ناشر جو نوٽُ
ع. ق. شيخ، عام طرح، آرٽسٽ جي حوالي سان مشهور آهي. سندس ٺاهيل ڪي شاهڪار تصويرون سنڌي ادبي بورڊ جي ”مهراڻ“ رسالي ۾ ڇپيل آهن ۽ انهيءَ ڳالهه جي نشاني آهن، ته پاڻ ڪيڏو نه وڏو مصوّر هو.
پر، سنڌي ادب ۾ به سندس دلچسپي، مصوريءَ کان گهٽ ڪانه هئي. پاڻ سٺو نثر نويس هو. خاص ڪري فِڪشن سٺو لکندو هو. ورهاڱي وقت سنڌ ۾ جيڪي چار چڱا فنڪشن لکندڙ پيدا ٿيا، هو انهن مان هو. سندس ٻه ٽي ڪتاب ”کهه ۽ کٿوري“، ”تاريخ اسلام“، ۽ ”داستان اندلس“ مشهور آهن.
ع. ق. شيخُ، ڀليءَ ڀت ڄاڻندو هو، ته سنڌ وڏيرن جو ملڪ آهي. جن جا شوّنقَ ۽ شُغُلَ، رڇَ تي ڪتن جي بَڇَ، ۽ ڪُڪَڙَنِ جي ويڙهه آهن. يا وري ڪڃريءَ جو گانو. اهڙي معاشري ۾ ڪنهن به ننڍي يا وڏي مصوّر جو جيڪو قدر ٿيندو، سو، هرڪو سمجهي سگهي ٿو. تنهنڪري ع. ق شيخ، ڊگهي نظر ڪري، پنهنجي پيٽ گذر لاءِ، سرڪاري نوڪريءَ جو سهارو ورتو. عمر جو چڱو عرصو ٽيچرس ٽريننگ ڪاليج فارمين حيدرآباد سان واسبته رهيو.
ٽيچرس ٽريننگ ڪاليج فارمين، سنڌ جي قديم تعليمي درسگاهه آهي. انگريزن جي قائم ڪيل آهي. سنڌ ۾ ٿورڙين تاريخي درسگاهن جو مرتبو ان جيڏو آهي. سنڌ جا وڏا وڏا عالمَ ان جا پرنسيپال ٿي رهيا آهن. ڪنهن زماني ۾، سائين محمد ابراهيم جويو صاحب ۽ مولانا گرامي صاحب به ٽريننگ ڪاليج فارمين سان، بطور استاد، وابسته هوندا هئا. ع. ق. شيخُ، سنڌ جي روشن خيال اديبن جي حلقي سان سائين محمد ابراهيم جويي جي معرفت ئي متعارف ٿيو.
ٽريننگ ڪاليج ۾ ملازمت واري زماني ۾ کيس وڌيڪ سکيا لاءِ سرڪاري طرح ولايت وڃن جو موقعو مليو. غريب ماڻهوءَ لاءِ ولايت جو چَڪَرُ ڄڻ ته خواب آهي! سو، شيخ صاحب جڏهن ولايت مان ٽريننگ پوري ڪري موٽي آيو. تڏهن ڪو زمانو ته پنهنجن يارن دوستن کي اتان جا احوال، مزا وٺي، ٻڌائيندو هو. هڪ دفعي، مون کي خاص دعوت ڏئي، گهر سڏيائين، ۽ ولايت واريءَ رهائش جي زماني جي ڊائري پڙهي ٻڌايائين، جا چڱو موچارو ڪتاب هئي. هن ڪتاب ۾، ”هڪ رات“ عنوانو هيٺ لکيل احوا، شيخ صاحب جي انهيءَ ئي ولايت جي دوري جو هڪ داستان آهي.
ع. ق. سيخ طبيعت جو ماٺيڻو ۽ يار ويس ماڻهو هو. سنڌي محاوري موجب، سفيد پوش ۽ نجُ اشراف ماڻهو هو، جنهن جي نيڪي هرڪو ڪندو، نِندا ڪير ڪونه ڪندو. هن هڪ باشعور انسان وانگر، پنهنجي اولاد جي تعليم ۽ تربيت ڏانهن توجهه ڏنو. هي ڪتاب سندس نياڻيءَ محترمه نجمه شِخ جي ڪوشش سان ئي شايع ٿي رهيو آهي، ۽ ان ڳالهه جي ثابتي آهي، ته جيڪي والدين، پنهنجي اولاد جي صحيح تعليم ۽ تربيت ڪن ٿا، تن جو اولاد وڏو ٿي، نه فقط پنهنجن پيرن تي بيهي ٿو، پر، پنهنجن نيڪ عملن جي ڪري، والدين لاءِ عزت ۽ آبروءَ جو باعث ٿئي ٿو.
