وڏو صاحب
ڪن سالن کان پوءِ:- تازو واٽ ويندي نثار سان ملاقات ٿي هو هڪ شاندار موٽر مان لٿو هو، ۽ آءٌ اتفاق سان هن جي آمهون سامهون هوس، هن سان گڏ ٻيا به ڪي ماڻهو هئا، هو شايد ڀر واري هوٽل ڏانهن پئي ويا. پر منهنجي ڀرسان اچي نثار صاحب بيهي رهيو، مون کي خبر هئي ته هو هن وقت هڪ وڏو صاحب هو، هن مونکي سڃاتو هو ڀاڪر پائي، اهڙيءَ ريت مليو، جو ڄڻ ورهين جا وڇڙيل هجون، نهايت هجائتي نموني تي کيڪاري پڇڻ لڳو، ”ڪهڙا حال احوال آهن؟“ خوش ته آهين نه!“.... ۽ آءٌ.... دل ئي دل ۾ هڪ دوست جي دوستيءَ ۽ پنهنجائپ واري اظهار تي محسوس ڪري، چوڻ لڳس، ”حال احُال ته الاهي آهن، ۽ ساڳيءَ ملازمت ۾ آهيان، بس مڙئي پيا هلون، خوش آهيان، جي فرحت هجيئي ته ڪٿي نويڪلائي ۾ ويهي، ڪا روح رهان ڪيون. ڀلا، رات جو منهنجي گهر اچي ماني کائج!“
نثار مرڪندي وراڻيو، ”يار، تنهنجي دعوت اکين تي، تنهنجو گهر ته منهنجو گهر آهي، پر اڄ هتي منهنجا مختلف پروگرام آهن، آءٌ مصروف هوندس، ٻه ٽي ڏينهن هتي آهيان. پاڻهي ئي اچي تنهنجو دروازو کڙڪائيندس ۽ حاضري ڀريندس.“ آءٌ اڃا پنهنجي دعوت کي پڪي ڪرڻ لاءِ وڌيڪ موزون اکر ويچاري رهيو هوس ته نثار صاحب ”خدا حافظ“ چئي، پنهنجن ٻين دوستن سان ڀر واري هوٽل ۾ هليو ويو......
هو مون کي ائين ايڏيءَ حب سان ملڻ کان پوءِ ڇڏي هليو ويو، تنهنجو ارمان ۽ افسوس ته ٿيم، پر اهو احساس بلڪل لحظي لاءِ پيدا ٿيو هو.... هو جنهن نموني تي مون سان مليو هو، هن جنهن طريقي تي مون سان ڳالهايو هو.... هو ته ساڳيو ئي نثار، اهو نثار جيڪو منهنجو دل گهريو دوست هو ۽ ننڍي هوندي جو يار هو، ڇا ٿي پيو- اها ته قسمت جي ڳالهه آهي، جي اڄ هو هڪ وڏو صاحب آهي، ۽ آءٌ هن جي ڀيٽ ۾ هڪ معمولي ملازم. هو واقعي مصروف هوندو، هن پاڻمرادو مون وٽ هلي اچڻ جو وعدو ڪيو آهي، هو ضرور ايندو. مون کي ناراض نه ٿيڻ گهرجي، دنياداري ۾ هر ڪنهن کي پنهنجا پنهنجا ڪم ٿيندا آهن ۽ پنهنجون ذميواريون.... نيٺ هو وڏو صاحب آهي.... پر صاحب وندو ٻين لاءِ، منهنجو ته هو دوست آهي.... ۽ ائين ويچاريندي، آءٌ شهر مان ٿيندو، اچي پنهجي گهر پهتس.
خبر ناهي ڇو اڄ آءٌ غير معمولي طور خوش هوس، گهر اچي، آئون پنهنجي ڪمري ۾ صفائي ۽ ڇنڊ ڦوڪ ڪرڻ لڳس، گهر وارن سان پڻ نثار صاحب واريءَ ٿيل ملاقات جو ذڪر ڪيم، دراصل نثار سان منهنجا تعلقات مٽن مائٽن کا به وڌيڪ هئا، هو اسان جي گهر ۾ آءٌ هن جي گهر، ايندا ويندا هئاسين. اهو ئي سبب هيو، جو گهر جا سڀيئي ڀاتي هن جي استقبال ۽ آڌر ڀاءُ لاءِ تياريون ڪرڻ لڳا، سڄي گهر کي موقعي جي مناسبت سان تيار ڪيو ويو. هن کي مانيءَ جي دعوت ڏني هيم، تنهنڪري سيڌي سامان تي به خرچ ڪيم. نثار صاحب جڏهن به مون وٽ ايندو هو ۽ ماني کائيندو هو، ته مڇيءَ يا مرغيءَ جي فرمائش ضرور ڪندو هو. اها ڳالهه به ڌيان ۾ رکي ٻيئي شيون وٺي آيو هوس، هن انهيءَ بندوبست کان پوءِ واقعي جيڪڏهن ڪا ڪسر رهجي ويئي هئي ته اها هئي خود نثار صاحب جي گڏجاڻي ۽ سندس يادگيريون.
