ڪھاڻيون

محبت جي راهه تي

غلام رباني آگرو صاحب لکي ٿو:
”ع. ق. شيخ جي هن ڪتاب ۾ دلچسپ خاڪا، ڪهاڻيون، يادگيريون، تاثرات—سڀ ڪجهه موجود آهي. ٻه سؤ پندرهن صفحن جو هي ڪتابُ، ايڏو ته سهڻو لکيل آهي، جو ائين کڻي چئجي، ته انگريزي محاوري موجب :This book is worth its weight in gold هي ڪتاب سچ پچ سون ۾ تورڻ لائق آهي.“
  • 4.5/5.0
  • 2992
  • 980
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ع.ق.شيخ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book محبت جي راهه تي

قرباني ڀيٽا

قرباني ڀيٽا

منهنجي جِيوَت جا آڌار...... جِيوَن جا آسرا...... اکيون ته کول...... فقط هڪ دفعو ڳالهاءِ...... ته سهي...... تنهنجي داسي تنهنجي پيرن تي ڪڏهن کان سر جهڪايو پئي آهي...... ڇا، اڃا به ڪجهه ڪونه ڪڇندين...... مون کي معاف ڪر...... کميا...... ڪر...... او پرڀو! ٻه ڏينهن گذري ويا آهن...... اکر به ڪونه ڪڇيو اٿن...... دين ديالو...... مون تي ديا ڪر...... منهنجي آشا جي ڏيئي کي زهريلي هوا کان بچاءِ...... ڀڳوان! ڀڳوان! ڇا تنهنجي هردي ۾ ديا جو ذرو به ناهي...... آخر ايترو ڪٺور ڇو ٿيو آهين...... ڀڳوان!
سيتاپور ڳوٺڙي جي هڪ ڇيڙي تي هڪ ننڍي جهوپڙي پراڻي...... پنهنجي بيڪسي ظاهر ڪري رهي هئي. سُري کاڌل ونئوڻاٺيون...... ڪاريون...... سڙيل ٻڌائي رهيون هيون...... صاف...... پنهنجي بيوس. جهوپڙيءَ جي چوڌاري ڪمند جي پوک هئي. ائين معلوم ٿي ٿيو ته ان ۾ ڪمند جو رکوالو ٿي رهيو. جهوپڙيءَ جي هڪ پاسي هڪ ننڍڙو ڏيو ٽمڪ ٽمڪ ڪري غربت جا آنسو ڪيرائي رهيو هو. پوري وچ ۾ ٽٽل واڻ جي کٽ تي هڪ نوجوان ڳٺڙي ٿيو پيو هو. هيٺ پٽ تي کٽ جي اِيس تي مٿو رکيو هڪ عورت روئي رهي هئي. ان جي لفظن مان درد جو آواز تير مثل ٿي نڪتو. هوءَ ڦاٽل پراڻي ساڙهيءَ سان بار بار نوجوان جي چهري کي صاف ڪري رهي هئي. محبت پيار جي معصوم نگاهن سان ڪڏهن هن آسپاس ٿي ڏٺو ته ڪڏهن هن نوجوان کي ٿي ڏٺو. جهوپڙيءَ ۾ بلڪل خاموشي هئي. اوچتو ئي اوچتو ڪارا ڪڪر ڪڙڪاٽ ڪرڻ لڳا. برسات جا آثار شروع ٿي ويا. بجليءَ جي چمڪاٽ، بادلن جي گجگوڙ ۽ طوفان جي گهمسان خوفناڪ نطارو پيش ٿي ڪيو. نوجوان زال ڊپ کان اٿي تاڪائون در بند ڪيو. ڏيو وسامي ويو. جهوپڙيءَ اونداهيءَ جو ڀيانڪ روپ پهريو...... ٿوري وقت کان پوءِ زال جي جسم ۾ زندگيءَ جي لهر لوڏو ڏنو...... هوءَ چوڻ لڳي ”هرديشور! هرديشور!! ...... مون کان ڇو ناراض ٿيو آهين...... ناٿ...... تو منهنجي نيا کي پار اڪارڻ لاءِ پِرن ڪيو هو...... هينئر ڇو منهن موڙين ٿو...... آءٌ ڊڄان ٿي...... مون کي بچاءِ...... پِرانَ ناٿ...... آءٌ نراس ٿيندي ٿي وڃان...... منهنجي آشائن کي ٽوڙي تون ڪيڏانهن ويندين سوامي...... مون کي هن سنسار ۾ ڇا لاءِ ٿو ڇڏي وڃين...... منهنجي جيوات جا آڌار...... سهارا...... مون کي به پاڻ سان گڏ وٺي هل...... آءٌ تنهنجي شيوا ڪنديس......“ ائين چوندي چوندي. زال جي اکين مان نديءَ جي ڌارا وه لڳي ۽ هوءَ نوجوان جي سيني تي بيهوشيءَ جي حالت ۾ ڪري پئي. پورا ٽي ڏينهن گذري ويا هئا، ته هن اک به نه پوري هئي...... نوجوان جا هٿ پير ٿڌا ٿي رهيا ئا...... هن جون اکيون بي نور هيون...... آخر هن پاسو ورايو...... عورت ڇرڪ ڀري اٿي...... هن جي زرد چهري تي اميد جو هلڪو شعاع جهلڪڻ لڳو...... نوجوان پاڻي گهريو...... زال يڪدم پاڻي ڏنو...... جو هو يڪدم پي ويو ۽ چوڻ لڳو، ”ڪملا پران ناٿ...... آءٌ توکي ڪوبه سک نه پهچائي سگهيس. ڪملا......!“
”هرديشور! پِران ناٿ! ائين نه چئو...... آءٌ ڏاڍي سکي آهيان“...... ”مون کي معاف ڪر ديوي! ...... منهنجي هڪ مرضي پوري ڪندينءَ ڪملا؟“...... ”ڇو نه...... سوامي چئو......“ هن جي چهري تي خوشيءَ کان لالاڻ ظاهر ٿي......
”نه نه! آءٌ ڪجهه ڪونه ٿو چوان...... آهه! آءٌ ڪهرونه مورک آهيان!“ چئو ”چَو، چَو ناٿ...... اوهان کي ڇا گهرجي...... منهنجو...... هيءَ سر حاضر آهي.“ ”پياري، آءٌ توکي تڪليف ڏيڻ نٿو چاهيان.“
”منهنجي ڦٽيل هردي تي وڌيڪ لوڻ نه ٻرڪ...... آءٌ تنهنجي شيوا واسطي آهيان...... تنهنجي داسي...... ديوتا! ......“
”مون کي هڪڙو ڏاڙهون کپي...... ڪملا! اندر ۾ آگ ٻري رهي آهي...... ٻڌو اٿم ڏاڙهون ٿڌو ٿو ٿئي...... منهنجو من جهلي رهيو آهي...... آهه! ڪملا......“ ڪملا جي چهري تي فڪر جي لهر ڊوڙي ويئي، مگر هن پنهنجي پريشانيءَ کي لڪائيندي چيو...... ”حاضر آءٌ وٺي ٿي اچان“
بارش ختم ٿي چڪي هئي مگر بادل اڃا گجي رهيا هئا...... رات جي اونداهي بادلن جي ڪاراڻ ۾ لڪل هئي...... ٿڌي هوا سوساٽ ڪري رهي هئي...... آسپاس برسات جو پاڻي پلٽيل هو...... هوءَ اهو نظارو ڏسي...... ڪنهن خيال ۾ گم ٿي ويئي...... زال ذات ٿي ڪري، قدرت جي بيرحميءَ سبب هراسجي ويئي. هن جون اکيون، جن ۾...... معصوميت...... هئي...... تن سان هرديشور کي ڏٺائين...... هو اکيون پوري ڪنجهي رهيو هو...... هفتو گذري ويو هو. هن ان چکيو ڪونه هو...... بيماريءَ کي پورو مهينو گذري چڪو...... دوا به نصيب ڪانه ٿي ٿي...... مفلسي...... ۽ غربت...... موتُ هن جي چهري تي راند ڪري رهيو هو... جيئن ٻلي ڪوئي سان ڪري. هن جو چهرو ڏسي، هوءَ ديوانه وار اٿي. اٿي چادر ڍڪي ٻاهر نڪتي...... هاري ناري پنهنجي ٻنين کي برسات سان ڌوتل ڏسي خوشيءَ کان ڳيت ڳائي رهيا هئا...... ٻنا لپا هڻي ٺاهي رهيا هئا......
