ڪھاڻيون

اٽي اجھي لٽي جي ڳولا

ممتاز مصطفيٰ هڪ نوجوان ڪهاڻيڪار طور ڪهاڻين ۾ پنهنجي نفسياتي ۽ روحاني روين سميت پنهنجي سماج جي اصل شڪل بيان ڪرڻ جو ساهس رکي ٿو، جنهن سبب سندس ڪهاڻين ۾ زندگي موجود آهي، جيڪا ڪهاڻي پڙهڻ تي مجبور ڪري ٿي.
Title Cover of book اٽي اجھي لٽي جي ڳولا

ويچارا

رات جي اونداهي، هر شئي کي پنهنجي لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيو. هو پکي پکڻ پنهنجن پنهنجن جوڙن سان پيار ونڊي سمهي پيا ها، ته ڪي ساٿي جي جدائي ۾ ويڳاڻا لڳا پئي. وهائو تاري اڀرڻ جو هر ڪنهن کي انتظار هو. جيئن وهائو اڀريو ته سانوڻ گهوڙو گاڏي جوٽي شهر ڏانهن نڪتو. سانوڻ جي زال سڀاڳي جا، هونئن ئي هٿ سونا هئا. هو گهر ۾ برٿ جو ڪم ڪري خوب پئسا ڪمائي چڪي هئي. زال جي فرمائش تي سانوڻ سونهري فارم جي احاطي مان ڀلوڙ سُئا مينهن وٺي آيو هو، ته جيئن ٻچن کي کير پياري سگهجي. سانوڻ جي نڪري وڃڻ کانپوءِ، سڀاڳي سڄو ڏينهن مينهن ۽ ٻچن کي ڏئي ڇڏيو هو. شام ٿيڻ سان، سڀاڳي آڳر کي ڇڻڪار ڏئي، مينهن کي قلعي سان اچي ٻڌو. آڳر تي ٻه کٽون اتر کان بجلي وارو اسٽينڊ پکو کڻي اچي رکيائين. کٽ جي سيرون واري پاسي کان آلي واري تي ڄميل کير واري چاڏي ۽ کير واري چؤنري رکي. مٿان کارو ڏئي ڇڏيو.
سانوڻ غريب هو. هن جي غريبي آڻڻ ۽ چاڙهڻ واري اصول تي روان دوان هئي. پاڻ بکيا رهند اهئا پر مينهن کي کڙ ۽ چوني کان نه سڪايو هئائون. هنن جو چوڻ هو ته جيترو مينهن کي کاڌو ڏبو اوترو ئي کير زياده ڏهبو. هي انهن ماڻهن کان وئون ويندا هئا، جيڪي کير ۾ ملاوت ڪري کپائيندا هئا.
سج لهي وڃڻ کانپوءِ به سانوڻ نه وريو ته سڀاڳي جي دل وڌيڪ تيز ڌڙڪڻ لڳي. هو در کان ٻاهر جهاتي پائي، سانوڻ کي ائين ڏسڻ لڳي، جيئن ڀٽائي جا فقير جهر جهنگ مان ڀٽ ڌڻي جي سوني نيل تان لهندڙ سج کي تڪيندا آهن، فرق اهو هو ته فقير ڀٽ تي اچي رياضت ڪندا هئا ۽ هو ٻئي ٽيهن ئي سُرن کي گهر ۾ ڳائيندا هئا.
