ڪسٽمر سروس
ڪسٽرم سروس اي. سي جي ٿڌاڻ سان گڏ تمام سهوليتن سان سرشار ڏسڻ ۾ اچي ٿو. ڇت ۾ لڙڪندڙ اٺ باءِ اسي انچ جي بليو پٽن واري پليٽ تي سهوليتن جا نمبر وار تفصيل درج ٿيل آهن، ٻه باءِ ٻٽيهه فوٽ سنگ مرمر جي سليب اندر، ٽي آپريٽر، تمام گهڻو مصروف آهن. سليب مٿان سائي رنگ جو ڊجيٽل ٽيليفون سيٽ پيل آهي. ته وري ٻي ڪنڊ تي ساڳي سائي ڪلر ۾ لوڪل ڪال سيٽ پيل آهي. ڀت ڀرسان ٽيبل تي Fax مشين پڻ.
رش تمام گهڻي آهي. ٻاهر شيراڊ ڪار، پيجارو، يئلو ڪيپ ٽيڪسي ۽ موٽر سائيڪلون بيٺل آهن. مان پرچي لکي آپريٽر کي ڏيان ٿو. مون کان اڳ ۾ ئي ٻه ڄڻا هڪٻئي پويان، ڳالهائڻ جي انتظار ۾ بيٺل آهن. ٽيون مان شامل ٿيس. پهريون شخص اڇي ڪاٽن قلف سان، مٿو ڪجهه اڇو، ڪجهه ميندي جهڙي رنگ سان سُرجهيل، شهپر هٽلر ٽائيپ ڪئنچي سان ڪتر ٿيل، هٿ ۾ ٽيليفون ڊائري پاڪيٽ سائيز سليب تي رکي ٿو. هن پويان ٻيو شخص، ڪپڙن ۽ مهانڊن مان پٺاڻ ٿي محسوس ٿيو.
آپريٽر نمبر لڳائيندي ”سيون ايٽ فور ٿري فاءِ ڊبل زيرو اوهان جو آهي، ڳالهايو“ اڇن ڪپڙن واري رسيور کنيو.
”هلو..... مان مختيارڪار لاشاري ٿو ڳالهايان“
”ٻڌ..... منهنجي بدلي ٿي آهي.... سائين جن اٿن. ته کين ياد ڏيارجان...... ها هي P.C.O آهي، هت ايتري ڊيگهه نه ڪري سگهندس...... ها هي ٻه نمبر لک فور ون سيون سڪ نائين ۽ فور ٿري ٽو ون زيرو...... پهرين نمبر تي مان ستين کان اٺين تائين ۽ ٻئي نمبر تي نائين کان ڏهين تائين انتظار ڪندس..... ٺيڪ..... O.K. ....... مڙئي ڪم جي پارٿ هجئي......“ رسيور رکڻ کانپوءِ آپريٽر سان ڳالهائي ٿو ”سي. ايم هائوس وٺي ڏي نه......“
”اوهان جي روبرو ٽراءِ ڪيم، نٿو ملي Engage پيو وڃي.......!“
اڇن ڪپڙي ۾ ملبوس لاشاري، بغير پڇڻ جي هڪ سئو رپيا ڏئي ٻاهر نڪري ٿو.
مان انتظار ۾ ڇت کي ماڻهن کي ته ڪيڏي مهل گهڙيال جي ڪانٽن کي تڪيان ٿو، رکي رکي اکين ۾ معصوميت ۽ جان ۾ بيقراري آڻيندي، آپريٽر کي محسوسيت جي هوا ڏيان ٿو. لوڪل ڪال تي، جيئن پوءِ تيئن رش وڌي وڃي ٿي. هڪ لسڙاٽ، برگر ٽائيپ، گاڏي جي چاٻي، هٿ جي آڱرين سان گول ڦيرائيندي مون کان وڌيڪ بي قرار ڏسجي ٿو. هڪ سڄي هٿ جي اشهد آڱر سان نمبر ملائي ٿو فور ون ايٽ ٿري نائين، برگر ٽائيپ هيڏي هوڏي نظر ڦيرائي ٿو. رسيور جي اڳيان، هٿ جو شيڊ ڏئي، تمام آهستي شائستگي، ميٺاج واري گفتگو ڪري ٿو. پر پنهنجن سَرلن ڪنن کان ڪٿي ٿو بچي.
”سيمي آهي..... مان پيو ٿو ڳالهيان.... گهر ۾ ٻيو ڪير آهي؟..... ته پوءِ اچ نه...... Enjoy ڪريون..... موسم ڏاڍي سٺي آهي ۽ سندر پڻ...... ها پر. ...... پر. ...... مان نه ٻڌندس...... اڄ فاران هوٽل جو ڊنر..... رابعا ڪمپليڪس جي خريداري مون تي...... ڀلا ان ڏينهن جي چاهت ڪئين لڳي؟....... مالٽ ۽ بيئر Mix ته مزو ڏئي ڇڏيو..... تنهنجي نانگڻ جسم جي ڏنگڻ دنگ ڪيو...... ٻيهر ڏنگ، ته اڳئين ڏنگ جو زهر گهٽجي.....“
سڀ جا سڀ هن کي گهوري ڏسن ٿا...... ڪنهن ڪئي، يار جلدي ڪريو، دير ٿئي پي، برگر شوخ نگاهن سان سڀني ڏي ڏسندي اڌوري گفتگو اهو چئي پوري ڪئي : ”ٺيڪ ساڍي اٺي بجي فاران تي....... O.K“
منهنجي اڳيان، بيٺل پٺاڻ جي ڪال لڳي ويئي، پٺاڻ رسيور ڪن تي رکيو.
