هڪ رات
انگلنڊ جو برسٽل شهر ۽ ان ۾ مس ازبيلا سان گڏ اها رات جي اها ساعت، مون کي مرڻ ويلي به ڪين وسندي. سو آءٌ جڏهن ڪئمبرج ڏانهن وڃڻ لاءِ سنبريس، ته ازبيلا جي يادگيري ازخود منهنجي ذهن تي تري آئي. هوءَ اتي ته پڙهندي آهي. ڪئمبرج ڪاليجن جو شهر آهي. هزارين شاگرد اتي تعليم پرائين ٿا. انهيءَ ڪري اوڏانهن وڃڻ ۽ گهمڻ جي پروگرام ۾ آءٌ به ٻين دوستن سان شامل ٿي ويس.
نيٺ اهو ڏينهن به آيو، جو آءٌ پنهنجي رفيقن سان ڪيل فيصلي موجب ڪئمبرج پهچي ويس. ڪئم ندي، ڪئمبرج شهر جي وچ مان، پيئي وهي. نديءَ جي ٻنهي ڪنڌين تي، ڪي ساوا ساوا ۽ قداور وڻ، پنهنجين جهُڪيل ۽ ڍُرڪيل لامن سان، ائين نميل ۽ نوڙيل آهن، ڄڻ اهي نديءَ جي پاڻيءَ ۾ ڪنهن کي ڏسڻ لاءِ واجهائي رهيا آهن. نديءَ جي ڪنارن سان تمام وڏا، ويڪرا ۽ ڪشادا ڇٻر جا ميدان......... ڄڻ ڪنهن زمردي غاليچا وڇائي ڇڏيا آهن. پاسن کان لاڳيتو، مختلف ڪاليجن جون پُر شڪوه عمارتون، جيستائين نظر پهچي ٿي، باقاعدي صفون ٻڌيو بيٺيون آهن. ڪاليجن جي آمهون سامهون، نديءَ جي پرئين پاسي، ڳاڙهن، پيلن، نيرن ۽ رنگ برنگي گلن جا ٻارا، ميلن ۾ پکڙيا پيا آهن.......... اهڙو آهي ڪئمبرج جو شهر.
اسان جي گهمڻ ۽ ڏسڻ وائسڻ جو پروگرام اهڙو ته رٿيل هو، جو اسين صبح کان شام تائين نه رڳو شهر ۾ هيڏانهن هوڏانهن، پر ڪئمبرج کان ٻاهر نڪري، ميلن جا ميل پري، ٻين مشهور جاين ۽ هنڌن ڏانهن پڻ نڪري ويندا هئاسون.
هڪڙي ڏينهن، دستور مطابق، شهر کان گهڻو پري هڪ امير جو محل ڏسڻ وياسين. انهيءَ محل ۾ انگلينڊ جي مشهور راڻي ميريءَ به هڪ رات گذاري هئي. هينئر اهو محل نمائش- گهر وانگر آمدنيءَ جو ذريعو آهي. هتي اوري پري جا ماڻهو گهمڻ ايندا آهن ۽ پئسا ڏيئي، ٽڪيٽ وٺي، اندر ويندا آهن. اتي، انهيءَ محل جي ٻاهران، هڪ عبرت جهڙو واقعو پيش آيو.
اسين واري ملڻ لاءِ محل جي ٻاهران تسيل هئاسين. محل جي آسپاس نظر جي نهار تائين ڇٻر جو ميدان ۽ ڪجهه باغيچي جهڙي سٽا هئي. پري کان هڪ ماڻهوءَ کي ٽرئڪٽر هلائيندي ڏٺم. مون کي اُن وقت سُٿڻ، ۽ شيرواني ۽ ڪَراڪُلي ٽوپي پاتل هئي، هٿ ۾ اجرڪي رومال به هوم. ته ڪنهن مهل اهو ٽرئڪٽر هلائيندڙ ماڻهو، ٽرئڪٽر تان لهي اسان ڏانهن اچڻ لڳو. مزدورن جهڙا ڪپڙا، مٽيءَ ۾ ليٿڙيل جسم، لڙاٽيل وار، وڌيل ڏاڙهي. هو سڌو اچي منهنجي سامهون بيٺو. هن وڌي ويجهو اچي وراڻيو: ”السلام عليڪم، توهين سنڌي آهيو؟ آءٌ ميجر هنٽر آهيان. انگريز فوج ۾ نوڪري ڪئي اٿم. سنڌ ۾ سالن جا سال رهيس. پر پوءِ پاڪستان ٺهڻ کان اڳ ۾ ئي هتي موٽي آيس.“
مون پهريون ئي دفعو هن گِٽ مِٽ واري ديس ۾ هڪ انگريز صاحب کي سنڌي ڳالهائيندي ٻڌو. ڏاڍو خوش ٿيس، ۽ تعجب وچان چيم، ”ميجر صاحب، سڃاڻڻ سان توهان ڪمال ڪري ڇڏيو آهي.آءٌ سچ پچ سنڌي آهيان. پر توهان مون کي ڪيئن سڃاتو؟“
”بلڪل سَولو، بلڪل آسان، توهان جي اجرڪ واري رومال ئي مون کي ٻڌايو.“ هن مون کي مشڪندي جواب ڏنو ۽ فخر مان منهنجو ڪنڌ مٿي کڄي ويو.
