گلو باشا
گلو بادشاهه ڪو وڏو ماڻهو ڪونه هو، هو هڪ رواجي ۽ پوڙهو پٽيوالو هو. پر ٻين عام رواجي پٽيوالن کان هو بلڪل نرالو هو. هن جو اصل نالو ته گل محمد هو پر ماڻهو هن کي گلڻ، گلو يا گلو باشا ڪري سڏيندا هئا. ڪير به سڏ ڪندو هوس ته زور سان چوندو هو ”حاضر سائين، اجهو آيو.“ ۽ پوءِ هو ادب سان سراپا سوال بنجي اچي سامهون بيهندو هو. ڪم رڳو ٻڌايوس، ٻڌي سمجهي ۽ پوءِ گولي ٿي ويندو هو. نٽائڻ، لهرائڻ يا دير ڪرڻ ته هو سکيو ئي ڪونه هو. ڪوبه ڪم نه نڪري شل، هو زور ڪري پاڻهي ئي پاڻهي اچي همراهي ڪندو هو. پارٽي، محفل ۽ مجلس ڪا ٿيندي هئي ته سڄو ابر پنهنجي ڪلهن تي کڻندو هو. حاضر جواب ۽ چرچائي به ڏاڍو هو. هو جتي به هوندو هو اتي منڊيل مچايو ويٺو هوندو. واندڪائيءَ ۾ وٽس چار ماڻهو ويٺائي ويٺا هوندا هئا. پوءِ ڪڏهين وٽس چانهن جو دؤر ته ڪڏهن وري ٿاڌل جي گهوٽ گهوٽان، ته ساڳئي وقت يڪتاري ۽ دلي سان ڪن تي هٿ رکي ’الوڙي ميان‘ چئي بيتن، واين ۽ ڪافين جي ڌم لڳائي ڇڏيندو هو. پور پوندو هوس ته پنهنجا بيت ۽ پنهنجون ڪافيون ٺاهي پوءِ هر ڪنهن کي زورءَ پيو ٻڌائيندو هو. هو ڪو سٺو شاعر ته ڪونه هو ۽ نڪي وري ڪو آواز ئي مٺو هوس، پر هو جنهن جوش ۽ جذبي وچان ڳائي مست ٿي ويندو هو، سو جيڪو به ٻڌندو هو سو به مست ٿي ويندو هو.
ڪابه موڪل ٿيندي هئي ته گلو شهر ڇڏي ٻهراڙيءَ ڏانهن هليو ويندو هو. هو گهڻو ڪري پنهنجي ڳوٺ ڏانهن ئي ويندو هو يا ڪنهن يار دوست وٽان ٿي، موٽندو هو. هو موٽندو هو ته اتان ڪانه ڪا موسم جي شيءِ کڻي اچي ورهائيندو هو. ڪڏهن هو ٻير آڻيندو هو ته ڪڏهن هو مڪائيءَ جا سنگ، ڪڻڪ جا آڀُون، ليسوڙا، گيدوڙا، ڇپڙ، گدرا، ڇانهيون، ونگا، پيرون ۽ کنڀيون ۽ انب آڻيندو هو. مطلب ته گلو ٻاهر وڃي ۽ خالي هٿين موٽي اچي، سا ڳالهه هن لاءِ ڄڻ ته اڻ ٿيڻي هئي، تنهنڪري گلو جڏهن به موڪل تي ويندو هو، ته ڪيترائي هن جي موٽڻ جو انتظار ڪندا هئا.