ڪملا وڏيون وکون وجهندي...... شهر ڏانهن وڃي رهي هئي. هن جي رفتار تيز ٿيڻ لڳي...... هن جي چهري مان...... ڊپ...... فڪر...... ڳڻتيون...... ۽ ناڪامي بکي رهي هئي........... هن جون ٽنگون بيپرواهه تکيون هلڻ لڳيون...... هوءَ پنهنجي ننڍپڻ واري ساٿيءَ...... رميش...... کي ياد ڪري رهي هئي...... هو هڪ شاهوڪار زميندار جو ڇوڪرو هو...... ڪملا جي ڪنن ۾ رميش جا لفظ گونجي رهيا هئا...... ”ڀيڻ ڪملا...... مون کي نه وسارج...... ڪو ڪم پويئي ته بي حجاب مون وٽ اچجئين......“
ٿوري ئي عرصي ۾ هن چئن ميلن جو ڊگهو رستو پورو ڪيو...... هينئر هوءَ اچي هڪ وڏي بنگلي جي دروازي وٽ پهتي...... شرم ۽ حيا کان دامن سنڀالي... چادر کي چڱيءَ طرح ويڙهي رهي هئي...... ’رميش سان گڏ مون رانديون ڪيون هيون...... ننڍي هوندي هو منهنجي هرڪا مرضي رکندو هو...... چاهنا ۽ خواهش پوري ڪندو هو...... ٻڌو اٿم ته هاڻي هو کري پيو آهي...... شراب پيئندو آهي...... گهڻا سال گذي ويا آهن...... الاجي هو مون کي سڃاڻي يا نه...... ڇا هو مون کي ڏسڻ پسند ڪندو...... منهنجو عرض مڃيندو يا نه...... شرابيءَ وٽ ڪيئن وڃان...... آءٌ هينئر نوجون آهيان......، ائين خيال ڪري، هوءَ در تي ڌڌڪجي بيهي رهي...... ڪافي وقت گذري چڪو هو...... هو انهيءَ اڻ تڻ ۾ هئي...... ته ڀلا...... هوءَ ڪيڏانهن وڃي...... هن جو ڪو ٻيو واقف ڪونه هو.... مٽ مائٽ ڪڏهوڪا...... وڃي ڌڻيءَ کي پهتا هئا...... هوءَ وري هرديشور کي ياد ڪرڻ لڳي.... ”حاضر! ناٿ........ آءٌ اجهو ٿي اچان“ پنهنجي پتيءَ جي چاهنا پوري ڪرڻ لاءِ...... ڌڪجي...... هيترو پنڌ ڪري، وعدو ڏيئي، آئي هئي...... نيٺ محبت کيس مجبور ڪيو. هن دروازي جو ڪڙو کڙڪايو. انداران هڪ پوڙهو نوڪر تڪڙو تڪڙو ٻاهر نڪتو...... هوءَ چوڻ لڳي ”ڀائو رميش آهي؟“
”هائو، بابوجي آهي!“ پوڙهي هن کي چڱيءَ طح چتائي ڏسڻ کان پوءِ جواب ڏنو.
”بابو، رميش کي موڪل، منهنجو منجهس ضروري ڪم آهي“ ٿوريءَ دير کان پوءِ هڪ سهڻو نوجوان ٻاهر آيو ۽ هن کي ڏسندي چيائين، ”او- هو: ڪملا وتي؟،
”هائو، رميش!“
”چئو، ڪيئن اچڻ ٿيو آهي. ڪيترا سال ٿي چڪا آهن تنهنجو درشن نصيب ٿيو آهي...... آءٌ ته تو لاءِ سڪي رهيو هوس...... ڪملا خوش ته آهين“
هائو ڀائو خوش آهيان...... پرماتما جي ديا آهي.“
”ڪملاوتي! مون کي ڀائو ٿي سڏين......“
”آءٌ ڇا ڪيان ڀائو، پرماتما جي وس آهي. انسان پنهنجي اختيار ۾ ناهي. آءٌ هينئر شادي ڪيل آهيان...... مون کي ڀيڻ وانگر سمجهه......“
”اچ اندر اچ...... ڪملا...... تون منهنجي زندگي سورڳ بنائي آهي. آءٌ تنهنجي شيوا ڪندس. ديوي...... اندر...... اچ...... هلو ته اندر هلون......“
”آءٌ آرام ڪرڻ ڪونه آئي آهيان رميش! منهنجو تو ۾ ضروري ڪم آهي...... ڇا، تون هن آئيءَ ويل منهنجي سهائتا ڪندين؟“
”ڪملا، ايترو ڇو ٿي گهٻرائين...... ٻڌاءِ ته سهي...... آءٌ هر طرح حاضر آهيان.. توکي ياد ناهي...... مون توسان ڪهڙو واعدو ڪيو هو...... اڄ ته منهنجي قسمت جو ستارو چمڪيو آهي، جو تون پاڻ آئي آهين...... ۽ مون کان شيوا حاصل ڪرڻ ٿي چاهين...... تنهنجو رڳو نياپو...... اچي ها، ته به آءٌ يقين ڪر ته پنهنجو سر پنهنجي هٿن سان پورو ڪيان ها...... چئو...... جلدي ٻڌاءِ، آءٌ تنهنجي ڪهڙي شيوا ڪيان......“
رميش جي ڳالهائڻ مان ڪملا شڪجي پئي. هوءَ ڪنڌ هيٺ ڪري پنهنجي چادر جي ڪوني کي ويڙهي اکولڻ لڳي...... رميش جون اکيون نشي سان ڳاڙهيون هيون.... للچايل نگاهن سان هو ڪملا جي هر هڪ عضوي کي مزي مزي سان تڪڻ لڳو...... ڪملا کيس...... ساڳيو نه ڏسي...... چيو، ”رميش! چئو...... آءٌ ڀليل هئس...... جو تو وٽ آيس...... هاڻي آءٌ وڃان ٿي.“ ائين چئي، هوءَ هلڻ لڳي...... رميش ڦري سامهون آيس......
”ڪملا...... آءٌ ائين ڪين ڇڏيندوسانءِ.... حال احوال...... ٻڌائڻ کان سواءِ...... ڪيئن ويندينءَ...... هرديشور ڪيئن آهي؟ ...... مون ٻڌو هو ته کيس بخار آهي.“ هر ديشور جو نالو ٻڌي، هن جي دل موم ٿي پئي. پيرن ۾ ڏانوڻ پئجي ويس...... هوءَ بيهي رهي...... لاچار ۽ مجبور......
