حيدرآباد- ڊسمبر 1947ع
”حيدرآباد، حيدرآباد ڪٿي آهي، يار؟ مارواڙ آهي مارواڙ!“
شاهي بازار وٺيو پئي ويس ته مٿيون پڙلاءُ منهنجي ڪنن تي پيو. پڙاڏي وانگر اهو آواز دل ۽ دماغ تي اوٽ موٽ ڪرڻ لڳو، نامعلوم خوف لامارا ڏيڻ لڳو، جهڙو ڪجهه ٿيڻ وارو هجي. بي آرامي وڌندي رهي. خيال پکڙبا ويا، ارادا ۽ جذبا هستيءَ جا، جوانيءَ جا، معصوم محبت جي جنت جا، تصور جي دنيا مان ڦيرا پائيندي حقيقت جو روپ وٺڻ لڳا، پاڻهي ئي پاڻهي چپ چُريا ۽ ازخود زبان مان اکر نڪتا: ”حيدرآباد، حيدرآباد ڪٿي آهي يار!“
اڳيان هڪ ڪاري شيرواني ۽ جناح ٽوپيءَ سان ماڻهو وڃي رهيو هو. سامهون برقعن سان، منهن کليل عورتن جو ٽولو اچي رهيو هو، پاسي کان ”هلو سائين هلو!“ جي بي ڊوليءَ ۽ پرائيءَ رڙ واڪو ڪيو، چار ٿڪل پناهگير ڪٻٽ کڻي وڃي رهيا هئا.
“”هلو سائين هلو“ سنڌيءَ ٻوليءَ جا اکر آهن، پنهنجي ٻوليءَ جا اکر ٻڌي ڪير رنج ٿيندو؟ پر منهنجي سيني تي اهي اکر ائين ڪريا، جيئن زمين تي آسمان ڏانهن اڇلايل پٿر واپس ڪرندو آهي. پاسن کان ماڻهو وڃي رهيا هئا، ڪلها ڪلهي سان هڻندا. هيءُ اجميري آهي، هو ڪاٺياواڙي آهي، هي گجراتي آهي ۽ هو جوڌپوري ــــ ٿڪل، بيمار، ضعيف، ڏٻر، بي رونق، گدلا ۽ بي روح، سڀيئي جهڙا سڪل ڪرڙ جا لتاڙيل ڊنگر. شاهي بازار، رستو ساڳيو ئي هو، گنڀير، بردبار، رازدان، پرخاموش.
ها، ته هينئر وري هڪ پلنگ وڃي رهيو هو. پلنگ نه هو، جهڙو ڪنهن جو تابوت، جنهن سان هزارين ارمان ۽ ڪروڙين حسرتون به گڏ واويلا ڪري رهيون هيون، سي به لڪل اڪيليون، بي سرو سامانيون، مجبوريون ۽ مايوسيون- اُهو وياڪل منظر پيش ڪري رهيون هيون، جهڙي طرح سرءُ ۾ گلشن جي آبادي، جوانيءَ جو خمار، اوجاڳي جون راتيون، آسمان جي هيرن جَڙيل چادر هيٺان الفت جون آکاڻيون، شوق، جون شرنائيون، ارواحن جون شادمانيون، عيش عشرت جو تخت، ڪنهن پري چهري جو بخت، ائين تڙجي رهيو هو، جيئن ڪنهن شاهوڪار جي درتان ڪتو يا بکايل فقير.
اهي عورتون، وائڙن وانگر وڌنديون ويون، سندن برقعا اهڙا هئا، جهڙيون چاڪين جون جوريل چادرون، لهساٽيل، ڦڪا ڦڪا منهن، پراڻي ڦاٽل رليءَ جهڙا وات، ڪَٿي ۽ چُوني جا ساڙيل چپ، ڪٽيل ۽ ڪاراٽيل ڏند، لڙڪيل سينا، هڏن جا پڃرا، جهڙا ڪنهن قبرستان جا اوڳاريل مردا ڪفن مٿي تي کڻي نڪتا هجن. پاسي کان هڪڙو اهڙو ماڻهو نڪتو، جو چئي نٿو سگهجي ته ڪٿي جو هو. مارواڙي پٽڪو، پنجابڪي گوڏ، صاحبلوڪي واسڪوٽ ۽ هڪڙي ڪن ۾ واليءَ جهڙو ايرنگ لٽڪي رهيو هوس. ويجهو بلڪل آواز آيو، ”مڇلي ڪاشامي ڪباب، پيسه پيسه“ جان کڻي ڏسان ته هڪ پيرسن اوڪڙو ٿيو، ڪنڌ گوڏن ۾ هنيو، هوڪو به پيو ڏئي ۽ اڳيان تڙ جهڙين ٻانهن سان رکيل ٿالهه تان مکيون به پيو هڪلي. هن مٿي نهاريوئي ڪونه ٿي. سندس ميري پتلون ۽ گري ٽويءَ تي مکين آرام پئي ورتو. ٿالهه ۾ مرچن کان ڳاڙهي ٿيل تيل ۾ ڪبابَ، گٽر ۾ گڏ ٿيل گند وانگر نظر اچي رهيا هئا.
سج ڪني ڪڍي، ڌنڌ ۽ غبار غائب ٿي ويو. سمنڊ ۽ بندر ڄڻ ننڊ جي ڳهر مان سجاڳ ٿي اٿي بيٺا هئا. بندر جي اوڀر پاسي نوجوان ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين جا ٽولا اچڻ لڳا- ٿيلها، ٽفن باڪس، ۽ پُڙا، نوٽبڪ، پنا ۽ رنگ- هر ڪنهن جي هٿن ۾ هئا. هي سڀ آرٽ ڪاليج جا شاگر هئا. هر ڪنهن جي منهن تي سرهائي هئي ۽ هڪٻئي سان کل مذاق ۾ مصروف هئا. وقت پنهنجي رفتار سان گذرندو ٿي ويو، ته شاگردن جا ٽولا آهستي آهستي هلندا هڪ هنڌ اچي ڪٺا ٿيا. ٽهڪڙن ۽ هوڪرن جو آواز وڌندو رهيو. ڀرپاسي ۾ شهر جا ڪي ٻيا ماڻهو به ڏسجي رهيا هئا.
جهاز سيٽي هنئي ته سڀئي شاگرد ٻڪرين وانگر ٽپ ڏيندا، جهاز ۾ سوار ٿيندا ويا. شاگردن جو گوڙ جيئن پوءِ تيئن وڌندو ٿي ويو. جهاز هاڪاريو ته شاگرد جتي آين اتي ويهي رهيا. گوڙ ازخود گهٽجڻ لڳو. ڪي شاگرد پنهنجن ٿيلهن ۽ ٽفن باڪسن کي کولي کاڌي جون شيون- ڪيڪ، بسڪيٽ، ڪيلي جون ڦريون ۽ چَڪُو وغيره- هڪٻئي کي ڏيڻ لڳا. سڀني جا وات چرڻ لڳا. ڪنارو ڏسڻ ۾ ڪونه آيو ۽ جهاز پنهنجيءَ منزل ڏانهن جيئن پوءِ تيز رفتار سان وڌندو ٿي ويو. آرٽ ڪاليج جا شاگرد ’ايلفنٽا‘ جا غار ڏسڻ ۽ اتي ڪم ڪرڻ لاءِ وڃي رهيا هئا. هي تفريحي جهاز آخري جهاز هو؛ ڇاڪاڻ ته ڏينهن اڌ ۾ چؤماسي جي موسم اچڻ وار هئي. چؤماسي ۾ سمنڊ جي گهري هئڻ ڪري هن طرف سير سفر بلڪل بند رهندو هو.
