ڪھاڻيون

محبت جي راهه تي

غلام رباني آگرو صاحب لکي ٿو:
”ع. ق. شيخ جي هن ڪتاب ۾ دلچسپ خاڪا، ڪهاڻيون، يادگيريون، تاثرات—سڀ ڪجهه موجود آهي. ٻه سؤ پندرهن صفحن جو هي ڪتابُ، ايڏو ته سهڻو لکيل آهي، جو ائين کڻي چئجي، ته انگريزي محاوري موجب :This book is worth its weight in gold هي ڪتاب سچ پچ سون ۾ تورڻ لائق آهي.“
  • 4.5/5.0
  • 2998
  • 983
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ع.ق.شيخ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book محبت جي راهه تي

ڦلٽو صاحب

ڦلٽو صاحب

هن سان منهنجي ملاقات ۽ واقفيت هڪ دوست ڪرائي هئي. ۽ جڏهن مون هن کان سندس نالي متعلق عجب مان پڇيو ته ”واقعي، توهان جو نالو ڦلٽو صاحب آهي،“ تڏهن هن فخر سان جواب ڏنو هو، ”هائو، ڦلٽو صاحب منهنجوئي نالو آهي، پر نالن ۾ رکيو ڇا آهي؟ سڃاڻپ جي اها نشاني آهي ۽ بس. اها کڻي ڪهڙي به هجي. وڏن، سهڻن، ۽ تمام ڊگهن نالن سان جن کي توهين واقعي سٺا سمجهندا آهيو، تن ۾ دراصل ڪهڙي حڪمت ۽ ڪهڙو ڪرشمو آهي؟ اصل نالو آهي ماڻهوءَ جا پنهنجا عملي ڪم، جيڪي هو زندگيءَ ۾ ڪري. اسان جا نالا ته اسان کي ثابت ڪري ڏيکاريندس ته نالي، نالي ۾ سچ پچ ته ڪجهه به ڪونهي. ماڻهو هرون ڀرون خسيس ڳالهين ۾ اُلجهي پنهنجو قيمتي وقت ضايع ڪن. اڄوڪا انسان ڪيڏا نه رسمن ۽ ريتن جا غلام ٿي پيا آهن.“
محترم ڦلٽو صاحب جي مٿين تڪڙي گفتگو اهڙي هئي، جنهن مون کي ڳالهائڻ جو موقعو ئي ڪونه ڏنو هو. ”معاف ڪجو“ چئي اٿيو، ۽ ويو هليو. هن جا وار اڻڀا ۽ ڪپڙا ميرا هئا ڄڻ ته ٻن مهينن کان وهنتو ئي ڪونه هو. ڦلٽو صاحب ڇا ڪندو هو؟ ڪهڙو ڌنڌو هوس، تنهن جي ته مون کي خبر ڪانه هئي. مگر ايترو سو چئبو ته هو بنهه غير معمولي شخصيت جو مالڪ هو، ۽ ڳالهائڻ جي بلا هو.
هڪڙي ڏينهن دوست ٻڌايم ته ”ڦلٽو صاحب هتي آيو آهي، توهان سان هن جي ملاقات ٿي يا نه؟“ جڏهن مون هن کي جواب ڏنو ته ’نه‘، تڏهن هن دوست چيو هو ته ”اِهو کوڙوئي نٿو لڳي، ڦلٽو صاحب جتي به ويندو آهي ته هر انهيءَ ماڻهوءَ سان ملندو آهي، جنهن سان هن جي هڪ ئي ڀيرو ڪٿي ڪا ملاقات ٿي هجي.“
”ڀلا ڪهڙا حال هئس، تو سان ته مليو هوندو؟“ دوست جواب ڏنو.
”چڱن حالن ۾ هئس، تو سان ته مليو هوندو؟“ دوست جواب ڏنو.
”چڱن حالن ۾ هو، پري کان سڏ ڪيائين، ڏاڍيءَ سڪ سان ڳالهايائين رستي تي پورو ڪلاڪ کن ليڪچر ڏيندو رهيو.“
”ڀلا ڇاتي ڳالهائيندو رهيو؟“
”هن جي ڳالهائڻ جو موضوع هڪڙو هجي ته ٻڌايانوَ، الائجي ڪٿان جو ڪٿان پئي آيو ۽ ڪيڏانهن پئي ويو، ڳالهائڻ جو ڳڻڪو آهي، آءٌ جي اهو ويهي ورجايان،سو سچ پچ ته سڀئي مون کي ياد به نه آهي، پر پوءِ به مون کي ٻه ٽي ڪلاڪ ضرور لڳي ويندا.“
”مار! ائين آهي؛ ڀلا ڪپڙا لٽا ڪيئن هئس.“ مون پنهنجي دوست کان پڇيو.
”بس، اها ڳالهه نه پڇو، ٿوري ۾ ائين کڻي سمجهو ته اِستري ڦِريل نه پر اُڦرڪيل هئس.“
هڪڙي ڏينهن، هو ٺيڪ ٻن پهرن جو اچي مون وٽ پرگهٽ ٿيو، ۽ ويهندي شرط ڳالهائڻ ۾ شروع ٿي ويو. چوڻ لڳو ته ”مون کي نوڪري ملي وئي آهي.“ ”تڏهن هيترا ڏينهن ائين پئي هلئين ڇا؟“ ”ائين هلڻ گهمڻ ڦرڻ به ڪو چرچو آهي ڇا......“ مون وچ ۾ پڇيومانس ته ”ڪهڙي نوڪري ملي اٿيئي؟“ هن منهنجي سوال ڏانهن ڌيان ئي ڪونه ڏنو. مٿي کي کنهي چيائين: ”دوست، منهنجي دماغ ۾ هڪ تجويز آهي. آئنسٽائين مرڻ کان اڳ هڪ وصيت ڪئي هئي ته منهنجو دماغ ڊاڪٽرن ۽ طبي ماهرن کي ڏنو وڃي ته ڀلي اُهي تحقيقات ڪن ۽ ڏسن ته ان ۾ ڪهڙي غيرمعمولي مڻيا آهي. آئنسٽائين دنيا کي ڇا ڏنو؟ اضافيت جو نظريو! ڇا ٿي پيو؟ منهنجي دماغ ۾ هڪ تجويز آهي. آءٌ سوچيان پيو ته ڇو نه...... توکي خبر آهي سياڻي سقراط جي- يوناني فيلسوف هو. دنيا الائجي کيس ڇا پئي سمجهي. منهنجي ڀيٽ ۾.....ٺهيو، انهيءَ مان ڇا ورندو..... تون مشڪين ڇو پيو.“ هن مون ڏانهن عجب وچان نهاريندي چيو. ۽ وري شروع ٿي ويو.