گلوءَ جو انتظار رڳو وڏا ڪونه ڪندا هئا، پر هو جتي جتي رهندو هو يا ٺلهو ويهندو هو، ته اتي جا ننڍڙا ٻار ته هن لاءِ جنسي چريا هوندا هئا. هن کي پري کان ڏسي خوشِيءَ وچان چوندا هئا، ”گلو باشا اچي پيو، گلو باشا اچي ويو.“ ۽ پوءِ تاڙيون وڄائي، هن جو استقبال ڪندا هئا. گلوبه ٻارن تان اور گهور پيو ٿيندو هو. اول ته گلوءَ وٽ جيڪي به ٻار هئا. گلو به ٻارن تان اور گهور پيو ٿيندو هو. اول ته گلوءَ وٽ جيڪي به ٻار ايندا هئا سي هوندا هئا غريبن جا ٻار، تنهنڪري اهي اڪثر اڌ اگهاڙا ۽ ميرا گدلا هوند اهئا، گلو پنهنجي پٽڪي جي پلاند سان هنن مان ڪن جا نڪ ۽ منهن صاف ڪندو هو. ۽ اڪثر هنن کي کٽمٺا، ڀڳڙا يا کاڄا وڍي ڏيندو هو، ته ڪن کي ڪڇ تي کڻي گهمائيندو هو يا ڪلهي تي ويهاري عجيب غريب ٻوليون ڪري وندرائيندو ۽ کلائيندو هو. ڪي اهڙا به ٻار هوندا هئا جي گلوءَ کي ’بابا بابا‘ ڪري وٽس سمهي رهندا هئا ۽ پوءِ ٻارن جا مائٽ پريشان ٿي، ڳولي ڳولي، گلوءَ وٽ پهچندا هئا، ته وري ڪي عورتون ٻارن جون مائرون به پنهنجي ننڍڙن جي آر ڪري گلوءَ جو آڌرڀاءُ ڪنديون هيون. قدرت جي اها بي رحمي هئي، جو گلوءَ جي زال جوانيءَ ۾ مري ويئي ۽ هن کي پنهنجو ڪوبه اولاد ڪونه هو ۽ نڪي وري ڪي ٻيا ويجها مٽ مائٽ هئس، پر گلوءَ ان جو ڪڏهن به ڪو ارمان ظاهر ڪونه ڪيو. هو زندگيءَ جون ٿڌيون ڪوسيون سهي پڪو ٿي ويو هو. گلوءَ هر هنڌ پنهنجا يار دوست ايترا ته پيدا ڪري ڇڏيا هئا، جو هن کي اڪيلائي ته محسوس ئي ڪانه ٿيندي هئي.
شل نه گلوءَ جو ڪو دوست ۽ واقفڪار، بيمار ٿئي. بيمار کان وڌيڪ سک گلوءَ جي ڦٽي پوندو هو. بيمار جي ٽهل ٽڪور دوا درمل کان ويندي کاڌي پيتي تائين بندوبست ڪرڻ ڄڻ گلوءَ جو فرض هوندو هو. راتيون جاڳي پيرن ڀر بيٺو هوندو هو. گلوءَ جا دوست ڪي امير ماڻهو ڪونه هوندا هئا، اهي هن جهڙائي غريب هوندا هئا. ٻاهران ڪو سندس مهمان اچي سهي، هو ان جي پنهنجي حال سارو ڏاڍي آجيان ڪندو هو. هٿ جو به ڇوٽ هو. ضرورت وقت ٻين کي سؤ يا پنجاهه اڌارا به ڏيئي ڇڏيندو هو. هو اڌارا ته ڏيئي ڇڏيندو هو پر هو هيڪر ڏئي پوءِ پچاريندو به ڪين هو. ظاهر آهي ته هن دؤر ۾ جتي گُهرجائو