رکي رکي ڪٿان ٽهڪڙن ته ڪنهن مهل ماٺيءَ گفتگو جو آواز ٻڌڻ ۾ ٿي آيو. جهاز، جو پنهنجيءَ رفتاري سان پئي هليو، سو نيٺ منزل تي اچي رسيو. ڪنارو ايڏو اونهو ڪونه هو، جنهنڪري جهاز پري ٿي بيهي رهيو. ڪناري کان ٻه ٻيڙيون مسافرن کي کڻڻ لاءِ جهاز ڏانهن وڌيون. سمورا شاگرد ڪناري تي پهچي، ٽولين جي صورت ۾ هڪ ورن وڪڙن واري پيچري تان هلڻ لڳا. ڇوڪريون پنهنجو سامان ڇوڪرن کان کڻائي اڳتي هليون. جنهن به ڇوڪري کي اهڙو موقعو مليو، تنهن پاڻ کي ڄڻ وڏو خوش نصيب تصور ٿي ڪيو.
ميل ڏيڍ جي مفاصلي تي ’ايلفنٽا‘ جا غار هئا. انهن غارن ۾، جيڪي جبل کي کوٽي اندر ٺاهيا ويا هئا، سي دراصل ’شوِ ديوتا‘ جو مندر هو. شو جي پوڄارين ۽ شِوَ جي فنڪارن وڏيءَ شرڌا ۽ جفاڪشيءَ سان جبل کي اندران ئي اندران ٽُڪي، گهڙي، شو ديوتا جي تاريخ کي ابدي حياتي بخشي هئي. شو مهراج جا مڙيئي روپ، پٿر جي ديوارين تي ايندڙ نسلن لاءِ ماضيءَ جي تاريخ جا عبرت انگيز داستان هئا، جن آرٽ ڪاليج جي شاگردن کي ڪشش ڪري پاڻ وٽ گهرايو هو- مرد ۽ عورتون، ڇوڪر ۽ ڇوڪريون، شايد پنهنجو پراڻو روپ ڏسڻ آيا هئا.
شو ۽ پارپتي، آدم ۽ حُوا؛ انسان ذات جو اهو تصور؛ ڄڻ هڪ فطري جذبي ۽ ازلي رشتي هر ڪنهن کي گهلي هتي آندو هو. يا ائين چئجي ته ماضيءَ جي فنڪارن اڄوڪي دؤر جي فنڪارن کي، پنهنجي فن جي مشاهدي جي ڇڪ ڪري مظاهري جي دعوت ڏني هئي. شاگردن جا مختلف ٽولا مورتين اڳيان پنهنجي پنهنجي نگاهه ۽ ذوق مطابق حيرت جي دنيا ۾ هئا: ڪي پنڊپهڻ ٿيو بيٺا هئا، ڪي سيس نمائي پنهنجي شرڌا سان سجدا ڪري رهيا هئا، ڪي وري نوٽبڪ کولي اسڪيچ ڪري رهيا هئا. ته ڪن وري رنگن جون پيتيون کولي، برش کڻي، پينٽنگ شروع ڪري ڏني هئي.
ايلفنٽا جي غارن ۽ شو جي هن مندر ۾، جيڪو بمبئي جي ساحل کان دور ۽ ويران پيو هو، تنهن ۾ اڄ هڪ نئين قسم جي هلچل ۽ رونق نظر اچي رهي هئي. جيئرا جاڳندا انسان صدين جي هن پراڻي مندر ۾ ساڳئي خلوص ۽ محبت سان، ڳنڀير مورتين جي پروقار ماحول ۾، ذري ذري جو جائزو وٺي رهيا هئا. دروازي وٽ ٻه نوٽيس بورڊ هئا هڪڙي تي لکيل هو: ’مندر جي مٿان ماکيءَ جي مکين جا مانارا آهن، انهن سان هٿ چراند نه ڪريو!‘ ۽ ٻئي بورڊ تي لکيل هو ته ’مهرباني ڪري مندر ۾ گهڙڻ کان اڳ داخلا جي ٽڪيٽ ضرور وٺو.‘ ٻئي بورڊ کي پڙهي، هڪ نوجوان وراڻيو، ”شو جي ديوتا جا ارداس آهي، ارداس!“ هڪ ٻئي ڄڻي چيو، ”اهو ته پوڄاريءَ جي مرضيءَ تي ڇڏيل آهي. جيڪي وڻيس سان ڀيٽا ڏئي.“ ٽئين ڄڻي ٽوڪ ڪندي چيو، ”مندر ۾ وڃڻ جي قيمت ٻه آنا! جن وٽ آنا نه هجن، اهي ٻاهر ڪڪڙي وانگر آرو ڪري ويهي رهن.“ چوٿين ڄڻي رڙ ڪئي، ”مانارا، مانارا.......... ماکي........... ماکي!“
مندر جي وچ ۾ هڪ ننڍي چئن دروازن واري ڪوٺي هئي. ان جي وچ ۾ چڱو موچارو، سنئون سڌو، گول ۽ لسو پٿر کڙو ڪيل هو، ڪي شاگرد اسان کان اڳ هن ڪوٺيءَ ۾ پهچي چڪا هئا. هو پاڻ ۾ مندر متعلق ڳالهيون ڪري رهيا هئا: ”اهو شو لنگ آهي. جيڪو هتي سچيءَ دل سان اچي دعا گهرندو اها مقبول ٿيندي. رڳو شِوُ شِوُ! ڀلا، پارپتيءَ ڪهڙو ڏوهه ڪيو آهي؟“
”پارپتي نه هجي ها، ته هوند هيءَ دنيا ئي نه هجي ها! آءٌ ته پارپتيءَ جو پوڄاري آهيان جئي جئي پارپتي! جئي جئي شِو!“ ائين چئي، هن وراڻيو، ”اوهان کي ڪا خوشبوءِ اچي ٿي؟“ ٽولي مان ڪن شاگردن وراڻيو، ”نڪو....نه نه.... ها ها، ڪا بدبوءِ آهي..... ها، اها هن ڪوٺيءَ جي خاص خصوصيت آهي... اها بانس اهڙي آهي، جهڙي شينهن جي رهڻ واريءَ جاءِ ۾ هوندي آهي. اها بانس صدين کان موجود آهي- صدين تائين هتي قائم رهندي..... ڪاريگرن ۽ فنڪارن.... اسان جي ديس جي ڪلاڪارن سان ڪير سينو ساهيندو.... ڪلا هميشه امر رهندي..... چون ٿا ته جنهن وقت اها بوءِ بند ٿي ويندي، ته هيءَ سارو مندر پرزا پرزا ٿي ڪري پوندو.“
مندر جي پُراسرار فضا ۾ مڪمل خاموشي ڇانئجي ويئي. خاموش پٿر جي ديوارين، اندر آيل انسانن کي پاڻ جهڙو بي جان ۽ بي حس بنائي ڇڏيو هو. هر ڪو پنهنجي ڪم ۾ رڌل ۽ غرق هو. هن سانتيڪي ماحول ۾ جيڪڏهن اکيون کڻي پورجن ته هوند ڪنن سان ڪجهه به ٻڌي ڪين سگهجي- زندهه انسانن هتي پهچي ڄڻ ته ساهه کڻڻ ئي چڏي ڏنو هو. غارن ۽ غارن جي پٿرائين ديوارين تي هِتي هُتي ديو- قد پٿر جا مجسما ۽ انهن جي ڀر ۾ ڪاليج جا شاگرد بلڪل بي سرت، دنيا مافيها کان بي نياز، وقت ۽ مڪان کان بي پرواهه، گويا غارن جو ئي هڪ حصو بنجي چڪا هئا- هونئن به فن ۽ فنڪارن جو تعلق اهڙو آهي، جنهن کي هڪٻئي کان الڳ ڪري نٿو سگهجي.