”سقراط چيو هو ته آءٌ عقل بيوقوفن کان سکيو آهيان. اسان جي ملڪ جي مشڪلاتن ۽ تڪليفن جو حل هيءُ آهي ته بلڪل آسان طريقو به اهو آهي ته اسان جي هرهڪ فرد کي بيوقوفيءَ جو سبق شروعات کان وٺي، اسڪول ۽ ڪاليج ۾ نه پر يونيورسٽيءَ تائين، پڙهايو ۽ لکرايو ياد ڪرايو وڃي. منهنجو مقصد آهي ته جڏهن اهو علم زور شور سان سيکاريو ويندو ته اسان جا سڀئي ماڻهو ماهر، سياڻا ۽ عقل وارا ٿي ويندا. پوءِ اسان جا سماجي، معاشي، سياسي ۽ ٻيا سڀيئي مسئلا حل ٿي ويندا.“
آءٌ هن جي گفتگوءَ جي انداز ۽ هن جي تجويز تي پوريءَ ريت ويچاري به نه سگهيو هوس، ته هو اٿي کڙو ٿيو ۽ ويندي ويندي چوڻ لڳو، ”يار هتي ڪهڙو بهترين حجام آهي؟ سنوارت ٺهرائڻي اٿم!“
ٻئي ڀيري ملاقات ٿي ته هو بلڪل فل سوٽ ۾ هو. رسمي عليڪ سليڪ کان پوءِ، ٻانهن ۾ ٻڌو واچ ڏانهن نهاري چيائين، ”جلدي ڪر، اٿ ته فلم ڏسڻ هلون. گئلريءَ جون ٻه ٽڪيٽون اٿم، جايون رزورڊ آهن، تو سان گڏ مزوئي ٻيو ٿيندو.“
جڏهن ٻاهر نڪتاسين ته هو ڪجهه وٽ کائي رهيو هو. مون کان رهيو نه ٿيو ۽ ڏانهس نهاريندي کانئس پڇي ويٺس: ”محترم ڦلٽو صاحب، ڇا ٿي ويو اٿوَ؟“
”ڪجهه ڪونهي، ڪجهه ڪونهي! او ٽانگي وارا، اي، اي، رڪشا! بيهه، بيهه، هل هل، جلدي، واچ، واءُ ۽ مينهن، شاهڪار سئنيما هائوس!“ خير، پُڳاسين، اندر وڃي ويٺاسين. فلم شروع ٿي ته چوڻ لڳو، ”ڳالهه ٻڌ، توسان بنهه ضروري ڳالهه ڪرڻي اٿم.“
”فلم پوري ٿئي ته يڪي ويهي رهاڻ ڪنداسين،“ آءٌ بي خياليءَ کان سئنيما جي پردي کي ڏسندي چئي ويٺس.“
”هتي ڏاڍي گرمي ٿي ٿئي.“
”مٿان ته پنگو هلي پيو پوءِ به گرمي! اها نيڪٽاءِ ڍري ڪر ۽ ڪوٽ لاهي ڇڏ.“
هن ائين ڪيو، يعني ڪوٽ لاهي ۽ نيڪٽاءِ ڍري ڪري ڇڏيائين، ۽ بس ڪري فلم ڏسڻ شروع ڪيائين. اڃا پنج منٽ مس گذريا هوندا ته هو وري وٽ کائيندو ۽ پيٽ تي هٿ ڏيئي اٿيو ۽ چوڻ لڳو ته ”ٻاهران ٿي ٿو اچان. هيءُ منهنجو ڪوٽ ۽ نيڪٽاءِ ڀلي منهنجي سيٽ تي پيا هجن.“ انٽرول پوري ٿي، فلم به ختم ٿي، ڦلٽو صاحب نه موٽڻو هو، سو نه موٽيو.
ٻئي ڏينهن هو صبح جو سوير اچي سهڙيو ۽ ڪوٽ ۽ نيڪٽاءِ بابت پڇڻ کان سواءِ شروع ٿي ويو ڳالهائڻ ۾. ”هان، هيءَ ڏس اخبار، ۽ پڙهه منهنجو تنقيدي مضمون، بس پريس مان پهرين ڪاپي کنيو پيو اچان، پڙهه ۽ مون کي داد ڏي. ڇا ٿا لکن، اديب ۽ نقاد ٿا سڏائين پاڻ کي.“ مون اڃا اخبار هٿ ۾ مس کنئي ته هن چيو، ”لکي ته ڀلي ڦلٽو صاحب، ٻيا ڇا لکندا؟ مون کي ڏي اها اخبار.“ ائين چئي، هن مون کان اخبار ڦري ورتي ۽ پنهنجي هٿن ۾ اخبار مروٽيندي چيائين، ”آءٌ توکي سڀ ڪجهه زباني ٿو ٻڌايان. بين الاقوامي نظريا پيش ڪيا اٿم، ارسطوءَ کان وٺي اِلئيٽ تائين، هوڏانهن فارسي ۽ عربيءَ جا سڀئي مثال ڏنا اٿم، ايڏو ته مواد آهي، منهنجي ذهن ۾! هي فقط اڃا ڇويهين قسط آهي، ڪوزي ۾ دريا بند ڪرڻو آهي! ڇا، توهان..... توهين..... اخبار، ته ضرور ڏسندا هوندا، ڀلا ٻڌايو اڳيون ٽيويهه قسطون ته توهان پڙهيون هونديون.“
”ڦلٽو صاحب، خبر ناهي ته هي ڪهڙيءَ اخبار ۾ ٿيون ڇپجن، بهرحال، ڇا به هجي، پر واقعي اوهين ڪمال ٿا ڪريو! اوهان جي قلم ۾ قيامت جو زور آهي.“
”بس بس، اوهان جهڙا علم دوست انسان ئي قدر ڪري سگهندا.“ هن جو چهرو خوشيءَ وچان ٻهڪي رهيو هو. مون هن کي چتائي ڏٺو ته هن جي نئين نيڪٽاءِ واري ڳنڍ اُبتي لڳل هئي ۽ قميص جو پويون پاسو سوٽ کان ٻاهر هو. وري جان کڻي پيرن ڏانهن ڏسانس، ته سليپر جو ساڄو پادر کٻي پير ۾ هوس ته کٻو پادر سڄي پير ۾.
