ابابيل
صفا! اڇو صبح ٿي ويو هو. ٻاهران انب جي وڻ تي ڪوئل رکي رکي ڪوڪاري رهي هئي. اولهه پاسي واريون نم جون ٽاريون ٿڌڪار واريون هوائون ۽ جهوٽن ۾ لڏي لَمي هيٺ مٿي ٿي ڄڻ ڪنهن کي اشارا ڪري رهيون هيون. اوڀر طرف سونهري سج جو شعاع پکڙجڻ شروع ٿيو هو. سپاهي پهريدار ڇهن جا ٺڪاءُ هنيا. اونهاري جي موسم هئي. صفا صبح ٿي ويو هو. سينٽرل جيل جي کوليءَ جي شيخن وارو دروازو جمعدار کولي ڇڏيو هو. پر چارئي قيدي اڃا ننڊ جي نشي ۾ هئا. هو ڪڏهوڪو جاڳيا ته هئا، پر ڄڻ موڳاٽيل موڳاٽيل هئا، بس ائين ليٽيا پيا هئا. هڪڙي قيديءَ جون اکيون کليل هيون، باڪي ٽن قيدين جون اکيون معصوم مکڙين وانگر بند هيون. اوچتو هڪ مٺڙو چرڙاٽ ٿيو.
چر- چر- رر- سجاڳ قيديءَ رڙ ڪري چيو ”اڙي مٿي تي ڏسو.“ مٿان ڇت جي هيٺيان ويهن پنجويهن ابابيلن جو ولر گهمرا ڏيئي رهيو هو. هڪڙو آواز ٻيو قيديءَ جي رڙ- ٽيئي قيدي اکيون کولي ڏسڻ لڳا. واقعي ابابيلن جو ولر بلڪل منظم طريقي تي کوليءَ جي اندر طوائف ڪري رهيا هئا.
قيديءَ نمبر پهرئين گهٻرايل آواز ۾ چيو ”سائين، سائين منهنجا ساٿي اچي ويا آهن. ڪو سبق ڏيون يا ڪجهه سيکاريون.“ ٻئي قيديءَ چيو، ”ڏسين نٿو پاڻ ۾ سڀ ابابيل گڏ ۽ هڪ ئي ٽولي ۾ آهن.“ ٽئين قيديءَ چيو، ”رنگ ته ڏسون- ڪارا آهن ڪارا، ڪارو به ڪو رنگ آهي. پر پيٽ ۽ سينو ته اڇو اٿن- اندر جا ته اڇا آهن.“ ۽ ”اهو رنگ جنهن کي اوهين ڪارو چئو ٿا، سو ڪارو نه پر گهاٽڳ نيرو آهي ۽ نيري کنڀن کي جانچي ته ڏسو، سونهري نه پر مٿن سوني دز جو جڙاءُ ٿيل آهي. واقعي سندن کنڀن ۾ سونهري شعاع آهن. پر پڇ ته ڏسون. جهڙا عاج جا جپاني پنکا.“ چوٿون قيدي اهو سڀ ڪجهه بنا هٻڪ جي چئي ويو.
ابابيل مٿي ڇت هيٺان باقاعدي کنڀڙاٽيون تڪڙيون تڪڙيون هڻي ڪنهن خاص ترڪيب سان پرواز ڪري رهيا هئا. ڄڻ ته ڪنهن سائنسدان ننڍڙا ۽ ڦرندڙ راڪيٽ ٺاهي اُڏاريا هئا. يا تهوري اهي اڏامندڙ ابابيل وري ائين ئي لڳا جيئن ڪنهن جوهريءَ ڪو ٿڙڪندڙ هيرن جو هار ڇت هيٺان گولائيءَ ۾ پاٿاري ڇڏيو هو. چر- ر- چر- چين- چين جو آواز رکي رکي کوليءَ ۾ گونجڻ لڳو. سڏ ۽ پڙاڏي وارو قصو هو. خبر نه آهي ته هو قيدين کي خوش ڪرڻ لاءِ نعم سرائي ڪري رهيا هئا يا ماڳهين ڪنهن تارن واري ساز کي ڪنهن معصوم اوچتو ئي اوچتو هلڪو ڌڪ هڻي لوڏي ۽ لرزش ۾ آڻي ڇڏيو هو. عجيب وايومنڊل هو. فضا دم جهلي گهٽجي رهي هئي. چار ئي قيدي ابابيلن کي ڏسندا ئي رهيا.