ڪافي وقت کان پوءِ، اوچتو مندر جي خاموش ماحول ۾ گوڙ پيدا ٿيو. آواز اچڻ لڳا ۽ جيئن پوءِ شور وڌندو ويو- جوالا مکي ڦاٽي پيو هو يا ڪو زلزلو زمين جو سينو چيري ڦاڙي رهيو هو. شاگرد خوف و هراس وچان مندر جي مرڪز وٽ ڳاهٽ ٿيندا ويا. شولنگ واري بوءِ ڦهلجي رهي هئي، شايد مندر چڪنا چور ٿيڻ وارو هو. خبر نٿي پيئي ته هي ڀيانڪ وايومنڊل ڇا جي ڪري پيدا ٿيو آهي. شاگردن جي ميڙ ۾، هڪ شاگرد مردي جيان بي حس پيو هو. هن جي ٻانهن، پيرن ۽ منهن تي بيشمار ماکيءَ جون مکيون چهٽيون پيون هيون. پاسن کان بيٺل شاگردن جا ميڙ...... پراڻي مندر ۾ هڪ نئين غار جو اضافو ٿي چڪو هو.
نيم مرده شاگرد جي جسم ۾ اڃا ٿورو گهڻو ساهه هو. اوڏيءَ مهل، هڪ مرهٽي ڇوڪري قد جي پوري پني، ڪڻڪ رنگي، مرگهه نيني، جنهن جون واسينگ جهڙيون چوٽيون، پِنين تائين پئي لٽڪيون هوءَ هڪدم، ”هٽو هٽو! پري ٿيو، جاءِ ڏيو!“ چوندي، ديوانن وانگر انهيءَ بي هوش شاگرد جي ويجهو آئي. هن جي چهري تي آنڌ مانڌ هئي ۽ هن جي اکين مان کنوڻ جا چمڪاٽ لامارا ڏيئي رهيا هئا.
ڇوڪريءَ جو نالو ’مڊ گائوڪر‘ هو. هن پنهنجي ساڙهيءَ جي ڪلهي واري پلؤ کي چيلهه سان ويڙهيو، پٽ تي پيل شاگرد وٽ پهچي، مشين وانگر تيزيءَ سان هن جي بدن تان ماکيءَ جون مکيون لاهڻ ۽ ڏنگ ڪڍڻ لڳي. رکي، رکي، هوءَ پنهنجي ڪوئل جهڙي آواز سان چئي رهي هئي، ”مهرباني ڪري پري هٽو، تازي هوا اچڻ ڏيو! مهرباني ڪريو! هٽو......... مهرباني!“ جلد ئي حامد جو سارو جسم مکين کان آزاد ٿيو ۽ هن جي جسم ۾ جان آئي. مڊگائوڪر هاڻي سندس جسم تي مالش شروع ڪئي، هن ڪافي وقت کان پوءِ اکيون کوليون؛ موت جي چنبن مان نڪري جيئرو جاڳندو هن دنيا ۾ پنهنجي ساٿين وٽ ٻيهر موٽي آيو. هو اٿي ويٺو ۽ حيرات مان پنهنجي ڀر ۾ ويٺل مڊ گائوڪر ۽ ٻين کي ڏسڻ لڳو. جلد ئي هن جي چپن تي مسڪراهٽ آئي. بيٺل شاگرد اطمينان سان ٽڙي پکڙي ويا، ۽ باقي هو ٻه ڄڻا وڃي رهيا. هُن اٿڻ جي ڪئي، پر مڊگائوڪر هٿ جي اشاري سان منع ڪندي پاڻ هن جي ڀرسان سرڪي ويهي رهي. هو پاڻ ۾ هوريان هوريان ڳالهائڻ لڳا. مندر ۾ وري سانت ٿي ويئي. البت، ڪن شاگردن هن جوڙي کي ڏسي، پاڻ ۾ حيرت ۽ حسرت ڀري ڀڻ ڀڻ ضرور ڪئي ٿي.
هو احمد آباد جو ويٺل هو. هن جي منهن مهانڊي، شڪل صورت، بت، ۽ قد ڪاٺيءَ ۾ ڪا خاص جاذبيت ڪانه هئي. ڪن ته بنهه بيڊولا هئس، باقي اکين ۾ سندس البت سادي مرداني سونهن ضرور سمايل ٿي نظر آئي. هو پينٽنگ سيڪشن جو شاگرد هو. ويرم ڪانه گذري ته ڪيترا شاگرد هن جوڙي ڏانهن ٻه ٻه- ٽي ٽي، ٿي اچڻ لڳا- چاڪليٽ، کٽمٺڙا، بسڪيٽ، ڪيڪ، سئنڊوچز، اوٻاريل آنا، کير، ڪيلا، صوف، چانهه، ڪافي- جنهن وٽ جيڪي ڪجهه موجود هو سو حامد وٽ کڻي آيو. هو مشڪندو، سڀني کان اهي شيون وٺندو، مڊگائوڪر جي اڳيان رکندو ويو.
پر شاگرد ۽ شرارت ڪي ڌار ڪري سگهجن ٿيون! گهڙيءَ پل جي سانتيڪائي ۽ ڌيرج کان پوءِ، هنن حامد ۽ مڊگائوڪر تي فقري بازي شروع ڪري ڏني. ”حامد، قسمت وارو آهين! ڪاش، اهي ماکيءَ جون مکيون اسان کي ڏنگ هڻن ها!“. ”مڊگائوڪر بهترين سوشل ورڪر، سرڳ جي اپسرا، جنت جي حور، رحمت جي ديوي!.... آب حيات! حامد، زندهه باد! مڊگائوڪر شادباد!“
حامد ۽ مڊگائوڪر، مشڪندا ۽ شرمائيندا رهيا، آخر، شاگرد پنهنجي بازي هارائي، مات کائي، ماٺ ڪري، هٽندا ويا. مڊگائوڪر حامد کي کائڻ لاءِ زور ڀرڻ لڳي ته هن نيزاري ڪندي چيو، ”مون کي مجبور نه ڪر، کاڌي لاءِ دل نٿي چوي.“
”پاڻ کي ڏس ته ڪيترو نه لهساٽجي ويو آهين. ڪجهه کاءُ ته طاقت اچيئي.“ ائين چوندي مڊگائوڪر منهن ۾ گهنڊ وجهي هڪ ڪيلي جي کل لاهي، حامد جي وات ڏانهن ويجهو آندو. ”مڊ، مڊي... تنهنجو قسم.... تنهنجو حڪم..... ۽ آءٌ پر........... توکي خبر نه آهي... مون کي روزو آهي، ۽ رمضان شريف جو پهريون روزو.“
”پاڳل....... پاڳل، هن ۽ ههڙيءَ حالت ۾ به مذهب جا ٻنڌڻ لاچاري ۽ عقيدت عجيب حماقت. ڏاڍو بهادر آهين.......... واهه تنهنجي بهادري! ماکيءَ جي مکين توکي ڪيرائي وڌو......... مغرور، هٺيلا، ڀلا ماکيءَ جي مکين ٻين تي حملو ڇو نه ڪيو؟ توکي هيٺ مندر ۾ ڪير کڻي آيو؟،
حامد خاموش نگاهن سان ڏسندي ٿي رهيو. ”منهنجي سوالن جا جواب ڏي، حامد! ڇا تو ڳالهائڻ جو به روزو رکيو آهي؟“ حامد ڪنڌ لوڏيندي ورندي ڏني، ”نه نه، مڊي، اسين استادن سان گڏجي مندر جي مٿان نظارو ڏسڻ ويا هئاسين- ’هتي جبل ۽ سمنڊ جو نظارو نهايت دلڪش آهي. آءٌ انهيءَ نظاري کي ڏسندو رهيس، ۽ ٻين کان ٿورو پٺتي هوس، اوچتو ماکيءَ جي مکين جو حملو ٿيو، يلغار هئي. پوءِ خبر ناهي ڇا ٿيو- تون به ته مٿي هئينءَ؟“
”هائو، مون کي خبر آهي.“ مردانو آواز آيو.