ڪافي ڏينهن هفتا بلڪه مهينا گذري ويا، ته ڦلٽو صاحب وري ڪونه مليو. نيٺ هڪ ڏينهن اوچتوئي اوچتو اٺن مهينن کان پوءِ بازار ۾ آمهون سامهون گڏجي ويو. وڏو ڀاڪر پائي بازار جي پوري وچ ۾ ڪا مهل مون کي وٺي بيهي رهيو. آخر پاڻيهي زوريءَ پاڻ کي ڇڏائي پڇيومانس، ”يار ڪٿي آهين؟ هيترو وقت ٿي ويو آهي. مون کي ته وسوسا ٿي پيا هئا. وري به شڪر آهي پر تون هينئر ڪٿي؟“
”اتيئي تنهنجي بادشاهيءَ ۾،“ هن جواب ڏيندي چيو، ”ڀلا ٻڌاءِ، مون هيترو وقت ڇا پئي ڪيو هوندو؟“
آءٌ سوچڻ لڳس، ڪڇان ئي ڪڇان تنهن کان اڳ ۾ هن ڦهڪائي ڪڍيو، ”توکي خبر آهي آءٌ ليڊر ٿيڻ وارو آهيان. اڄڪلهه سياست جو مطالعو ڪري رهيو آهيان. سياست کان سواءِ مڙيئي اوندهه آهي. ارسطو، هيگل، ميڪاوليءَ ۽ مارڪس کان وٺي فيبئنزم ۽ ويندي نازي ازم تائين سڀئي ڪتاب ۽ سياست جا فلسفا هڪ هڪ ڪري پڙهيا ۽ پرجهيا اٿم. واهه، ڙي هٽلر! تو جهڙو ڪو ٿيو نه ٿيندو!“ پر ڦلٽو صاحب، هٽلر.... ته.....“
”آءٌ سمجهان ٿو ته تون ڇا چوندين.....“ هن منهنجي ڳالهه کي ڪپيندي چيو، ”پر، آءٌ ٿوروئي هن جهڙيون غلطيون ڪندس. بس چونڊون ٿيڻ ڏي! سڄو راڄ منهنجي پاسي آهي، ڏسجئين ته ڇا ٿو ٿيان. اخبارن ۾ ڦوٽو ڇپبا- اخبارن ۾......“
مون هن ڏانهن چتائي ڏٺو. مسٽر ڦلٽو جو حليو ڦريل هو. مٿي تي ڪراڪلي ٽوپي ۽ سٿڻ چولو گيڙوءَ واري کاڌيءَ جو، ته ماشا الله شرعي ڏاڙهيءَ ۽ مڇن سان هن جو سڪل چهرو ڍڪجي، نرالي هڪ شخصيت ٿي پيو هو، هن ڀيري هن وٽ هڪ بغلي ٿيلهو به هو.
گهڻي وقت کان پوءِ وري هن سان گڏجاڻي ٿي. ان دفعي هو جيڪڏهن مون کي سڏ نه ڪري ها ته آءٌ هوند کيس اصل ڪونه سڃاڻان ها. ڪيڏانهن ويئي ڏاڙهي ته ڪيڏانهن ويئون مڇون، هو پاڻ واريءَ مانڊڻيءَ تي ويٺو هو، پان پئي چٻاڙيائين ته ٻيڙي به پئي پيتائين. مون کي مٿي ماڙيءَ ڏي اشارو ڪري چيائين، ”ڏس، مسواڙ تي جاءِ ورتي اٿم، اڄڪلهه نئين تجربي ۾ مصروف آهيان. شهر جي وچ ۾ ههڙي جاءِ مسواڙ تي ڪو وٺي ته ڏيکاري.“
ڏاڪڻ تان چڙهي اندر وڃي ويٺاسين ته مون ڳالهه چوري، ”مسٽر ڦلٽو صاحب! ته هاڻي يعني اڄڪلهه ڇا ٿي رهيو آهي”“
هن يڪدم چيو، ”تخليق، تخليقي تي قبضو، يعني ڄم تي روڪ، يعني انگريزيءَ ۾ برٿ ڪنٽرول، توکي خبر نه آهي اسان جي معاشي بدحاليءَ جو ڪارڻ فقط وڌيڪ اولاد پيدا ڪرڻ آهي، ايترا ڄڻجن جو نپائي سگهجن، ولايت وارا جک پيا مارين، رڳو گوليون ۽ ٻه ٽي شيون ٺاهي سگهيا آهن. سي به ڪو سؤ سيڪڙو ٿوروئي ڪامياب آهن. بس پنهنجو اڪسير تيار ٿئي سهي، پئٽنٽ ۽ رجسٽر ٿيندو. سڄيءَ دنيا ۾ وڪامندو، آدمشماري گهٽجي ويندي ۽ ڏهن سالن جي اندر اندر دنيا جون سڀئي اسپتالون بند ٿي وينديون. پوءِ نه ڄمندا ٻار ته ڪٿان ويندا اسپتالن ۾؟ انقلاب اچي پيو دوست! منهنجو اڪيسر لازوال ۽ انسانيت جو ڇوٽڪارو ٿيندو.“
”پر ڦلٽو صاحب اوهان اهو آزمايو به آهي، يا فقط......“
”لک جي ڳالهه ڪئي اٿئي.“ هن وري خوامخواهه وٺي وڏو ٽهڪ ڏنو ۽ ٽهڪ ڏيندي ڏيندي ٻاهر نڪري، چوڻ لڳو، ”چوٿين شادي ڪئي اٿم، پر ٻار هڪڙو به ڪونهيم، پر ترس تولاءِ، چانهه جو آرڊر ڏيڻ ٿو وڃان.“ مون چوڌاري نظر ڦيرائي ته سڄيءَ ڪوٺيءَ ۾ پير ٻوڙ مٽيءَ جي دز هئي، سموريءَ ڪوٺيءَ ۾ کانگهارا ۽ سڙيل ٻيڙين جا اَڌڙ پيا هئا، هڪڙيءَ ڪنڊ ۾ وري ٽي چار کول ۽ ويهه- پنجويهه ننڍا وڏا رنگ برنگي شيشا به پيا هئا.