”رميش مهينو ٿي چڪو آهي، هرديشور بيمار آهي...... سخت بيمار...... شايد ڪن گهڙين جو مهمان...... مسافر...... ان لاءِ هڪ ڏاڙهونءَ جي ضرورت آهي...... مون بدنصيب وٽ هڪ پائي به ڪانهي جو کڻي خريد ڪيان“...... ”بس بس ڪملا...... ايتري ڳالهه...... هلي آءٌ اندر ويهه ته اڄ هينئر ئي هينئر گهرائي ٿو ڏيانءِ......
رميش ڪملا کي هٿ کان ڇڪيندي...... هڪڙي ڪمري ۾ وٺي ويو ۽ چوڻ لڳو، ”ڪملا...... تون روڳي دائم المريض سان پنهنجي جيون ڇو ناس ڪري رهي آهين..... هيڏانهن.......... مون ڏانهن...... ڏس...... آءٌ تنهنجو...... پوڄاري آهيان...... ديوي...... مون کي پنهنجي شيوا ڪرڻ جو وجهه ڏي......“
”تون ڇا چئي رهيو آهين...... رميش...... ڇا چئي رهيو آهين...... انهيءَ کي جنهن توکي ڀاءُ سڏيو آهي...... افسوس! هاڻي آءٌ وڃان ٿي..... مون کي تنهنجي شيوا جي ڪا ضرورت ڪانهي...... هرديشورا...... منهنجو خبر ناهي! ...... ڪهڙيءَ حالت ۾ هوندو...... آه پرڀو...... دنيا ۾ ڏکن لاءِ رڳو اسان کي پيدا ڪيو اٿيئي ڇا......؟“
”ڪملا، اها تنهنجي بي سمجهي آهي...... دنيا ۾ جو دم جيئري آهين غنيمت ڄاڻ...... پنهنجي هٿن سان ڪنڊا پوکي گلن جا خواب اجايا لهڻا آهن...... مون وٽ رهي پئو...... مزا ماڻ...... خوشيون ڪر......“
”رميش...... گلن ۾ به ڪنڊا آهن...... پرٿويءَ ۾ سونهري سيج هميش ڪانه هوندي...... تنهنجا هي محل ماڙيون...... بي بقا آهن...... مون وٽ هڪڙي دل ئي جا هرديشور جي آهي...... آءٌ هن جي آهيان...... چڱو...... رميش پرنام!“ ڪملا ائين چوندي ٻه لڙڪ پنهنجي مرگهه نيڻن مان زمين تي ڪيرايا...... چادر جي پلاند سان اکيون اگهندي هوءَ ٻاهر وڃڻ لڳي......
رميش ڊوڙي وڃي کيس جهليو...... جيئن بکايل بگهڙ...... ڪنهن ڇيلڙي کي جهلي. ” ڪملا، تون ڇا ٿي سمجهين. گهر آيل لڇميءَ کي ڪيئن ڇڏي ڏيان...... پياسي هوندي پاڻي نه پيان......“ رميش پنهنجي شڪار کي بيرحم هٿن سان گهلي وري اندر وٺي آيو. هو تڪڙو تڪڙو ساهه کڻي رهيو هو...... ڪملا جون ٻانهون هٿ کس ڪري ڳاڙهيون ٿي ويون هيون...... هو قيد ٿيل شينهڻ وانگر رَنڀي رهي هئي..... اکين مان ڄڻ رت ٿي ٽميس..... هن ڏڪندڙ مگر دل چيريندڙ لهجي ۾ چيو، ”رميش! رميش! تون هي ڇا ڪري رهيو آهين...... تنهجي دل ۾ ديا آهي ئي ڪانه...... پاپي......! هي پرڀو!“ ائين چئي، هن ٻنهي هٿن ۾ کڻي منهن لڪايو ۽ سڏڪا ڀرڻ لڳي. رميش جي دل تي اهڙو اثر ٿيو جهڙو پاڻيءَ تي ليڪو... هن اٿي سگريٽ دکايو. تيلي هوا ۾ اڇلائي... بکايل بگهڙ وانگر الُرون ڏيڻ لڳو..... سوٽا ڀير ڀري دونهين جا ڪڪر ڪڍي..... ڪيڏي ڪيڏي مهل ڪملا ڏي نهاري مشڪڻ لڳو..... ڪملا جي ٺونٺين وٽان نير نيساري وانگر وهڻ لڳو..... هيٺ چڱا موچارا ٻه دُٻا....ٿي ويا..... هئا...... هوءَ آهستي سڏڪا ڀريندي ماٺ ۾ آئي..... قيمتي هيرن جي برسات وسائي..... دل جي دولت لٽائي، اکيون..... سڄيل اکيون، ساڙهيءَ سان سڪائي...... پنهنجي پريتم ڏي پکيئڙي وانگر پر ڪري اڏامڻ لاءِ سعيو ڪري. هيڏانهن هوڏانهن نهاري وجهه ڳولڻ لڳي.
رميش کيس تاڻي...... وٽس ويجهو آيو، کيس موهه ڀريل نگاهه سان نهاري دل کي ٺاري چوڻ لڳو، ”ڪملا...... بيوقوف عورت..... تون هينئر مون وٽ قابو آهين.... قيد آهين..... هتان ڀڄي وڃڻ هجو خيال دل مان ڪڍي ڇڏ.“ ڪملا نماڻان نيڻ کڻي...... ٻيو ڪو چارو نه ڏسي...... کيس نيزاريءَ سان ڏسڻ لڳي...... هن جو چهرو پيلو ٿي ويو..... هو.....
”رميش..... پاپي، مون تي ترس کاءُ..... چنڊال..... مون کي ڇڏي ڏي..... رحم ڪر..... قياس ڪر....... واه!...... پاپي......!!! هو خزان ديده پن وانگر..... ٽٽي..... طاقتور انسان جي ڪوريئيڙي واري ڄار ۾..... ضعيف جيت وانگر ڪري پئي... لاچار..... ٿوري عرصي کان پوءِ هن جي عصمت جو چلڪندڙ شيشو داغدار ٿي چڪنا چور ٿي ويو.........
ڪملا جي هٿن ۾ ڏاڙهون هو.... اهو عيوضو هو..... هن جي...... مفلسيءَ جو...... بي ڪسيءَ جو...... ناداريءَ جو...... هوءَ تيزيءَ سان جهوپڙيءَ ڏانهن وڃڻ لڳي...... آڌي رات ٿي چڪي هئي...... چنڊ لهي ويو. آسمان ڪارن ڪڪرن سان ڇانئجي ويو...... بجلي چمڪي چمڪي کيس رستو ڏيکاري رهي هئي...... هن جي چهري تي رنج هو...... ڏک هو...... مگر هن جي دل خوش هئي...... هوءَ سمجهي رهي هئي...... ته شايد اهو ممڪن ٿي پوي، جو.... هو پنهنجي عصمت جي ڀيٽا سان پتي ديوَ جي حياتي بچائي سگهي... اهي خيال ڪري هوءَ وڌيڪ تڪڙو هلڻ لڳي. اوچتو آسمان ۾ اتر کان ڪارو طوفان ظاهر ٿيو. اونداهي ڇانئجي ويئي. ڪملا اکيون ڦاڙي اندهيري کي چيريندي، ڊورڻ لڳي.... بلڪل تکي. سندس پاسن کان وڻ ڪرڻ لڳا.... مگر هوءَ ديواني پتنگ وانگر پنهنجي شمع ڏانهن اڏامڻ لڳي.... سهڪندي سهڪندي..... هن جو دم چڙهڻ لڳو... مگر هوءَ بي پرواهه.... ڊوڙندي اچي جهوپڙيءَ ۾ پهتي. هن جي ساڙهي ڇيهون ڇيهون ٿي ويئي هئي. پيرن ۾ ڇلڻا پاڻيءَ سان ڀرجي آيا هئس. هوءَ کٽ تي پهچڻ شرط بي هوش ٿي ڪري پئي....