حامد ۽ مڊگائوڪر آواز طرف منهن ڦيرايو. ڪاليج جو هڪ شاگرد ڳالهائي رهيو هو. هن چيو، ”حامد تون مٿي مئو پيو هئين.......“ ۽ پوءِ مڊگائوڪر ڏانهن اشارو ڪندي چوڻ لڳو، ”...... آسمان مان پرين جي راڻي هيٺ لٿي، جنهن توکي پنهنجن پرن ۾ ويڙهي، مندر ۾ کڻي ليٽايو، ماکيءَ جي مکين توتي انهيءَ ڪري حملو ڪيو، جو تون خود ماکيءَ کان وڌيڪ مٺو آهين. تون قسمت وارو آهين، جو مڊگائوڪر جهڙيءَ پارپتيءَ توکي نئين سر، نئين جوڻ ڏني آهي.“ ائين چئي، هو ڊوڙ پائي ڀڄي هليو ويو.
ڏينهن جو چوٿون پهر لڙي چڪو هو. سڀئي شاگرد واپس ٻيڙين ۾ چڙهي، جهاز تي سوار ٿيا. جهاز تيزيءَ سان هلڻ لڳو. سج اولهه طرف انڌ ۾ غائب ٿيندو ٿي ويو ۽ آسمان تي ڪڪرن جي ڪاري چادر ڇائنجڻ لڳي. ٿوري وقت کان پوءِ ڪافي زور ۽ شور سان وڏڦڙو وسڻ لڳو. حامد، اڪيلو ئي اڪيلو هڪ ڪنڊ ۾، ڪنهن ڳوڙهي ويچار ۾ غرق هو. مينهن وسي رهيو هو، ته جهاز اچي بندر تي لنگر هنيو. ڪن وٽ ڇٽيون هيون، ته ڪي هٿين خالي، هر ڪو جهاز مان لهندو، تڪڙو تڪڙو هلندو بمبئي جي گهٽين ۾ گم ٿيندو ٿي ويو. حامد مينهن ۾ پاڻ پسائيندو ’ڪِرا فورڊ‘ مارڪيٽ واريءَ بس اسٽئنڊ تي پهتو، ته مڊگائوڪر کليل ڇٽي کڻي اچي حامد جي مٿان جهلي. مٿان بجليءَ جو بلب ٻري رهيو هو. مڊگائوڪر جي تيز نگاهن، حامد جي چهري جو جائزو وٺندي چيو، ”تون ته ڏڪي رهيو آهين، سيءُ ٿو ٿئيئي ڇا؟ هيءَ ڇٽي پاڻ سان کڻي وڃ. سڀاڻي اسپتال ۾ ضرور وڃجانءِ- تنهنجو منهن به سُڄي ويو آهي. فڪر نه ڪر. هيءُ منهنجو ٿيلهو ته وٺ.“ ايتري ۾ بس آئي ۽ حامد بس تي چڙهي ’سبحاني هاسٽل‘ ۾ اچي پهتو.
هاسٽل جي ڪوٺيءَ ۾ پهچي هن ڪپڙا به بدلايا، پر سيءَ سببان سندس سارو بدن ڏڪي رهيو هو. هو هڪدم بستري تي ليٽي پيو، هن جو پارٽنر، جيڪو ڏانهس اڃان متوجهه نه ٿيو هو، تنهن جي جڏهن هن تي نظر پيئي ته هڪدم حيرت وچان پڇيائين، ”حامد، خير ته آهي- هي ڇا؟ توکي ته بخار آهي! خبر ڏي، ايڪسڪرشن ڪيئن گذرندي؟“ هن حامد تي سوالن جو وسڪارو لائي ڏنو.
”ڪجهه به ڪونهي، وقت سٺو گذريو. معمولي بخار آهي. مٿو پيو ڦريم- مون کي بک آهي ۽ ننڊ جي ضرورت به. روزو رکيو هوم. معاف ڪج، پيتيءَ مان مفلر ڪڍي ڏي.“
”وٺ هيءَ مفلر. هيءُ ٿيلهو ڪنهن جو آهي؟ اڙي، هن ۾ ته ڪي شيون آهن- چاڪليٽ، ميوو ۽ زنانو پرس! سچ ٻڌاءِ، تون اڄ بهانو ڪري ڪيڏانهن ويو هئين؟“
”پارٽنر، صبح جو خبرون ڪندس.“ ۽ پوءِ حامد مٿي کي مفلر ويڙهي، پنهنجي مٿان سوڙ وجهي ڇڏي. حامد ٿڪل هو. هن ننڊ جي ڪوشش ڪئي. ڪلاڪ ٻن جي لوڇ پوڇ کان پوءِ مس مس هن جي اک لڳي.
صبح جو پارٽنر اڃا ستو ئي پيو هو ته حامد بستري مان اٿيو. هن کي خبر ڪانه هئي. هن آرسي کڻي پنهنجو منهن ڏٺو. هن جو منهن وڌيڪ سڄل هو. هن پوءِ ٿيلهي مان ڪجهه ڪڍي کاڌو ۽ ڪاليج وڃڻ جو خيال لاهي سمهي رهيو. پارٽنر سجاڳ ٿيندي حامد کان ڪالهوڪيءَ واردات جي پڇا ڪئي. حامد بستري ۾ ليٽندي سمورو احوال ٻڌايو.
”دوست، هيءَ ته رومانٽڪ ٽريجڊي آهي، ٽريجڊي نه پر ڪاميڊي! توکي دوا کپي، اسپتال هل......... نه ته، توکي دوا. جي ضرورت نه آهي. ها، البت ٻاهر نه نڪرجئين.“ پارٽنر هڪ ئي ساهيءَ حامد کي مٿيان جملا چئي ويو.
”آءٌ ٺيڪ آهيان، پارٽنر، فڪر نه ڪر! وري ٻن پهرن جو گڏباسين.“ پارٽنر ڪوٺيءَ مان نڪري ٻاهر هليو ويو ۽ حامد بستري ۾ ليٽي پيو.
ساڳئي ڏينهن ٻن پهرن جو مڊگائوڪر، بمبئي سٽي اسٽيشن جي ڀرسان مسلم سبحاني هاسٽل ۾ پڇا ڪندي، اچي حامد جي ڪوٺيءَ تي پهتي. حامد هينئر بلڪل سرهو هو. مڊگائوڪر حامد جي روم ۾ پير رکندي، اڃا کائنس مزاج پرسي ئي ڪري رهي هئي، ته عين موقعي تي هن جو پارٽنر اچي سهڙيو. دروازي تي بيهي، پنهنجي ڪوٺيءَ ۾ هڪ ڇوڪريءَ کي ويٺل ڏسي، هيڪر ته حيرت ۾ پئجي ويو، پر جڏهن حامد کيس چيو، ”پارٽنر، هليو اچ. هيءَ اهائي ته آهي، جنهن ڪالهه همت ڪري منهنجي حياتي بچائي.“ پوءِ مڊگائوڪر ڏانهن نهاري، چيائين، ”مڊگائوڪر، هي آهي منهنجو پارٽنر“. ڳچ رسمي ڳالهين کان پوءِ مڊگائوڪر موڪلائي هلي ويئي.