”سنگا جوڙ..... منگا دل تا روزي ڪمالا گليو...... سنڌ جنت هي...... دبئي تا ذُوذِ نشتا..... دلتا مزدور دي ڪال دا..... دلتا ڪا سخت هي...... دلستا راشا روزگار، مزدوري، ڪور، سنڌ روز ملاچي..... دلتا ذميوار هين مان..... چورانوي ڪه وذو لاگلي مان دا ستانوي..... التا معشوم پيدائش دي يا نه دي......؟ هان معشوم پيدائش گل......! ماشاءَ الله..... ذو ذو به آزم.......“
پٺاڻ، کيسي ۾ هٿ هڻي روپئي جا پراڻا سٺ نوٽ، ٻه ٻه دفعا ڳڻي، آپريٽر کي ڏيندي، ڀڻ ڀڻ ڪندي ٻاهر نڪري ٿو؛ ”دو مهنگا دي ڪال......“
لوڪل ڪال، برگر جي گفتگو کانپوءِ ٻئي جي واري جو انتظار ڪري ٿي. هي نمبر لڳائي ٿو.
”مان لطيف جمال عرض پيو ڪريان..... خاڪي صاحب آهي..... سائين کي يادداشت ڏيڻ لاءِ ٻيهر بلڪ ٽيهر عرض پيو ڪريان...... ايل ايم سي واري پروگرام ۾ ضرور اچجو..... وسارجو نه......“ هي اڃا رسيور رکي ئي ڪونه ٿو ته ٻيو ٿو ٽراءِ ڪري.... نازڪ نفيس، منهن سنهڙو، ميرانجهڙو، سانورو، ٽي. بي ۾ ورتل جوان پئي لڳو، ڳالهائي ته اکيون ٻاهر نڪريو اچنس، آءُ سڃاڻياس پيو، ڌوٻي جو پٽ آهي شوق پورو ڪرڻ آيو آهي، دل ته غريب کي به آهي نه، مان سوچيان ٿو. بلڪل برگر وانگر ساڳي اسٽائل ۾ رسيور اڳيان هٿ ڏئي آهستي ڳالهائي ٿو.
”تون ڪونه آئينءَ..... مان ساڳي جاءِ تي، ساڳئي ٽائيم، سُڪس پئي..... پوءِ اڄ ٽيوشن تي اچجو..... مان اوهان لاءِ Poison ورتي آهي..... بس بس، سڀ فرامائشون پوريون ڪيون، اسان جي هڪ فرمائش نٿي اگهامجي..... چري آن ڇا..... گهر مان ڪڍرائيندينءَ ڇا..... چڱو ساڳي ٽائيم تي درشن کانپوءِ ”سنڌ باد“ هوٽل تي، ڪولڊ ڊرنڪ پيئنداسين. هلڪن ٽهڪن جي ردم سان بلڪل هندوري جي لڏندڙ چيڪٽ وانگر......“
ايتري ۾ منهنجي بيچيني پوري ٿئي ٿي. نمبر سيٽ تي لڳڻ سان ئي، ليڊ ذريعي سيٽو جي ڪنڊ تي پيل، ڪمپيوٽر جي اسڪرين تي، پڙهي وٺان ٿو، آپريٽر کان سٽ ڏئي رسيور کسيان ٿو.
”ڪير...... مصطفى...... مرتضى آهي..... مان ممتاز عرض پيو ڪريان..... ٻڌ، تون هڪڙو ڪم ڪر، ته مهرباني ٿيندي..... حنيف جي ڳوٺ وڃ...... ان کي چئو ته راتو رات حيدرآباد پهچي صبح جو Relieve ٿيڻيو آهي.... ڇا جي بارش، طوفان..... مان ڪجهه نه ٻڌندس..... دوست آهين وڃڻو پوندءِ....... آرڊر کي کوڙ ڏينهن ٿيا آهن..... پهرين، گهپلي مان مس، جان ڇٽي آهي..... پليز ائين نه ڪر..... نه نه ڏسان ٻسان.... اگر مگر ڇڏ...... پڪ....... پڪ...... O.K“ اسان ٻئي ٿري هوٽل تي اطمينان سان چانهه پيئون ٿا ۽ چئون ٿا: ڪاش ٽيليفون سسٽم پنهنجي ڳوٺ ۾ اچي وڃي نه، ته بهاري ٿي وڃي...... ڀاڙئي کي منٿ ڪرڻ مان جان ڇٽي پوي........