ڪھاڻيون

محبت جي راهه تي

غلام رباني آگرو صاحب لکي ٿو:
”ع. ق. شيخ جي هن ڪتاب ۾ دلچسپ خاڪا، ڪهاڻيون، يادگيريون، تاثرات—سڀ ڪجهه موجود آهي. ٻه سؤ پندرهن صفحن جو هي ڪتابُ، ايڏو ته سهڻو لکيل آهي، جو ائين کڻي چئجي، ته انگريزي محاوري موجب :This book is worth its weight in gold هي ڪتاب سچ پچ سون ۾ تورڻ لائق آهي.“
  • 4.5/5.0
  • 2992
  • 980
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ع.ق.شيخ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book محبت جي راهه تي

مهمانن جا بهانا

مهمانن جا بهانا

مهمانن جو اچڻ ۽ ٽڪڻ اڳين ڏينهن ۾ خوش قسمتي سمجهي ويندي هئي. الاجي ڇو؟ پر اڄڪلهه جا مهمان، جهڙي ڪا مصيبت ۽ آفت! خاص ڪري وڏن شهرن ۾ ماڻهو گهرن کي هڪڙو مهمانخانو يا هوٽل ٺاهيو ڇڏين. هڪڙو اڌ ڪو ٿڙي ٿاٻڙجي، ڀلجي ڀٽڪي، اچي ته هوند ٺهيو، پر هتي ته روز روز اڻ ڪوٺبا، بي دعوتيا، ڏسڻا وائسڻا، سمجهو ته هوند وارا، هليو اچيو ٻين کي آزار ۾ وجهن. چي، ”مهمان پنهنجي قسمت پاڻ سان کنيو اچي.“ جيڪي پاڻ سان پنهنجي قسمت ۽ داڻو کڻي آيو هجي. باقي ٻئي جي هڙان ڪڍڻ ۽ تڪليف پهچائن لاءِ بهانا ٺاهڻ ته وٽانئن ڪو سکي.
بهانو پهريون:- ”اداس چڱو ٿيو جو ملي وئين، آءٌ پاڻ تو ڏانهن پئي آيس، ڪيترو عرصو ٿي ويو آيو، جو توکي ڪونه ڏٺو هوم. ڏاڍو ياد ڪندو آهيان توکي. گهر ته ساڳيو اٿئي نه! چڱو، بازار مان ٿورو ڪم لاهي ٿو اچان، پٺيان دروازي کان ايندس!“
بهانو ٻيو:- ”ڀاءٌ هونءَ ته هميشه هوٽل تي وڃي رهندو آهيان. دوستن کي ڪهڙي تڪليف ڏجي. پر هي هوٽل وارا به قهر ٿا ڪن. ماني کاءُ ته ڪا لذت ڪانه ، ٻوڙ ۾ وجهن تيل ۽ چرٻي. کائي کڻي پاڻي پيءُ ته کنگهه ۽ ٽوئنڪار، جنسي مرض ٿو خريد ڪجي. مون کي هونئن ته ڪو خيال ڪونهي. روز روز اهي ٽڪر کائي هري ويا آهيون، پر ڳچ عرصي کان بيمار ٿوگذاريان. هن وقت ڪِريءَ ۾ آهيان. لاچار اٿم، تنهنڪري اڄ ضرور تنهنجي ماني کائيندس.“
بهانو ٽيو:- ”ڪيئن، ويٺا ته خوش آهيو نه؟ ٻار ٻچا، ننڍا وڏا، سڀ چڱا ڀلا آهن؟ پر دوست گهر جهلي ڇڏجانءِ، متان ڪٿي اجائي تڪليف ڪن. آءٌ ڳوٺان ماني کائي پيو اچان. پيٽ ڀريو پيو اٿم. فقط راتوڪي رات ٽڪندس. باقي بستري جو خيال ڪجو. صبح جو چانهه پياريو ته واهه، نه ته ٺهيو.“