ڪا مهل گذري ويئي. ابابيل کوليءَ ۾ چڪر لڳائي رهيا هئا ۽ چارئي قيدي کين ڏسندا رهيا ته پهرين قيديءَ چيو، ”اي ابابيلو! ابابيلو توهان فرعون جهڙي ظالم بادشاهه کي شڪست ڏني هئي قرآن شريف ۾ به توهان جو ذڪر آهي. توهين پکي ڀلي پار جا ساٿي رهيا آهيون. مرحبا ڀلي آيا- جيءَ آيا. اسان جي لاءِ ڪهڙو پيغام آندو اٿوَ. توهين سڀاڳا آهيو. اجهو اسان جي آزاديءَ جو پروانو پهتو ڪي پهتو. شل اسين چارئي ڇٽي وڃون..... ڇٽي آزاد ٿي وڃون- آمين آمين.“
ٻئي قيديءَ چيو، ”نوجوان ٺلهو سکڻين دعائن مان ڪجهه ڪين ورندو توکي، توهين آزاد ائين سولائيءَ سان ٿي نه سگهندا. آزادي دعان سان ڪنهن به بني بشر کي اڄ ڏينهن تائين نڪا ملي آهي نڪا ملندي. ڏس هيءُ.اهي ابابيل سڀئي گڏ آهن. گڏ آهن هڪ آهن. بابلا ڪٽيءَ جي مجني کي ڪڏهن ڪجهه حاصل ٿيو آهي. پهريائين سڀئي گڏجي هڪ ته ٿيو. توهان جون ڪيتيرون جماعتون آهن- ڇو؟ بس، رڳو عهدن، پئسن خرچڻ ۽ اخبارن ۾ ٺلها بيان پيا ڇپيايو ۽ پوءِ پاڻ ۾ ئي وڙهي هڪ ٻئي جو خانو خراب ڪيو.... آزاديءَ جا پروانه ٿيو. پنهنجا پراوا سڃاڻو ۽ پوءِ آزاديءَ ۽ وطن ٻئي اوهان جا آهن. پوءِ دنيا جون نعمتون ازخود اوهان کي عطا ٿينديون وينديون.“
”بس، بس هاڻ اهو واعظ بند ڪر.“ ٽئي قيديءَ چيو، ”هتي نه پبلڪ جلسو آهي نڪو وري ڪا اسٽيج آهي. موقع پرست اقتدار لاءِ رڳو پيا واجهه وجهو. توهان مطلب پرست سياستدانن ته عام ماڻهن کي ڌوڪو ۽ فريب ڏنو آهي. مڪار، توهان ڇا ڪيو آهي. 25- 26 سال گذري ويا آهن. آهي ڪا اسان جي فقط هڪڙي منظم ۽ سياسي جماعت. ڇو. ڇو. ڏٺا اٿئون توهان جا سياستدان. ڪتي کي ٽڪر ڀور ڏيوته پڇ لٽڪائيندو. اڄ توهان مان ڪيترا انهيءَ ٽڪر ڀور ڪري ڪرسيون والاريو ويٺا آهن. بي شرم ۽ بي حيا-“ ٽئي قيديءَ جون اکيون ڳاڙهيون ٿي ويون هيون. انهن مان بي انتها ڪاوڙ ڪروڌ ۽ نفرت جو اظهار پئي ٿيو. هو اٿي ويهي ٻئي نمبر قيديءَ ڏانهن گهورڻ لڳو. ٻيو نمبر قيدي ماٺ ٿي ويو.