فرشتو

انسان ڪيڏو نه خود غرض آهي! خودغرضيءَ انسان کي ڇا ڇا نه سيکاريو آهي؟ ڪوڙ بدوڙ، دغا، دولاب، لالچ لوڀ، مڪر ۽ فريب، رڳو انهيءَ هڪڙي عيب جي ڪري پيدا ٿيا آهن. ائين ته هرڪو انسان خود غرض آهي، ڪو ٿورو ڪو گهڻو، پر ڪي اهڙا به انسان آهن، جيڪي خود غرض نٿا ٿين. اهڙا انسان ته سچ پچ فرشتا هوندا. ڪٿي انسان، ڪٿي فرشتو؟ ٻنهي جي مناسبت، کوڙو ئي ڪونه ٿو لڳي.
خانو ڪو وڏو ماڻهو ڪونه هو. هن جو ڏاڏو هاري هو. هن جو پيءُ هاري هو، ۽ هو پاڻ به هاري هو. هو اڃا چئن سالن جو ئي هو ته پڻس گذاري ويو. ماءُ کيس سنڀاليو. ڇهن سالن جو مس ٿيو هو ته ماڻس کيس ڳوٺڙي جي مُلي وٽ قرآن شريف پڙهڻ ويهاريو. سال- ٻن ۾ هن قرآن شريف پڙهي پڄايو ۽ نماز پڙهڻ به سکي ويو. ماڻس سمجهدار ۽ سياڻي عورت هئي. هن خانوءَ کي چڱيءَ طرح پاليو هو. ٻهراڙيءَ ۾ رهندي، خانوءَ کي ماڻس اهڙي تربيت ڏني، جو ٻارهن سالن جي عمر ۾ ماڻس ۽ خانو گڏجي زميندار وٽ ويا، ۽ کانئس پوکڻ لاءِ ٻنيءَ ٽڪرو وٺي آيا.
خانوءَ کي ورثي ۾ رهڻ لاءِ هڪ ڪچو گهر، هڪ جوڙو ڀلن ڏاندن جو، ۽ پنجاهي کن ٻڪريون به مليون هيون. خانو ۽ سندس ماءُ هڪٻئي جا بهترين ساٿي هئا. ٻنيءَ ٽڪري تي ٻئي گڏجي پورهيو ڪندا هئا، ۽ خوش گذاريندا هئا. نه هنن جو ڪنهن سان جهڳڙو هو ۽ نه وري هنن سان ڪنهن جي دشمني هئي. خانو باقاعدي پنج ئي وقت نماز پڙهندو هو، ۽ جمعي جمعي تي ڳوٺ جي مسجد ۾ جمعي نماز با جماعت ادا ڪندو هو.
ٿڌي گهڙي کي ته هر ڪوئي ڇانو ۾ رکندو آهي. ٽن- چئن سالن ۾، پنهنجيءَ ماءُ جي صلاح سان، خانوءَ ٻه مينهون ۽ هڪ ٻيو جوڙو ڏاندن جو پڻ خريد ڪيو. ٻڪرين وارو هڪڙو ڌڻ ڦري، هاڻي پنجن ڌڻن جيترو ٿي ويو هو. ماءُ ۽ پٽ، ڏينهن- رات پنهنجي ئي ڪم ڪار ۾ رڌل هوندا هئا: نه ڪنهن جي آئيءَ ۾، نه ڪنهن جي وئي ۾. سندن ڪو ويجهو مٽ مائٽ به ڪونه هو، ته به هر ڪنهن ڳوٺ واري جا همدرد هئا. هو هر ڪنهن ضرورتمند جي مدد ڪندا هئا. ۽ وري پاڻ خدا کين سڀ ڪجهه ڏنو هو، هو ڪنهن جي اڳيان هٿ ڪين ٽنگيندا هئا.
خانو جوان ٿي چڪو هو، پر ٻهراڙيءَ جي ٻين نوجوانن وانگر هو جوانيءَ جي ارهه زورائيءَ وارن ڪمن کان پري رهيو. حياءَ وري ايڏو هوندو هوس، جو پري کان جيڪڏهن ڪا زال ذات ڏسندو هو ته ڪنڌ جهڪائي، رستو مٽائي ويندو هو. انهن لڇڻن ڪري، ڳوٺ جا پريا مڙس خانوءَ کي ڏسي مٿانئس ٻلهار پيا ويندا هئا.