سامهون ميز تي رکيل ٿيلهي تي نظر پوندي، حامد سوچڻ لڳو، ’آءٌ ڪهڙو نه احسان فراموش آهيان. هن ٿيلهي ۾ پرس ڏيڻ جو مون کي خيال ئي ڪونه آيو.‘
هو اڃا انهن ئي خيالن ۾ هو ته سندس پارٽنر وراڻيو، ”حامد، ڪهڙيءَ دنيا ۾ وڃي پهتو آهين- ساعت اڳ ته ڄڻ هتي تنهنجو وجود ئي ڪين هو. تو ته رڳو هن ڏانهن پئي تڪيو- واهه جي مرهٽياڻي آهي! پنين تائين واسينگن جهڙا وار! اڙدو ته ڪهڙي نه صاف پئي ڳالهايائين. هن جي آواز ۾ ڪيڏي نه ميٺاج آهي!“ حامد جو چهرو لعل ٿي ويو ۽ هن جذباتي انداز ۾ وراڻي ڏني، ”بس ڪر، پارٽنر، گهڻو ئي ڪجهه چئي ورتئي.“
”معاف ڪر حامد! دراصل آءٌ تنهنجي چونڊ جو داد ڏيئي رهيو آهيان. شال توکي نيبَهه هجي! منهنجي طرفان مبارڪ. چڱو مون کي دير ٿي ٿئي.. آءٌ هلان ٿو.“ ائين چوندي، پارٽنر ٻاهر نڪري هليو ويو.
حامد وڏي الجهن ۾ ڦاسي چڪو هو. هو اڪيلو هو ۽ بنان ڪنهن رڪاوٽ جي پنهنجي خيالات جي دنيا ۾ محو هو. هن جون پريشان نگاهون ڪوٺيءَ جي چئني ديوارن، درين ۽ دروازن کان ٻاهر، هيڏانهن هوڏانهن پنهنجي دل جي تسڪين جو ڪو سامان ڳولي رهيون هيون. هن جي دل زور زور سان ڌڙڪي رهي هئي ۽ پوءِ هن جا چپ آهستي آهستي چرڻ لڳا. هو خودبخود پاڻ سان ڳالهائي رهيو هو. ’مون کي ڇا ٿي ويو آهي. منهنجي دل هن ڏانهن ڇڪجي رهي آهي. هي عشق ۽ محبت جو جادو ته ڪينهي! نه نه، هيءَ......... اهو منهنجو وهم آهي. آءٌ جڏهن احمد آباد کان هيڏانهن آيس ٿي ته منهنجي ماءُ مون کي چيو هو، ”پٽ، محنت ڪري ڪم ڪجئين. مون ٻڌو آهي ته بمبئيءَ جون ڇوڪريون نهايت چالاڪ آهن. تون شادي شده آهين. ڇوڪرين کان پري رهج.“ مون ماءٌ سان واعدو ڪيو هو، مون کي ضرور سوچڻ گهرجي. مَڊي نهايت شريف ۽ خوبصورت آهي. هوءَ ايلفنٽا جي جيئري جاڳندي مورتي آهي. اجنتا جي غارن جي ساهه پساهه واري تصوير آهي. هوءَ حقيقت آهي. هوءَ خدا جو روپ آهي. هن منهنجي زندگي بچائي. هوءَ نه هجي ها ته هوند آءٌ مري وڃان ها، آءٌ هن جو پوڄاري آهيان. هن جي آءٌ سدائين پوڄا ڪندو رهندس.‘ هن تي وري خاموشي طاري ٿي ويئي ۽ هو حيرت مان ڪوٺيءَ ۾ پيل هر چيز کي گهوريندو ۽ سوچيندو ٿي رهيو.
هفتي گذرڻ کان پوءِ به حامد جي اها ئي ساڳي حالت هئي. هو الڪن ۽ ڳڻتين جي ڄار ۾ ڦاسي، چؤکنڀو جڪڙجي چڪو هو. هن جي پريشانيءَ ۽ اداسائيءَ جو وجهه وٺندي، شاگردن عجيب غريب چرچا ۽ ٽوڪبازي شروع ڪري ڏني. هو سڀ ڪجهه ٻڌندو ۽ برداشت ڪندو ٿي رهيو. آخر هن لاچار ٿي هاسٽل جي ڊائننگ هال ۾ ماني کائڻ ڇڏي ڏني. حامد ۽ مڊگائوڪر متعلق سڄي ڪاليج ۾ عجيب غريب چميگوين جو طوفان کڙو ٿي ويو. مڊگائوڪر بمبئي جي سڌريل خاندان جي هڪ سمجهو ڇوڪري هئي. هن جو پيءَ گهڻن ئي ڪارخانن جو مالڪ هو. هن جي چاچي جي شهر کان ٻاهر هڪ وڏي اسپتال هئي. چاچي ئي هن کي پاليو هو. هوءَ اڪثر چاچي وٽ رهندي هئي. هوءَ پينٽنگ سيڪشن ۾ هئي. حامد جي ته دنيا ئي بدلجي چڪي هئي. رات جو جڏهن هاسٽل جا شاگرد سمهي پوندا هئا ته چورن وانگر لڪي لڪي، پنهنجي ڪوٺيءَ جو ٻيڪڙيل در کولي، سمهي پوندو هو. صبح جو شاگرد اٿن ئي اٿن، سڀني کان اڳ هن جو بسترو خالي ڏسبو هو.
پورا چار مهينا گذري ويا. هاسٽل ۾ آرٽ ڪاليج جي شاگردن جون چميگويون ۽ چرچا گهبا بند ٿي ويا. بمبئيءَ جي مصروف زندگيءَ ۾ حامد ۽ مڊگائوڪر وارو حادثو هوا جي جهوٽي جيان آيو ۽ ختم ٿي ويو، پر، هيڏي ساري عرصي ۾ حامد ۽ سندس پارٽنر فقط هڪ اڌ دفعو پاڻ ۾ گڏجي سگهيا هئا. هڪ اهڙي موقعي تي حامد سان پارٽنر ڳالهائي رهيو هو ته حامد جي چهري تي اداسائي ۽ اکين ۾ انتهائي ويراني هئي. هن دز جي اڳيان بيهندي، حامد کي چيو هو، ”مون کي تون پنهنجو دوست ڪري نٿو سمجهين. افسوس، تو پنهنجي ڪهڙي حالت بنائي ڇڏي آهي. ڪٿي ٿو گذارين؟ نه يار نه دوست، نه هاسٽل نه ڪاليج- چرين کي ڪي سڱ ٿيندا آهن. سچي ڪر، ٻڌاءِ، نه ته توکي آءٌ هن ڪوٺيءَ ۾ بند ڪري، تنهنجي مائٽن ڏانهن تار ڪري کين گهرائيندس- هي ڇا، ڇوڪرين وانگر ڪنڌ ڇو جهڪائي ڇڏيو اٿئي؟ گونگو آهين ڇا؟ ڇي ڇي، هي وري ڇا! عورتن وانگر روئي رهيو آهين!