آسمان ٻن دلين تي قهر ٿيندو ڏسي جوش ۾ آيو.... طوفان جو تکو ڌڌڪو ٿيو.... جهوپڙي لڏي ڪري پئي...... صبح جو ڳوٺ وارن ٻن لاشن کي هڪ ٻئي ۾ چهٽيل ڏٺو..... ڪملا جي هٿ ۾ ڏاڙهون هو. هُو......
رشيد وري سوچ ۾ پئجي ويو، ’ڊاڪٽر آهي يا ڦورو! ايم بي بي ايس جي ڊگريءَ جو رعيب ڏيئي، غريبن جو رت پيو چوسي. پر مريض به پاڻهي اچي ٿا پاڻ ڦرائين. هيڏانهن ڊاڪٽرن جو به اهوئي ڌنڌو آهي، مفت ۾ علاج ڪن ته پوءِ کائين ڪٿان؟ خدا جو خوف، انساني همدردي، غريبن تي رحم، اهي سڀئي ٺلها لفظ آهن. عام جي صحت لاءِ ته حڪومت کي جوابدار هجڻ گهرجي. پر جتي حاڪ پاڻ ئي چور ۽ چورن مٿان مور هجن ته فرياد ڪير ٻڌندو؟ الله سائينءَ کي گهڻو ٿا ستايو، پر هو به ڏسيو وائسيو ماٺ ڪيو ويٺو آهي. آخر ڪيڏانهن وڃجي!‘
رشيد جي خيالن اتي پهچي پلٽو کاڌو. سندس ڀرسان ڪڪي سهڪي رهي هئي ۽ هو هن کي ئي گهوريندو رهيو. ٻن مهينن جو ٻار ۽ نمونيا جي بيماري!
ايتري ۾ هڪ حسين نوجوان عورت ريسمي چادريءَ ۾ منهن اگهاڙي اندر لنگهي آئي. ڊاڪٽر هن کي ڏسي اندرئين ڪمري ۾ وڃڻ جو اشارو ڪيو ۽ پاڻ به تڪڙو تڪڙو هن جي پٺيان وڃڻ لڳو. پردو چريو ۽ دروازو چيچاٽ ڪري چپ ٿي ويو. اندران ڪجهه سُس پس ۽ چوڙين جي ڇڻ ڇڻ جا آواز ايندا رهيا، ۽ ٿوريءَ دير کان پوءِ ڊاڪٽر مرڪندو باهر نڪتو ۽ وري ٻئي ڪمري ۾ گهڙي ويو.
رشيد جي دماغ ۾ وري ڊاڪٽر ۽ هن اڪيلي عورت اچي واسو ڪيو، ’ڇا هوءَ بيمار آهي؟ اها سس پس ڇاجي هئي؟ چوڙين جو آواز ڇا لاءِ هو؟‘ اڃا هو انهن سوالن تي سوچڻ لڳو ته ڊاڪٽر ٻئي ڪمري مان چيس، ”اوهان جي سئي اچي ويئي آهي، اجهو تيار ڪري جلد اچان ٿو.“
رشيد کي ڏاڍا خار لڳا، هن جي خيالن جوئي سلسلو ٽٽي پيو هو. ايتري ۾ ڊاڪٽر به سئي کڻي آيو ۽ اچي ڪڪيءَ کي هنيائين، جنهن روئڻ شروع ڪري ڏنو. نجمه ڪڪيءَ کي کڻي گهر ڏانهن رخ رکيو. ڊاڪٽر چار گوريون پني ۾ ويڙهي رشيد ڏانهن اُڇلايو ۽ چوڻ لڳس، ”هرهڪ گوريءَ جا چار حصا: هر هڪ حصو ٽن ٽن ڪلاڪن کان پوءِ. سڀاڻي وري هڪ سئي صبح جو ۽ هڪ شام جو.“
”اڃا ٻه سيون ٻيون به لڳنديون ڇا؟“ رشيد ڊاڪٽر کان پڇيو ۽ خودبخود هن جي دماغ، علاج لاءِ حساب ڪتاب شروع ڪري ڏنو-“ پنج روپيا سئيءَ جا ۽ هڪ روپيو دوا جو! مار، ڇهه روپيا! ۽ تون ته ته روز پنج روپيا به ڪونه ڪمائين، ڪمبخت! توکي ڪهڙيءَ کٽي کنيو، جو ههڙي ڊاڪٽر وٽ آئين، بيوقوف! انهن ارڙهن روپين مان راشن واريءَ ڪڻڪ جو هڪ مڻ، بناسپتيءَ جا ٻٽي سير ۽ اڌمڻ سڳنداسي چانور اچي ٿي سگهيا؛ نجمه جو سادو سودو وڳو ٺهي ٿي سگهيو، ڇوڪري جو گرم ڪوٽ وٺي سگهجيها. پر هاڻي ته ارڙهن روپيا ويا ڊاڪٽرن جي کيسي ۾؛ ڇا جي ڪڻڪ، ڇا جو گيهه، ڇا جا سڳداسي چانور؟ نڪو نجمه جو وڳو ٺهندو ۽ نه وري ڇوڪري جو ڪوٽ ئي خريد ڪري سگهبو!
”ڊاڪٽر صاحب! ماري ڇڏيئي! سڄا سارا ڇهه روپيا! ڪجهه مروت ڪريو!“ ”هن ڊاڪٽر کي ليلائيندي چيو.
”ميان! توکان ته بلڪل واجبي پئسا ورتا اٿم. ايم بي بي ايس آهيان. اهي پئسا دوا ۽ سئي ته ٺهيو، پر فقط تپا ساراڻيءَ جا به پورا نه آهن، خير، وڌيڪ ڊيگهه نه ڪر، پئسا ڪڍي ڪر ٻاهر! ڏسڻا وائسڻا، ڪپڙا ته اَڇا پائي آيو آهين.“
”تڏهن چئبو ته اوهان اڇن ڪپڙن کي ڏسي في مقرر ڪئي آهي؟“ رشيد ڪاوڙ وچان پڇيو.