خانوءَ جي ماءُ هونئن به وهيءَ چڙهي چڪي هئي. گهر ۾ سڀڪجهه موجود هو، ۽ اکين اڳيان جوان پٽ، سو سوچي ويچاري، وڃي سدوريءَ جو سڱ گهريائين. سدوريءَ جهڙي سهڻي ۽ سلڇڻي ڇوڪري سڄي ڳوٺڙي ۾ ڪانه هئي. خانوءَ جي وڏي ڌوم ڌام سان شادي ٿي. خانوءَ جي شادي ڇا ٿي، هن جي دنيا ئي بدلجي ويئي. خانوءَ جي منهن تي هميشه هڪ مرڪ ۽ بي انتها خوشي ڇانيل هوندي هئي. هن کي شايد اهڙي بي بها شيءِ ملي هئي، جا ٻين وٽ ڪانه هئي. سدوري ۽ خانو هڪ گهڙي به جدا نه گذاريندا هئا. ۽ جي اتفاق سان سدوري ڪنهن ڪم سان اورتي پرتي رهجي ويندي هئي، ته خانوءَ جون اهي ساعتون وڏي اوسيئڙي ۽ انتظار ۾ گذرينديون هيون. کيس ويهڻ وهه ٿي لڳندو هو. هو سڀ ڪجهه وساري ڇڏيندو هو، ۽ کيس ڪجهه به ڪونه وڻندو هو. ۽ پوءِ جيڏيءَ مهل سدوري موٽي هن جي سامهون اچي مرڪندي هئي، ته دنيا جي ساري خوشي ۽ ساري راحت، سميٽجي، هن کي آسپاس واريءَ دنيا کان پري ۽ بنهه دور ڌڪي، هڪ عجيب سرور سان نوازيندي هئي؛ ۽ هو دل ۾ هزارن شڪايتن جي باوجود، ماٺ ڪري، کيس ڏسي ڏسي، نيٺ پاڻ به مرڪي ڏيندو هو.
هڪ دفعي، اهڙي ئي موقعي تي، هيڏانهن هڏانهن نهاري، جڏهن سدوريءَ کي پڪ ٿي ته وٽن ويجهڙائيءَ ۾ ڪو ٻيو ماڻهو موجود ناهي، تڏهن هن خانوءَ کي چيو، ”خانڻ، تون ائين مون ڏانهن اهڙين نگاهن سان يڪ ٽڪ ڇو ٿو نهارين؟ مون تي اعتبار ڪونه ٿو اچيئي ڇا؟“
خانوءَ ٽهڪ ڏيندي ورندي ڏني هئي، ”چري، آءٌ ته اهو ٿو ڏسان ته خدا توکي ڪهڙيءَ مٽيءَ مان جوڙيو آهي! آءٌ ته خوشنصيب آهيان، پر ڇا ڪريان، توکي نٿو ڏسان ته الائجي ڇا ٿيو وڃيم.“
الائجي ڇا ٿيو وڃيم!“ سدوريءَ خانوءَ جا چيل لفظ وري ورجايا، ۽ خانوءَ جي ڀرسان ويهي، چپن تي آڱر رکي، ڪنهن اونهي ويچار ۾ غرق ٿي ويئي.
ٻنيءَ تي ٻپهري لڙي چڪي هئي. چوڌاري چپ چپاٽ هئي، ته پرتي بيٺل ٻٻريءَ مان ڳيري جو گهوگهو- گهو جو چٽو آواز ٻڌڻ ۾ آيو. خانو ۽ سدوري، ٻئي خاموش، ڄڻ ته مراقبي ۾ محو هئا. وقت بيهي رهيو هو. نيٺ سدوريءَ سجاڳ ٿي چيو، ”خانڻ، مون سان به ساڳي ويڌن آهي. توکان جدا ٿي ٿيان ته سک ڦٽيو پويم، خبر ناهي ڇو؟...... خبر ناهي ڇو؟“ ائين چئي، سدوري خانوءَ ڏانهن سوالي نگاهن سان نهارڻ لڳي. هن جو چهرو عجيب الجهن ڪري پُرڪشش ٿيندو ويو. ڪنهن اڻڄاتل جذبي هيٺ، هن جي اکين ۾ پاڻي اٿلڻ لڳو. ڳوڙهن کي روڪيندي، هن سوز مان چيو، ”خانڻ، خدا ڪري تنهنجن هٿن ۾ ئي سرهي ٿيان!“
”چري، اهو وري ڇا پيئي چوين؟“ هن جلدي کڻي سندس وات تي هٿ رکيو، پاسي کان ڀؤنتريو ڀڙڪو ڏيئي اُڏاڻو ۽ آسمان جي بلندين ۾ غائب ٿي ويو.
ٽپهري لڙي ته خانو ۽ سدوري، وڏيون وڏيون گاهه جون ڀريون کڻي، راز ۽ نياز جون اڻکٽ ڳالهيون ڪندا، پنهنجي گهر ڏانهن واپس موٽڻ لڳا.
خانو ۽ سدوريءَ جي زندگيءَ ۾ ڪڏهن ڪو ڪوسو واءُ ڪونه لڳو. ننڍرو ڳوٺ، ننڍڙي آڪهه، ننڍڙيون حسرتون، ٻهراڙي، ٻني ۽ مال- پنهنجيءَ ۾ ئي پورا هئا. شاديءَ کي اڃا سال به ڪونه گذريو هو ته سدوريءَ کي چنڊ جهڙو پٽڙو ڄائو. خانو ته ڪپڙن ۾ ئي نه پيو ماپي. زال ۽ مڙس لاءِ ڄڻ ته عيد اچي ويئي هئي. ٻيئي ٻار تان اور گهور پيا ٿيندا هئا. ٻي ڪا زال هجي ها ته گهر ۾ کپ کوڙي ويهي رهي ها، پر سدوري ويم وارو عرصو کٽ تي گذاري اٿي کڙي ٿي ۽ روزمرهه وانگر پنهنجي ڪم کي لڳي ويئي. خانوءَ جي ماءُ لاءِ وڏي وندر ٿي پئي. سدوري ٻنيءَ تي ويندي هئي ته پٺيان پوڙهي پوٽي کي سنڀاليندي هئي.