گهڻا آهن اتي ڪيترائي گلوءَ جا قرضي هئا. گلوءَ جا دوست چوندا هئا ته گلوءَ جا ڪيترائي پئسا ڏسڻا وائسڻا ماڻهو به کائي ويا آهن. پر گلو پاڻ، جي اهڙي ڳالهه نڪرندي به هئي، ته چوندو هو ته ”ادا منهنجا آهن حق حلال جا پئسا ۽ مايا آهي هٿ جو مير، جيڪو ٻين جي آئيءَ ويل ۾ مدد نٿو ڪري سو سچ پچ ته انسان ناهي. هوندي تي هونگار آهي. جن وٽ هوندا آهن، جن وٽ هوندا آهن سي ته مون کي گهر ويٺي پهچائي ويندا آهن، باقي جن وٽ ڪجهه هوندو ئي ڪونه تن تي ڪهڙي ميار؟“
گلو ڳالهين جو ڳهير هو، ته ساڳئي وقت ڪچهريءَ جو به ڪوڏيو هوندو هو. چرچي ڀوڳ ۽ ڳجهارتن ۾ ته ڪنهن کي وٺ ڪونه ڏيندو هو. جتي گلوهوندو هو، اتي محفل متل هوندي هئي. الله سائينءَ جتي هڪ غريب گلوءَ کي ايڏين خوبين سان نوازيو هو، اتي قدرت جي ستم ظريفي چئبي، جو گلوءَ ۾ هڪ وڏو عيب پڻ موجود هو. هونءَ ته هرڪو انسان عيبن هاڻو آهي پر ساڳئي وقت ته انسان جي قدر ۽ قيمت جو ڪاٿو به ڪير ڪري؟ گلو ته سارو سون هو، منجهس جي عيب هو ته صورت جو- ڄائي ڄم کان هن جو مٿيون چپ ٻن هنڌان چيريل هو. انهن چيرن مان هن جا وڏا وڏا ڏند پڌرا پيا ڏسبا هئا. هن جي شڪل هيڪر ته ڊيڄاريندڙ پئي لڳندي هئي. بس انهيءَ عيب کان سواءِ هن جو ٻيو سڄو سارو جسم عام انسانن جهڙو ئي هو. سهڻا ته ٽوهه به پيا آهن. ظاهري سهڻي صورت ۾ ته شيطان به آسانيءَ سان روپ سروپ جي چادر اوڍي فرشتو ٿيو پيو هلندو آهي. اهڙي سونهن ۽ صورت کان گلو بنهه وانجهيل هو. پر هو سيرت جو اهڙو ئي تونگر هو. هو هر هنڌ ماڻهن جي وچ ۾ ويهڻ وارو هو. هن جي هر هنڌ آڌر ڀاءُ ٿيندو هو. البت دنيا ۾ پنج ئي آڱريون برابر ڪينهن، ڪي ڪي نيچ ۽ بيوقوف انسان هن کي ’چپو چپو‘ به ڪري ڪوٺيندا هئا. چپو چوڻ واري کي به گلو کلي، ڪونه ڪو ٺهه پهه جواب ڏيئي، هن جي مرلي بند ڪري ڇڏيندو هو. ڪيڏيءَ مهل ڪي گستاخ دوست گلوءَ جي قميص پٺيان ٽاچني يا ڪانٽي سان ڪپڙي جي ريڙ اٽڪائي، پڇ ٺاهي، تماشو ڪندا هئا. پر جڏهن گلوءَ کي اها خبر پوندي هئي ته هو کلي ڪنهن نه ڪنهن ڏانهن نهاري ميڇ ڏيئي چوندو هو. ”اک ۾ آهين اک ۾“ ۽ پوءِ ته گلوءَ جي بدران ڪو ٻيو تماشو ٿي پوندو هو.