”ڇڏ انهيءَ بحث کي، مون کي هينئر هڪ نازڪ ڪيس لاءِ ٻاهر وڃڻو آهي- هيءُ ڇا!“ ڊاڪٽر حيرت وچان پڇيو، ”ڀت بنجي بيهي رهيو آهين، فقير ته ڪونه آهين؟“
ڊاڪٽر حد اورانگهي ويو هو. هن رشيد تي ناجائز حملو ڪيو هو. ڀر ۾ چينيءَ جو فلٽر پيو هو ۽ هن جي دل ۾ آيو ته کڻي ڊاڪٽر کي کوپريءَ تي هڻان ته دماغ جاءِ تي اچيس. پر پوءِ ڪجهه سوچي، ماٺڙي ڪري، کيسي مان ڇهه روپيا ڪڍي هن ڊاڪٽر ڏانهن وڌايا، جنهن جهٽ ڏيئي پئسا ورتا ۽ ڪرسيءَ تان اٿي زناني ڪمري ڏانهن هليو ويو. رشيد به ڪاوڙ وچان ور وڪڙ کائيندو اسپتال مان ٻاهر نڪتو ۽ سوچيندو رهيو ته فقير ڪير هو ۽ چور ڪير؟
رشيد اسپتال کان ٻاهر نڪتو ته پوسٽ آفيس وٽ منير بيٺي سندس انتظار ڪيو. منير هن جو دوست هو، سادو سودو ۽ سلجهليل. هن کلندي خيرعافيت لاءِ هٿ وڌايو. هٿ سان هٿ ملائيندي، رشيد جو خيال ڦيرو کائي، ڇهن روپين تي وڇي پهتو. دل ۾ آيس ته منير کي چماٽ هڻي ڪڍي، ڀلا هن وقت اچڻ ۽ کِلڻ جي ڪهڙي ضرورت هئي! پر هو سندس دل گهريو دوست هو. هو روز روز اچڻ وارو نه هو. انهيءَ کان سواءِ، رشيد سوچيو، هن کي ڪهڙي خبر ته مون سان ڪهڙي ويڌن آهي. اهو سوچي هو اڳتي وڌيو ۽ مرڪي منير کي هٿ ڏنائين. اڃا هنن هڪٻئي کان حال احوال به نه ورتو هو، ته نعيم، ڪريم ۽ سليم به اچي پرگهٽ ٿيا.
”هلو، هلو، هوٽل تي چانهه پيئنداسون“، هنن سڀني چيو، ۽ رشيد ۽ منير کي پاڻ سان وٺي هوٽل ڏانهن روانا ٿيا.
’هي سڀ دوست ته مون وٽ آيا آهن.‘ رشيد چيو. ’هوٽل جو بل به مون کي ئي ڏيڻو پوندو. خانوئي خراب! اڄڪلهه جا دوست به دشمن چئبا. ڪيڏانهن وڃجي. مون کي اهڙا دوست نه گهرجن، وري هن کي پاڻ تي حيرت به ٿي ته اڄ هن کي ڇا ٿي ويو هو. شايد اڻهوند هن جا حوصلا خطا ڪري ڇڏيا هئا.‘ پر هن فيصلو ڪيو ته ڇا به ٿي پوي، اڄ هو اڳرائي ڪري بل جا پئسا نه ڏيندو.
سڀئي دوست هوٽل ۾ پهچي، ڪرسين تي ٿي ويٺا. نعيم، ڪريم ۽ سليم ۾ سُس پس شروع ٿي، هوٽل جو بيرو آيو ته منير پڇيو ته ڇا پيئبو؟ ڪريم، نعيم ۽ سليم اٿي کڙا ٿيا. ”اسين ته وڃون ٿا. تمام ضروري ڪم آهي،“ نعيم چيو.
رشيد جي دل تان ڪا ڇپ کچي ويئي. هن دل ئي دل ۾ چيو ته ’وڏي مهرباني اوهان جي.‘ پر ٻاهرئين ڀرم رکڻ لاءِ چوڻ لڳو، ”ڪجهه پي ته وڃو.“
”نه، نه، اوهين پيو. اڄ اسين ڏاڍا ڍاوا پيا آهيون. ڏاڍو کاڌو پيتو آهي. اسان،“ ائين چئي، هو هليا ويا.
هنن جي وڃڻ کان پوءِ رشيد چانهه جو آرڊر ڏنو.
”اڄڪلهه ڪهڙا ڪتاب پيا پڙهو؟“ منير رشيد کان پڇيو.
”ڪوبه نه- وقت ئي ڪونهي.“ رشيد وراڻيو.
”تازي اخبار ڏٺي اٿو!؟“ منير وري سوال ڪيو.
”نه“، رشيد مختصر جواب ڏنو.
”آمريڪا جي امدادي ڪڻڪ جو ٻيو جهاز پاڪستان پهچي ويو آهي. پهرئين جهاز واري ڪڻڪ حيدرآباد پهچي ويئي آهي. ايران ۾ بغاوت شروع ٿي ويئي آهي ۽ ايران جو بادشاهه دورو پورو ڪري واپس ايران پهچي ويو آهي. راشديءَ استعيفا ڏني آهي. سنڌ جي گاديءَ جو هنڌ هتي ٿي رهيو آهي.“
رشيد جواب ۾ فقط ”ها، ها“ ڪندو رهيو ۽ دل ئي دل ۾ چوندو رهيو ته ’آمريڪا مان آيل ڪڻڪ وري به دولتمندن جي ڀڀ ڀريندي، ايران جي شاهه جي واپسي ٺلهي نه هوندي، پاڻ سان گڏ سوين ٽئنڪون ۽ بم ايراني عوام جي چِلهڻ لاءِ به آندا هوندائين؛ سنڌ جي گادي ڪراچي هجي يا حيدرآباد، واڳون ته وري به وڏن جي هٿن ۾ هونديون؛ راشديءَ استعيفا ڏني ته ڇا ٿيو، سڀاڻي انهيءَ ڪرسيءَ تي سندس ڪو ٻيو شاطر ساٿي اچي قبضو ڪندو. اوچتو هن جو خيال وري پنهنجي حالت ڏانهن ڇڪجي ويو. ’پگهار پورو نٿو ٿئي ۽ گهر مان بيماري نٿي وڃي. اڃا ته مهيني جو پهريون هفتو پورو ٿيو آهي، باقي پهاڙ جيڏا ٽيويهه ڏينهن ڪيئن گذرندا؟‘
اوچتو هو ٽيئي دوست ٽهڪ ڏيندا واپس آيا.
”ڏٺئي! اڄ رحيم ڪهڙو نه دوکو ڏنو“، نعيم ويهندي چيو.
”پورو چار سؤ ويهه آهي“، ڪريم وراڻيس.
سليم وري ناراض ٿيندي چيو، ”هي حرامي سمجهي ڇا ٿو! صبح کان ڏٽن تي هلايو اٿس. پئسا به ته اڳواٽ ڦري ويو. وري ڇوري ڪهڙي حور پري آهي؟“
”نه، نه، ائين نه چئو“، ڪريم وچ ۾ ڳالهايو، ”هن ويچاري جو ڪوبه ڏوهه ڪونهي.“
”چوين ڇا ٿو. آءٌ هن کي چڱيءَ طرح سڃاڻا. هو گهاگهه پيشوَر آهي. هو ننڍيءَ توڙي وڏيءَ آساميءَ کي چيچ سان ٻڌي هلندو آهي ۽ جتان چار ڏوڪڙ وڌيڪ نظر ايندا اٿس ته ڇوري انهيءَ جي هنج ۾ هوندي آهي. شايد اڄ به ائين ئي هجي.“ نعيم پنهنجو رايو ڏنو.
ٻَه منٽ خاموسي ڇانئجي وئي. آخر سليم خاموشيءَ کي ٽوڙيندي سوال ڪيو، ”پوءِ ڀلا هاڻي ڪهڙو پروگرام آهي؟“
”پروگرام وري ڪهڙو؟“ ڪريم وراڻي ڏنيس، ”اڄوڪي رات پالهي ڪانه ڇڏبي. هلون ٿا شمي جان وٽ.“
”چڱو، منطور آهي. اوهين به ڇا ياد ڪندا ته ڪو دوست مليو هو، جنهن اوهان سان هر حال ۾ ساٿ ڏنو“، نعيم جواب ڏنو، ۽ ٽئي دوست ڀڙڪو ڏئي اتان اٿي هليا.