ٻنهي جي محبت ماکي کان وڌيڪ مٺي، تيڏي گاهٽِ هئي، سانوڻ جي گهر ۾ گهڙڻ سان، سڀاڳي چپ چوريا، چپن سنگيت جو روپ وٺي پڙاڏو ڪيو ”پرهه ڦٽي کان سانجهي تائين، ڇڏي وڃي ٿو، پويان جي ڪا سار لهين ٿو. سڄو ڏينهن خدا جو، تنهنجي لاءِ تڙپان ٿي، جنڊ ۾ پيل داڻي وانگر پيسجان ٿي!!“ سانوڻ بغير ورندي جي گهوڙي کان گاڏي الڳ ڪئي، سڀاڳي گهوڙي تان سنج لاهي پنهنجي رئي سان ڇنڊڻ لڳي. سانوڻ گهوڙي کي اڱڻ جي ڪجهه پرڀرو ٻڌي سڀاڳي کي چيو ”مون ته ٻڌو آهي ته جدا ٿيڻ سان سڪ وڌندي آهي. دل ته منهنجي به چوي ٿي ته تون وهندڙ پاڻي وانگر، هنن ڪچڙن ڪنارن کي کائيندي رهين، پر مار پوي هن پيٽ بکئي کي......“
سانوڻ نانگ وانگر وروڪڙ کائي پياسي بدن کي ٺارڻ لاءِ ٻانهون کنڊيڙيون ته سڀاڳي مرڪندي اهو چئي هلي وئي ”هاڻ ٺهيو ٺهيو، رات کٽي آهي ڇا؟
سانوڻ ڇهه سالن جي ڌي بختاور کي چمي، ننڍي ڇوڪر جي ڳلن تي، شفيق هٿ گهمائي، کٽ تي اچي ويٺو، سڀائي ڀت سان کير جو وٽو آڻي ڏنو. ٻئي ڀت کائڻ لڳا، سانوڻ کير جو ڍڪ ڀري ته وري سڀاڳي ڍڪ ڀري، ماني سان گڏ سانوڻ جون ڳالهيون، سڀاڳي ٻڌندي رهي. ”سڀاڳي شل نه پيار ۾ ڪنهن جي ڪل ٿڙي؟“
”اهو وري ڪيئن؟“ سڀاڳي سوال ڪيو.
”ها ٻڌ! هڪڙو ويچارو ڪاري ڏاڙهي، وڏن وارن سان منهن پيو، هن جو بدن اڌ ڍڪيل اڌ اگهاڙو هيو، هن کي مستاني چونڪ وٽ رونشي ڪوڏن چيڙايو پئي، خبر پئي ته هن ويچاري جي عشق ۾ ڪل ٿڙي آهي، خبر ٿئي! ته انهن چيڙائڻ وارن ۾ هڪ معشوق به شامل هيو“
”پوءِ تو ڪجهه نه ڪيو؟“ سڀاڳي سوال ڪيو.
”هان مون رونشي بازن کي سمجايو، انسان آهيو انسان ٿيو، انسان جو قدر ڪريو، پيار جو قدر ڪريو؟
”پوءِ ڇا ٿيو“
”سڀاڳي ڪجهه نه، ماڻهو هليا ويا، مان گهوڙي گاڏي تان لهي هُن جي دل تي هٿ رکيم، ائين لڳو ته ڪائنات جي سڀني عاشقن جي باهه هن جي بٺي مان پئي نڪتي، هن کان ڪجهه پڇڻ گهريم، ته وري گهٽي ۾ ڀڄي ويو. ماڻهو هن پويان ڊڪيا، ڪتا هن پويان ڀونڪيا.....“
ڳالهيون گهڻيون هيون، رات ٿوري هئي، ٻئي چاهت جي بکين سان هڪٻئي کي سبڻ لاءِ آتا هئا. ٻئي ماني کائڻ کانپوءِ، رب جا شڪرانا ادا ڪري، جنڊ جي ٻن پُڙن وانگر، هڪٻئي مٿان پئجي ويا. سانوڻ سڀاڳي کي وڻ ويڙهي جيان ويڙهي ويو. گهڻي پيار مان تنگ ڪونه ٿيا، البت ڏينهن جي ٿڪ کين گهري ننڊ ڏئي ڇڏي. بجلي تي هلندڙ پکي چوماسي هوائن مان پرهه ڦٽي واري سموري ماڪ ميڙي، ٻنهي جي ڳلن تي هاري ڇڏي هئي.
