ع. ق. شيخ جي باري ۾ تاثرات
ع. ق. شيخ صاحب جن ٿر جي هڪ ننڍڙي پراڻي ڳوٺ گڊڙي ۾ 8 مارچ 1914ع ۾ ڄاوا. سندس والد، عبدالقادر شيخ صاحب جن، متقي، پرهيزگار، استاد، عالم، فاضل ۽ حڪيم هئا. اُنهن جي صحبتن جي نظر فيض اثر هيٺ پاڻ ديني ۽ دنياوي تعليم حاصل ڪيائون. ڪجهه مدرت ٽنڊي سومري ۾ ۽ پوءِ ٽنڊي الهيار ۾ به سندن تعليم ۽ تربيت ٿي. ننڍي هوندي کان وٺي سندن لاڙو فن ۽ ادب سان گهڻو هو. پهريائين پهريائين ڪيئي ڪتاب پنهنجي والد صاحب جن جا پڙهيائون، ۽ پوءِ سنڌيءَ توڙي انگريزيءَ ۾ ابتيون سبتيون ليڪون ڪڍڻ ۽ رنگن سان چِٽ چِٽڻُ، سندن ننڍپڻ جو ذوق هو، شيخ صاحب جي هِن ذوقَ سندن زندگيءَ ۾ هڻي وڃي هنڌ ڪيو. ۽ کين مصوريءَ جي دنيا ۾ هڪ اعليٰ مقام مليو.
آرٽ کي سکڻ ۽ آرٽ کي پرکڻ هرڪو نٿو ڪري سگهي. هِن ميدان ۾، فنڪار تڏهن اعليٰ مقام حاصل ڪري سگهي ٿو، جڏهن ليڪن مان اوري ڪوري پنهنجي اندر جي اُڌمن، احساسن ۽ جذبن کي، مختلف رنگن جي چِٽن سان، تخليق جي صورت ۾، دنيا آڏو پيش ٿو ڪري، ۽ پوءِ ئي هو وڃي پاڻ کي صحيح معنيٰ وارو ۽ صحيح مقام وارو فنڪار سڏائڻ جهڙو ٿئي ٿو.
ع. ق. شيخ صاحب جن فن جي دنيا ۾ اهڙي ئي درجي ۽ اوچائيءَ تي رسيل ۽ سرفراز ٿيل هئا.
ع. ق. شيخ اديب آهي ۽ مصور به. هو افسانن جو خالق آهي. سندس سنڌي افسانن ۾ حقيقت نگاريءَ کان ڪم ورتل آهي.
ع. ق. شيخ جن کي ساڳئي وقت ڊزائين ۾ مهارت حاصل هئي. سنڌي ادبي بورڊ، سنڌالاجي، سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ ۽ ٻين ڪيترن ادارن جي ڪتابن ۾، ۽ خاص طرح مهراڻ رسالي ۾ پيش ٿيل ڊزائينون، ع. ق. شيخ جي فني ڪاريگريءَ جو ثبوت آهن.
هن ”کهه کٿوري“، ”نازو“، ”تاريخ اسلام“، ”داستان اندلس“ جهڙا ناياب ڪتاب پڻ لکيا. زيرنظر سندن ڪتاب ”محبت جي راهه تي“ سندن مختصر افسانن جو مجموعو آهي.
ع. ق. شيخ کي بحيثيت استاد جي هڪ آئيڊيل ستاد جي روپ ۾ به ڏسي سگهجي ٿو. پاڻ فن جي تعليم ۾ وڏي مهارت رکندا هئا. فن متعلق شاگردن کي سمجهاڻي انگريزيءَ ۾ توڙي فارسيءَ ۽ سنڌيءَ ۾، واضح طور ڏيئي سگهندا هئا، ۽ اِن دائري ۾ وڏيءَ شخصيت جا مالڪ استاد به سندن برابري نه ڪري سگهندا هئا.
جيڪڏهن ڪنهن شاگرد کي شوخ نه هوندو هو، ته پاڻ انهيءَ کي شفقت، پيار ۽ محبت سان ڪم ڪرڻ تي همٿائيندا هئا. کين پڙهڻ جون نصيحتون ڪندا هئا، صلاحون ڏيندا هئا، ۽ اڳتي وک وڌائڻ جي تلقين ڪندا هئا.
ع. ق. شيخ جي اعليٰ شخصيت ۽ بلند ڪرادر تي جيترو لکجي اوترو گهٽ آهي. هو يارن جو يار، ٻارن جو ٻار، جوانن جو جوان ۽ پوڙهن دوستن جا پڳ مٽ يار هئا.
بحيثيت پيءُ پاڻ محبت جا ڀنڊار هئا. سندن پگهار گهٽ هو، پاڻ اُن گهٽ پگهار مان اولاد کي پاليائون، ڀائٽين، ڀاڻيجن ۽ پنهنجن متن مائٽن ۽ پنهنجين نيانين کي خوب پڙهايائون ۽ اعليٰ مقام تي پهچايائون. انهن مان ڪي پروفيسر، ڪي ڊاڪٽرياڻيون، ڪي ماستر ته ڪي ماسترياڻيون ٿيون. ۽ انهن کي پڙهائيندي، نصيحتن جا گرفتا ٻڌائيندا هئا، جي دل ٺاريندڙ هئا. پاڻ اڪثر پنهنجين نياڻين کان صلاحون وٺندا هئا. ۽ ائين سڀني نياڻين ۽ پٽن کي پيرن تي بيهڻ سيکاريائون ۽ انهن منجهه خوداعتمادي پيدا ڪيائون. پاڻ وسيع نظر رکندا هئا. پاڻ هميشه سچ ڳالهائڻ، محنت ڪرڻ ۽ پڙهڻ جي تلقين ڪندا هئا، ۽ هميشه چوندا هئا ته ”پڙهو ۽ لکو، نه ته توهين هڪ ڪني پاڻي جي دُٻي وانگر ٿي ويندا“، پاڻ تمام حساس، نازڪ طبع، نفاست پسند ۽ وڏي جگر ۽ دل وارا هوندا هئا.
گهر ۾ ڪي به مهمان ايندا هئا ته ڪڏهن منهن ڪونه گهنجائيندا هئا. افسوس آهي، جو سندس ناياب ڪتابن جي وري اشاعت نه ٿي آهي، جهڙوڪ ”تاريخ اسلام“، ”داستان اندلس“، ”نازو“ ۽ ”کهه کٿوري“ وغيره صد افسوس ته سندن دوستن ته اِن ڏِس ۾ ڪجهه نه ڪيو، پر سندن شاگردن به کين وساري ڇڏيو.
نسيم شيخ
19- آگسٽ، 1998ع