رشيد ۽ منير هڪٻئي ڏانهن اهڙيءَ طرح ڏسڻ لڳا، ڄڻ ته ڪو وڏو حادثو ٿي پيو هو.
’حادثي کي وري ڪي سڱ ٿيندا آهن ڇا،‘ رشيد چيو. ’ٽيئي نوجوان دوست پنهنجي زندگي، پنهنجو وقت، پنهنجي جواني، پنهنجا پئسا ۽ پنهنجو سڀڪجهه پيا تباهه ۽ برباد ڪن ۽ اسين هنن جي حالت تي دل ئي دل ۾ پيا ماتم ڪريون.‘
”ڏٺَوَ پنهنجن دوستن جا حالَ؟“ منير نفرت وچان چيو.
”حال ته چڱا اٿن،“ رشيد جواب ڏنو، ”باقي چال، سا به ٺوڪرون کائيندا ته سڌري ويندين.“
”سڌرندا وري ڌوڙ“، منير حجت ڪئي ۽ دليل ڏيندي چيائين، ”آءٌ هنن کي چڱيءَ طرح سڃاڻان ٿو. منهنجا پاڙيسري آهن ۽ پورا ڇٽيهه لکڻا آهن.“
”تون سچ چوين ٿو. هٿ- ڪنگڻ کي آرسيءَ جي ڪهڙي ضرورت!“ رشيد چيو. ”پر سوال آهي ته هو اهڙا ڇو ٿيا آهن؟ اهڙي ڪهڙي مجبوري آهي، جو هو اهڙا رولاڪ ٿي پيا آهن؟ اسان جي چؤڌاري هنن جهڙا ڪيترائي نوجوان آهن، جيڪي هنن کان به وڌيڪ ڏکائتي حياتي پيا ڪاٽين. ڇا، هن مرض جو علاج اهي ئي ڪونه” هر بيماريءَ جي دوا ٿي سگهي ٿي. پر جڏهن ته اسين جاهل آهيون، بي سمجهه آهيون، تڏهن شفايابيءَ جي اميد رکڻ فضول آهي. سليم کي ڏس. سندس مائٽن ننڍي هوندي ئي پنهنجيءَ مرضيءَ تي هن جي شادي ڪرائي ڇڏي. اڄڪلهه شادي اولاد نه پر مائٽ ڪن ٿا، ۽ ڪريم ته رهي ئي ٻهراڙيءَ ۾ ٿو، جتي سُڃ پئي واڪا ڪري، نعيم ويچارو بيروزگار آهي. زندگي آسودگي، نوجوانيءَ جون معصوم تمنائون ۽ تنهايون.... جهالت، جي اونداهين ۾ قيد ٿي وڃي، ته اتي تهذيب ۽ اخلاق جي تقاضا ڪرڻ بيڪار آهي.“
”اها ڳالهه غلط آهي، آءٌ نه مڃيندس.“ منير ڳالهه کي وڌيڪ تشريح گهرندي چيو، ”انهيءَ جي معنيٰ ته ڇوٽڪاري جو ڪو رستو ئي ڪونهي. مرض جو علاج ته تڏهن ٿيندو، جڏهن انهيءَ جو احساس ٿئي. پر اهو احساس ڪيئن پيدا ٿئي؟“
”ڏ‎ٺئي، هينئر آيو آهين پوري پير تي“، رشيد جواب ڏنو. ”اهو سوال پاڻ کان پڇ. اميد ته تنهنجي دل ۽ دماغ تنهنجي رهبري ڪندا. چڱو، هاڻي اٿ ته هلون.“
رشيد اڳتي وڌي ڪائونٽر تي چانهه ۽ سگريٽ جا پئسا ڏنا، ۽ دل ئي دل ۾ هنن ٽنهي دوستن کي دعا ڪرڻ لڳو جن کي اڄ وڌيڪ خرچ ڪرڻ کان بچائي ڇڏيو هو.
هوٽل کان ٻاهر نڪتا ته هنن کي فقير ڦري آيا. ”معاف ڪر، معاف ڪر“، رشيد هنن کان جان آزاد ڪرائيندي اڳتي وڌي ويو. ٿورو اڳيان هو ٽيئي دوست بيٺا هئا. نعيم چوڻ لڳو، ”ڏاڍي دير ڪَيوَ! اسين رڳو اوهان کي ٻڌائڻ لاءِ بيٺا هئاسون.“
”اجهو هينئر رحيم ۽ سندس ڇوري ۽ سامهين اسپتال وارو ڊاڪٽر وڏيءَ گاڏيءَ ۾ چڙهي، شهر ڏانهن روانا ٿي ويا.“ سليم ٻڌايو.
”متان نه مڃو!“ نعيم هڪدم چيو، ”ڪيئن منهنجو خيال ٺيڪ نڪتو! ٿيو منهنجا مريد ۽ وڍايو پنهنجي چڳ. ڪڍو پئسا ته مٺائي گهرايون، پر ٺيهو اوهان کي سڀ ڪجهه معاف. اوهين به ڇا ياد ڪندؤ.“
ڪريم ۽ سليم مرڪڻ لڳا ۽ ٽيئي دوست کلندا، سلام عليڪم چوندا هليا ويا. هنن جي وڃڻ کان پوءِ منير به موڪلايو ۽ رشيد به گهر ڏانهن موٽي ويو.
’ته ڇا اها ڇوڪري ۽ سندس پيءُ رحيم انهيءَ ساڳئي ڊاڪٽر سان گڏ هئا!‘ رشيد چوڻ لڳو- ’هئا ته پوءِ ڇا. وڃي پون کڏ ۾. ڪُٽجي وڇي ڪنا ٿين.‘ هن جي ڀرسان ڪڪي ڪنجهي رهي هئي. بخار شايد وري مٿس حملو ڪيو هو. گهر ۾ بيماري، ڊاڪٽر جي عجيب منورتي، دوائن تي ڪنٽرول، دوستن جي آواره مزاجي، منير وارو بحث، رحيم ۽ سندس ڇوڪري، هوٽل ۾ چانهه. اهي سڀئي خيال ساري رات رشيد جي ذهن کي اٿلائيندا پٿلائيندا رهيا.
