چونڊ خط
توسان دل لائڻ کانپوءِ منهنجي زندگي پن ڇڻ ٿي پئي آهي. نه ماني وڻي ٿي نه هار سينگار تي دل چوي ٿي. ڏينهن جو بي چيني، ڪاسائي جي ڪات جيان سنڌ سنڌ ڪپي ڪوري ٿي، رات جو اوجاڳن ڇيهون ڇيهه ڪري وڌو اٿم.
اهو ڪيڏو نه الميو آهي! ڀري بازار مٿان، مان پهرين منزل تي تون سامهون ٻئي بنگلي تي ڏهن فوٽن جي مفاصلي ڪيڏو نه ٻنهي جي دلين کي تڙپايو آهي.....
پرين! منهنجي سورنهن سال جواني جي تکي ڌارا توبن ڏاڍي تڙپي آهي، گهر جا ڀاتي مونکي طعنن ۽ غليظ لفظن سان نوازن ٿا، تنهنجي ڪري اُهي لفظ ڪيڏا سندر ڀائيندي آهيان.
منهنجي لاءِ هيٺيان دروازا هميشه لاءِ بند آهن. ان ڪٽهڙي جي ڳڙکي کي به بند ڪيو ويو آهي، جتان پرين جا اولڙا پسندي هُيس، ٻي منزل تي چڙهندي ئي مس آهيان ته پويان نوس نوس ڪندي ڪڍ لڳندا آهن.
پرين! تنهنجي بنگلي جي ڀتين ۽ درين جا پاڇولا شام ٿيڻ سان منهنجي آڳر تي ڇانورو ڪن ٿا، مان پاڇولي سان، پٽ تي ويهي، سڪ پوري ڪريان ٿي ۽ سلام پڻ ڏيان ٿي.... ڇا توکي روز صبح جو پاڇولا موٽي اچي ڪجهه چوندا آهن....؟
منهنجي مس، قلم ۽ پني تي تحريرن تي چوڪسي آهي، ٻي منزل جي ڇت تي چڙهي، لڪ ۾ ٻه سٽون، ته ڪڏهن ڏهه سٽون نظر رحم خاطر، تحرير ڪريان ٿي ته پويان ڦڙڦوٽ پئجي وڃي ٿي، تڙ تڪڙ ۾ خط کي ويڙهي چمي ڏئي، تنهنجي آڳر تي اڇليان ٿي، تيز هوا جي جهوٽي ۾ منهنجي اڳيان ته ڪڏهن بازار ۾ ڪري پوي ٿو. تيز هوا ائين ڇو لڳندي آهي؟ چڙهڻ وقت، تنهنجي بنگلي کي ڪڙو ڪلف لڳل ڏسي ڏاڍو من ۾ لڇندي آهيان.
پرين مان قيد آهيان، مان عورت آهيان.... تون مرد آهين.... تون آزاد آهين.... منهنجي توسان چت لڙي آهي، مت ٿڙي آهي، چوندا ناهن ته لڳيءَ کي لک لعنت آهي.
بس تون سڀاڻي منهنجو انتظار ڪجان. مان ڇت تي چڙهان ته خط جو جواب اڇلي ڏجان، پرين ڪا غلطي ٿي هجي ته معاف ڪجان.
تنهنجي پنهنجي
مارياڻي
مارياڻي!
تنهنجو ۽ تنهنجي خط جو انتظار ڪندي ڪندي، سيڪنڊ، منٽ، ڪلاڪ، پهر، ڏينهن ۽ پوءِ رات ويٺي ويٺي گذريو وڃي، ديد درشن به آ پهرين ماهه جي چنڊ وانگر..... تنهنجي خط پهچڻ کان اڳ مان استعاري، اوتاري ۽ اشاري جو منتظر ٿي ويهي چلا ڪٽيندو آهيان، خط پهچڻ کانپوءِ هر سٽ آيت بڻجي مونکي رهنمائي ڏيندي آهي، ڪٿي دل کي چين ته ڪٿي پگهاري وجهندي آهي.
ڏس مارياڻي مان توسان محبت ڪريان ٿو، محبت وارن جو ملڻ يا نه ملڻ ڪو ضروري آهي!؟.... محبت نه ڇهڻ سان به ته زنده رهي ٿي....! مان تنهنجي قيد فراق جي آرسي اڳيان هر عورت کي ڀوڳيندي ڏٺو آهي، جيڏيون وڏيون محلاتون اوڏو وڏو ويل..... هونءَ به دنيا جي سڀني سماجي بيهڪن ۾ سنڌي سماج ڏاڍو پٺتي، ڳنڀير ۽ ناسور آهي. هن جي ڌٻڻ ۾ ذهني، معاشي، اخلاقي توانائي ضايع ٿي وڃي ٿي، نسلن جا نسل ڪارو ڪاري، دشمني، خودڪشي، پيري مريدي جي ور چڙهي دم سٽي ويهن ٿا، تون به انهن رسمن جو شڪار ٿي آهين پر مان توکي مرڻ نه ڏيندس. پر ذرا سوچ، شادي شده مرد کي ٻي شادي ۾ عورت ڦاسائي اڳئين عورت استحصال نه ڪري ٿي؟ محبت لاءِ بيچلر هجڻ به ضروري آهي....! محبت ڇهڻ بغير نه ٿيندي آهي؟
مان تنهنجي خطن کي ڳولڻ لاءِ ڀتيون، روشندان، آڳر، ڇتون، لوگها ۽ ٽڙيل پکڙيل سرن جي وٿين ۾ هٿوراڙيون هڻي ڳولي پڙهندو آهيان، ڪنهن ٻئي گهر جي ڇت تي پيل ڏسي رات جو چورن وانگر ٽپي کڻي ايندو آهيان. تنهنجا خط بار بار پڙهندو آهيان.... دل نه ڀرجندي آهي. تنهنجي هر خط جي آخر ۾ اهي سٽون ته ڪا غلطي ٿي هجي ته معاف ڪجان، ڪيڏيون نه من موهيندڙ لڳنديون آهن، ان ادا مون کي ڪپي ڪوري وڌو آهي......!
مان تنهنجي سونهن، جوڀن، جذبن، خطن، احساسن ۽ امنگن جو آدرشي، آتشي آهيان، مان توکي قيد مان آزاد ڪرائڻ لاءِ توسان گڏ ويڙهاڪ مورچن تي گڏ آهيان. تنهنجي خوشين ۾ مان رقص ڪندي نچندي ڏٺو ويندس. مون ڏي خط لکڻ بند نه ڪجان، جيسين هي زندگي رهي باقي......!
تنهنجو وارو ول