پلڪ به ڪين گذريو ته قيديءَ نمبر ٽئي پاڻمرادو کلي ڏنو ۽ کلندي چوڻ لڳو، ”ڀائو معاف ڪجانءِ. دل ۾ متان ڪرين. آءٌ نهايت جذباتي آهيان. مصور جو ٿيس. موڊ ئي خراب ڪري ڇڏيئه، ڏس ڏس ڪهڙا نه سهڻا آهن اهي ابابيل. سندن سفيد سينا ڪيئن نه پيا جرڪن. قدرت سندن ڪهڙو نه خوبصورت جسم ٺاهيو آهي. ۽ پوءِ کيس آزاد فضا ۾ آسمان جي وسعتن ۾ آزاد اڏامڻ جي اجازت به ڏيئي ڇڏي آهي“..... ۽.... اهي.........“
چارئي قيدي خبر ناهي ڪڏهوڪو اٿي ويهي رهيا هئا. سڀني ڳالهايو هو. پر چوٿون پيرسن قيدي خاموش سڀني کي ٻڌندو به رهيو ته هر هڪ ڪنڌ کڻي هن اڏامندڙ ابابيلن کي پئي ڏٺو- هن چيو. ”يارو، ڳالهيون ته ڪافي ٿي چڪيون. ڳالهين سان ڳوٺ ڪين ٻڌبا. ڪو قياس ڪريو. هيءُ نوجوان شاگرد خون جي ڪوڙي ڪيس ۾ چار سال جيل ڪاٽي چڪو آهي. هيءُ دوست عيرمنظم سياسي پارٽيءَ جي ليڊريءَ ڪري ٽي مهينا بي دريافتو پيو اهي“ ۽ اسان ٻئي وطن جا دشمن سمجهايا ويا آهيون..... پر هي جيڪي بيقصور ابابيل اڻڄاڻائي ڪري هتي اچي کوليءَ ۾ ڦاٿا آهن. اڻڄاڻائي وڏو عذاب ۽ وڏو گناهه آهي. اٿو پاسن کان ٿي بيهو ته هنن کي کوليءَ مان ٻاهر ڪڍون. اٿو اٿو. دروزو کليل آهي، پاسن کان ٿي بيهو.“
هُش هش، هو هو، هلو هلو، وڃو وڃو، چئني قيدين هوڪرا ڪري- ٻانون مٿي الارڻ شروع ڪيون. ويرم ڪانه ٿي ته ابابيل ڀڙڪو کائي ٻاهر نڪتا. پريشان جيڪي بروقت پوئتي رهيل هئا. پر ابابيل رهجي ويا- اهي ابابيل- جوڙ تيز تيز ڦرڻ لڳا. پر مجال آهي جو هيٺ لهن يا ٻاهر نڪرن. چارئي قيدي هوڪراڪري، ٻانهون الاري ٿڪجي پيا. ويهي رهيا ۽ ابابيل به ڇت جي چيرن ۾ ليڪ گم ٿي ويا.
اهو ابابيلن جو جوڙو پورا ٽي ڏانهن کوليءَ ۾ اندر ٻين قيدين وانگر قيد هئا. صبح ۽ شام ابابيلن جو ولر ور ور ٻاهران ورانڊي ۾ چڪر لڳائي لڳائي وري آزاد فضائن ۾ گم ٿي ويندو هو. کوليءَ وارا ابابيل به اڪثر کوليءَ جي چيرن مان ٻاهر نڪري اندران ئي اندران پرواز ڪندا رهيا، پر جنهن وقت به قيدي کين ٻاهر ڪڍڻ جي ڪوشش ڪندا هئا ته کنڀڙاٽيون هڻي هڻي ٿڪجي ڇت جي چيرن واري پناهه گاهه ۾ اجهو وٺندا هئا. قيدين نيٺ گڏجي صلاح ڪئي. گهڻي بحث مباحثي کان پوءِ فيصلو اهو ٿيو ته جنهن مهل ٻاهر ورانڊي ۾ ٻيا ابابيل اچن. انهيءَ وقت ڪيئن به ڪري انهيءَ جوڙي کي ٻآهر ڌڪي ڪڍجي، جيئن نڪرن ته وڃي پنهجي وڳرن سان ملن.
فيصلي موجب چوٿين ڏينهن جيئن ٻاهر ورانڊي ۾ ابابيلن جو ولر آيو، چئني قيدين هٿن ۾ ٽوال ۽ چادرون ويڙهي کنيون ۽ پوءِ هوڪرا ڪري الرون ڪري ويڙهيل ٽوال ۽ چادرون مٿي اڇلايون ۽ باقي رهيل ابابيلن جو جوڙو آزاد به ٿيو ته وڃي پنهنجي وڳر سان مليو.