هڪڙي دفعي جو واقعو آهي. اونهاري جي موسم هئي. رات جو ڪچهري متل هئي ته مجلس ۾ هڪَ نام ڪٺئي شيديءَ کي، کڻي ٿي کٽي، جو اچي گلوءَ سان چرچن ۾ دوبدو ٿيو. واري وٽي شروع ٿي ويئي.تئي کان به بنهه ڪارو، نڪ منو ۽ ڊول بلاڙو ٿيندي، گلوءَ کي وٺ ئي نه ڏي. ڪافي وقت گذري ويو. کلي کلي سڀئي کيرا ٿي پيا. گلو به هرون ڀرون ڪو ويل ڪين هو؛ رکي رکي اهڙي ٿي هنيائين، جو سوناري جا سؤ ڌڪ ۽ بس لوهار جو هڪڙو ئي گنج. شيديءَ کي کڻي ٿي کٽي سو ڪيائين گلوءَ جي چپن تي چرچو. انهيءَ تي گلوءَ وراڻيس، ”ڏاڏا، آءٌ ته تنهجي قوم ۾ رڳو هڪڙو اتفاق سان کريل نڪتس پر تنهنجو ته سڄو سارو نسل، ڇو ٻُوٿ سڄايو ۽ منهن تي رنگ هنيو پيو هلي......“ پوءِ ته ٽهڪڙن جا هوڪرا پئجي ويا، سڀئي کل ۾ وٺجي ويا ۽ هو شيدي پاڻ به کل ۾ ٻڏي ويو ۽ جڏهن سامت ۾ آيو تڏهن هٿ ٻڌي چوڻ لڳو، ”گلو باشا، گلو باشا، بيشڪ تون استاد آهين.“
هڪڙي ڏينهن گلوءَ کي آفيس مان هڪ ليٽر مليو. اهو ليٽر سول سرجن کي ڏيکاري، گلوءَ کي فٽنيس جو سرٽيفڪيٽ وٺڻو هو. گلوءَ کي جڏهن اها خبر پئي تڏهن چوڻ لڳو آءٌ ماڳهين نوڪري ٿو ڇڏيان. اهڙي نوڪري گهوري جا سٿڻ لهرائي. گهڻي سمجهائڻ کان پوءِ نيٺ همراهه دل ٻڌي وڃي ڊاڪٽر جي اڳيان پيش پيو. ۽ ٻئي ڏينهن تي فٽنيس جو سرٽيفڪيٽ وٺي آيو. هو سرٽيفڪيٽ ته وٺي آيو پر گلوءَ جا دوست گلوءَ کي ورائي ويا. آخر هن پيرائتي ڳالهه ڪري ٻڌائي؛ چيائين، ”ڊاڪٽر مون کي برابر چيو هو ته اندر هل، مون چيو مانس سائين معاف ڪريو. مون کي اتي ئي ڏسو. پر جڏهن مون کي چيائين ته جلدي ڪر ڪپڙا لاهه تڏهن هٿ ٻڌي چيو مانس سائين آءٌ غريب ڪليٽري جي ڪرسي تي ڪونه وهندس. آءٌ ته پٽيوالو آهيان. عمر ۾ تنهنجي پيءُ جيڏو هوندس. پيءُ جيڏي سان اهڙي جٺ توکي ڪيئن ٿي جڳائي، پوءِ ته ڊاڪٽر کلي پيو، ۽ چيائين بيشڪ مڙس مانجهي ٿو ڏسجين!“ سو گلو فٽنيس جو سرٽيفڪيٽ اعتبار ڪريو نه ڪريو وٺي ائين آيو.
ٿڌو گهڙو پاڻ کي ڇانوَ ۾ رکائيندو آهي. گلو هونءَ هو ته، دودستو ڄٽ، پر هن جهڙو ايماندار ۽ فرض شناس ماڻهو ڳوليو نه لنڀدو، آفيس ۾ نائڪ جي جاءِ خالي ٿي ته صاحب گهرايس ۽ پڇيائينس ”گلو، نائڪي ڪندين؟“ ”جيڪا سائينءَ جن جي مرضي!“ گلوءَ جواب ڏنو، پر وري اتي جو اتي چيائين، ”سائين آءٌ جتي آهيان اتي ٺيڪ آهيان. باقي رهيو ڪم سو هڪل ڪري ڏس.