ستين بستي
”راجه رام کي اقتدار تان لاهيندڙ نئو ٻار هوندو“ بس پوء راجا لوهن هٿيارن جي زور تي هر نئي ڄمندڙ ٻار کي ڄمندي ماريو. ڪي ٻچن کي بچائيندي مارجي ويا ڪن ٻچا وٺي جهنگلن، برن جبلن جو رخ رکيو. اتي به خوف دهشت سبب ننڍڙيون جهوپڙيون ٺاهيون. اسين تهذيب يافته هئاسون ۽ آهيون. اسين پننهنجي رنگ ڍنگ لباس ۽ زيور پائڻ ۾ مالا مال هئاسون. اسان آدرشي قدرن ۾ اڄ به ڀرم شناس آهيون. هن قصيص جا بٽڻ کوليندي چيو ”اسين سچائي جا ڏيئا آهيون........ اسين سج جي ساڙيندڙ روشني توڙي ڌرتي ٽامڻي ۾ سڙيل، ڪاريل پر اميد آهيون، اسين فطرتي رنگن ۽ عڪسن کي سنڀاليندا اچون ٿا.هو ڏس ننڍڙو بانبڙا پائيندڙ ٻار لڇو ڪتي جي چيلهه تي پتڪڙا هٿ رکي بيٺو آهي. حيوان جي انسان سان فطرتي لڳاءُ جو عجب نمونو آهي. نانگ ننڍڙن ٻارن جا زيور رانديڪا آهن.
اوکي هرايندڙ ويندڙ کي پاڻ ڏي متوجه ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو. ڪو ٻڌي ڪو اڻ ٻڌي وڃي رهيو هو.هو سنهي آواز چوڻ لڳو ۾ ” اسين ٿڌو مزاج رکندڙ بااخلاق پرامن پرشناس آهيون. اسين محبت، شانتي ۽ آدرشن کي صدين کان سنڀاليندڙ رهيا آهيون. اسين فطرتي طور جيئن هئاسون ائين ئي آهيون. فطرت ۾ مالڪ جيئن پليا آهيون.
اوکو هانء ڦاڙيندڙ دردن سان گڏ ٿڪجي پيو. ساهه پٽيو. فوٽ پاٿ ڀرسان جهڳين جي وچ ۾ مٽي جو گول چڪرو ٺهيل هو جتي رات جو ڪچهري ۽ صبح سويري ورد ڪندڙن جو انداز ئي الڳ هو. لونگ سورت رحمان سوز سروز سان پڙهي رهيو هو. پرسو انجيل مان ٻڌائي رهيو هو. اوکو اڻ پڙهيلن کي رگ ويد مان ته ڪيڏي محل ڪبير جو ڪو دوهو ٻڌائي رهيو هو. شنڪر يوگ توڳ جي مشق ڪري رهيو هو. آهستي آهستي سان سڀڪو پنهنجي پنهنجي جهڳي ۾ ڪتاب رکي، گول چڪري لڳ فٽ پاٿ تي ڪڙيون موڙها ٺاهڻ ۾ مصروف ٿي ويا. هي سڀ هڪ ئي ڌنڌو ڪندا ها. چاندي ڪڙين ٺاهڻ ۾ زوران زور هوندي هئي. ٻار لڇو ماءُ سان پيو راند انگل ڪندو هو. ماڻهو ڪارن مان لهي بڙي مرغي چهوڻا انڊا مثل گهٽ بها ۾ وٺي ويندا ها. ڪي هنن کي حقارت ۽ گهور نظرن سان ڏسندا ها. هي شرمايل گهور ڏسندڙن اڳيان شرمائجي ويندا ها. سج لهڻ سان ئي تتر جي ٻچن وانگر اوکي جي ٻچڪرن تي اک ڇنڀ ۾ وري جهوپڙن ۾ واپس اچي ويا. عورتون جهوپڙين ۾ رڌ پچاءُ ۾ لڳي ويون. ٻار پٿرن سان راند کيڏڻ لڳا. مرد گول چڪري جي بيٺڪ تي احوالن ۽ درسن ۾ شروع ٿيا. لونگ جي غير حاضري اوکي پرسو، پرسيا، پرسن، ارجن، شنڪر لئه اڪنڊو آهون ٿي پيون. آهن تي لونگ جي روح کي پڻ سٽ آئي. هي ڀڄندو درس تي پهتو. چاندي ڏيئو ٻاري لڇوسان گڏ جهوپڙي ۾ موٽي وئي. اڄوڪي درس جو سبق شنڪر شروع ڪيو.