ڳالهه ٻڌ، مڊگائوڪر هتي آئي هئي. بزدل، جنهن تنهنجي جان بچائي، ان سان تو ڳالهائڻ بند ڪري ڇڏيو آهي. هي چارئي مهينا تو ديوانن وانگر بمبئي جي گهٽيءَ گهٽيءَ ۾ ٺوڪرون کاڌيون آهن. نيٺ تنهنجو مطلب ڪهڙو آهي؟ ڏس، ڪنهن سان ته دل جو دک سور اور. پنج ئي آڱريون برابر ڪينهن. مون تي اعتبار ڪر؛ تنهنجي اندر جي ڳالهه منهنجي دل جو راز رهندي- تنهنجو قسم!“
حامد پنهنجون ڳوڙهن ڀريل اکيون مٿي کنيون ۽ ڏڪندڙ آواز ۾ چيو، ”ڪجهه به ڪينهي، دوست آءٌ وڏيءَ الهجن ۾ آهيان. توکي ڇا ٻڌايان. تنهنجي سيني ۾ پٿر جي دل آهي. چڱو، چانهه جو آرڊر ڏيئي اچ، ته ويهي ڳالهيون ڪريون.“ حامد هڪ ڊگهو ساهه کڻندي، مٿيان جملا وڏيءَ مشڪل سان ادا ڪيا. پارٽنر چانهه کڻائي آيو ته ڪوٺي خالي پيئي هئي، ۽ حامد الائي ڪيڏانهن گم ٿي ويو هو.
حامد ڪوٺيءَ مان نڪري هاسٽل جي پٺ ورتي. پوليس ڪوارٽرن ۽ اسپتال جي وچان لنگهي، ڌوٻي تلاءُ جي چؤ واٽي وٽ بيهي، وائڙن وانگر نهارڻ لڳو. چؤواٽي وٽ ڪافي رش هئي: ماڻهو، موٽرون، بسون، ٽرامون، سائيڪلون، سڀيئي تيز تيز پنهنجي ڪنهن نه ڪنهن منزل ڏانهن وڃي رهيون هيون. ۽ حامد، هڪ بي منزل مسافر وانگر هيڏانهن هوڏانهن ڀٽڪندو، ڌوٻي تلاءَ جي چؤواٽي وٽ اچي پهتو. هو سواءِ ڪنهن فيصلي جي وائڙن وانگر بيهي رهيو. هن ائين ٿي محسوس ڪيو ته هي چؤڌاري وڏا وڏا محل، ماڙيون، رستا، مطلب ته هر چيز کيس گهوري رهي هئي. حامد گهٻرائجي، جلدي ڪنڌ کڻي هيٺ ڪيو. خيالن ئي خيالن جي دنيا ۾ هن کي ياد آيو ته ”پارٽنر چانهه وٺي آيو هوندو. مون کي نه ڏسي ڇا سمجهيو هوندائين. اڄ ته هو وڏو همدرد نظر اچي رهيو هو- مطلبي، مڪار ۽ خود غرض........ آءٌ اڪيلو آهيان. مڊگائوڪر روم تي ڇا جي لاءِ آئي هوندي؟ پارٽنر هن سان ڪهڙيون ڳالهيون ڪيون هونديون.... دل جو درد ۽ ان جو درمان ڪير ٿو ڪري! ڪير ڪنهن جو همدرد آهي! پارٽنر ڳوٺ تار ڪئي ته ڇا ٿيندو. ماءُ سان ڪهڙو انجام ڪري آيو هوس. هتي اچي مون کي ڇا ٿي ويو آهي؟ مون کي ڪهڙيءَ کٽيءَ کنيو جو ايلفنٽا ويس. مون کي مندر جي مٿان ڪير هيٺ کڻي آيو. مڊگائوڪر جي هٿن ۾ ئي مري وڃان ها- سڀيئي مون تي چٿرون ڪن ٿا. آءٌ چريو ٿي ويندس. آءٌ واقعي ديوانو ٿي ويو آهيان.....“
فوٽ پاٿ جي ڀرسان موٽرون فرڙاٽ ڪندي لنگهيون، ته حامد جي خيالن جو سلسلو ٽٽي پيو. هو چؤواٽو اڪري، اولهه طرف روانو ٿيو، تان چرني روڊ وٺي تيزيءَ سان هلڻ لڳو. ميل کن پنڌ ڪري چرني روڊ باغ ۾ گهڙيو. اتان چرني روڊ اسٽيشن جي دروازي تي بيهي، ٽڪيٽ واريءَ دريءَ ڏانهن نهاري، پوئتي موٽيو ۽ وري ساڳيو رستو وٺي هلڻ لڳو. هلندي، اوڀر پاسي ڏانهن ڏسندي، ٻئي رستي تي لڙيو، جتان اچي گرگام روڊ تي پهتو. گرگام روڊ تي ڪلهي گس هئي- هڪ طرف بسون ۽ ٽرامون ته ٻئي طرف ماڻهن جو هجوم. ٽرئفڪ ۽ ماڻهن جو ميل جليل آواز قيامت کان گهٽ ڪين هو. حامد بيهي بيهي هڪ بس ۾ چڙهي پيو. هو اڃا ويٺو ئي مس ته بس ڪنڊيڪٽر اچي مٿان بيٺس: ”بابو ٽڪيٽ، ڪٿي لهندا؟“ حامد ڇرڪ ڀريندي ورندي ڏني، ”آخري بس اسٽاپ.“ هن پسئن ڪڍڻ لاءِ سوٽ، قيمص ۽ ڪوٽ جي مڙني کيسن ۾ هٿ وڌو. شايد هن جي ڪنهن به کيسي ۾ پئسا ڪونه هئا.
حامد هڪ ڏينهن پنهنجي دستور خلاف سبحاني هاسٽل جي ڪمري ۾ ويٺو هو. هن جي اڳيان هڪ نامڪمل تصوير پيئي هئي. هو بيخوديءَ جي عالم ۾ رنگ کڻي، لڳائي، پٺتي هٽي، وري ويجهو اچي تصوير کي ٺاهڻ لڳو- سمنڊ جو ڪنارو، جهاز، ٻيڙيون، جبل، پيچرو، آسمان، ڪڪر، مرد ۽ عورتون. ايتري ۾ هن جو پارٽنر حامد جي ڄاڻ کان سواءِ اندر لنگهي آيو. هن ايندي گنڀير آواز ۾ چيو، ”پارٽنر، لاجواب شاهڪار! رنگن جو عجيب ۽ حسين ميلاپ، حقيقت جي بينظير پيشڪش. پر هيءُ نظارو ته ڏٺل وائٺل پيو ڀانئجي. ها، اهو ته سچ پچ ايلفنٽا جي غارن وارو منظر آهي.“ حامد جي چهري تي خوشيءَ جي لهر اڀري آئي. هن جا ڪن ڳاڙها ٿي ويا. هن جون اکيون ڏيئن وانگر ٻرڻ لڳيون. هن تصوير کي ڇڏي پارٽنر جي ويجهو آيو ۽ حسرت ڀرئي آواز ۾ چوڻ لڳو، ”پارٽنر، ڏس تو مون سان ڪهڙو واعدو ڪيو هو. انهيءَ باري ۾ ڳالهيون ڪري، منهنجن زخمن تي لوڻ نه ٻرڪ.“
”معاف ڪر حامد، تنهنجي تصوير جو ڏوهه آهي؛ ههڙو شهپارو ڏسي، آءٌ ان جي ساراهه کان رهي نه سگهيس. مون کي مهرباني ڪري معاف ڪر.“
ڪوٺيءَ جي دروازي تي اڻ ڄاتل آواز آيو، ”آءٌ اندر اچي سگهان ٿو؟“ هو ايندي شرط تصوير جي ڀرسان اچي بيهي رهيو ۽ ان تصوير کي ڏسندو رهيو، حامد ۽ سندس ساٿي حيرت مان هڪٻئي ڏانهن نهاري، نگاهن ۾ هڪٻئي کان سوال ڪري رهيا هئا، ’هي ڪير آهي؟ تصوير جي ڀرسان ڇو بيٺو آهي؟ هي ڪهڙي ڪم سان آيو آهي؟‘
”ساڳيو هوبهو انهيءَ ڏينهن وارو نظارو. ڪمال ڪري ڇڏيو اٿئي! ايلفنٽا وارا غار!“ اجنبي ائين چئي، وڏيءَ گنڀيرتا سان تصوير ڏانهن نهارڻ ۾ گم ٿي ويو. رکي رکي وري چوڻ لڳو. ”منهنجو نالو گوبند آهي.“ هنن ٻنهي ڄڻن سندس آجيان ڪئي. گوبند ويٺو ته حامد چيو، ”مهرباني ڪري پنهنجو احوال ٻڌاءِ.“
”هائو، انهيءَ لاءِ ته آيو آهيان،“ گوبند ورندي ڏني.