اڄ چارئي قيدي خوس هئا. پر تعجب انهيءَ ڳالهه جو آهي ته انهيءَ ڏينهن کانپوءِ ابابيلن جو ولر، وري وري اچڻ وارو ولر جيل جي کولي ۾ يا ٻاهر وري اصل ڪين آيو. شايد هنن جي اڻڄاڻائي وارو شعور سجاڳ ٿي ويو.
ڦلٽو صاحب جي واپسي
ڦلٽو صاحب جي واپسيءَ وارو قصو ڪو ايڏو دلچسپ کڻي نه به هجي، پر هن جي گم ٿيڻ، يعني گم ٿي وري ظاهر ٿيڻ، متعلق ڳالهيون غير معمولي ضرور آهن. هن جي دوستن جو ڪهڙو ڪاٿو ڪجي؟
پر ماڻهن جو منهن ڪوبه بند نه ڪري سگهيو آهي. هر ڪنهن پنهنجي پر ۾ پئي انومان ڪڍيا...... چي، ”ڦلٽو صاحب لاڏاڻو ڪري ويو آهي.“ لاحول ولا....
هُن چيو، ”مون کي خبر آهي، ڦلٽو صاحب آبِ حيات جي ڳولا ۾ نڪتو آهي!“
”نه نه، نه، چاچهنس موٽر وٺي ڏني اٿس، انهيءَ ڪري دنيا جي سير سفر تي نڪتو آهي،“ سندس هڪڙي ٻئي دوست ائين ٻڌايو.
”توهان کي ڪهڙي خبر؟ ڦلٽو صاحب لِڪ ڪئي آهي. دراصل هو هتي ئي گوشه نشين ٿي ويهي رهيو آهي- ياد الاهيءَ ۾ مستغرق. سندس خليفن ته مريديءَ جو سلسلو به جاري ڪري ڇڏيو آهي....“ ڪنهن وري ائين چيو.
پر اهي ڳالهيون ائين هيون، جيئن ’گنگوءَ جي گوڙ جي خاوند کي خبر.‘
ڏينهن، هفتا، مهينا به نه، پر سالن جا سال ويا گذرندا، پر ڦلٽو صاحب جيئن ته وڏين خوبين ۽ خصلتن جو مالڪ هو، تنهنڪري وسرڻ ۽ وسارڻ جهڙو ٿي نٿي سگهيو.
نيٺ، هڪڙي ڏينهن، هڪڙي دوست ڦلٽو صاحب جو اکين ڏٺو احوال آڻي پهچايو. هن ٻڌايو، ”اجهو هينئر هُن سان ملاقات ڪري، سڌو تو وٽ آيو آهيان، هو هوائي محل واري بنگلي ۾ ترسيل آهي. سچي پچي ته مرندي مرندي بچيو آهي. ڪي چوڻا هئس. موٽر جي حادثي ۾ ضربجي پيو آهي. اهو سڀڪجهه دوستن جي ڪري ئي سهڻو پيس. شاهراه تي پنهنجي دوست کي موٽر هلائڻ پئي سيکاريائين، موٽر جو اسٽيئرنگ، قبضي مان نڪري ويس. ڦلٽو صاحب جيئن پاڻ سگريٽ پئي دکايو ته سامهون ٽرڪ اچي لانگهائو ٿي. بس عزرائيل به ان ويل ڪا رستي تي پئٽرولنگ پئي ڪئي- سيکڙاٽ دوست بدحواس ٿي ويو. موٽر ڪلٽيون کائيندي