بهانو چوٿون:- ”واهه، بار واهه! اتي ويٺو آهين، سو به لَڏي سان؛ ڪڏهن خط به ڪونه لکين. مون کي ته واٽ تي ولي محمد کي تنهنجي خبر پيئي، ڏاڍيون پيو تنهنجون واکاڻيون ڪري! بس، اسٽيشن تان لهي سڌو تو وٽ پيو اچان. چيم جڏهن اوهين اتي گهر ڪيو ويٺا آهيو ته ڇو نه اوهان وٽ ٽڪي، ٻه چار گهڙيون آرام ڪيان. خبر ناهي حياتيءَ تي ڪهڙو ڀروسو.“
بهانو پنجون:- ”او..... هو.....! مون کي ته خبر ئي ڪانه پئي! ڳالهين ڪندي آڌي رات ٿي وئي آهي. هڪ لڳي ويو آهي. هاڻي ٺهيو، ڪٿي وڃي ٻين دَرن جا ڪڙا کڙڪايان، کڻي اچ بسترو، تو وٽ ئي سمهي ٿو رهان. توکان ڪا جدائي آهي. پر وسارين متان، صبح جو آءٌ دير سان اُٿندو آهيان، نيرن توتي آهي.“
بهانو ڇهون:- ” ڇا! صاحب اندر ڪونهي؟ ڪيڏانهن ويو آهي؟ ڪيڏيءَ مهل ايندو؟ توکي ته ضرور ٻڌائي ويو هوندو، نه ته به گهر وارن کي ڪانه ڪا خبر هوندي. سچ پچ، توکي ڪابه خبر ڪانهي. چڱو، ٺهيو. هيءُ ڏس هيٺ ٽانگو بيٺو آهي. ان مان منهنجو سامان لاهي کڻي اچ. هنڌ کولي وڇائي ڇڏجانءِ. آءٌ اجهو چڪر لڳائي موٽي ٿو اچان. ها، صاحب اچي ته کيس ٻڌائجانءِ ته اڳيون خاڪي ڪپڙن وارو مهمان وري موٽي آيو آهي.“
بهانو ستون:- ”بس ڀائو، ڪهڙا ٿو حال پڇين، وري ٿو اچي ملانءِ. تڪڙو آهيان، متان آفيسون بند نه ٿي وڃن. ضروري ڪم اٿم. جي ڪلاڪ اڌ ۾ ڪم پورو نه ٿيو ته سومر تائين رهڻو پوندو. چڱو، رات جو يڪي رهاڻ ڪنداسين.“
بهانو اٺون:- ” بنهه پوري وقت تي آيو آهيان. ڇو جو ٻوڙ آهي؟ نه نه...... پلاهه آهي. مون کي ڏينهن جا چانور وڻندا ته ڪونه آهن پر توسان گڏ، زهر هجي ته به هوند انڪار نه ڪيان.
بهانو نائون:- ”ٻيلي، آءٌ توتي اجايو بار ڪونه ٿيندس. منهنجي لاءِ خاص تڪليف نه ڪج. رکو سکو، جيڪي تيار هجي سو کڻي اچ. مڙيئي آهي پيٽ جو دوزخ ڀرڻو. ڳوٺ ڪهڙا مال کائيندا آهيون. پنهنجن کان ڪو حجاب آهي!“
بهانو ڏهون:- ”بس، ٻيو ڪو خاص ڪم ڪونهي. آءٌ سڀاڻي شام ڌاري تو وٽ پهچي ويندس. سمجهي وڃو. اوهان جو مهمان ٿيندس. پوءِ رات پنهنجي تات. وڌيڪ احوال روبرو ڏبا وٺبا، ماني ته اُئين ئي کائبي.“
بهانو يارهون:- ”مون کي خبر آهي، شهر ۾ ڪنهن کي تڪليف ڪانه ڏبي آهي، پر ننڍپن جا ڏينهن ياد ڪري اوهان وٽ لنگهي آيو اهيان. ٻه چار ڏينهن ترسندي، ماني وغيره جي ڳڻتي نه ڪجو. ڏينهن جو سڄو وقت ڪم ڪار سان ٻاهر رهندس، رڳو رات جا چار پهر اچي ٽڪندس. وڃي ته ڪا هوٽل وسايان ها، پر اتي منگهن ۽ مڇرن جو آزار آهي.
