اها رات
رات هئي ۽ اونداهي رات..... اوڻٽيهينءَ رات جي ڪاراڻ پنهنجي پوريءَ پهچ سارو، ذري ذري کي اونداهو ڪيو هو. دنيا ننڊ جي آغوش ۾ بي پرواهه آرامي هئي. آسمان ڪڪرن سان ڇانيل هو. آءٌ ڪنهن جي وسريل يادگيريءَ کي سيني ۾ دل وانگر لڪايو...... اڪيلو شهر کان ٻاهر..... پري چشمي جي ڪنڌيءَ تي بيخبر ڪنهن جي خيالي پوڄا ۾ محو هوس. آبشارن جو آواز منهنجي دل کي بيچين ڪري رهيو هو.
جبل جي چوٽيءَ تان ڪو سريلي سر سان ڳائي رهيو هو. جهن جو مطلب ڪجهه هن ريت هو..... اي محبت جي شروعات!..... تنهنجي آرزو..... ڪيتري نه حسين ۽ دلڪش هئي..... مگر افسوس! ان جي پڇاڙي به جيتوڻيڪ خوشرُو هئي..... پر موت جو سياهه نقاب..... پهري.....
هيءُ محبت جو پيغام بلڪل معمولي پر پُرسوز هو. منهنجي ناسور تي نشتر لڳي وئي. دم گهٽجڻ لڳو..... آهستي سڏڪا لڙڪن ۾ لڙڪ خيالن ۾ ڦرڻ لڳا. گذريل ۽ وسريل زمانو محبت جو..... لحظي لحظي جي تصويرن سان دل خوش ڪندڙ رات..... اها رات..... جنهن جي يادگيري منهنجي حياتيءَ جي قيمتي خزانو هو.... ياد آئي.... سامهون آبشار جي ڪناري تي ويهي.... ڪنهن سان گڏ...... چاندوڪيءَ رات..... ۾ اڪيلا!.....پريت جي ريت ٻڏائڻ لاءِ..... منتظر..... بس نه ڪندا هئاسين..... چنڊ چمڪي چمڪي ڪائنات کي سونو ڪري ڇڏيندو هو..... پريتم جا وار...... سونا.... زمين به سوني.... آبشار به سونو..... پاڻي سونو.... وڻ ٽڻ به سونا..... هوا ۾ مستي ۽ خوشبوءِ.... آبشار جي آواز سان.....! اسان جون دليون..... گڏ ...... هڪ ئي وقت تڙپيون ٿي..... مکڙيون اسان جي محبت ڏسي مشڪيون ٿي. چنڊ شرمائجي گم ٿي ٿي ويو.... تارا اکيون پوري پٽي ۽ شڪي ٿيڻ لڳا.... سج بيتاب ٿي ليو پاتو..... پکيئڙن چهه چهه لائي ڏني..... ٿي.
مگر افسوس! هينئر به ساڳيون راتيون هيون.... اهي ئي وقت جا رنگين. نظارا..... مکڙيون..... گل ۽ آبشار.... پر دنيا بلجي چڪي هئي.... منهنجي لاءِ.... بلڪل بدلجي چڪي هئي... بي مزي.... بي روح ۽ بي خيال ٽُلڪي رهيو هوس..... دنيا ۾..... آءٌ..... زندگيءَ مان بيزار هوس..... آهه! آخر ڇو! هيڏيءَ وڏيءَ ۽ ويڪري دنيا ۾ هن جي لاءِ رهڻ گناهه سمجيهو ٿي ويو. ها گناهه سمجهيو ٿي ويو. بددل انسانن.... حريصن..... انهيءَ کي گناهه ٿي چيو... پاپ.... مها پاپ..... ڇو جو هوءَ منهنجي دل ۾ گهر ڪري چڪي هئي.... منهنجي ٿي چڪي هئي.... ۽ آءٌ ان جو.....
آءٌ ماضيءَ جي هلڪين مگر ڦٽل تصويرن جي نقش تي..... گذشته حالاتن تي غور ڪري رهيو هوس. اوچتو بادل ڦاٽو..... ۽ هڪڙو چمڪندڙ تارو مشڪندو مون ڏانهن وڌڻ لڳو...... ڇا هو منهنجي بي ڪسيءَ تي کلي رهيو هو.... نه..... پر هيءَ اهڙي مسڪراهٽ هئي ڄڻ هڪڙي وڇڙيل ساجن جي يادگيريءَ کان ڪنهن جي چپن تي آئي هجي......
ويران دنيا ۾ آسمان جي ڪنوار تجليءَ جي سنهڙي نقاب ۾ منهن ڇپايو..... اهي ئي نگاهون هن رنگين ستاري جي مٿان نچڻ لڳيون..... تارو آهستي..... مون ڏانهن وڌي رهيو هو...... هاڻي تمام ويجهو.... بلڪل ويجهو هو.... ايسين تائين جو منهنجي رڳ رڳ جمال جي تابش جي زير اثر ٿيڻ لڳي.... مون ان کي غور سان ڏٺو..... آءٌ! اها ساڳي..... هوبهو...... تصوير...... نه نه..... منهنجو ساجن هو....... سچ پچ....... آءٌ ته کيس خيال جي گود ۾ تصوير ٺاهي ويٺو هوس.....
سائين ايتري ننڊ..... نوڪر بڙ بڙ ڪري رهيو هو..... مون زور ڪري اکيون کوليون....... ڪڏهين کان صبح ٿي چڪو هو ۽ سج پڻ نڪري آيو هو.....