”جنهن ماڻهو ۾ انسانيت ڪونهي ان جو ڪو به مذهب ڪونهي. اهو ماڻهو مذهبي ڪتاب پڙهي يا مذهب ڊريس اوڍي ڪنهن ڪم جو ڪونهي. اهو ماڻهو نه هندو سٺو نه عيسائي سٺو ۽ نه ملسمان سٺو ٿيندو. برو آدمي برو آهي. سٺي انسان کي ڪنهن به مذهب جو قيدي نه هجڻ گهرجي.“
سڀني واهه واهه ڪئي.. نيڻن جي ننڊ سڀني کي جهڳين ۾ سڏي رهي هئي. رات لڙي چڪي هئي. سڀ ٿڪ جا مارا آهستي آهستي تتر ڀتر ٿي جهوپڙين ۾ واري واري سان اٿندا ويا. رات انڌيري ۾ وڪوڙي جي وئي هئي. ڏيئي ۾ تيل ٿورو بچيو هو. اوکو ننڊ ۾ موڙهي تي ويٺل هو سندس اڇا شهپر مڇي جي پرن جيان هوا ۾ وکرجي رهيا ها. سندس فڪر جي اڏار درس ڏيندڙن کان به اڳتي وڌي وئي هئي. هو خاموش ماحول ۾ ذهن کي ڀٽڪائيندو رهيو. ڀٽڪندڙ ذهن پنهنجو پاڻ کان ئي سوال ڪندو رهيو
”آخر ڀٽڪڻ ۾ ڪهڙو مزو آهي. .......ٻچن سميت دراوڙن کان وٺي هن محل تائين رلندا رهون ٿا..... عالم اقوام ڪڇي ٿي؟ نه رياست حل ڳولي ٿي... ...“
خوشي رات انڌيري ۾ فٽ پاٿ ڪراس ڪندي هن جي ڪلهي تي هٿ رکي چيو”ستين بستي ۾ اٺون گهر مون کي به اڏڻ ڏي!“. اوکي جو ذهن تحت الشعور مان شعور ڏي موٽيو. هن آرس ڀريو اکيون کوليون. هر طرف خاموشي هئي. موڙها خالي ها. پرسو، پرسيا پرسرام، ارجن شنڪر، لونگ جهوپڙي وڃي چڪا ها. ڏيئي جي وٽ وسامڻ واري هئي. هن دوست خوشي کي سڃاڻيندي چيو
”تون ميجر هيئن تو بستي تي بم نه ڪرايو، تو رٽائرمينٽ جا لوازمات نه ورتا “. خوشي به درد دل ماڻهو ٺهه پهه جواب ڏنو
”جو ڪرڳ گا وه ڀرڳ گا “
اوکي خوشي جو هٿ پنهنجي هٿ ۾ ڏئي جهوپڙين طرف وڌيا. لڇو ماءُ جي هنج سان ستل هو. پرسو پٿر کي وهاڻو ڪري ستل هو. رات خاموشي ۾ ڏيڏر ۽ تڏن جي آواز سان کيڏي رهي هئي. ٻئي جهوپڙي ۾ داخل ٿي هڪ ٻئي جي اکين جا سر آسا پڙهندي روئندي، کلندي ڍلي پيا.