بهانو ٻارهون:- ”ڏاڍي ٻڌايُو، ماڳهين مون کي سڃاڻو به ڪونه ٿا! ماڻهين کان پڇي ڏس، تنهنجي جهَنڊ ڪنهن لاٿي هئي. چار درجا انگريزي پڙهي گٽ مٽ سکئين ته ڇا ٿي پيو؟ اکيون ڇو پُوريون اٿئي. مرشد کان منڪر ٿي آخرت نه وڃاءِ. خدا ۽ خدا جي رسول کي سڃاڻ. پڻهين مرهيات ته مهينن جا مهينا ٽڪائيندو هو ۽ ڏن تنهن کان سواءِ ڏيندو هو. چوڏهين صدي آهي، چوڏهين صدي! مِرن به پناهه گهري آهي، خير، وڃي ماڻهين کان ماني کڻي اچ. متان ڪٿي ڏوراپو ڏئي ته مرشد در تي اچي، خالي هٿين موٽي ويو.“
بهانو تيرهون:- ”توهين ۽ آءٌ ننڍا هئاسون، شايد اوهان کي ياد هجي، اوهان جي والد ۽ منهنجي پيءُ جي دوستي هئي. مرهيات هڪٻئي وٽ ايندا ويندا هئا. توهان ته صفا وساري ڇڏيو آهي. ويچارن وڏڙن جو ناتو ائين ٽٽڻ نه گهرجي. هڪٻئي وٽ پير ڀري نه وڃبو، ته ڪا ڳالهه ٺهي ٿي! هي ٻير ۽ آڀُون گهران ڏنا اٿن، اندر کڻي وڃ.“
بهانو چوڏهون:- ”عرصي کان بيمار ٿو رهان، ڏس ڳري ڪنڊا ٿي ويو آهيان. هتي شهرن ۾ ته وڏا وڏا ڊاڪٽر ٿا رهن. توهان جو ضرور ڪونه ڪو واقف هوندو. مون تي احسان ڪيو. جيسين جيئرو هوندس. اوهان کي دعائون پيو ڪندس. دوست اهو ئي آهي جيڪو آئيءَ ويل ڪم اچي. سو لنگهي آيو آهيان. اوهان وٽ. اميد ته مهيني اندر چاڪ ٿي ويندس. ٻيو مڙئي خير. ٻچن مان لک ٿيندءِ!“
بهانو پندرهون:- ”هائو. برابر- اوهان مون کي ڪونه سڃاڻو، گهر ۾ چيائون ته توهان جي گهر وارن اڄ کير دعوت ڏني آهي ته اچي گهمي ۽ ماني کائي وڃجو. دل چيو، گهر ۾ اڪيلو ڪهڙا ڪُنا گهڙبا، سو آءٌ به لنگهي آيس توهان وٽ. گهٽ ۾ گهٽ واقفيت ته ٿيندي.