ع. ق. شيخ جي هن ڪتاب ۾ دلچسپ خاڪا، ڪهاڻيون، يادگيريون، تاثرات—سڀ ڪجهه موجود آهي. ٻه سؤ پندرهن صفحن جو هي ڪتابُ، ايڏو ته سهڻو لکيل آهي، جو ائين کڻي چئجي، ته انگريزي محاوري موجب :This boob is worth its weight in gold هي ڪتاب سچ پچ سون ۾ تورڻ لائق آهي.
ع. ق. شيخ پورهيت ڪلاس ۾ پيدا ٿيو هو. اهڙا ٻارُ پينگهي مان پٽ تي لهي پنڌ ڪرڻ سکندا آهن، ته هلڪو سلڪو ڪم ڪرڻ لڳندا آهن. غريب جو ٿيا. سو، ع. ق شيخ به سچي عمر، هڪ پورهيت وانگر گذاري، پر، سندس اندر ۾ جيڪو آرٽسٽ ۽ اديب هو، اهو سڄي عمر خواب ڏسندو رهيو. هونئن ته هر انسانُ اڌ عمر ننڊ ۽ اڌ جاڳ ۾ گذاريندو آهي. پر، آرٽسٽ ۽ اديبَ، ته سڄي عمر، پنهنجا پنهنجا خواب اکڙين ۾ کڻي، گذاريندا آهن. نه رڳو اييترو، پر، هو ڏکن جا ڏينهن ۽ سورن جون راتيون، انهن ئي خوابن جي سهاري گذاريندا آهن. ڀائيندا آهن ته ڪڏهن ته سندس خواب سچا ٿيندا، ڪڏهن ته آسمان ۾ ڀورا ڀورا ڪَڪَر وسڻ جا ويسَ ڪري ايندا.
هن ڪتاب کي ’بين السطور‘ (IN BETWEEN THE LINES) پڙهبو، ته منجهس ورق، ورق، تي، ع. ق. سيخ جا خواب، انگورن جي ولين ۾ رَسُ ڀَريَلَ، ساون ۽ ناسي رنگ جي ڇڳن وانگر پري کان نظر ايندا. شيخ صاحب وڏو آرٽسٽ هو. کيس خبر هئي ته جڏهن انگورن جا ڇڳا رسبا آهن، ۽ پچندا آهن، ته انهن مان رنگ ڪڏهن ۽ ڪيئن مٽبا آهن، سو، هن پنهنجي قلم کان ڪمال ڪاميابيءَ سان آرٽسٽ جي برش وارو ڪم ورتو آهي.
ع. ق. شيخ جا سڀ خواب سچا ٿيا، يا ڪوبه ڪونه ٿيو، سو کيس ئي معلوم هوندو. شيڪسپيئر دنيا جي بي ثباتيءَ جو ذڪر ڪندي چيو هو ته، ”اسان فاني انسانن جي زندگي ڪنهن اهڙي خمير مان جڙيل آهي، جيڪو خواب وانگر آهي.“
تاهم، ع. ق. شيخ جي ذِهَن، هن ڪتاب ۾ جن ڪردارن جا نقش چٽيا آهن، سي، خيالي ڪونه آهن. نه وري اسان جي آسپاس گهمندڙ ڦرندڙ انسانن کان مختلف آهن، بلڪ هوبهو انهن جا عڪس آهن. فرشتو، ڦلٽو صاحب، ۽ گلو بادشاهه، انهن جا جيئرا جاڳندا مثال آهن.
ع. ق. شيخ جي لکڻيءَ ۾ هڪ قسم جي فطري سادگي ۽ رواني آهي. سو، سندس هر تحرير، پڙهندڙ جي ذهن تي نقش وانگر چٽجي وڃي ٿي. ان لحاظ کان ڏسبو، ته هي ڪتابُ، سنڌي ادب ۾ بلاشبه هڪ قابل قدر اضافو تسليم ٿيندو.
غلام رباني آگرو
سنڌي ادبي بورڊ،
حيدرآباد.
20-8-1998ع