اهو ڏينهن گذري ويو، شام آئي ۽ رات ٿي، رات جا ڏهه به ٿي اويا پر نثار صاحب ڪونه آيو، نثار صاحب ته ڪونه آيو پر هُن جون يادگيريون، وساريان نه وسرڻ جهڙيون ڳالهيون، وري وري دل ۽ دماغ ۾ پئي آيون، سالن جا سال گڏ گذريا هئاسين. ساڳيئي، اسڪول ۾ پڙهيا هئاسين، گڏجي رانديون ڪيون سين، ۽ شرارتون به گڏجي رٿيندا هئاسين ۽ واري وٽيءَ تي گهران پئسا چورائي بهانا ڪري، چيري ميري به ڪندا هئاسين، ته فلمون به ڏسندا هئاسين، جڏهن اسڪول جي هاسٽل ۾ رهندا هئاسين، ته خاص ڪري محمود کي، جيڪو ان وقت اسان جو هم ڪلاس هو، هٿرادو جنن ڀوتن جون ڳالهيون ٻڌائي، پورو مهينو، هر روز آڌيءَ رات جو لڪي لڪي جنن جهڙا ڪرتب ڏيکاري، کيس ڊيڄاريو هيوسين، هن کي اهڙيءَ ريت ڊيچاريو هيوسين، جو توبهه، الاامان! جڏهن هاسٽل جا سڀيئي شاگرد سمهي رهندا هئا، تڏهن اسان جون شرارتون شروع ٿينديون هيون، رڍن ۽ ٻڪرين جون سسيون ڳاڙهي رنگ ۾ تر ڪري، هن جي بستري تي اسان اڇلايون هيون، ته ساڳئي وقت وڌيڪ هراس پيدا ڪرڻ لاءِ مئل گڏهه جا ڪن ۽ اُٺ جون سسيون به هٿ ڪري محمود جي ڪمري ۾ رکيون هيوسين. هر هرات ڪانه ڪا شرارت ضرور ڪندا هئاسين، نه رڳو محمود جو پر سڄيءَ هاسٽل جي ڇوڪرن جو سُک ڦٽائي ڇڏيندا هئاسين، پر جيئن چوندا آهن ته اُڻٽيهه راتيون چور جون ٽِهين رات ساڌ جي، سو هڪڙي رات اسان ٻيئي جهلجي پياسين. معاملو هيڊ ماستر تائين پهتو، هن اسان کي ڏاڍي مار ڏني. پر جڏهن آءٌ ۽ نثار سزا کائي ٻاهر نڪتا هئاسين، ته کلي کلي خيرا ٿي پيا هئاسين. ڪهڙو نه دؤر ۽ زمانو هو، اهو، بي پرواهيءَ جو ۽ معصوميت جو، اهو محمود جنهن کي اسان ڊيڄاريو هو، هن وقت ڊپٽي ڪمشنر آهي ۽ مون وارو دوست نثار به هينئر هڪ وڏو صاحب آهي- ۽ آئون هڪ معمولي ملازم هوس، مون لاءِ حالتون اهڙيون هيون، جو ڪاليج ۾ داخل ٿيڻ جي بدران ڪلارڪ جي ڪرسيءَ تي ويهڻ کان سواءِ ٻيو ڪو چارو ڪونه هوم.