رات جي پوئين پهر، سانوڻ جي گهر جي اتر واري ٻانهي کان، ڪوٽ کي کاٽ لڳو. ڪوٽ جي ڪچي هئڻ ڪري چور ستت ئي گهر اندر داخل ٿيا، هڪ چور بگي ڪهاڙي، ڪاري ڳن سان، زال مڙس مٿان اُلاري بيٺو، ٻئي چور مينهن کي قلعي مان ڇوڙيو، ٻنهي جا هيٺيان ڌڙ هڪٻئي ۾ کپيل هوندي به، هندوري جيان ٿورو ئي مس چريا ته مٿان بيٺل چور ڪهاڙي ڪنڌ تي ڀري آندي، ڌڙ پنهنجو پاڻ رڪجي ويا، چور ڪهاڙي ڪنڌ تان هٽائي. رات قدردان ٿي جنهن ٻنهي کي ننڊ ۾ نهوڙي رکيو هو نه ته.......!!؟
سڀاڳي جي ڊگهن وارن، سانوڻ جي بدن کي، نوڙ وانگر وٽي ڇڏيو هو. سڀاڳي جو سڄو انب بدن جي هيٺان اچڻ ڪري ڪومائجي ويو هو. کٻو انب، سانوڻ جي سڄي ڪک مٿان کنڀي وانگر نسريو بيٺو هو. سڀاڳي جي کنڊڙيل وارن مان هڪ چڳ انب جي ٻنڊ سان ويڙهجي ويئي هئي. ڇهن سالن جي بختاور پاڻي گهريو، سانوڻ جي ڇرڪ ڀرڻ سان ٻنڊ کي سٽ آئي، کٻي انب جا گوها، سڄي انب تي پيا، گهٽيل انب حجر اسود ٿي پيو. سانوڻ هٿ ادب جا رکي چمڻ لڳو، ”سڀاڳي توکي سٽ آئي، منهنجي دل دکي، تون معاف ڪنديئه نه!؟ سانوڻ اکيون مهٽيندي چيو، ٻئي ڄڻا، مينهن کي قلعي تي نه ڏسي، خوب روئڻ لڳا. ٻنهي مٿي تي هٿ هڻي، رات نندوري کي پٽيو ”رات تون قهاري آهين. وري پاڻ سنڀاليندي، نه نه رات تون پياري آهين.....!! اي رات تون ڀلي آئينءَ غريب اڱڻ تي.... پر پاڻ سان، غريبن جو تحفظ به وٺيون آ“
سڀاڳي کاڪ مٿان ٺهيل پيري کي، کاري سان ڍڪيو. سڀاڳي چرين وانگر هڪ ڪنڊ کان ٻي ڪنڊ تائين ڀڄڻ لڳي. سانوڻ سوچن ۾ گم ٿي ويو، هو سوچڻ لڳو ڪنهن ڏي وڃان؟ ٿاڻي تي وڃان ته رڳو رپورٽ داخل ڪرائڻ لاءِ ئي خوب پئسا ڏيان. پر ايف آءِ آر ۾ ڪنهن جا نالا ڏيان؟ ڪنهن تي شڪ ڪريان؟ هن هيڏي ساري وسندڙ شهر ۾ لڙڪ لاڙڻ سان ملندو ڇا؟ هت وڏي ماڻهو کي زڪام ٿئي ٿو ته ماڻهن جي اچ وڃ کٽي نه ٿي، مون غريب جي چوري ٿي آهي، ڪو پڇي به نٿو. سانوڻ وسوسا پچائيندو ڪالوني ۾ رهندڙ ڪمدرا وٽ پهتو. ڪمدار سمجهدار هو، سياستدانن جي آڳا پڇي ڪري خوب گُر سکي ويو هو. سانوڻ کي ڏسندي ئي چُپ رهڻ نه پڳس.
”ڪر خبر ڪيئن اچڻ ٿيو آهي، سچ پچ وڙ ڪيا اٿو“ سانوڻ پيرائتي ڳالهه ٻڌائي بس ڪئي. ڪمدار شهپرن جي چوٽين کي وٽيندي چيو ”اها ڳالهه آ.... يا........ وري. ..... آهي......ڪو...... ٻيو چڪر“
”نه سائين نه“ سانوڻ سُتت جواب ڏنو. ڪمدار، سانوڻ کي اهو چئي واپس ڪيو ته رک الله تي سڻائي ڪندو. سانوڻ ۽ سڀاڳي لاءِ، اهو سڄو ڏينهن نه کاڌو نه پيتو، نه مرڪيائي ئي سهي، شام ٿي ته مسجد مان پڙهو آيو، جنهن ۾ ڪالوني جي رهواسين کي سج لٿي جو، ڪمدار جي اوطاق تي، صلاح ثواب لاءِ گهرايو ويو آهي.