ڏينهن گذرندا رهيا، پر خانو ۽ سدوريءَ جي محبت ۾ فرق ڪونه آيو. ائين ٽي سال گذري ويا، ته سدوري وري اميدواري ٿي. هوءَ پڪن مهينن سان ٿي ته خانوءَ کيس ٻنيءَ تي اچڻ کان روڪيو. سدوريءَ ٻنيءَ تي وڃڻ بند ڪيو، ته خانو ٻنپهرن جو موٽي گهر ايندو هو. ماني کائيندو هو، پٽ کي کڻي ڀرسان ويهاري، سدوريءَ سان ڳالهيون ڪندو هو، ۽ وري موٽي ٻنيءَ تي هليو ويندو هو ۽ پوءِ دير سان گهر موٽندو هو.
هڪڙي ڏينهن خانوءَ کي ڏاڍي بک لڳي. هو ڪجهه سوڀر ڀرو گهر موٽيو. گهر اچي هن جي پهرين چلهه ڏانهن ڏٺو، ۽ پوءِ سدوريءَ کي ڳولڻ لڳو. خانوءَ جي ماءُ پريان کٽ تي ويٺي هئي ۽ ڀرسان ننڍڙو رلين سان ڍڪيو پيو هو. هن حيران ٿيندي پڇيو: ”اما، خير ته آهي؟“
ماڻس ننڍڙي ڏانهن اشارو ڪري چيو: ”گهور وڃانس تؤنس ٿي اٿس.“ خانوءَ ننڍڙي کي هٿ لائي ڏٺو. هن جو بت تنور وانگر گرم هو. ”ڪيڏيءَ مهل بخار آيو اٿس؟“ خانوءَ اتاولو ٿي پڇا ڪئي.
”بس، ابا، تو پٺ ڏني هئي ته پٺيان سيءُ سيءُ ڪري ڪِري پيو آهي.“
هو مٿي تي هٿ ڏيئي، ڳڻتين ۾ پئجي ويو. وري ڪنڌ مٿي ڪري پڇيائين، ”پر، امان، سدوري ڪٿي آهي؟“
”ابا، سدوري پاڙي ۾ نڪتي آهي، اجهو آئي ڪي آئي. ويئي آهي ننڍڙي لاءِ........“
ايتري ۾ سدوري ٻاهران آئي. خانوءَ کي الاجي ڪهڙي جوجڪي آئي، مڙس جو بگل ڦري ويو... نڪا ڪيائين هم نڪا تم، يڪدم چلهه وٽان ڪاٺي کڻي، ڀڻ-ڀڻ ڪندي، سدوريءَ کي هڻي ڪڍيائين ۽ چرين وانگر رڙيون ڪندي چيائين: ”ڇورو پيو هت تپ ۾ ٻڙڪي ۽ تون پئي پاڙا گهم!“
سدوري اوچتي حملي کان پاڻ کي بچائي ڪانه سگهي. ڪاٺيءَ جو ڌڪ ڪو ايڏو سخت به ڪونه هو، پر جيئن ڪاٺي سدوريءَ کي مٿي ۾ لڳي، تئين هوءَ اتي ئي غش کائي ڪري پيئي. خانوءَ وٺي ائين هڪو ٻڪو ٿي واويلا ڪئي، جيئن ڪو اوچتو ڦُريو هجي. ڳوٺڙي ۾ جيڪي انهيءَ مهل گهرن ۾ هئا، سي ڊوڙندا آيا. ماين مان ڪن سدوريءَ جون تريون مهٽيون، ته ڪي تيل هڻڻ لڳيون، پر سدوريءَ سامت ۾ ڪانه آئي. خانوءَ جي پيرن هيٺان ڄڻ زمين نڪري ويئي. اهو به هوش نه رهيس ته هاڻي هو ڪري سو ڪري ڇا.
جيئن مڇي پاڻيءَ کان ٻاهر ڦٿڪندي آهي، تيئن خانوءَ جي حالت به خراب ٿيڻ لڳي. هوڏانهن ساري ڳوٺ ۾ اها خبر باهه وانگر پکڙجي ويئي. ڪنهن کي به ڳالهه تي ويساهه ئي نه اچي. هر ڪنهن کي ڏندين آڱريون اچي ويون. رات ٿي ته ڳوٺ جا سڀئي پريا مڙس ۽ زالون خانوءَ جي گهر آيا. سڀني گڏجي، شهر مان ڊاڪٽر گهرائڻ جو فيصلو ڪري، راتو واهه ماڻهو روانو ڪيو.