ريل ..... ۽ زندگي

اٽڪل ساڍا ڏهه ٿيا هئا. ٽڪيٽ وٺي اچي گاڏيءَ ۾ ويٺس. گرمي ڪافي هئي. گاڏي به وري ڪا يارهين بجي ڇُٽڻي هئي، سو ڪتاب کولي پڙهڻ لڳس. آخر سيٽي وڳي ۽ گاڏي آهستي آهستي چُري. چوڌاري ڏٺم، ڪافي مسافر هئا، پر ايتري سوڙهه ڪانه هئي. ڪي ڪاروباري ماڻهو پئي ڏٺا، ڪي وڏيرا ۽ زميندار هئا، ڳچ جيترا مهاجر پڻ هئا. واندا مسافر پاڻ ۾ ڳالهائڻ لڳا. انهن جا آواز آمهون سامهون ازخود پڙاڏي وانگر هڪٻئي سان ٽڪرجي، اڌ گابرا پاڻهي پاڻهي منهنجي ڪنن تائين پهچڻ لڳا ـــــ
”هاڻي ته فرحت آهي. ايتري گرمي ڪانهي. اهو لُوء ضرور لڳندي. ڳوٺ ڳوٺ ۾ پناهگير اچي ويا آهن. ڪپهه وارو ڪارخانو ڪاٺياواڙي ميمڻ ورتو آهي. ڪڻڪ جو اگهه چوٽ چڙهي ويو آهي. ولائتي ڪپڙي جا جهاز ڀرجي آيا آهن. ٻهراڙين ۾ اڄڪلهه سلامتي ڪانهي. پوليس ڪجهه به ڪانه ٿي ڪري. وڏيرا، وزير ۽ آفيسر ڇا ٿا ڪن! ڪشمير جو مسئلو جهڙو منجهيل سُٽ جي ڦوري، رپئي جي قيمت نه گهٽائڻ ڪري چون ٿا ته پاڪستان کي فائدو پيو آهي. وڏو وزير روس ڪين ويندو. ڪپڙي تان ڪنٽرول صفا لهي ويو آهي. کنڊ ڪيوبا کان اچي رهي آهي. قاسم رضويءَ کي ڪين ڇڏيندا. جهونا ڳڙهه ۽ حيدرآباد دکن هضم ٿي ويا. آمريڪا دنيا جي ملڪن جي مالي مدد ڏيئي رهي آهي. روس وٽ به ائٽم بم آهي. واپاري جاوا ڪري رهيا آهن. زمينداري ۽ جاگيرداري ختم ٿي ويندي. هندستان ۾ گڙٻڙ متي پئي آهي. گانڌيءَ جهڙي ماڻهوءَ مان ڪين گُٿا، جواهر لعل کي به ضرور ڪونه ڪو ماريندو.“
ريل جو گاڏو ڦري سياسي بحث مباحثي جو هڪ آکاڙو ٿي پيو هو. هر هڪ مسافر ڄڻ ته ڪو سياسي اڳواڻ هو. جنهن کي جيڪي ٿي منهن ۾ آيو، تنهن سان وارُ پئي ڪيائين. گاڏيءَ ڍير ٿي، هڪ اسٽيشن تي اچي بيٺي. ڪي مسافر لٿا، ڪي چڙهيا. گاڏي هلڻ لڳي. گفتگو وري شروع ٿي وئي. هن دفعي ڪتاب پڙهڻ ۾ اهڙو محو ٿي ويس، جو ايترو ٻڌي نه سگهيس. تڏهن به ڪن، جي کليل هئا تن ڪجهه نه ڪجهه ضرور جهٽيو.
”هيترا پناهگير اچن ڪٿان ٿا! جتي ڏسو اتي پناهگير! ويچارن تي ڏاڍا ظلم ٿيل ٿا ڏسجن. هر ڪنهن کي ساڻن همدردي ڪرڻ گهرجي- مسلمان ڀائر آهن.“
”پنهنجو پنهنجو ڪري ڦاٽي ٿا مرو؛ سڀئي خود غرض آهن. ڪير آهي ڪنهن جو، ڏاڍي آبادي ٿي پَئي! غريب ۽ مسڪين ته ساڳئي گهاڻي ۾ پيا پيڙجن! اهو ڏينهن خالي ڪونهي، جو چوريون ۽ ڌاڙا نٿا لڳن. اُهي ئي لچايون، اُهي ئي بدمعاشيون. زميندارن، شاهوڪارن ۽ واپارين جون پنج ئي آڱريون گيهه ۾ آهن.“ ”ڀلا پناهگيرن به رڳو کڻي سنڌ ڏانهن رخ رکيو آهي. اِنهن جو ڇيهه ڪڏهن ٿيندو؟“ ”پناهگير نه چئو. مهاجر چئو، مهاجر!“
گاڏي واري اچي، ٻيءَ اسٽيشن تي بيٺي. هن ڀيري نه ڪو گاڏيءَ مان لٿو، نڪو وري ڪو چڙهيو. اسٽيشن چڱيري هئي. اسان وارو گاڏو بلڪل اسٽيشن جي سامهون اچي بيٺو. ٽي چار ٽولا رنگ برنگي برقعن سان اسٽيشن کان ٻاهر نڪري رهيا هئا. سڀني عورتن جا منهن کليل هئا. اسان جي گاڏي مان اڪثر مسافرن جون اکيون منجهن کتل هيون. ڪنهن وڏي وات ڳالهائڻ شروع ڪيو. گفتگوءَ جي مجلس وري چالو ٿي ويئي. انجڻ سيٽي هنئي ۽ گاڏي اسٽيشن تان هلڻ لڳي.
”برقعا آهن يا مسخري، جهڙا تنبو! برقعا نه ٿيا، نمائش ٿي. شرم ناهي ٻيو سڀ ڪجهه آهي. نانگ ويو نڪري باقي ليڪو پيو ڪُٽجي. اهڙن برقعن پائڻ مان ڪهڙو فائدو؟“
”فئشن جو آهي.“ ”اهڙي فئشن کان سُڃ ڀلي آهي.“ ”ٽنڊ به ٿيندي، اهو نفعو گهٽ آهي؟“ ”انهيءَ کان ته غرارو سٺو آهي.“
”غرارو يا گراڙو؟ سمجهو کڻي گهاگهرو- اهڙو ڪجهه ٿيندو آهي. غرارا ڏسڻا هجنَوَ ته ڪراچيءَ وڃو. توهان جون هيرآباد واريون عاملاڻيون انهن جي اڳيان ڪجهه به ڪونهن.“ ”ڀلا هي مرض ته اڳي سنڌ ۾ ڪونه هو. سچ پڇو ته اسان جون سنڌي زالون به انهن کي ڏسي وهرجي پيون آهن.“ ”وقت وقت کي سلام آهي، اسان جي وڏن ماڻهن ۽ ڏسڻن وائسڻن جون بيگمون، جي ائين ڪنديون وتنديون ته پوءِ ٻين جو ڪهڙو گناهه. ”پر پردي ۾ رکيو به ڇا آهي؟“ اسٽيشن تي سڀني اکيون ڦاڙي پئي ڏٺو، ”پردو ته الله رکي باقي بندي کي ڪهڙو مجال آهي، پر قانون کي مڃو ها ته پوءِ پڪ آهي ته اوهين اهڙي گفتگو به نه ڪري سگهو ها. انسان جي اهڙو ساڌ هجي ها ته قانون جي ضرورت ئي نه ٿئي ها. پر ڪونه ڪو قانون ته ضروري آهي. اهو قانوني حڪم هلائي به ڪير؟ هت ته سڀئي هڪڙي ڍڳي جا چور آهن. اسين جيڪڏهن سنئين رستي تي پورا هجون ها، ته ههڙا حال نه ٿين ها. اڳي ته انگريز بهادر هئا، جن جي قلبن کي ڪارو ڪري ڇڏيو هو. هينئر ڪير آهي، جو اسان کي جهليءَ ۽ روڪي ٿو ۽ چڱا نه ٿيون.“ ”جڏهين ڏوهه ۽ گناهه رڳو اسان جو آهي ته ڀوڳيون به اسين پيا. جي اسين سبق نه سکياسين ته تباهه ٿي وينداسين.“ ”اسين هوند سڌري پئون، جي اسان جا اڳواڻ سڌري پون. حڪومت جيڪڏهن چاهي ته ڇا نه ٿي ڪري سگهي؟ انهن وڏن ماڻهن کي ڪهڙي خبر، هو ته هوائي جهازن تي چڙهي اچي هت نازل ٿيا هئا. صدقي جون ٻڪريون ڪير ٿيا؟ اُهي ويچارا مسڪين ۽ مفلس ۽ سفيد پوش ئي هئا، جيڪي دربدر ٿيا. ديس هوندي پرديسي ٿيا. ملڪيتون ڇڏي فقير ٿيا. ٺوڪرون کاڌائون، معصوم ڪُهارائي، عزتون وڃائي، لڄون لٽائي، کين نصيب ڇا ٿيو! اڳي يا آئينده وري کين ڇا ملندو.“ ”نااميدي وڏو گناهه آهي. توهان جي، منهنجي نه، پر سڀني جي گڏيل ڪوشش اهڙيءَ بدانتظاميءَ جو طلسم ٽوڙي سگهي ٿي.“
برقعن وارو بحث الائجي ڪٿان جو ڪٿان وڃي نڪتو. ڪتاب هٿ ۾ ائين ئي پوريل رهجي ويو. گرمي ڪافي تيز ٿي چڪي هئي. لوُءَ پئي لڳي، ڀر ۾ ويٺل نوجوان سگريٽ دکائي سوٽا هڻڻ لڳو، سرڪاري ملازم ٿي ڏٺو. سوٽ بوٽ، جو چڙهيل هوس! گاڏي ڍري ٿيڻ لڳي. مون دريءَ کان ٻاهر ڏٺو. ڪا ننڍي ويران اسٽيشن هئي.