کائيندي، رستي کان ٻاهر وڃي کڏ ۾ ڪريو. چار ماڻهو انهيءَ حادثي ۾ مري ويا آهن. موٽر تباهه ٿي ويو. باقي پاڻ ڦلٽو صاحب.... معجزو ئي چئبو..... سلامت آهي! معمولي ڌڪ لڳا اٿس. البت پوليس، ڦلٽو صاحب کي ماڻهن مارڻ جي تهمت هيٺ چالان ڪيو آهي. پوليس وارن جو اهو الزام پڻ آهي ته مذڪوره موٽر چوري ٿيل آهي، باقي اهو معاملو تحقيق طلب آهي ته ڦلٽو صاحب وٽ پاڻ موٽر هلائڻ جو ليسن الاجي آهي به يا نه؟
”سچي، ڦلٽو صاحب توکي سلام ڏنا آهن ۽ چيو اٿس ته تنهنجي شهر ۾ ڇپيا آهيون. وڌيڪ مرضيءَ جا مالڪ آهيو. اوکيءَ ويل، دوستن کي ئي سار سنڀال ڪرڻ گهرجي.“
اهي ڳالهيون ٻڌي، خوش ٿيڻ جي بدران مون کي ارمان ۽ افسوس ٿيڻ لڳو. تقدير جي اڳيان انساني تدبيرون ايتريون بيوس ڇو ٿيون ٿين؟ هن هيڏيءَ ساريءَ دنيا ۾، ايترن انسانن جو هئڻ ۽ سندن ڪارناما! حيرت ۽ حسرت کان سواءِ، اسان جي دنيا ۾ باقي ٻيو بچي به ڇا ٿو؟
هر هڪ ۽ هرڪو پنهنجي چِن پٽ ۾ پورو آهي. منهنجي دل ۾ ڦلٽو صاحب لاءِ ازغيبي همدري پيدا ٿيڻ لڳي. پارپتا پڇي وڃي وٽس نڪتس. محل نما بنگلي ۾ غاليچن کي لتاڙيندي، خوشنما پردن کي سرڪائيندي، ڪرسين ۽ ڪوچن وارن ڪمرن مان ڦرندي گههرندي، مون کي محسوس ٿيڻ لڳو ته آءٌ ڪا وڏي غلطي ڪري رهيو آهيان. اجهو ڪي اجهو ڪو دڙڪا ڏيئي تڙي ڪڍندم.
آخر مون کي اهڙي ڪمري ۾ آندو ويو، جهڙو ڪنهن وڏيءَ اسپتال جو وارڊ. دروازي تي هڪ نرس منهنجي مشڪندي مرحبا ڪئي پريان ڦلٽو صاحب اکيون پوريو سڌو ٿيو ليٽيو پيو هو. آءٌ اتي ترسي وڌيس، ته هوءَ نرس اڳتي اچي تمام آهستگيءَ سان چوڻ لڳي، ”صاحب آرام ۾ آهي. اوهين ڀر واري ڪمر ي۾ ويهي سگهو ٿا. هو هينئر ته ستو آهي، ڊاڪٽر کيس ننڊ جي سُئي هنئي آهي. پورن پنجن ڪلاڪن کان پوءِ سجاڳ ٿيندو. ايترو انتظار نه ڪري سگهو ته پنهنجي ائڊريس ڏيئي وڃو. اٿڻ تي کيس سڀڪجهه ٻڌايو ويندو. آءٌ ٻئي ڪمري ۾، ڪوچ تي به الاجي ڇو، پاڻ کي بي آرام سمجهڻ لڳس. پر نرس ڳالهائي رهي هئي.