”حامد وڏيءَ اٻهرائي سان پڇيو، ”اوهين ڪهڙو ڌنڌو ڪندا آهيو؟“
”منهنجو ڪاليا ديوي روڊ تي چمڙي جو دڪان آهي. اصل پنجاب جا آهيون، پر آءٌ ڄائو نپنو بمبئيءَ ۾ آهيان.“ حامد وڌيڪ حيرت ۾ پوندي، دل ئي دل ۾ سوچڻ لڳو، ’آخر چمڙي جو واپاري هتي هاسٽل ۾ ڇو آيو آهي؟‘ گوبند وهيءَ چڙهيل ڪرڙوڍ هو، پر ڪپڙي لٽي ۾ ٺهيل ٺڪيل ۽ مضبوط جسم وارو نظر اچي رهيو هو.
گوبند، حامد جي حيرانيءَ کي سمجهندي وڌيڪ ڳالهائڻ لاءِ تيار ٿيو، پر ڪا مجبوري کيس زبان کولڻ کان بيوس ڪري رهي هئي. نيٺ هن جي همت پنهنجي دل جي اظهار ڪرڻ تي آمادهه ٿي، ۽ چوڻ لڳو، ”حامد، توکي تعجب ٿيندو آءٌ ڪا پراسرار شخصيت نه آهيان. منهنجي زندگي ۾ هڪ حادثو ٿيو.........“ گوبند اڃا ڳالهائڻ ٿي چاهيو ته حامد جي پارٽنر هن جي سلسلي ڪلام کي ڪٽيندي، اٻهرائيءَ مان چيو، ”توکي چندو يا خيرات ته ڪانه گهرجي؟“ ”نه نه، آءٌ ڪو چندي باز يا پينو فقير ڪونه آهيان. آءٌ پاڻ ضرورتمندن کي دل ڏيئي سگهان ٿو.“
”پارٽنر، هن کي ڳالهائڻ ڏي.“ حامد پنهنجي ساٿيءَ کي ٽوڪيندي چيو. ”معاف ڪجو، مسٽر گوبند! منهنجو دوست نهايت اٻهرو آهي.“ ”ته پوءِ هن تي ڪا ميار نه آهي. دوست آءٌ هڪ اهڙي حادثي جي سلسلي ۾ اوهان وٽ آيو آهيان، جنهن منهنجو هوش حواس مون کان ڦري ورتو آهي. چئن مهينن کان وڌيڪ عرصو ٿيو ته آءٌ انهيءَ چڪر ۾ آهيان. حامد، توکي ياد هوندو آچر جو ڏينهن، سيپٽمبر جي ستين تاريخ، آرٽ ڪاليج جا شاگرد ايلفنٽا جي مندر ۾ هئا. اوهان جي ٽولي مٿي گهمي رهي هئي، آءٌ به مٿي هوس. شاگردن کي ڏسي، مون کي پنهنجو زمانو ياد آيو. آءٌ پري پري جو نظارو ڏسندي پنهنجين يادگرين ۾ گم هوس ته هڪ ڇوڪري کي مکين جي ماناري تي پٿر اڇلائيندي ڏٺم. مون رڙ ڪئي. هو شرير پٿر اڇلائي، ڊوڙي اڳين ويندڙ شاگردن ۾ گڏجي ويو..........“
”تڏهن تون انهيءَ ڏانهن اتي ئي هئين؟“ حامد، گوبند کان حيرت مان سوال پڇيو.
”هائو، تون سڀني جي پويان هئين. ماکيءَ جي مکين جي ٻنڌ ٽٽي پيئي هئي. اهي مانارا ڇڏي توتي اچي ڪڙڪيون. تنهنجي ٽولي توکان بي خبر هيٺ لهي مندر ڏانهن رواني ٿي، ۽ تون بي هوش ٿي ڪري پئين. آءٌ اهو سڀڪجهه ڏسي رهيو هوس. مون توکي بچائڻ لاءِ سوچيو ۽ هڪدم ڊوڙي جبل تان هيٺ لٿس. سوچيم ته هيٺ اطلاع ڏيان. مندر جي دروازي وٽ چوڪيدارن کي مدد لاءِ منٿ ڪيم، پر ڪنهن کي به قياس ڪونه پيو. نيٺ گهڻين منٿن کان پوءِ، هنن کان چادر وٺي، توکي ويڙهي ڪلهي تي کڻي هيٺ مندر ۾ آيس، ۽ آرٽ ڪاليج جي شاگردن کي سندن امانت حوالي ڪيم. پوءِ ته سڀيئي حلقو ٻڌي بيهي رهيا ۽ آءٌ هٽي پري ٿي بيهي رهيس. هڪ ڊگهن وارن واري مرهٽي ڇوڪري توتان...........“
”گوبند، گوبند، تڏهن منهنجي حياتيءَ بچاڻڻ وارو تون ئي آهين؟“ ائين چئي، حامد ڊوڙ پائي گوبند کي چنبڙي پيو. هو ڏڪندڙ ۽ ٿورائتي آواز ۾ چوڻ لڳو، ”گوبند، تو ئي مون کي زندگي ڏني آهي. تو مون تي وڏو احسان ڪيو آهي. هيترو وقت ڪٿي هئين؟ آءٌ تنهنجو احسان عمرڀر وساري نه سگهندس ۽ تنهنجي احسان جو عيوضو.........“ گوبند جي اکين مان ڳوڙها ڀرجي آيا ۽ هو به حامد کي ڀاڪر پائي چنبڙي پيو. ان وقت هو اهڙا ٻه ڀائر پئي نظر آيا، جي وڇڙي وڃڻ کان پوءِ اوچتا مليا هجن. گوبند جو نڪ ۽ اکيون حامد جهڙيون ئي هيون.
گوبند رومال ڪڍي اکيون اگهيون ۽ پاڻيءَ جي گهر ڪئي. هو پاڻي پي وري شروع ٿي ويو. ”هڪ چڱي انسان جو ڪم آهي ته سواءِ ڪنهن لالچ جي نيڪي ڪري. چڱو ڪم ڪنهن به غرض سان ٿيو ته اها نيڪي نه آهي. مون توتي احسان ڪونه ڪيو پر، آءٌ هيترو سارو عرصو جو توکي گڏجي نه سگهيس، سو به انهي خيال سان ته متان ڪٿي نيڪي بديءَ ۾ نه تبديل ٿي وڃي؛ آءٌ اڄ فقط انهيءَ ڪري تو وٽ آيو آهيان، مون جيڪو احسان ڪيو، تنهن جو عيوضو نه پر پنهنجي دل جو تو وٽ درد کڻي آيو آهيان ۽ توکان ساڳيءَ نيڪيءَ جي بيک گهرڻ آيو آهيان“ ائين چئي، گوبند ايزل تي پيل تصوير کي خاموش نگاهن سان ڏسندو رهيو.