هن جون اکيون مون ۾ هيون، پر هو شايد ٻيو ڪجهه سوچي رهيو هو. هن وري مون کان پڇيو، ”توهين ڪٿان آيا آهيو؟“
”آءٌ حيدرآباد سنڌ کان هتي پڙهڻ آيو آهيان.“
”اوهه، حيدرآباد سنڌ! حيدرآباد جا منگهه، حيدرآباد جو پڪو قلعو ۽ اتي جون ٿڌڙيون راتيون مون کي ياد آهن. ڀلا قلعي ۾ هوشو شيديءَ واري قبر..... مون ٻڌو آهي ته هن عظيم جرنل جي قبر ۽ ڪَتبو گم ٿي ويا آهن“......
آءٌ وڌيڪ حيران ٿيس ته ساڳئي وقت پنهنجيءَ اڻڄاڻائيءَ ڪري پيشيمان به ٿيس. ڳالهه کي ڦيرائڻ لاءِ مون چيو، ”ميجر صاحب، شاباس آهي، اوهان جي يادگيريءَ کي. اوهين ته بلڪل صاف سنڌي پيا ڳالهايو. پر اوهين هتي ٽرئڪٽر ڪيئن پيا هلايو؟“
هن ٺَهه پَهه جواب ڏنو. ”ويل، مسٽر، توکي خبر هئڻ گهرجي ته آءٌ ئي هن محل جو هن وقت اڪيلو وارث آهيان. هن محل سان گڏ ميلن تائين پکڙيل جاگير جو مالڪ به آهيان. خدا جو ڏنو سڀڪي اٿم. پر واندو ماڻهو شيطان جو ڀاءُ آهي. باغباني منهنجي وندر آهي. وقت ملڻ تي هتي ئي هليو ايندو آهيان.“
آءٌ پنهنجي ملڪ جا جاگيردار ياد ڪرڻ لڳس، ته اهو ميجر صاحب، ”خدا حافظ“ چئي، ڇڏيل ٽرئڪٽر ڏانهن واپس هليو ويو.
ٻئي ڏينهن تي يونيورسٽي ۽ مختلف ڪاليج ڏسڻ وياسين. چي: هي ڪاليج 1284ع ۾ برپا ٿيو، ته هو ڪاليج چوڏهين سن ۾ کُليو. سينٽ جان ڪاليج ۾ هتي جي ٻن برک شاعرن- بائرن ۽ ورڊسورٿ- جا فوٽا به ڏٺاسين. هتي جي رهبر ٻڌايو ته اهي عظيم شاعر هتي ئي پڙهيا هئا. هن اسان کي سندن رهڻ ۽ اٿڻ ويهڻ جون جايون به ڏيکاريون. هر هڪ ڪاليج جي پنهنجي تاريخ آهي. هر هڪ ادارو ميوزيم هو. قدامت پرستيءَ ۾ هن قوم جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي. افسوس رڳو اهو پئي ٿيو ته موڪلن هئڻ ڪري شاگردن جي گهماگهمُي ۽ رونق ڏسڻ کان محروم هئاسين. سو، ڪاليجن مان ڦرندي، جڏهن هڪڙي ڇوڪرين جي ڪاليج ۾ پهتاسين، ته مون کي ازبيلا جي يادگري آئي. مس ازبيلا سان برسٽل شهر ۾ ملاقات ۽ اها رات..... رات ته مون کي مرڻ وقت به ڪين وسرندي. يادگري ايندي ئي، رهبر کي پاسي تي ڪري، ازبيلا جي هاسٽل واري ائڊريس ڏيکاري، اوڏانهن وٺي هلڻ لاءِ عرض ڪيم. رهبر ازبيلا جي ائڊريس ڏسي معنيٰ خيز نظرن سان مون ڏي نهاريو ۽ چيائين: ”واه جو اوڏانهن هلنداسين.“ اها خوشخبري ٻڌي منهنجي دل ڌڙڪڻ لڳي ۽ منهنجي دماغ ۾ ازبيلا جي خيالي تصوير اڀرڻ لڳي.