پاسي واري گاڏي مان هڪ ڳوٺاڻو اُٻهرو ٿي جهڙو لٿو، تهڙو منهن ڀر وڃي ڪِريو. هو تڪڙو اُٿي کڙو ٿيو. هن جي سٿڻ جا وَر اهڙيءَ طرح کنجيل هئا، جهڙو ڪنهن ملاکڙي جو ملهه. هو پٽڪو کڻي ٻڌڻ لڳو، گاڏي اڃا مس بيٺي ڪين ته هڪ پوليس وارو کيس ڦري آيو. هو کيس ٿڦڙون هڻدو گهليندو، اڳتي وڌڻ لڳو. هُنَ جو پٽڪو ڪجهه هن جي هٿن ۾ هو، ڪجهه پٺيان لٽڪندو، گهلبو پئي ويو. گاڏي مان مسافرن جو ڳچ جيترو ولر هيٺ لٿو. سڀئي ٻهراڙيءَ جا پئي ڏٺا. زالون ۽ ٻار مڙيئي گهڻا هئا. ڪيترن جا پير اگهاڙا هئا. زالن ۾ بس پِٽڪو پئجي ويو.
”ٻَڙي، هي ڪهڙو بغداد؟ مڙس کي پوليس وارو وٺيو پيو وڃي! ڪرڙ، ڪنڊا! وارو ڪيو، گهوڙا ڦرجي وياسين! ڪهڙو ناحق ٿيو! مٿو ڪارو ٿئيو، ڊوڙو نٿا! هو پوليس وارو گاڏي ۾ ٿو چاڙهيس. مُٺيس آءٌ نپٽي ڪيڏانهن وڃان؟ ههڙو انڌير! هاءِ منهنجا الله!“ هڪ پوڙهيءَ ٻاڪاريو.
ٻارڙا به ريهون ڪرڻ لڳا. ۽ ڪرڙ ۽ ڪنڊو مٿي تان هڙون اُڇلائي وڃي پوليس واري وٽ پهتا. جانا، گيسيون، ايلاز ڪيو هٿ پيا جوڙينس، نوڙي پيرين پيا پونس. کيسي ۾ هٿ وجهي شايد پئسا به پئي آڇيائونس. پر پوليس واري بار بار ڪنڌ پئي سيٽيو.
سڄي ساري گاڏي مان انهيءَ واقعي کان پوءِ ڪوبه ڪونه لٿو. آءٌ خود عجب ۾ هوس ته معاملو ڪهڙو آهي. ٻاهر هو زالون ۽ ٻار اُس ۾ سڙي ۽ لُڪَ ۾ لولڙاٽ ڪري رهيا هئا. هي اک ڇنڀ ۾ ڇا ٿي ويو! چوري ڪئي اَٿس؛ ڌاڙو هنيو اٿس يا خون ڪري ڀڳو آهي! ’نه، نه هلندي گاڏي مان ٽپو ڏيئي ڏوهه جو ڪم ڪيو اٿس.‘ بيوقوف مري پوي ها ته؟ ويچاري وٽ ٽڪيٽ ڪانه هوندي، ٽڪيٽ نه هجيس ها ته اسٽيشن تي اچي اجايو ٽپو ڪونه ڏئي ها. هيترن ماڻهن، زالن ۽ ٻارن سان گڏ آهي؛ ٽڪيٽ ضرور ورتي هوندائين. منهنجي ڀر وارو ويٺل نوجوان سگريٽ اُڇلائي اُٿيو ۽ لهي وڃڻ لڳو- ”شير شاهه جو شڪرو گهر جا ڪڪڙ ماري. ههڙا اٻوجهه ته پوليس وارن کي شل هٿ چڙهن!“ گاڏي سيٽي هنئي. نوجوان ڊوڙي وڃي پوليس واري وٽ پهتو. گهڻي ردبدل ۽ ڌانڌل کان پوءِ هن ويچاري جي جند ڇُٽي.
هُنَ کي پنهنجي اُٻهرائيءَ جو عيوضو ملي چڪو هو. ڌڪو کائيندي نرڙ ۽ گوڏا رهڙجي پيا هئاس، ويتر جو پوليس واري مرامت ڪئي هيس، تنهن تي سندس رت ئي سڪائي ڇڏيو هو. هو نڪي خوش ٿي ڏٺو ۽ نڪي رنج ٿي نظر آيو. زالن روئڻ بند ڪيو ۽ ٻارڙا به چپ ٿي ويا. هو پنهنجو پٽڪو ٻڌڻ لڳو. گاڏي هلڻ لڳي. زال وري رڙ ڪئي، ”اَبول.... منهنجي هڙ ته آهي ئي ڪانه. ڪرڙ ڪنڊا.... وارو ڪيو گاڏي ته ڇٽي ويئي. هاءِ منهنجا نوان ڪپڙا، نئين جُتي، وکر وڙا، سڀ اُنهي ۾ آهن.“ پر هنن مان گاڏي ڏي ڪنهن به ڪين سنڍيو. هنن کي گاڏيءَ تي چڙهڻ جو عيوضو ۽ سيکت ملي چڪي هئي. پر هيءَ ڇا، گاڏي وري ڇو بيهي رهي. ڇا ڊرائيور کي قياس پيو هو. هن دفعي پوليس وارو الائي ڪيڏانهن گم ٿي ويو هو. اسان جي گاڏي مان اهو نوجوان وري لٿو ۽ لٿل مسافرن جي گاڏي ۾ چڙهي هن هڪڙي اجرڪ ٻڌل هڙ هيٺ ڪيرائي. ڪاٺين واريون ڀريون چڙهي چڪيون هيون. پوليس وارو غائب هو. گارڊ جهنڊي ڏيکاري، انجڻ هڪ وڏو ڪُوڪ لڳائي ’ڪڪو ڪو، ڇُو، ڇُو، ڇڪ ڇڪ‘، گاڏي وري هلڻ لڳي. مون کان ڪتاب پڙهڻ ته وسري ويو هو. منهنجي اکين اڳيان زندگيءَ جي ڪتاب جو هڪ اهڙو ورق وري ويو هو، جنهن کي آءٌ ڪڏهين به وساري ڪين سگهندس.