آڌيءَ آڌيءَ رات جو خانوءَ جي ڇوڪري جو بخار ٽُٽو، سدوري اڃا بيهوش هئي. اها رات خانوءَ جي لاءِ قيامت کان گهٽ ڪانه هئي. صبح جو ڊاڪٽر آيو. تنهن سدوريءَ کي تپاسي ڏٺو. سُئي هنيائين، دوا ڏنائين، ۽ خانوءَ کي چيائين: ”وڏي دل ڪر، الله کي وڏي طاقت آهي. مائيءَ کي ڌڪ بلڪل معمولي لڳو آهي. پر خيال ڪجو، بي پرواهه نه ٿجو، ٻن جيون سان آهي.“
ڊاڪٽر جي همدرديءَ ۽ خاطريءَ خانوءَ جي دل ۾ اميدن جو ڏيئو ٻاري ڇڏيو. ڊاڪٽر موٽي ويو ته خانوءَ چار ٻڪريون ڪهائي خيرات ڪئي؛ مسجد ۾ نمازون پڙهيائين ۽ دعائون گهريائين. ٻيو ڏينهن به گذري ويو، پر سدوري اڃا بيهوش هئي. ٻي رات به خانوءَ سڄي رات نماز پڙهي ۽ خدا کي ٻاڏايو ۽ وري خير خيراتون ڪيون. پر سدوري....؟ سدوريءَ جا ڏينهن ڪي پڄي آيا هئا. هن ٽئين ڏينهن صبح جو دم ڏنو—
خانوءَ اهو ڏسي روئڻ شروع ڪيو. هن زار زار روئي ڪجهه ساهي پٽي، ته ماڻس اچي سندس مٿي تي هٿ رکيو ۽ ڏکاري آواز ۾ چيائين: پٽ، ڌڻيءَ جي اها مرضي هئي، هر ڪنهن کي اوڏانهن هلڻو آهي. صبر ڪر، روئندين ته ميت کي عذاب ٿيندو.“ ماءُ جي واتان انهن سادن سودن اکرن خانوءَ جي دل تي ٿڌا ڇنڊا وڌا. هن رضا تي راضي رهي، آهستي آهستي چيو، ”برابر، امان، جيڪا خدا جي مرضي.“
ٿوري وير گذري هوندي ته ڳوٺڙي جي دائي، مائي مٺان، لنگهي اندر آئي، ۽ چوڻ لڳي، ”سدوريءَ کي ته پڪا مهينا هئا. مون کي به اجازت ڏيو ته آءٌ کيس ڏسان.“
ايتري ۾ گهر جي ٻاهران وڏو گوڙ ٻڌڻ ۾ آيو، ۽ در تي ڪنهن زور زور سان سڏ ڪيو. ڏهن ميلن جي مفاصلي واري پوليس ٿاڻي جو جمعدار، پنهنجي اٽالي سميت، ڏاڍيان ڳالهائي رهيو هو. ڳوٺڙي جا چڱا مڙس گڏ ڪيا ويا. ٿرٿلو مچي ويو. نيٺ ٻن- ٽن ڪلاڪن جي ردبدل کان پوءِ، خانوءَ کي هٿڪڙيون هڻي ۽ سدوريءَ جي لاش کي ڍڳي گاڏيءَ تي رکائي، ڳوٺڙي کان ويهه ميل پري هيڊ ڪوارٽر واريءَ اسپتال ڏانهن روانا ٿيا.
سدوريءَ جو لاش ٻئي ڏينهن تي ڊاڪٽر تپاسيو. خانوءَ کي ٻٽي خون جي الزام هيٺ جيل اماڻيو ويو. ڳوٺ جا چڱا ماڻهو، گهڻيءَ گهل کان پوءِ، سدوريءَ جو لاش کڻائي واپس ڳوٺ پهتا. خانوءَ جو ڀريو ڀڪليو گهر تباهه ۽ برباد ٿي ويو. خانوءَ جي ماءُ جي دل تي الاجي ڇا وهيو واپريو. هر ڪنهن ساڻس ٻه- چار ڏينهن همدردي ڪئي، پوءِ سڀڪنهن کيس وساري ڇڏيو. هوءَ پنهنجي پوٽي کي ڇاتيءَ سان لائي، روئي روئي، خدا کي ٻاڏائيندي ۽ خانوءَ جي واپس موٽي اچڻ جي آسري تي جڏي جيءَ کي جياريندي رهي.
هوڏانهن خانو جيلخاني ۾ رهندي رهندي، هڪ نئينءَ دنيا سان واقف ٿيو- چور، ڌاڙيل، خوني، ٺڳ، بدمعاش، عادتي ڏوهاري، جيل جا آفيسر، چوڪيدار، وغيره؛ دنيا وارن ته انهن تي اهي ئي نالا رکيا هئا، پر هتي انهن جي براري ٻيءَ طرح هئي. حالتن خانوءَ کي هتي آندو هو. خانو ته هونئن به نيڪ نمازي هو، پر هتي جيل ۾ هن نفل ۽ تهجد به پڙهڻ شروع ڪري ڏنا. هتي جيل ۾ خانوءَ کي هرڪو عزت ڏيندو هو، ۽ کيس معصوم ۽ بيقصور سمجيهو ويندو هو. پر قانون جي نگاهه ۾ هو وڏو گنهگار هو. هتي ئي خانوءَ کي صلاح مشورا مليا ته هو ڪورٽ ۾ ڪيئن ۽ ڪهڙو بيان ڏئي. جيئن هن کي گهٽ ۾ گهٽ سزا ملي. ظاهري طرح ته خانو هنن جون صلاحون ڏاڍي ڌيان سان ٻڌندو هو، پر جڏهن هو هر رات سومهڻي ۽ تهجد نماز پڙهي دعا گهرندو هو، ته پهرين سدوريءَ جو تصور ڪري، انهيءَ ڏانهن وارا سدوريءَ جا چيل اکر- ”خانڻ، خدا ڪري، تنهنجي ئي هٿن ۾ سُرهي ٿيان!“- بار بار وظيفي وانگر پڙهي، ڳوڙها وهائيندي دعا گهرندو هو: ”الله سائين، مون کي به سدوريءَ تي سُرهو ڪر! تون ڏسين پيو، توکي سڄي خبر آهي. سدوريءَ کي بيقصور ماريو اٿم..... آءٌ خوني آهيان! تون انصاف ڪندڙ آهين، مون کي سزا ڏي..... آءٌ قاتل آهيان! مون کي مهلت ڇو ڏني اٿئي! منهنجو امتحان نه وٺ، آءٌ قبولدار آهيان، آءٌ خوني آهيان.... آءٌ خوني آهيان!“ خانو اها دعا پڙهي پوءِ معصوم ٻار جيان سمهي رهندو هو.