هاسٽل جي سپرنٽينڊنٽ ۽ وارڊن ٻڌايو: ”مس ازبيلا..... ها.... هوءَ هتي ئي رهندي آهي. پر هن وقت ته موڪلون آهن. هاسٽل ۾ هڪ به ڇوڪري موجود ڪانهي.“ منهنجي شوق ۽ ذوق جو رنگ محل تباهه ۽ برباد ٿي ويو. آءٌ بيجان پُتلي وانگر وارڊن کي تڪڻ لڳس ۽ دل ئي دل ۾ هن کي ڌڪارڻ لڳس. پر هن منهنجي بيقراريءَ کي شايد تاڙي ورتو هو. هن سنجيده ٿيندي چيو، ”محترم، مون کي اوهان سان همدردي آهي. قسمت جي ڳالهه آهي. ملاقات ۽ جدائيءَ ۾ سچ پچ ڪو فرق ڪونهي. اهي ٻئي هڪڙيءَ حقيقت جا ٻه پاسا آهن. هر موقعي تي تحمل ڌارڻ گهرجي. آءٌ تنهنجي جذبي جو قدر ٿي ڪريان. پر عملي طور آءٌ تنهنجي ڪهڙي مدد ڪريان. ڀلا هل ته توکي ازبيلا جو ڪمرو ڏيکاريان.“
هن آڻي مون کي ازبيلا جي ڪمري ۾ ڇڏيو ۽ پاڻ ٻاهر نڪري ويئي. ڪوٺيءَ ۾ گهڙندي ئي مون وائڙن وانگر هيڏانهن هوڏانهن نهاريو، ۽ پوءِ چرين وانگر ڪمري جي هر هڪ شيءِ کي کڻي مٿس هٿ ڦيرائيندو رهيس. ڪپڙن رکڻ واري ڪٻٽ ۾ گهاگهريون، مفلر ۽ رومال وغيره ٽنگيل هئا. ميز جي خانن ۾ هار سينگار ۽ سينڌ سُرمي جو سامان سليقي سان سٿيو پيو هو. ٻئي خاني ۾ هن جا شخصي خط ۽ ويهارو کن شلنگ به پيا هئا. ميز تي ڪيترائي ادبي ڪتاب پڻ رکيل هئا. ميز جي مٿان ازبيلا جو فريم ٿيل فوٽو مون ڏي نهارڻ لڳو. هيءَ اها ساڳي ازبيلا ته هئي- ازبيلا، جيڪا سراپا سوڀيا ۽ سونهن جو اسرار هئي. ڪمري ۾ هڪ وڏن شيشن واري دري به موجود هئي. آءٌ دريءَ وٽ اچي بيٺس. ٻاهر سامهون، هيٺ باغ هو. خوشنما باغ ۾ ڪٿي ڪٿي چيريءَ جا وڻ به هئا. چيريءَ جو هر هڪ وڻ بيشمار گلابي گلن سان جهنجهيل هو. هن طلسمي ۽ رنگين دنيا، ۽ تصور جي فريب، مون کي منڊي مدهوش ڪري، ڪنهن ٻيءَ دنيا ڏانهن ڌڪي ڇڏيو.