”ڦلٽو صاحب سٺو مريض آهي، هتي کيس چار مهينا ٿي ويا آهن. علاج جاري آهي، هو هاڻي جسماني طور ته بلڪل ٺيڪ آهي- البت ذهني طور ٿوري گڙٻڙ اٿس. ڳالهائي گهڻو ٿو ۽ ننڊ به ٿوري ٿو ڪري. هزارين شعر برزبان ياد اٿس. نهايت لاثاني انسان آهي. سچ پچ مون کي فخر آهي، ڦلٽو صاحب جهڙي ماڻهوءَ جي خدمت ڪرڻ جو موقعو مليو اٿم.“
اڃا هفتو کن مس گذريو هوندو، ٽاڪ ٻن پهرن جو وقت هو، ڪانگ جي اک ٿي نڪتي، ته گهر واريءَ گهٽيءَ ۾ موٽر جو هارن، خطري جو گهگهوءَ وانگر، رانڀاٽ ڪرڻ لڳو. دروازي تي ٺڪا ٺوڪي شروع ٿي ويئي. ڄڻ مترڪي سان ڪو دروازي تي پنهنجي طاقت آزمائيءَ جي ڪوشش ڪري رهيو هو. مون ڊوڙ پائي وڃي دروازو کوليو..... ”او! اهين آهيو! ڦلٽو صاحب! اچو، اچو، لک مهربانيون، اوهين پاڻ ۽ پنهنجي سر! ڀلي ڪري آيا!“
پر ڦلٽو صاحب پوئتي هٽي، تڪڙو تڪڙو وڃي موٽر ۾ ويٺو. لاچار وڃي ڀر ورتيمانس، ته هن موٽر اسٽارٽ ڪري ڇڏي. مون رڙ ڪندي چيو، ”هيءُ ڇا آهي، ڦلٽوصاهب؟“ هُن کلندي وراڻيو، ”بس تنهنجي سِڪ لڳي هئي، سو توکي ڏٺم، هاڻي جوڳي رمتا ڀلا!“ ”پر.....پر!“ ”پر...... پر ڪجهه ناهي. اڄڪلهه، هينئر ۽ هن وقت، مون وٽ منٽ منٽ جو پروگرام آهي- وقت دناي جي هر ڪنهن شيءِ کان مهانگو آهي- هڪ اهم ميٽنگ ۾ شريڪ ٿيڻو اٿم- بس بس.... سڀاڻي تنهنجو مهمان آهيان.....“ ۽ هُو هليو ويو.
ڪيتريون ’سڀاڻي‘ گذري ويئون....... هن پنهنجو واعدو وساري ڇڏيو هو...... ڦلٽو صاحب...... شايد مصروف هو. پر هڪڙي ڏينهن شهر جي چؤواٽي ڀرسان نوجوان جي ميڙاڪي ۾ نظر اچي ويم. هو انهن سان ڳالهائي رهيو هو... ”نوجوان ملڪ ۽ قوم جو سرمايو آهن. سڀاڳي آهي اُها سرزمين جنهن جا نوجوان سجاڳ آهن. سياسي سياڻپ جو هتي ڏيوالو نڪتل آهي. اچو اچو..... نوجوانو! اسان جي خالص سياسي جماعت ۾ شامل ٿي وڃو... اسان کي، نه.... اسان جي وطن کي ايماندار ۽ خلوص وارا سياسي ڪارڪن گهرجن. مردن ۽ عورتن کي گڏجي ڪر۾ ڪرڻ گهرجي.“
”اُها مردن ۽ عورتن واري ڳالهه وري ڪجو، ڦلٽو صاحب...“
”آءٌ جوان ٿو جاهل نه ٿيو.... مرد ۽ عورت، قدرت جو عظيم عطيو آهن. پراڻيون روايتون مدي خارج ٿي چڪيون آهن. آزاد يورپ ڏانهن ڏسو. اسان جي پارٽيءَ ۾ باهمت عورتون به آهن..... پارٽيءَ جي هر گڏجاڻيءَ ۾ بين الاقوامي سطح تي، سماجي، سياسي ۽ اقتصادي ڇنڊڇاڻ ٿيندي آهي. انساني زندگي ڇا آهي....؟ انساني زندگيءَ جو سارو دارومدار اسان جي اقتصادي حالتن تي ئي آهي.... اسان جي آفيس اٺ ئي پهر يعني رئونڊ دي ڪلاڪ کليل ٿي رهي. او..... هو.... ڏسو...... سي. آءِ. ڊيءَ. جو سپاهي پيو اچي!...... اچي پيو ته ڇا ٿيو ٽڪي جو نوڪر آهي: ڇا ڪندو؟ متان ڊنا آهيو.“
پر هڪڙي رڙ ڪئي، ”يارو هتان ڦُٽي وڃو، پاڻ کي ٻوهي ۾ نه وجهو.“
ٻئي نوجوان چيو، ”جلدي ڪريو! سڀئي ٽڙي پکڙي وڃو! ٿي وڃو دودو يارنهن!“ ۽ پوءِ سڀئي نوجوان هڪٻئي ڏانهن اشارا ڪندا، کلندا، ڇڙوڇڙ ٿي هليا ويا. ۽ هُو ڦلٽو صاحب ڪنڌ هيٺ ڪري. ڀڻ ڀڻ ڪندو، پنهنجي پاڻ سان جهيڙيندو. ڪنهن نامعلوم منزل ڏانهن تڪڙو تڪڙو هلڻ لڳو.