نثار ڪاليج ۾، آءٌ نوڪريءَ ۾، ته به اسان جي دوستيءَ ۾ ڪو فرق ڪونه پيو هو، گڏجي گهمندا هئاسون، ۽ گڏجي شرارتون به ڪندا هئاسين، جيئن چوندا آهن ’ياري ۾ ڪهڙا ليکا‘، سو پئسن جي معاملي ۾ اسان پاڻ ۾ ، ڪڏهن به حساب ڪتاب يا ليکو چوکو ڪونه ٿي ڪيو. هڪڙي ڀيري جڏهن هن جي چوري ٿي ويئي هئي، ته مون پنهنجي پوري مهيني جي پگهار رضا سان سڄي جو سڄو هن کي ڏيئي ڇڏيو هو، ايترو ياد اٿم ته هن کان اُهي پئسا مون ڪڏهن به ڪين گهريا هئا، نه ڪي هن پاڻ ئي مون کي موٽايا هئا.
انهيءَ وچ ۾ منهنجي دوست نثار عشق به ڪيو هو، ان معاملي ۾ آءٌ ئي هن جو رازدان ۽ همدرد هئس، مون پنهنجي جانجوکي ۾ وجهي به هن جي مدد ڪئي هئي، نثار به مون تي ساهه پساهه ڇڏيندو هو- اسان جي دوستيءَ کي ٽيهه پنجٽيهه سال ٿي ويا هوندا، پر ٻنهي جون يادگيريون ۽ ٻنهي جي زندگيءَ جو تعلق رکندڙ بيشمار ننڍڙيون ننڍڙيون ڳالهيون ۽ واقعا مون لاءِ ڄڻ ڪالهوڻي ڪالهه ٿيا هئا، هو منهنجو دوست ۽ ننڍي هوندي جو يار هو، پنهنجي ياد نثار جي انتظار ۾، پيو ڏينهن ۽ رات به گذري ويئي، ٽيئن ڏينهن ۽ ٽيئن رات به هو مون ڏانهن لڙي ڪين آيو. خبر ناهي ڇو مون هن جي لاءِ يڪو پئي انتظار ڪيو، ۽ سچ پچ ته ٽن ڏينهن ۽ ٽن راتين جي هر ويلي تي هن جي لاءِ مڇيءَ ۽ مرغيءَ جو بندوبست به ڪيو هوم.
ڇا، نثار، صاحب ٿي، واقعي وڏو ماڻهو ٿي ويو؟ ڇا، دوستيءَ جا معيار بدلجي چڪا هئا، ڇو هو مون وٽ ڪين آيو هو ۽ اهي ۽ اهڙا سوال مون بار بار پاڻ کان پئي ڪيا، پر نثار کي وساري ويهڻ منهنجي وس ۾ ڪين هو، آءٌ هن جي پڇا ڪندو رهيس، نيٺ پنجين ڏينهن خبر پيم ته ڊاڪ بنگلي ۾ ترسيل آهي، آءٌ پنڌ ڪري وڃي اتي پهتس، کيس پري کان دروازي تي بيٺل ڏٺم. آءٌ خوشيءَ وچان تڪڙو تڪڙو پڳس، ۽ جيئن ويجهو اچي دروزي تي پهتس ته نثار صاحب کي کسڪندو ڏٺم ۽ اندران هڪ چاڪ چوبند وردي پيل ماڻهو تيزيءَ سان وڌي مون ڏانهن آيو. هن مون کي روڪيو ۽ چوڻ لڳو، ”ڪير آهين؟ هتي ڇو آيو آهين؟ نثار صاحب نهايت مصروف آهي ۽ اندر آفيسر ويٺا آهن- هو ڪنهن سان ڪين ملندو......“ پر آءٌ ته هن جو دوست آهيان، تون هن کي اندر وڃي ٻڌاءِ ته سهي، مون وڏي اعتماد سان چيو، (وردي پيل ماڻهو مون ڏانهن هڪ چوبدار وانگر ائين گهورڻ لڳو، ڄڻ آءُ ڪو چرو هوس). ڏسين ڇا ٿو؟ وڃي صاحب کي ٻڌاءِ! مون وري کيس ورجايو.
هو مڙي دروازي ڏانهن ته ويو، پر موٽي اچي چوڻ لڳو، ”نثار صاحب نهايت مصروف آهي، هو ڪنهن سان به ملڻ نٿو چاهي، هن جو هن شهر ۾ ڪوبه دوست ڪونهي.......“
منهنجي پيرن هيٺيان زمين کسڪي ويئي- منهنجي دوستيءَ جو رنگ محل چڪنا چور ٿي ويو هو، مون کي سمجهه ۾ ئي نٿي آيو ۽ نه ڪي اهو فيصلو ڪري سگهيس ته هاڻ مون کي اُتي ترسڻ گهرجي يا موٽي واپس وڃڻ جي ڪوشش ڪرڻ گهرجي.