ازبيلا منهنجي ڀرسان هئي. نڪو وهم، نڪو گمان..... برسٽل شهر ۾ هڪ چانهه پارٽيءَ جي موقعي تي. نه ڄاڻان ڪٿان ۽ ڪيڏيءَ مهل هوءَ اچي منهنجي ڀرسان ويٺي. مون اکيون مهٽي، پاڻ کي چُهنڊڙي هڻي، هن کان پڇيو هو: ”يا الاهي! هيءُ خواب آهي يا حقيقت، مئڊم، گستاخي معاف.“ مون ڏانهن هٿ وڌايو، ۽ کيس ٻڌايو: ”آءٌ پرديسي، پورب جو رهاڪو آهيان. توهين پنهنجو تعارف ڪرايو.“
مجلس دستور مطابق هن به پنهنجو هٿ منهنجي هٿ سان ملايو. هن جا هٿ گلاب جي پنکڙين وانگر نازڪ ۽ ريشم کان وڌيڪ نرم هئا. هن ٻڌايو: ”منهنجي ملڪ جو نالو اٽلي آهي.آءٌ مِلان شهر ۾ رهندي آهيان. ڪئمبرج ۾ پڙهندي آهيان. برسٽل گهمڻ آئي آهيان. منهنجو نالو ازبيلا آهي.“
هن جي آواز ۾ ڪنهن ازلي ساز جو سحر آلود سوز سمايل هو. ”توکي خبر آهي، ازبيلا..... ازبيلا ته اسپين جي پريچهره شهزاديءَ جو نالو آهي. اي اسپين جي شهزادي، تو وري ٻيهر جنم ورتو آهي ڇا؟“
هن شوخيءَ سان چيو، ”هن کان پوءِ هاڻي پاڻ شهزادي هئڻ جي دعوا ڪندين. پر اڄوڪي زماني ۾ شهزادا ۽ شهزاديون مري چڪا آهن. مون کي اهڙي نسبت پسند ڪانهي. هروڀرو ڪنهن کي پڏائڻ ڪو اخلاق آهي!“
”معاف ڪجو، مئڊم، مون کان غلطي ٿي. آءٌ پنهنجا چيل اکر واپس ٿو وٺان.“ ۽ پوءِ مون آهستي آهستي چيو، ”پر هي تنهنجا چوڏهينءَ جي چانڊوڪيءَ جهڙا وار، مست ۽ معصوم اکيون، ڪشيل ڪمان وارا ڀرون، سُرخ مرجان جهڙا چپ- شهزادي ته تنهنجي در تي ٻانهي به ڪين سونهي. تون ته آسمان جي اپسرا ۽ ڪوهه قاف جي پري آهين. ڇا، تون.........“
مون اڃا ڪجهه وڌيڪ چوڻ ٿي چاهيو، پر هن پنهنجو هٿ وڌائي منهنجي وات تي رکيو ۽ چيائين، ”بس، بس، مون کي بيوقوف ٿو بنائين. ڏاڍو چالاڪ ٿو ڏسجين، ٻٽاڪي! منهنجو نه ته ٻين جو، جيڪي هيترا سارا پنهنجي چوڌاري ويٺا آهن، تن جو خيال ته ڪر. ٻيا ٻڌندا ته ڇا سمجهندا، ڇا چوندا؟“
مون بلڪل هوريان هوريان چيو، ”ٻيا ٻڌندا ته ڇا سمجهندا ۽ ڇا چوندا.... چوندا ته آهي ڪو ديوانو. مستن تي ڪهڙي ميار. ازبيلا، توکي خدا پنهنجي هٿن سان پاڻ ٺاهيو آهي.“
”شرير ڇوڪرا،“ هن ڀڻ ڀڻ ڪندي چيو: ”تون هر نئين ڇوڪريءَ کي ائين ئي چوندو هوندين.“
هن جون اکيون عجيب خمار سان جهرڪڻ لڳيون. مون سهي ڪيو ته هوءَ ظاهري طور ناراض ٿي رهي آهي. چانهه پارٽيءَ ۾ سوين ماڻهو هئا، پر آءٌ ۽ ازبيلا سڀني کان بي نياز، هر ڪنهن کان بيخبر، هڪٻئي سان دلين جو حال احوال اوريندا رهياسين. محفل برخواست ٿي ويئي، هرڪو ٽڙي پکڙي ويو، پر انهيءَ رات آءٌ هڪ بجي ازبيلا کان جدا ٿيو هوس.... آءٌ الائجي ڇا ڇا ياد ڪري رهيو هوس، ته هاسٽل- وارڊن جي اچڻ جو آواز ٻڌم.
تصورات جي طلسمي طوفان ماٺو ٿي ويو. منهنجي سامهون هيٺ، پرڀرو، هڪ مروٽيل سروٽيل پَنو پيو هو. جان کڻي کولي ڏسان، ته مٿس ڪجهه ازيبلا جا لکيل اکر نظر آيا. اهو ساڳيو پنو هتي پهچڻ وقت منهنجي ئي هٿن ۾ هو. انهيءَ تي ازبيلا جي ائڊريس هئي. پر شايد بيخوديءَ جي عالم ۾، خبر ناهي ڇو ۽ ڪيئن پني جي اها حالت ٿي. مون اهو پنو کولي سڌو ڪري، کڻي ميز تي رکيو ۽ پوءِ آءٌ اڪيلو ئي اڪيلو ازبيلا جي ڪمري مان ٻاهر نڪري آيس.