بهانو سورهون:- ”توهان کي صاحب جي گشت جو پروگرام ته مليو هوندو. خير، اسين پهچي ويا آهيون. صاحب به پهچي ويو آهي. کٽون، ڪرسيون، بتي ۽ ميز وغيره ڪوٺيءَ ۾ وجهائي، صفائي ڪرائي، سامان رکائي ڇڏجو. آءٌ صاحب ڏي ڪاغذ کڻي ٿو وڃان. ضروري لکپڙهن جو نيڪال ڪرڻو آهي. خبر ناهي ڪيتري دير لڳي، ڪيڏي مهل موٽان. پٽيوالي جي به مان ڪرائجو.“
بهانو سترهون:- ”ادا، حال احوال مڙيئي خير جا آهن. آيو هوس شهر ۾ ڪجهه سودي سلف لاءِ، اسٽيشن تي ٻلٽي ڪڍائيندي گاڏي ڇٽي وئي. چيم ته ڇو نه ڳوٺائيءَ وٽ چار پهر گهاريان، ڏٺي به گهڻا ڏينهن گذري ويا هئا، سو توهان سان ملياسون. ٻيو سارو خير، اوهين پنهنجا حال احوال ڏيندا.“
بهانو ارڙهون:- ”نه..... نه..... آءٌ، چانهه ڪونه پيئندس. خبر ناهي ماڻهو اهو ڪوسو پاڻي ڪيئن ٿا پيئن. اوهين جي هرون ڀرون ناراض ٿا ٿيو ته کڻي ماني گهرايو. ڇوڪرا- بيرا- دو روٽي ايڪ پليٽ مرغي لائو.“
بهانو اڻويهون:- ”ست پيڙهائتو سادات آهيان، شهر ۾ اوهان جي ناموس ٻڌي هليو آيس. پنجن تنن جي ڇانوَ هجيئي! علي ڪندو اهي گنج ڀريا ڀرپور هوندءِ. مسڪين آهيان. ٻه چار ڏينهن ٽڪايئي ته کٽي ڪونه پوندي. زياده آءٌ به ڪونه رهندس. جوڳي رمتا ڀلا- اڄ هِت سڀان هُت.“
بهانو ويهون:- ”خانو خراب ٿئي هنن شنواين جو، ٻه سال ٿيا آهن. نڪو ٿو ڪيس هلي نڪا ٿي جند ڇٽي! رڳو پيئون تاريخون ملن. انصاف آهي يا بغداد- اڄ هو ڪونهي، سڀاڻي فلاڻو غائب. سڀني تي اڃان سمن ئي تعميل نه ٿيا آهن. ڀيري ڀيري سان اچو، ته وڪيل هڪڙي پاسي ته منشي ٻئي پاسي، ٽيان وري شايد، سڀئي وات پاڙيو ويٺا آهن، ڀلو ٿئي ڪورٽن جو، هيڪر جند ڇٽي سهي- ’ول نه ڏيلهي کائسون.‘ وري به شڪر آهي، جو اوهين اسان جا ڀرجهلا ٿيا ويٺا آهيو، نه ته هوٽلن جا خرچ اورائي ڪڍي ڇڏين ها.“
بهانو ايڪيهون:- ”چاڪ ته آهين؟ ڇو ڳالهائين ڪين ٿو؟ ڪهڙين ڳڻتين ورايو اٿئي؟ ماني ته کاڌي اٿئون. اُٿ. ڪپڙا مٽائي اچ- اڃا ويٺو آهين! اڳئين ڀيري به نٽائي ويو هئين. اچ توکي مون سان گڏجي هلڻو پوندو. سئنيما ضرور ڏسبي. چون ٿا ته کيل ڏاڍو سٺو آهي.“
بهانو ٻاويهون:- ”ماني ته کائي ويٺا هوندا؟ اويرو آيو آهيان. نه- اڇا ڪانه کاڌي اٿوَ. اڄ ته الله سائينءَ کي جيڪي گهران ها سو ملي ها. قسمت وارو آهيان. سياڻن سچ چيو آهي. ’داڻي داڻي تي مهر لڳل آهي.‘ مون سمجهيو ته بک مرندس. ڀلا ڇا چاڙهيو اٿو؟ ڪافتا! اوهين شهرن وارا بيشڪ کائي ڄاڻو. اسان کي ته ڳنڌڻ به نصيب ڪونه ٿئي.“
