ڪھاڻيون

اٽي اجھي لٽي جي ڳولا

ممتاز مصطفيٰ هڪ نوجوان ڪهاڻيڪار طور ڪهاڻين ۾ پنهنجي نفسياتي ۽ روحاني روين سميت پنهنجي سماج جي اصل شڪل بيان ڪرڻ جو ساهس رکي ٿو، جنهن سبب سندس ڪهاڻين ۾ زندگي موجود آهي، جيڪا ڪهاڻي پڙهڻ تي مجبور ڪري ٿي.
Title Cover of book اٽي اجھي لٽي جي ڳولا

مون تي غيرت چڙهي نه ٿي

”هلو هلو. ... مان، نورين آغا ٿي ڳالهايان..... ڊاڪٽر صاحب آهي؟“
”ڳالهايان پيو“
”ادا اچو، پليز..... جلدي، آغا، جي طبيعت خراب آهي، پليز“
”ها ها! پهتس“
ڊاڪٽر، صرف ڊاڪٽر نه پر مهربان دوست پڻ هيس، هونءَ به ٻنهي جي رهائش وچان صرف نيشنل هاءِ وي ئي ته هيو. ڊاڪٽر اڳ وانگر هاڻ به First Aid Box کڻي آغا جي گهر پهتو. آغا جي زال، آغا جا ٻار، سڀ پريشان حال ۾، در جي چائٺ کي تڪي رهيا هئا. ڊاڪٽر تي نظر پوڻ سان ئي، غم ۽ خوشي ۾ آجيان ڪئي. ”ادا اچو اچو.....“ ڊاڪٽر ڪنڌ سان سلام ورائيندي، آغا جي بستري وٽ پهتو، آغا اوڪارا، آت ڏيئي رهيو آهي، پگهر ۾ شل آهي، جوڻس گلاس کنيو مٿان اچي بيهي ٿي. ڊاڪٽر طبيعت کي خوب چڪاسيو Thermometer زبان هيٺان ڏنو Sphygmomanometer ذريعي بلڊ سرڪيوليشن نوٽ ڪئي.
”سڀ نارمل آهن، ڇا ٿيو آ چريا، آُٿ، ڪجهه به ڪونهي“
”بس يار، طبيعت اچانڪ بگڙي ويئي آهي، پهرين پاڻ ٽڪيون، ڦوٽا واپرائي کاڌم..... فرق نه پيو. هينئر ته بس مران ٿو......“ آغا، اکيون پٽي، ڊاڪٽر کي تڪڻ لڳو. ڄڻ ڪجهه اکيون اکين ۾ ڏئي ايلاز ڪري رهيو هوس. نوري وچ ۾ ڦاٽ کاڌو ”ادا هن کي، جڏهن کان پروموشن ڏئي اها نڀاڳي ٽيبل ڏني اٿن. ان ڏينهن کان......“
مون کي خبر آهي Ass: Cont: Examination ٿيو آهي، ماڻهو باسون، ڦارون، پئسا رشوت طور ڏئي ان جاءِ تي اچن ٿا. هي ته Lucky آهي..... هونءَ به آغا گاڙدي آهي. هن کي ان جي پرواهه نه ٿيندي. هونءَ به ٻار آ ڇا؟“ ڊاڪٽر آغا ڏي منهن ڪري سمجهائڻ لڳو.
”باهه ڏي اهڙي Key Post کي Administration اندر ۽ ٻاهر وڏي لوڦر بازي آهي. لوسي ماحول آهي. University اسٽوڊنٽ سان منهن ڏيڻو پوي ٿو. آفيس جي عملي جي هڪ هٽي آهي. يونين بازي آهي. روزانه سوين ڊگريون، سرٽيفڪيٽ ڏيڻا پون ٿا، هٿ ايڏي ته حرامپائي آهي، ايڏو گهپلو آهي.... هٿ ليجرن اندر پنا ڦاٽل آهن..... پنن جون ڪنڊون ڦاٽل آهن. غلط صحيح منهنجي ڳچي ۾ آهن......“