خانوءَ کان جڏهن به پڇا ٿيندي هئي ته انهيءَ ڏينهن وارو سربستو واقعو ٻڌائي، پڇاڙيءَ ۾ ائين چوندو هو: ”آءٌ برابر خوني آهيان، مون کي ڦاسيءَ تي لٽڪايو!“ نيٺ اهو ڏينهن به آيو، جو بچاءَ جي وڪيل اچي هن سان ملاقات ڪري ڳالهايو ۽ هن کان حال احوال ورتو ۽ پوءِ کيس وڏي تقرير ڪري هدايتون ڪرڻ لڳو: ”مون پنهنجيءَ ڄمار ۾ خون جو هڪڙو ڪيس به ڪونه هارايو آهي. تون جوان آهين. خدا جي مرضي اها هئي. ٻڌ، ڪورٽ ۾ چئجانءِ: سدوري کريل هئي، مون هن کي روڪيو ته هوءَ مڇرجي ويئي، ۽ لڳي گارگند ڪرڻ، عزت ۽ غيرت جو سوال هو، ڪني آڱر وڍي ڀلي....... بس، پوءِ تون ڇٽو آهين، اڳتي آءٌ پاڻيهي منهن ڏيندس ۽ ڪيس مٿي کڻندس.“
اوڏيءَ مهل ته خانوءَ چيو، ”حاضر سائين، جيئن اوهين ٻڌايو ٿا، ائين ئي اکر به اکر چوندس“، پر اتي جو اتي ڪجهه ويچاري چوڻ لڳو، ”پر سائين، دل ۾ نه ڪريو ته ٿورو عرض ڪريان؟“
”بيشڪ“، وڪيل خوش ٿيندي چيو.
”سائين، خانوءَ نماڻائيءَ سان چيو، ”سدوري مرڻ کي مري ويئي، مون کي به مري جهان ڇڏڻو آهي.......... جيئري هجي ها ته ٻي ڳالهه هئي، پر هاڻي مئل ۽ معصوم تي تهمتون ڪميڻن جو ڪم ۽ ذليلن جو وڙ آهي.“
وڪيل صاحب کي مرچون لڳي ويون. هن ڪاوڙجي چيس: ”آءٌ تنهنجون اهي نصيحتون ۽ واعظ ٻڌڻ ڪونه آيو آهيان. بيوقوف، مري ويلن جي پٺيان مربو ڪونهي. پنهنجي پير تي پنهنجن هٿن سان ڪهاڙو نه هڻ. مون توکي جيڪي ٻڌايو آهي، ان تي وري ويچار ڪر. مون وٽ وڌيڪ وقت ڪونهي. مون پنهنجو فرض پاڙيو. جج صاحب به تنهنجي فائدي ۾ آهي. اڳتي تنهنجي مرضي. ”ائين چئي، وڪيل هليو ويو.
۽ جڏهن خانو ڪورٽ ۾ پيش ٿيو، ته سڄو سربستو حال ٻڌائي، آخر ۾ چيائين: ” حاڪم، سدوريءَ کي بيقصور ماريو اٿم. آءٌ برابر خوني آهيان، مون کي ڦاسيءَ تي لڙڪايو!“
بچاءَ جو وڪيل، جيڪو انساني همدرديءَ وچان جوابدار جو بنهه خيرخواهه ٿي چڪو هو، سو هٿن مان ڍارو ڪرندو ڏسي چوڻ لڳو: ”ڪورٽ سڳوريءَ کي عرض آهي ته جوابدار گهڻي غم ۽ ڏک ڪري ذهني توازن وڃائي ويٺو آهي؛ انصاف جي تقاضا آهي ته خانوءَ کي علاج لاءِ پهرين اسپتال موڪليو وڃي.“
جج صاحب ڪنڌ لوڏي اتفاق ظاهر ڪيو.“
وڪيل خانوءَ سان وري پنج دفعا ملاقاتون ڪيون. ٻيا اٺ مهينا گذري ويا. خانو چرين جي اسپتال مان نڪري، وري ڪورٽ ۾ پيش ٿيو. جڏهن خانوءَ جو وارو آيو، ته ”زمين جنبد، نه جنبد گل محمد!“—ساڳيو بيان، ۽ ساڳي التجا. چي، ”حاڪم، سدوريءَ کي بيقصور ماريو اٿم. آءٌ برابر خوني آهيان، مون کي ڦاسيءَ تي لڙڪايو!“
شاهدن جا بيان ۽ آڏيون پڇائون ٿيون. ڪيس جي ڪارروائي هلي پوري ٿي. جج کي فتوا ڏيڻي هئي ته هو منجهي پيو. ٻه ڄڻا مري ويا، ۽ ٽيو ڦاسيءَ لاءِ گهُر ڪري رهيو هو! هڪ طرف حقيقتون هيون، ٻئي پاسي ڏوهه جو اقرار ۽ ان جي سزا، ته ٽئين پاسي هئي، هڪ عدل ۽ انصاف ڪندڙ جي جوابداري.
ٽن ڏينهن کان پوءِ فتوا لکجي تيار ٿي.
انهيءَ ڏانهن عدالت ۾ تر اڇلاءِ ته پٽ نه پون. خانوءَ جي ماءُ، خانوءُ جو پٽ، خانوءَ جا ڳوٺائي، پوليس وارا، ۽ ٻيا به گهڻائي ماڻهو حاضر هئا، ته فتوا پڙهي ويئي. فتوا جي آخر ۾ هو: ”عدل ۽ انصاف کي ڌيان ۾ رکندي، خانوءَ کي ٻن خونن ڪرڻ جي الزام هيٺ جنم ٽيپ ڏني وڃي ٿي.“
خانوءَ جي ماءُ مورڇا ٿي ڪري پئي. پر خانو، سواءِ ڪنهن ڊپ ڊاءَ جي، هڪل ڪري چوڻ لڳو: ”حاڪم، سدوريءَ کي بيقصور ماريو اٿم. آءٌ خوني آهيان، مون کي ڦاسيءَ تي لڙڪايو!...... مون کي ڦاسيءَ تي لڙڪايو!“
وڪيل وري چيو: ”خانو چريو آهي!“
جج صاحب فرمايو: ”خانو فرشتو آهي!“