٽا دلا، چيلهه تي گاگهر رکي هين، سڀني جي اڳيان ئي اڳيان ڪونج، ڪونج سنهي ڊگهي، نازڪ ۽ نفيس ڳچي مان، شريانيون به نظر آيس پئي، ٻين سڀني جا هٿ دلن ۾ پر هي دلن ۾ هٿ وجهي ڇا؟ پوءِ به دلا ڪرن ڇا؟ گاگهر سندس چيلهه کي چٻو ڪري وڌو هيو، پر سندس جوڀن کيس محسوس ڪرڻ به نه ٿي ڏنو. هي واسينگ وارا ور وڪڙ کائي، اڳيان ئي اڳيان وڃي رهي هئي. هن جي چيلهه تي ٻيٽ جي چهن ريس ڪئي هئي. ڇاتي تي گج ڀريل چولي مان انب ليئا پائي رهيا هئا. ڊگها وار ويڙهيل سيڙهيل (جيڪي ڳت ۾ ظاهري، ته ڦيڙ جو ڪم ڏئي رهيا هيس) ائين پئي محسوس ٿيا ته ڄڻ واسينگ کي کڻي ٽٻڻي ۾ بند ڪيو هئائين، سرخي چپن تي ٻن ٽن ڏينهن جي پراڻي لڳل هيس. پر اڄ به گلابي گلن جي رنگت کي شرمايائين پئي. مال ته ٽاهه کائي اُتي ئي بيهي رهيو پر ورو کي مليل ٽاهه اڃا نه ٽريو هيو، ڪونج اڳيان هئي ۽ هي پويان ڊڪندو پئي ويو، ڪونج بيهي رهي، هي بيهي رهيو. هي سمجهي ويو ته هُو چاهي ٿي! مگر ريتن، رسمن، ساهيڙين جي ڊپن کان ڪجهه ٻولي نه ٿي سگهي. ورو پوئتي مال ڏانهن رخ رکيو، ڪنڌ ورائي هُن کي ڏسندو به رهيو ۽ اڳتي وڌندو رهيو. پر هينئر اها مئي هن ۾ نه رهي، ڪونج جي هر ادائن کيس جهوري وڌو هو. سنس وار وار ڪانڊرجي ويس ٿي ته، ڪيڏي مهل پگهر ۾ شل، دل جي ڌڙڪن تيز ٿي وڃيس ٿي، جهرندو، ڊهندو، ڪنڊي جي جهڳٽي وٽ ساڳي جاءِ تي وڃي ويهي ٿو. سوچي ٿو ته ادي چيو هو ته ادا گليل تترين تي استعمال نه ڪجان پر مون ته استعمال ئي ڪانه ڪئي. پوءِ به هو دل کي چُٽي وئي. هو جيءَ جهوري وئي. هي پنهنجي وسوسن ۾ ئي ڦاٿل هيو ته ڌنارن مٿان اسلام عليڪم ڪئي. هن ٻيهر ٽاهه کاڌو. ڌنارن ٽهڪ ڏنا ۽ پوءِ گڏيل لفظ واتان ڪڍيائون ”ڪڏهن ڏسي ٻهڪندو هئين، پاڻي پنهنجي هٿن سان پياريندو هئين، ٻٽا ٻٽا ڀاڪر پائيندو هئين ۽ اڄ. .....! هي اٿيو ڌنارن کي پاڻي، پياريائين، ڌنار پنهنجي ماڳ ڏانهن وريا، هي ساڳي جاءِ تي ويٺو رهيو.