“ ”گلو، تون هاڻي پوڙهو ٿي ويو آهين،“ صاحب همدرديءَ وچان چيو. ”هائو سائين سڀڪا ڳالهه وهيءَ ۽ عمر سان آهي. اڄ به ڪنهن سان ملهن جي جوڙي ڪرائي ڏسو.“ خبر ناهي صاحب کي ڪهڙو ريچڪ آيو سو ڀت تي ٽنگيل گهڙيال ڏانهن اشارو ڪري پڇيائين، ”گلو هينئر گهڻا لڳا آهن.“ ”سائين هينئر ته سڀئي لڳي ويا آهن.“ ”سو وري ڪيئن“ صاحب وري پڇيس. ”سائين اهو هيئن آهي، جو آءٌ ته رڳو سال ڳڻي سگهندو آهيان. حقيقت اها آهي ته وقت کي اڄ ڏينهن تائين ڪوبه ڏسي نه سگهيو آهي. فيشن خاطر هرڪو کڻيو ٻانهن ۾ واچ ٻڌي. آءٌ ته پٽيوالو آهيان. مون کي وقت جي ڪهڙي ضرورت!“ خبر ناهي صاحب ڪيترو وقت، گلوءَ جا گفتا ٻڌندو رهيو، پر پڇاڙيءَ ۾ صاحب کيس ٻڌايو ته ”گلو ايندڙ مهيني کان توکي نائڪ جو پگهار ملندو.“
چئن پنجن ڏينهن کان دستور جي برعڪس گلو پريشان پريشان نظر اچڻ لڳو. پڇڻ تي گلوءَ ٿڌو شوڪارو ڀري ٻڌايو، ”سائين، منهنجو هڪڙو پاڙيسري دوست بيمار آهي. بيماري سيماري ته هر ڪنهن کي ٿئي ٿي. هن کي به مهينا ٿي ويا آهن. کٽ تي سمهي سمهي ڳري ڪنڊا ٿي ويو آهي. هاڻي ته کاڌو به کائي نٿو سگهي. غريب جو ڪوبه اوهي واهي ڪونهي. مزوري ڪندو هو. جيڪا ميڙي چونڊي هيس سا ته ڪڏهوڪي خلاص ٿي وئي اٿس. بروقت ته مون کي خبر ئي ڪانه پئي. ۽ هاڻي ته ڪيترن ئي ڊاڪٽرن جون دوائون پياريون اٿومانس پر ڪو فرق ئي ڪونهي. توبهه توبهه، خدا جا ڳجهه خدا پاڻ ڄاڻي. ويچارو غذابن ۾ آهي. مون کان ته هاڻي ڏٺو به نٿو ٿئي. آءٌ ته منجهي پيو آهيان. سائين اوهان کي ڪو سٺو ڊاڪٽر سجهي؟ ثواب ٿيندوَ. مون ته پنهنجي وسان گهتايو ڪونهي.....“ ”گلو، ڀلا فلاڻو ڊاڪٽر ٻڌو اٿئي؟“ ”هائو سائين، هائو، انهيءَ به ڏهه ڏينهن دوا ڏني. يارنهين ڏينهن چيائين ته ”گلو هاڻي تنهنجي دوست کي دوا جي نه پر دعا جي ضرورت آهي! سو سائينءَ جو ٿو ٻڌايان ته پاڙي جي سڀني معصومن کي کارايو اٿم، فقيرن کي خيرات به ڏني اٿم. سچي ساڳئي ڊاڪٽر ٻي صلاح به ڏني هئي ته هن کي سول اسپتال ۾ داخل ڪرايان. هو به غريب ۽ آءٌ به مڙس مولائي. ڇا ڪريان. هتي گهر ۾ آهي ته ڳالهه سولي آهي. اسپتال ۾ ويندو ته اکين کان پري هليو ويندو. خير آءٌ ته روز رات جو نماز پڙهي هن لاءِ دعا گهرندو آهيان. هو دانا بينا آهي ضرور ٻڌندو، هو ضرور ڏسندو.“