اوطاق جي اڱڻ تي، چوطرف کان، کٽون رکيون ويون. پاسي کان نم جي وڻ جون ٽاريون، هوا ۾ لڏي رهيون هيون. وڻ هيٺان ڪبوترن جي کڏي هئي. ڪي ڪبوتر کڏي ۾، ڪي ٻاهر کيڏيا پئي. سج لٿو ته سڀ اچي حاضر ٿيا. ڪمدار روبدار آواز ۾ ڳالهايو، ”هت سڀ مهانڊا، معتبر، پڙهيل ۽ سمجهدار ڪٺي ٿيا آهيو، اوهان ٻڌايو..... ڳوليو..... پيرا ڀيٽيون..... ڪيئن به ڪيو پر مينهن کپي مينهن“ ڪمدار جي لفظن جو سڀني تي اهڙو ته اثر ٿيو جو ڪوئي ڪُڇي ئي نه، آخر متارو همت ڌاري چوڻ لڳو ”ٻين کي چوڻ کان پهرين، پنهنجا گهر صاف ڪجن، پهرين پيري واڍي پيرا ته ڀيٽي اچي، جي چور هت ئي ملي وڃي ته ٻين تي شڪ ڇاجو؟ “ متارو جي ڳالهه سڀني کي وڻي وئي، گلڻ پيري واڍي ڪمدار جي شوخ طبيعت کان خوب واقف هو. گلڻ دل جا راز دل ۾ رکندي چيو ”قبلا! هتان جو چور ئي نه آهن“ سڀ ويتر خاموش ٿي ويا. ڪمدار ٻيهر مخاطب ٿيو ”ڀلا ڪنهن کي ڪنهن تي شڪ، ڇو ته ڪنا ڪوجها هر گهر ۾ هوندا آهن“
سانوڻ چُپ رهيو. ڪالوني جا رهواسي نه ڪڇيا، متاري کي مڙني ماڻهن تي ڏاڍي باهه آئي. متارو حق سچ چوڻ جو ڪوڏيو هو. هن کي اهڙن ڪمن ڪري ڪمدار ٿاڻي تان خوب ڪٽرايو به هو، پر ٻڪر جي اُهائي ٻي. متارو اڪيلي سر اُٿي چوڻ لڳو ”منهنجو ڪالو تي شڪ آهي، ڪالو ڏينهن جو گهٽين ۾ ۽ رات جو گهرن ۾ گهڙي ٿو“. هن چئي بس ڪئي ته مٿان ڪمدار اٿيو ”ويهه ويهه، شڪ ڏيکاري ته مالڪ ڏيکاري“
”هن سوسائٽي کي سڌارڻ لاءِ هر چور، لوڦر، بدمعاش جي نشاندهي ڪرڻ منهنجو نه، پر هر فرد جو فرض آهي“ متارو جي انهي جملي، ڪمدار جي هانءُ کي ٺپي ڇڏيو. ڪمدار، تپي باهه ٿي ويو ”پر سوسائٽي جي فرد جا پٽ! ڪالو کي قسم ڏيون. هو نشائي آهي، هن کي ڪهڙي خبر ته ڏوهه ثواب ڇا آهي؟ ڪالو کان بهتر ته ڪالو جي پيءِ کي قسم ڏجي“ ڪمدار عقل کان ڪم وٺندي اها ڳالهه چئي، ڇو ته کيس علم هيو ته غربت اها بي انصاف ترازو آهي، جيڪا معاشي بدحالي جي عيوض، هر ڪڌا ڪم ڪرائيندي آهي. ڪمدار، جي انهي فيصلي تي وري سڀني وٺي واهه واهه ڪئي، ڪمدار جي حڪم تي پاڙي واري مسجد مان قرآن شريف کڻي اچي ڪمدار جي اڳيان ٽيبل تي رکيو ويو. ماڻو سڀ ادب مان اٿي بيٺا، ڪالو جو پيءَ ڪالو کي پنهنجي منهن وٺي ويو. رونشئي ڪوڏيا ماڻهو پي، پٽ کي ڏسڻ لڳا. ٻئي وضوع ڪري موٽيا، ڪالو