”مون کي جلد ٻڌاءِ! جنهن مون تي ايڏو احسان ڪيو، تنهن لاءِ آءٌ ڪهڙي قرباني ڏيئي سگهان ٿو. گوبند منهنجو واعدو آهي، تون دل جي ڳالهه ڪر آءٌ توتان پنهنجو ساهه به گهوري ڦٽو ڪندس“ حامد ايترو ۽ اهو سڀڪجهه جذبات ۾ چئي ويو.
” مون کي اها ئي اميد تو وٽ گھلي آئي آهي“، گوبند قدري خوش ٿيندي چيو ”انهيءَ حادثي ۾ خبر ناهي ڪيئن.... اها، آءٌ پنهنجي دل ڦرائي ويٺو آهيان. آءٌ بي قرار ۽ بي چين آهيان. خبر ناهي مون کي ڇا ٿي ويو آهي....“ گوبند جو آواز جيئن پوءِ ڳرو ٿيندو ويو. آخر هن ڳنڀر ٿيندي وراڻيو: ”حامد، مون کي احساس آهي ته اوهان ٻئي پاڻ ۾ محبت ڪريو ٿا. تون مسلمان آهين، ۽ هوءَ هندو آهي- پيار ۾ دين ڌرم ڇا جو؟ پر، هي دنيا وارا محبت ۾ هميشه رڪاوٽون وجهندا رهيا آهن. تنهنجي مائٽن ۽ هن جي مائٽن کان اڳ، دين ۽ ڌرم جا رکوالا اهو رشتو قبول ڪين ڪندا. اوهان ٻنهي جي وچ ۾ بي انداز مجبوريون آهن- اهي ئي منهنجو سهارو آهن. مون ٻڌو آهي ته تنهنجي شادي به ٿيل آهي. مون پنهنجي سر ڪافي ڪوشش ڪئي آهي- دادر ۾، هن جي چاچي جي اسپتال ۾ مريض ٿي داخل ٿيس. هن سان ويجهي ٿيڻ جي ڪوشش ڪيم، پر اتان لا علاج ٿي تو وٽ آيو آهيان. هاڻي فقط تون ئي منهنجو مسيحا بنجي سگهين ٿو. منهنجي احسان جو عيوضو نه، پر پنهنجي نيڪيءَ جو عظيم مثال قائم ڪري ڏيکار،“ ائين چئي، گوبند نهايت خاموشيءَ سان حامد جي پيرن ڏانهن نهارڻ لڳو.
حامد جي پيرن هيٺان ڄڻ ٽانڊن جو مچ ٻرڻ لڳو. هن سختي بي چينيءَ جي حالت ۾ اتان اٿيو ۽ طوفان ۾ وڻ جي ڪمزور شاخ وانگر هيڏي هوڏي ڪوٺيءَ ۾ ڦرڻ لڳو. هن جي چهري تي مختلف احساس دونهين جي ڪاراٽ جيان وڌڻ ۽ هٽڻ لڳا. بي خبريءَ جي عالم ۾ هو هٿ مهٽي مهٽي ڇت کي تڪڻ لڳو، ۽ پوءِ هڪ شعلي وانگر ڏڪي ڏڪي، اکيون پوري بيهي رهيو- خاموش بي جان، جهڙو رک جو ڍير، گوبند، جيڪي هڪ شمع تي ٻه پروانا هئا، تن جي حسرتناڪ آئيندي تي سوچي رهيو هو. وقت گذرندو ويو. نيٺ حامد اکيون کوليون، هو ڄڻ سالن جي ڪنهن پراڻيءَ قبر مان اٿي کڙو ٿيو هو. هن وڏي همت سان گوبند کي مخاطب ٿيندي چيو، ”منهنجي اندر ۾ جهاتي پاءِ، ڪاش، تون ڪجهه ڏسي سگهين ها ته هوند اڄوڪي سزا مون کي هرگز نه ڏين ها- پر تنهنجو ڪهڙو قصور، تون پاڻ مجبور آهين. چڱو هاڻي وڃ، ايندڙ آچر تي صبح جو ستين بجي مون وٽ اچج ته توکي مڊگائوڪر وٽ وٺي هلندس.“ جواب ٻڌندي گوبند سواءِ ڪنهن چون چرا جي ڪوٺيءَ مان نڪري ٻاهر هليو ويو.
ايندڙ آچر جي وچ ۾ پورا ست ڏينهن هئا. اهي ست ڏينهن حامد واسطي قيامت کان گهٽ ڪين هئا. هو ڪباب وانگر نااميديءَ جي آڙاهه ۾ کامندو، جلندو ۽ سڙندو رهيو. اڪيلي سر هو اهو سڀڪجهه سهندو رهيو- هن جو پارٽنر ڳوٺ ويل هو، تنهنڪري هُن کي هن حالت ۾ ڪو بني بشر ڏسي ڪين سگهيو. ڇنڇر جي شام جو حامد شهر ڏانهن ويو. هن جي قدمن ۾ مضبوطي ۽ نگاهن ۾ وڏو اعتماد هو. هو ڪلاڪ کان پوءِ موٽي آيو ۽ پنهنجي ڪوٺيءَ ۾ اچي سمهي رهيو. هو شايد ڪو فيصلو ڪري چڪو هو.
آچر جي ڏينهن پوري يارهين بجي دادر جي هڪ عاليشان سانتيڪي بنگلي ۾ حامد، گوبند، ۽ مڊگائوڪر، ٽيئي پاڻ ۾ ڳالهيون ڪري رهيا هئا. اهڙيءَ ريت هر آچر تي ڳالهيون ٿينديون رهيون. چار آچر ائين ئي گذري ويا. پنجين آچر تي دستور مطابق هنن جون پاڻ ۾ محبت ۽ پيار جون ڳالهيون ٿي رهيون هيون ته، مڊگائوڪر شوخي ۽ شرارت جي نگاهن سان ٻنهي کي ڏسندي ڏسندي، پنهنجي ساڙهيءَ کي ڦاڙيو.
”ساڙهيءَ کي ڇو ٿي ڦاڙين؟“ گوبند رڙ ڪئي. ”چري، ههڙي قيمتي ساڙهي برباد نه ڪر!“ حامد جي هن هٿن کي جهليو، مڊگائوڪر مرڪندي نهايت موهيندڙ آواز ۾ چيو، ”اڄ اوهان ٻنهي جي دانائيءَ جي خوشيءَ مان چري ٿي پيئي آهيان،“ پوءِ هن ساڙهي جي پلئي مان ٻه ريڙون ڦاڙي، حامد ۽ گوبند جي ڪراين ۾ پنهنجي نفيس ۽ نازڪ هٿن سان رکڙيون ڪري ٻڌي ڇڏيون.
دوست اها ڪهاڻي اڃا پوري ڪانه ٿي آهي ۽ نڪا ٿيندي. قدرت هن دنيا ۾ قدم قدم تي حسن ۽ سونهن جا رنگ محل جوڙي ڇڏيا آهن. هر ڪنهن محل ۾ ڪانه ڪا حسينه، ڪا نه ڪا شڪيله ۽ ڪانه ڪا محبوبه، ڪنهن نه ڪنهن جو انتظار ۽ اوسيئڙو ڪري رهي آهي. پيار ۽ پريت ۾ دلين جا سودا ٿيندا ئي رهندا. پر اڄ جو سمجهو ۽ سياڻو سوداگر، حالات ۽ حقيقيت کان منهن موڙي، بنهه گهاٽي جو واپار ڪيئن ڪندو؟