اڄ جمعي جو ڏينهن هو. گلو نوان ڪپڙا پائي ٽاٽ ٿي آيو هو. اڃا اڌ ڪلاڪ ئي ڪونه گذريو هوندو، جو گلو مون کان موڪل وٺڻ آيو. مون چرچو ڪندي کانئس پڇيو هو، ”گلو ڪنهن سان انجامي آهين ڇا؟“ مرڪي ٻڌاڻ لڳو، ”سائين، اُهو زمانو ۽ اهڙو دؤر ته گذري ويو.“ هاڻي ته رات جو روز ذڪر ڪندو آهيان.“ سائين آءٌ وڃان ٿو، او، هُن ڳوٺ واري حڪيم وٽ. لاثاني طبيب آهي. نه رڳو ايترو پر هو نهايت پرهيزگار ۽ خدا پرست پهتل درويش پڻ آهي. انهيءَ کان هن ويچاري مڙهي، پاڙيسريءَ لاءِ دوا وٺندس- سائين مهرباني ڪري موڪل ڏيو. متان گاڏي ڇٽي نه وڃي. سائين پري ڪونه ٿو وڃان، ٽن چئن ڪلاڪن ۾ موٽي ايندس.“
انهيءَ رات دستور موجب آءٌ پنهنجي گهر ستو پيو هوس، ته ڪملهو دروازي کي ڪنهن زور زور سان کڙڪايو. اکيون مهٽي اٿي دروازو کوليم. سامهون هڪ شخص زاروقطار روئي رهيو هو. هو گلوءَ جو دوست هو. آءٌ دهلجي ويس. نيٺ دل جهلي پڇيو مانس، ”هيڏيءَ مهل ۽ هت! خير ته آهي، روئين ڇو ٿو؟“ منهنجو ايترو چوڻ هو، هو وڏيون وڏيون اوڇنگارون ڏيئي روئڻ لڳو ۽ پوءِ جڏهين ڪجهه ڍرو ٿيو ته سڏڪا ڀريندي چيائين:...... سائين گلو باشا، گلو باشا..... ڳاڙهو گهوٽ ٿيو ويٺو آهي..... هلو ته هلي هار پايونس..... توهان کي سڏي پيو...... سائين گلوءَ اسان کان موڪلايو به ڪونه...... سائين گلو..... گلو مري ويو آهي.....“
منهنجي پيرن هيٺان ڄڻ زمين کسڪي وئي. صبح جو ته هو مون کان موڪلائي ڳوٺ ويو هو. چي ”پاڙيسري حڪيم کان دوا آڻيندس.“ گلوءَ جي شڪل بار بار منهنجي اکين اڳيان ڦرڻ لڳي. مون جيئن گهران اٿي در کوليو هو، تيئن ئي هن دوست سان گلوءَ جي گهر ڏانهن ويس. غريبن جي محلي ۾ گلوءَ جي ڪوٺڙيءَ اڳيان غريبن جو انبوهه گڏ ٿيل هو، هر ڪنهن جون اکيون آليون هيون، ننڍا وڏا، زالين مڙسين سڀئي روئي رهيا هئا. آءٌ دير سان پهتو هوس. تنهنڪري پڇاڙيءَ جو کانئس موڪلائي به ڪين سگهيس. گلو پنهنجي بيمار پاڙيسريءَ لاءِ ڳوٺ جي حڪيم کان دوا وٺڻ ويو هو. ڀاڙو به پنهنجي کيسي مان ڪڍيو هئائين. گلو غلطيءَ وچان ميل گاڏيءَ ۾ چڙهيو هو. اها اسٽيشن ننڍي هئي. اها ميل گاڏي اتي بيهڻي ڪانه هئي. انهيءَ ڏانهن نيرن به ڪانه ڪئي هئائين. چيو هئائين ته ”اجهو ٿو ٻي گاڏيءَ ۾ موٽي اچان.“ خير، گلوءَ جا ڪي ڏينهن پورا ٿي آيا هئا. هو جيئن هلندڙ ميل گاڏيءَ مان ڳوٺ واريءَ اسٽيشن تي لٿو، تيئن خبر ناهي ڪيئن ان جي هيٺان اچي بلڪل قيمون ٿي ويو. اتفاق سان هن جي منهن وارو چيريل چپن وارو حصو بچي پيو هو، نه ته هوند هو سڃاپي به ڪين سگهجي ها.