ماڻهن ميڙ ۾ بيهي رهيو، ڪالو جو پيءَ قرآن مجيد ڀرسان اچي بيٺو، هن جا عضوا ڏڪڻ لڳا. هو قسم کڻڻ وارو مس هيو ته ڪالو سڀني ماڻهن کي لتاڙيندي پيءَ کي ٻانهن کان وٺي اهڙي سٽ ڏني، جو پڻس گوڏن ڀر ويهي ويو. ڪالو جي اندر جو انسان ٻيهر جاڳي پيو هو. هو قرآن مجيد تي هٿ رکي بيان ڪرڻ لڳو ”ڪمدار جي چرچ تي اسان سانوڻ جي مينهن چورائي“ رڳو سانوڻ جي نه پر گهڻن ئي گهرن جون چوريون ڪيونسين، اهي سڀ ڪم ڪمدار جي بڇ تي ڪندا هئاسون، ته جيئن ڪمدار جو دٻدٻو هر ماڻهو تي رهي. ڪمدار، بيحيائي ڪندي هڪ دفعي سانوڻ جي گهر ۾ گهڙيو هو. سانوڻ، جي گهر واري خوب ڇنڊ پٽي هُيس.“
ماڻهن ۾ چئو پچئو شروع ٿي وئي. ڪمدار تتل تئي وانگر باهه ٿي ويو، متاري رڙ ڪئي، ”خاموش! ڪالو کي ٻڌڻ ڏيو“ ڪالو اندر جي باهه ٺارڻ لاءِ پاڻي گهريو، متارو جوهي واري ميٽوڙي گگهي کي مٿي ڪري، هڪ طرف کان جهڪايو، ڪالو ٻڪ جهلي پاڻي پيتو. آخري ٻڪ پاڻي سان ڀري، هانءُ تي هارڻ لڳو سڀئي ماڻهو حيراني مان کيس ڏسڻ لڳا. ڪالو جي اندر جي ضمير سالن کانپوءِ ڀٽڪي ڀٽڪي انسانيت جو روپ ڌاريو. تنهن کيس ٻيهر ڳالهائڻ تي مجبور ڪيو ”مونکي نشي آور ۽ ڪم کان بيڪار ڪرڻ ۾ ڪمدار مکيه ڪردار ادا ڪيو. منهنجي گهر ۾ معاشي بدحالي آئي، اوهان لکيل پڙهيل، معزز، معتبر هوندي به گيدي آهيو، بزدل آهيو، اوهان هر ڳالهه ۾، اهو چئي ٽاري ٿا ڇڏيو ته ”اسان جو ڇا؟“ نتيجي ۾ لوڦر عزت وارو ۽ عزت وارو بيعزتو ٿيندو رهيو، ٻڌايو گهڻا ڪفارا ادا ڪيو؟.....؟“
ڪنهن کي ڪڇڻ جي مجال نه ٿي، ڪالو کي جوشي ۽ ڪمزوري بيهڻ نه ڏنو. هي ڏڪندي وڃي ٽيبل ڀر ڪريو. ڪالو جو پيءَ پٽ کي چنبڙي ويو، متارو قرآن مجيد کڻي مسجد طرف وڌيو، ڪمدار پنهنجي واٺن سميت ڪالو طرف وڌيو. ڪالو پٽ تي ڪريل رهيو. ڪالو کي چيلهه کان، ڄنگهن کان ويندي لوندڙي تائين ٺونشا، مڪون ۽ لتون لڳنديو رهيون، ڪالو جو نرڙ کان رت بوڙيا ڪري زمين تي هارجڻ لڳو. ڪالو رت ٻڏل، هٿ ٻڌي ڪمدار کان، معافي گهرڻ لڳو، گڏ ٿيل ماڻهو آهستي آهستي گيدين وانگر پنهنجي گهر وڃڻ لڳا. ڪبوتر، کڏين مان ٽاهه کائي، ڪالو جي رت ۾ پنهنجو پاڻ ٻوڙي، اڻ راهه منزل ڏانهن اڏامڻ لڳا. نم جي ٽارين ۾، رات ڀر ويٺل چٻرن، انسان جي بي حسي ۽ حيائي تي، خوب ويچارا ڪيا......