سج پنهنجي محور ۾، وقت جي حساب سان وڌندو رهيو پر هن سج لهڻ جو به انتظار نه ٿي ڪيو. مال اتي ئي ڇڏي وڃي گهر پهتو. ماڻس ڪپڙا پئي ڌوتا. هن کي ڏسي ماڻس، ڪپڙن کي اڌ ۾ ڇڏي هن وٽ پهتي، هن جا حال ماڻس کان ڏٺي نه پڳا، ڳل، ڀرون، اکيون، وار نس نس مان ٿي پگهر ٽميو. دل جي ڌڙڪن هڪ سيڪنڊ ۾ الائي ڪيترا ڀيرا پئي ڌڙڪيس. ماڻس کي ساهه جي لڳي ”ابا پٽ توسان هي ڪنهن حال ڪيو آهي؟“ ماڻس ڌي کي سڏ ڪيو ”اها آئي امان“ ”پکو کنيو آ، ماني ڀاءُ لاءِ کنيو آ“ ”ها امان ها!“ ڀيڻس ماني اڳيان رکي، ماڻس پکو هڻڻ شروع ڪيو، ”ابا پٽ، کاءُ ماني کا“ هن ورندي ڏني ”نه امان نه، ماني لاءِ اڄ کانپوءِ، ادي کي تنگ نه ڪندس، هاڻ اهڙي بک ۽ اڃ جي کي جهوريو آهي، جنهن جي بک ماني سان ۽ اڃ پاڻي سان نه وسامندي“ ماڻس ڳلن تي هٿ رکندي چويس ٿي ”پوءِ آئين ڇو؟“
هو اندر جي تپشن کي، اڌمن کي، لفظن جو روپ ڏئي پنهنجي زباني ٻڌائڻ جي ڪوشش ڪري ٿو لفظ زبان تي اچن ٿا وري گهٽجي وڃن ٿا ”پر نيٺ ابا ٻڌاءِ ته سهي“ ماڻس جي ٽيڪن کيس ڪڇڻ تي مجبور ڪيو ”امان امان“ ”ها پٽ چئو“ امان ڪونج امان ڪونج؟.....؟“ ان وقت سندس اکيون ٿڪل ٽٽل، لعل بڻيل ڪنهن واهيري ۾ پناهه ڏيڻ جو ڏس ڏئي رهيون هيون. ٽمڪي رهيون هيون. هو وڌيڪ ڪجهه نه ڪڇيو. ماڻس سمجهي ويئي ”ڀلا دلين جي ڀيد ماءُ نه ڄاڻندي، ته ٻيو ڪير“ ماڻس سمجهائڻ لڳي. ”پٽ ٻيا به سنڱ کوڙ آهن، پٽ لاءِ سنڱ کٽا آهن ڇا؟، باقي ڪونج جو ملڻ مشڪل آهي، انهي ڇوري جو پيءَ مري چڪو آهي، ماڻس مرڻ ڪنڌي تي آهي، باقي وڏور ڀاءُ وڏو لالچي، جواري، نشائي، شرابي آهي، انهي ڇوڪري جو سنڱ ستر هزار تي دلال متاري خان کي ڏنو اٿن. متارو، وري هن جو به پيءُ آهي، اهو وڌيڪ جواري، شرابي آهي، پئسن تي ورتل ڇوڪرين کي، ڇير پير ۾ ٻڌرائي، نچائيندو آهي، محفلون گرمائيندو آهي ۽ ٻيڻ تي پئسا ڪمائيندو آهي، تولئه مال کپايان، گهر کپايان پر پوءِ به پورت ڪانه ٿيندي“ ماڻس واتان، اهي لفظ ٻڌي هن جي پيرن هيٺيان ڌرتي نڪري ويئي. هن جي دل جي آخري آس به نراس ٿي ويئي. دل، دماغ، هوش حواس، عقل فهم سڀ پنهنجا اختيار وڃائي ويٺس، هي گهر مان ڀڙڪو کائي ٻاهر نڪتو، پهريون دفعو احساس ٿيس، ته هت عزت، غيرت، قربت، انسانيت پئسن تي خريدي وڃي ٿي. ڪنهن جي دل جي ڪونڊي تي آخري مرڪ به مرجهائي وڃي ٿي. ٺيڪ آهي ڪونج نه ملي ڇا ٿي پيو، هت سڀ ڪونجون آهن ۽ مون وانگر اهڙا کوڙ ديوانا آهن. جيڪي ڀٽڪندا رهن ٿا، پر عشق مان مراد، رڳو ڇهڻ به ته نه آهي، ملڻ به ته نه آهي.....!!