”سولي ڳالهه آهي.... جنهن جو رڪارڊ گم آهي..... جت سمجهين ٿو گهپلو آهي..... پنا گم آهن..... سڀ تفصيل، وي. سي کي لک بس......“
”مون کان پهرين ئي لکت ٿي چڪي آهي“
”بس پوءِ اجايو ڀاڙيو ٿيو آهين“
”....... پر مون سڄي زندگي، شرافت سان گذاري آهي، حلال جي روزي کاڌي آهي.... ڪنهن اڄ تائين، اڙي نه ڪئي آهي.... ڪنهن گار نه ڏني آهي..... اڄ ڪو لوڦر اچي، گهٽ وڌ ڳالهائي..... غلط ڪم ٿئي.... مان غلط ڪم ڪريان..... ڦاسان، ائين نه...... تنهنجي اها مرضي آهي..... مر..... ضي......“
”ڇو ڦاسائيندا؟ ڏاهو ٿي، ٿڌي دماغ سان سوچ...... وڏي عقل کان ڪم وٺ...... ڪو نڌڻڪو آهين ڇا؟ هيترا سارا دوست ويٺا آهيون..... ٺاهوڪا وڪيل پنهنجا يار آهن، ليگي جياليا مهربان آهن...... هون به تون غلط ڪم ته ڪونه ٿو ڪرين..... پوءِ ڊڄ ڇا جو......“
”...... پر مون کي زوري، ان ٽيبل تي آڻڻ پٺيان لڪل هٿ آهن...... اها وڏي چال آهي، مون کي سُرڪڻ ڏيڻ جي..... مون کي بيعزتو ڪرڻ جي....... ٽنگائڻ جي........“
ڊاڪٽر دل ئي دل ۾، هن تي، ماحول تي سوچڻ لڳو. ڪيڏي ڪرپشن آهي...... ڪيڏي نه هن خلاف لفظن جي سرد جنگ ڇڏي اٿن...... هن پياري ديس ۾ ڪنهن کي ڪجهه ٿيو آ ڇا.....؟ ڊاڪٽر خاموشي ٽوڙيندي، سگريٽ دکايو. پوءِ ٻيهر سمجهائڻ لڳو ”سڄي دفتر ۾ تون لائق آهين..... تون ايماندار آهين. تنهنجو Character توکي اتي وٺي آيو آهي.... ڪيڏي نه خوش آئينده ڳالهه ٿيندي جو تنهنجي هوندي، دور دور کان ڪهي آيل ڇوڪرن، ڇوڪرين، والدينن، عزيزن کي پئسا نه ڏيڻا پوندا.... هن جو ٽائيم بچندو.... هن جو ڪم ٿي ويندو.... سالن جي حرامپائي ختم ٿيندي، هو توکي دعائون ڪندا..... دعائن جي دنيا ڪيڏي نه فرحت بخش آهي.....!
نورين کان تڏهن چپ رهڻ نه پڳو ”ڊاڪٽر صاحب اوهان ڪو سمجهايوس، من اوهان جو ڪو چوڻ ڪري. اڳ ڪڏهن به اهڙو حال نه ٿيو اٿس، ان کان به ڏُکيون نوڪريون ڪيون اٿس پر. .... هاڻ ته، توکان ٿورو اڳ، پاڻ کي گهٽا ڏيئي پئي ماريائين...... رڙيون ڪري مون کي سڏيائين...... وصيعت پئي ڪيائين ته منهنجن ٻچڙن جي پارت هجئي. مان مري ويندس“ نورين جي اکين ۾ پاڻي تري آيو. آغا، ڊاڪٽر جي ڪيفيت ۽ نصيحيت کي ڏسي ٻڌي، زال جي ڳوڙهن کي، خوب ڄاتو پئي پر هن ته ڀئو، ڪو اهڙو چڙهي ويٺو جو ڊاڪٽر کي چيائين ”تون مون کي ڪيتريون به ٽيڪون ڏين، دلاسا ڏين، ڏٽا ڏين.... پر مون تي غيرت چڙهي نه ٿي....... مان ڇا ڪريان...... مان ڇا ڪريان.........؟