عجب اتفاق آهي. ٻئي دفعي به ڦلٽو صاحب کي رستي تي ڏسڻ جو موقعو مليو. اهڙي شل ڪنهن سان به نه ٿئي. هو اونڌو ٿيو پيو هو ۽ منهن گٽر ڏانهن هوس. هو هوش ۾ ڪونه هو. شايد وري ڪو حادثو ٿيو هو. رستو ته بلڪل ويران هو. ڪو ايڪڙ ٻيڪڙ ماڻهو ٿي لنگهيو، سو به کيس ڏسي، ڪنڌ ڦيرائي ٿي هليو ويو. پر هڪ پوليس واري خبرناهي ڪيئن کيس ڏسي ورتو. هن پهرين کيس اٿلائي، سڌو ڪيو. پوءِ ڇاتيءَ تي هٿ رکي، ائين اٿي کڙو ٿيو ڄڻ کيس ڪنهن ٿيلهو ڏنو هو، ۽ پوءِ حقارت سان منهن تي رومال رکي، چوڻ لڳو صاحب ٿيا آهن. شراب جي بدبوءِ، آءٌ اجهو ٿو ڀيڻ.... جو بندوبست ڪريان.‘
پوليس واري پٺ ئي مس ڏني هوندي، ته ڦلٽو صاحب اٿي، ڪپڙا ڇنڊي، کڙو ٿيو ۽ پوءِ هڪ چڱي ڀلي ماڻهوءَ وانگر رستو پار ڪري هليو ويو.
هن ڀيري ڦلٽو صاحب شهر جي ڪورٽن وٽ ڏسڻ ۾ آيو. ماڻهن جا ڪي ميڙ هئا. پر ڦلٽو صاهب پري کان پڌرو هو. اڄ ته هن کي وڪيلن وارو ويس ڍڪيل هو. ڪارو ڪوٽ ۽ اڇو سوٽ، هو سچ پچ وڪيل ٿي نظر آيو. وڪيلن وانگر هن سان به ست اٺ همراهه گڏ هئا. هو انهن سان ڳالهائي رهيو هو. ”چاچا، ماما، بابا... بس ڪيس هلي سهي. پنهنجو ڪم اصل پڪو آهي. سرڪاري رڪارڊ کان وڌيڪ ٻيون ڪهڙيون ثابتيون ٿينديون؟ زمينون پنهنون آهن. اسان جون آهن. متان ڊنا آهيو. ڇاچا، تون سڀني جو وڏو آهين، پير کوڙي سچ چئجان.“ اهي زمينون اسان جي ابن ڏاڏن کان به آڳاٽيون آهن.
”جج وٽ روبرو ۽ دوبدو اهي سڀ ڳالهيون ٿينديون. قانون اسان جي پاسي آهي. ۽ هيٺيان بندوبست پڪو آهي.“
ڦلٽو صاحب جو بندوبست ٿيو يا نه تنهن جي خبر ملائڪن کي، باقي انهيءَ زماني ۾ اهو افواهه ضرور ٻڌڻ ۾ آيا هئا ته ڦلٽو صاحب جي پاٿاريدارن بنهه ڪي ٻيا آڏا ابتا ڪم ڪيا آهن. پر حق جي ڳالهه اها آهي ته ڦلٽو صاحب جيڪڏهن ڪا ابتي ڳالهه ڪندو هو، ته اها پاڻمرادو سُبتي ٿي پوندي هئي. هو پنهنجي حريف کان هارکائڻ يا پٺ تي هٽڻ لاءِ ته ڄائو ئي ڪونه هو. حوصلي جي به ڪا ڳالهه ٿيندي آهي! ڦلٽو صاحب هڪ ئي ٽپ ۾ سڀئي سرحدون اورانگهي ويندو آهي.