اهڙيون، چرين جهڙيون خبرون، هن جي واتان ٻڌي ماڻهو حيران ٿي وڃن ٿا. وڏن شهپرن، پٽڪن، ٽوپن، هڏ ڪاٺ ۾ ڀريل بتن کي ڏسي چوي ٿو ”چڱا مڙس، پڙهيل لکيل، معتبر، رئيس امير سڏرائيندڙو، سڀ منهنجا، هن سماج ۾ هر ڀٽڪندڙ انهي فرد جا ڏوهاري آيو، جيڪي چريا، لنگڙا، معزور ٿي ويا آهن ۽ اوهان تماشي بڻجي ڏسندا رهو ٿا. هو ڀٽڪندا رهن ٿا، اوهان کلندا رهو ٿا.
هن جا ڳل گلابي، پيلا، وار وکيريل، ڪپڙا ليڙون ليڙون ٿي وڃن ٿا، شام ٿئي ٿي، هن گهر بجاءِ جهر جهنگ رلندو، ڀٽڪندو وتي ٿو، مال ٻيا ڌنار گهر پهچائن ٿا. ماءُ ڀيڻ پاڙي جي ڌنارن کان پڇن ٿيون، پر ڪٿان به ڪا کڙڪ نه ٿي ملي. هو مايوس ٿي موٽي اچن ٿيون. هن جي اکين مان، ڳوڙها وهي، ڳل تي، پٽا ٺاهي وجهن ٿا. آسمان ۾ ڪڪر مڙي اچن ٿا، ڪڪر ڀڄن ٿا. هي انهن پٺيان ڀڄي ٿو، کنوڻ کنوي ٿي، برسات وسي ٿي، ڀڄي ڀور ٿئي ٿو، مگر ڪابه پرواهه ڪانه، مورڳو طوفان تي، هوا تي، برسات تي کلي ٿو، پر جڏهن ڪونج نالو دل تي تري اچيس ته پٿر دل روئي ڏئيس ٿي.
هاڻ هن جو جاڏي ڪنڌ، تاڏي پنڌ آهي، ڪنڊن، کڙٻن جي ڪابه پرواهه نٿو ڪري.
هن کي ڪيئي راتيون، ڏينهن، سانجهون، شامون پنڌ ۾ گذرن ٿيون. هڪ دفعي تترين جي ٽهڳي اڳيان لنگهائو ٿيو. تتريون ٽاهه کائي تيز هلڻ لڳيون. هي گهوري ڏسين ٿو ۽ پارت ڪرين ٿو ”آهستي هلو آهستي، او ڪونجون، تڪڙيون نه هلو، متان پير مڙي پويوَ، متان گهڙا ڀڄي پونَو، چيلهه ٽٽي پويوَ ۽ الزام لڳنوَ ته.....!
تترن جي ٽهڳي اڳيان ڌنار مليس، جيڪي آخري ڀيرو پاڻي پيئڻ لاءِ کوهي تي آيا هيا. ورو، جا چپ سڪي پاٺ ٿي ويا. ورو پاڻي گهريو، پر پنهوارن پاڻي پيارن جي به زحمت نه ڪئي، هن سمجهيو ته سج اولهه ڏي وڌي ٿو. ته اولهه جو رخ رکيو. هن جي مٿان ڪونجون ڪر ڪنديون وڃن ٿيون. هي به ريس تي ڪرڪي ٿو. ايتري ۾ ڦٽيل ۽ ٿڪيل ڪونج هن اڳيان اچي ڪري ٿي. هن ڦاٽل ڪپڙن مان ليڙ ڦاڙي سندس زخم اگهيا، جسم کي گرم ڦوڪا ڏنا. مٿان ڪونجون هنجي ڦرڻ لڳيون. هن ڪونج کي هوا ۾ ڇڏيو. هو ڪرڪا ڪندي وڳر سان ملي، ماڳ ڏانهن رواني ٿي. مينهون ٽلنديون وٿاڻن وريون. پر هي ڪٿي وري؟ ڪاڏي وري؟ ڪنهن ڏي وري؟ بس شهر هن جي سڏ پنڌ تي باقي هيو، هن جو جسم، اڌ اگهاڙو اڌ ڍڪيل، پيرن ۾ لڦون، اوجاڳن، پنڌن جهوري ڇڏيو هو. ورو ڪجهه گهڙي ساهي پٽي، وري پنڌ ڪرڻ شروع ڪيو، شهر ٻاهران، ٻار راند روند کيڏڻ ۾ مگن هيا، ورو کي ڏسڻ سان ئي، ٻارن وٺي هوڪرا، رڙيون، واڪا ڪيا ته ڪن ٺڪر، ڀتر ۽ ڀينڊ هنيان، ورو کليو، رنو ۽ پوءِ ڀُڻ ڀُڻ ڪيائين ”ته ڪوبه اهڙو نه آهي جو مون کي آٿت ڏئي، مون کي هٿن سان پَهَيَ، من هيڪل ضرور آهي. پر پوءِ به انسان آهيان، دل آهي، دل ۾ ڪا چاهت آهي، ڪو چين نٿو ڏئي ته گهٽ مان گهٽ پٿر ته نه هڻن“
ٻار مڙي ڪري بيهي رهيا. هي اڳتي وڌيو. ملان مسجد مان سج لٿي جي بانگ ڏني. هي ڀر ۾ بيهي پٽڻ لڳو، ”ٻانگون بند ڪريون، اهي ننڊون ڦٽائن ٿيون. پکي، انسان سڀ مشڪل سان ٻيهر ٿاڪ تي پهچن ٿا، ڪي داڻي جي ڳولا ۾، ڪي عشق جي ڳولا ۾ شڪار ٿي وڃن ٿا.....!!“
هي سنهي گهٽي مان ٿي مندر ۾ گهڙيو، مندر جا رکوالا هن کي روڪن ٿا. هو جلالي سان سڀ رڪاوٽون هٽائي مورتين وٽ پهچي ٿو. ورو ماڻهن جي نقل ڪرڻ شروع ڪئي. هن هٿ ٻڌا نمستي چيو. ته مورتين ۾ ساهه پيو، ڪي پيرن ۾ ڪريون ته ڪي ڀڄي ڀري پيون. اوچتو هن جي ڪننن تي ٻار جي روئڻ جو آواز آيو. ورو ٻاهر ڀڳو. ان ئي گهٽي ۾ گندي ڍير تي نئين ڄاول ٻار کي کنيائين، ٻار، ڪنواري عيب لڪائڻ لاءِ، ڦٽو ڪري ويئي هئي.
ورو پنهنجي اڌ اگهاڙي جسم تان به ڪپڙو لاهي ٻار کي ڍڪيو، سيني سان لڳائي، ڪنن ۾ ڀڻ ڀڻ ڪيائين ”توسان عشق ۾، هيڏو مذاق ڪيو ويو آهي، تنهنجا ڄڻيندڙ، وري انجواءِ لاءِ، سمنڊ جي ڇولين، وڏن پارڪن ۾، هٿ هٿ ۾ ڏئي، عشق جا داستان ڳائيندا هوندا ۽ تون.....!!“
ان ئي گهٽي جي سڄي ڪنڊ، وڏي ڪارنر پلاٽ تي، رنگ برنگي محفل جا مرچ ٻرندي وسندي ڏٺائين. اندر جيئن ئي محفل ۾ پڳو ته سنسان لڳي پئي هئي، وچ تي ٻرندڙ مچ آخري پساهن ۾ هيو، نوٽ سڄي پٽ تي وکريا پيا هيا، ڇوڪري، جي پازيت پيرن جي ڇم ڇم، ساري محفل جي حضرات کي، گهور ننڊ ۾ سمهاري ڇڏيو هو. ويندي سازيندڙن تائين، پر هو اڃا به ڳائي پئي، روئي پئي، ورو اچي اُن ڇوڪري جي ڀر ٿيو، ڀڻ ڀڻ ڪيائين ”ڏي مٽ مان ڀري چُڪي، توڙي زهر آ سمورو“ وار ٻنهي جا ڪانڊارجي ويا، ٻئي پگهر ۾ شل ٿي ويا، ورو چپ چوريا ”تون ڪونج آهين“
”ها“
”۽ تون منهنجو ساڳيو ڌنار آهين“ ورو گود پنهنجي مان قرب جون پنکڙيون ڪونج مٿان نڇاور ڪيون، ٻئي ٻکئين پئجي ويا، اندر جي اڃ، بک ٽارڻ لاءِ، هميشه هميشه جي لاءِ........“