الزام
ملوڪان رڳو نالي ۾ ملوڪان نه هئي. مگر خدا هن کي پاڻ ويهي ٺاهيو هيو. تڏهن ته سندس ساهيڙيون ڪڏهن هن کي ته ڪڏهن وري خدا کي قصور وار ڪنديون هيون. ڇاڪاڻ ته سندن خيال هو ته خدا اسان جي مٽي مان ڪجهه زياده حصو کنيو. ڪجهه اسان جي ٺاهڻ واري ٽائيم مان زياده ٽائيم، ملوڪان کي ڏئي ٺاهيو. تڏهن سڀني ساهيڙين ۾ ٽهڪڙو مچي ويندو هو. ڪونج جهڙي ڊگهي ڳچي، وينگسي وار، پهرين ماهه جي چنڊ جهڙا ڪماني ڀرون، هرڻي وانگر وڏيون غزالي اکيون، سنهو ڊگهو نڪ، گدري جي ڦاڪ جهڙآ چپ، ويڪري اڀريل ڇاتي، ڇاتي مٿان ٻه ترندڙ ۽ جواني ۾ ٽمٽار گنبذ، ڇاتي کان هيٺ وري ٻيٽ جي چهي جهڙي نازڪ نفيس چيلهه، چپن تي نه مرندڙ مرڪ ۽ چهرو چوڏهين جي چنڊ جيان باهه سندس سونهن ۾ چار چنڊ هڻي ڇڏيا هيا. هن جو بدن ٽريٽران پهرڻ سان لڪي نه ٿي سگهيو. هن جي نڙي مان، هيٺ لهندڙ گرهه، نس نس مان پيو ظاهر ٿيندو هو. دستوري طرح اڄ به ڀنڀرڪي ڌاري، لوڙهي مان ڊنگهريون، اروڙي تان سڪا ڇيڻا، ميڙي کاري ۾ وڌائين. هي مٿي اٿي ته پکي واهيري مان ٽاهه کائي اڏاڻا. هن کاري کي چيلهه تي، هڪ هٿ جي ٻل تي مضبوطي سان جهليو، ٻي ٻانهن کي زور سان ڇنڊي هلڻ لڳي، تڏهن ٻانهن ۾ پيل چوڙين جي ڇڻ ڇڻ، ائين آواز ڪڍيو پئي، جيئن قيدي سنگهرون وڄائيندا هجن. تيز هوا جي جهوٽي ۾ پنهنجو پاڻ کي جهلڻ هن لاءِ مشڪل ٿي پيو. هن ڪيئي ٿيڙ کاڌا. هن جي چيلهه نانگ وانگر ست وڪڙ کاڌا، مگر چيلهه تان کاري هيٺ نه ڪري. رئو اڳئين وانگر، وري به مٿي تان لهي، اچي ڳچي ۾ پيو. هن ڳچي مان ڇڏائڻ جي ڪئي ته وري ساڳي ڪنڊ هيٺ اچي ڦاٿي. هن رئي کي باهه مان کڻي سٽ ڏني، ڇو ته اڳئين واقعي مان ئي مس مس جند ڇٽي هيس، رئي کي ته ڇڏائي نه سگهي مگر پاڻ وڃي هيٺ ڦهڪو ڪيائين. سندس انگ انگ لرزجي ويو. هن ڪنڌ ڦيري ڏٺو ته رئو ڊنگهرن ۾ ڦاسڻ بجاءِ ڪنهن ڪسائي جي هٿ ۾ هيو. هو ڄاتل سڃاتل ۽ نامي گرامي، پاڙي جو ئي رهاڪو هيو. جيڪو نه رڳو، جنسي حوس جو شوقين، پر سندس ان ڪڌي ڪاروبار ۽ ڪريل حرڪت ۾ حد جو عملدار، ڳوٺ جو رئيس به رل مل هيا. ملوڪان پهرين پنهنجون غزالي اکيون روئڻ هارڪيون ڪري ڪاسائي ڏانهن ڏٺو ۽ اکيون اکين ۾ ملائي چوندي رهيس ”مريم جي تقدس جي صدقي ٽري وڃ، انسانيت جي ناتي قدر ڪر“ ڪاسائي نه مڙيو، ته پوءِ هن پاڙي جا واسطا، پيرن مرشدن جا قسم، وجهڻ سان گڏ، هُن جي پيرن تي ڪري پئي. ملوڪان جي اڀريل ڇاتي ڌرتي جي ممتا کي ڇهيو ۽ هٿن ڪاسائي جي پيرن کي مگر، هڪ به نه هلي. تڏهن ملوڪان پنهنجن جان ۾ همت ڌاري اٿي ۽ ڪاسائي کي ڀري چماٽ هنيائين ”ذليل او بي غيرت“ ملوڪان چماٽ ته هنئي پر ڪاسائي ڳت مان وٺي کڻي کڻي هيٺ سٽيو ملوڪان کان چيخ نڪري ويئي. ڪاسائي پاسيري کيسي مان رومال ڪڍي هن کي سنگهايو، ته متان رڙيون ڪري، ملوڪان جي جان ميڻ وانگر پگهرجڻ لڳي. سارو بدن ڪنوار ٻوٽي وانگر ڪومائجي ويو. آفتاب چهري تي هيڊاڻ تري آئي. بدن ۾ ڪا لڇ پڇ ئي نه رهي. ڪاسائي، هن کي کانڀاڻي وانگر ڦيرائي پٺي تي رکيو. هن جون ٻانهون پنهنجي ڳچي ۾ وجهي اڳتي وڌيو. ملوڪان جي اکين مان ڪرندڙ ڳوڙها. ڳلن تان لڙي هيٺ ٿي ڪريا. ڪجهه ماڻهن ٻني تي هر وهندي، ڪجهه وري پاڻي جو وارو وهندي اهو لڪاءُ ڏٺو. هو پاڻ کي تيس مار سڏائيندا هيا. وڏا شهپر (رکرائيندي) وڏا ڪپڙا پهريندي نه ماپندا هيا. پر اهو لڪاءُ ڏسندي چپ رهيا، سندن خيال هيو ته......؟؟
ملوڪان جي ڊگهن وارن ٻنهي جي منهن کي ڍڪي ڇڏيو هيو، پر جڏهن ڪانو جي مٿن نظر پئي، ته هُن پنهنجو ٻچو سمجهي ڪان ڪان ڪئي، ڪانءُ جي هُل تي ڪيئي ڪانُ مڙيا پر ڪاسائي تيز تيز وکون کڻي، جوءِ مان غائب ٿي ويو. پويان سڄي شهر ۾ هُل متو، ٻيگهي متي، ته هو ڪاري هئي.....؟ بدڪار هئي....؟ پنهنجي آشنا سان ڀڄي ويئي.......؟!