بهانو ٽيويهون:- ”هيءُ پرزو آڻيندڙ، منهنجو دل گهريو دوست آهي. ايڏانهن پهريون ئي دفعو اچي رهيو آهي. اتي ڪو پنهنجو ڪم اٿس. واقفيت ڪانهيس. اوهين شهر ۾ رهو ٿا، کيس هڙان ۽ وڙان مدد ڪجو. ٽِڪندو اوهان وٽ. کاڌي پيتي جي پارت اٿوَ.“
بهانو چوويهون:- ”اوهين صلاح ڪيو يا نه- ’اَشهَدَ اَنَ‘ کي ڪير ٿو پٺي ڏئي! قسم سان صبح کان نيرانو آهيان. الائجي ڪنهن ڪم بخت جو منهن ڏٺو هوم- هٿ ڌئان ڇا؟ ٺهيو شينهن جا هٿ ڌوتا پيا آهن: جهجهن سان جهجهي برڪت، ويجهو اچ- چڱو- بسم الله.“
بهانو پنجويهون:- ”ادا، هي اٿوَ ساڳيو ڀاءُ، جنهن لاءِ چيو هوم ته سانجهيءَ تقرير ڪندو. آءٌ ته وڃان ٿو ڊاڪٽر کان دوا وٺڻ، گهر ۾ چاڪائي ڪانهي. چڱو ادا، آءٌ هلان ٿو متان ڊاڪٽر اُٿي وڃي. دير ٿي ويندي. توهين ٻئي ماني کائي، جلسي تي ضرور اچجو، باقي ڳالهيون اتي ٿينديون.“
بهانو ڇويهون:- ”آيو ته دير سان آهيان، ضرور کائي پي ويٺا هوندا. لنگهڻ ئي ڪري ڪاٽيان ها، پر سچ پچ ته راتوڪيءَ مانيءَ تي آهيان. گهر ۾ ٽڪر ڀور رهندو ئي رهندو آهي. پهرين وڃي ڪجهه کڻي اچو، اول طعام بعد ڪلام، پوءِ يڪا ويهي ٿا رهاڻ ڪيون.“
بهانو ستاويهون:- ”هيڏانهن نه ڪر اِهو ٻوڙ وارو وٽو- ڏس ليمون آندو اٿم. ڪپ ڪٿي آهي. هان- هاڻي، کائي ڏس! نه نه، چڱو- چڱو- ناراض نه ٿي، آءٌ به شروع ٿو ڪريان. چئو بسم الله!“
مٿين مهمانن کان سواءِ هڪڙو قسم اهڙن مهمانن جو به هوندو آهي، جن جي اچڻ ڪري سچ پچ خوشي ٿيندي آهي. دل پئي چوندي آهي ته شل اهي هميشه ويٺا هجن. پر افسوس اهو آهي ته اهڙا مهمان وري پاڻ ڇڏائڻ لاءِ بهانا گهڙيندا آهن. بهرحال بهانا ۽ مهمان، لازم ملزم حقيقتون آهن، ۽ مهمان نوازيءَ جون رسمون وري انهن کان به نراليون: هٿ ڌئاريو، صابڻ گهرايو، ٽوال ڏيو، پاڻيءَ پياريو، وهنجاريو ۽ گڏجي کائو. جلد بس نه ڪيو. اڳ ۾ نه اُٿو. آهستي آهستي کائو. ڪڪ نه ٿيو. ڳڻتيون نه ڪيو. کلو ڳالهايو. چانهن، پان، ٻيڙي جي آڇ ڪريو. پنهنجا ڪم ڪاريون کڏ ۾ وجهي، ٻٽاڪون هڻو. ڏيکاءَ ۽ ڌوڪي کان ڪم وٺو. پاڻ ڀلي دال کائو، پر مهمانن لاءِ مرغي ۽ برياني ضرور تيار ڪريو. قيمتي وقت ۽ پئسو وڃايو. خوشامد ۽ چاپلوسيءَ جو ڍؤنگ رچايو. پرايو ڀڀ ڀريو، پوءِ اوڌر ڪيو، چوري ڪيو، يا ڀلي بک مرو. پر دنيا جي فريبي رسمن کي چچڙ ٿي چهٽي پئو، ۽ مهمانن جي وڏي دل ڪري مهماني ڪندا رهو.