نازو- (1948ع)
نيرو ۽ نفيس ريشمي ڪپڙو،تنهن تي وري اڇا ٽٻڪا، جهڙو آسمان ۽ ان ۾ ٽمڪندڙ ستارا. اڄ هوُ اها گھاگھري پائي، ائين پئي گھمي، جهڙو رنگ برنگي پوپٽ. معصوم، ٻولي ڀالي، ڀورا وار. سندس عمر ئي ڇا هئي، بس اهي پنج ڇهه سال. ڳورو رنگ، چمڪندڙ اکيون ۽ توتلي زبان. جنهن وقت هوءَ پنهنجي پيءٌ جي هنج ۾ ويهي، کيس ڳچيءَ ۾ ڀاڪر وجهي، ”بابا“ ڪندي هئي ته جانو خوشيءَ جي لهرين ۾ لڙهي ويندو هو. خوشيءَ جون اهي لهريون ٽلڪنديون ٽلڪنديون کيس گذريل زماني ڏانهن ٿيلهينديون هيون ۽ اڪثر کلندي مشڪندي هو ڪنهن ڳوڙهي خيال جي دنيا ۾ غرق ٿي ويندو هو. هو ڪجهه سوچيندو ته هو، پر الائي ڇا؟
اڄ نازو تمام خوش هئي. ٺينگ ٽپا ڏيندي، اچي جانوءَ جي هنج وسايائين ۽ چوڻ لڳي، ”بابا، ڏس هيءٌ گھاگھري، ڪهڙي نه سٺي آهي! مون کي ته ڏاڍي ٿي وڻي.“
”تون ته ڏاهي ٿي پئي آهين نازو، سچ ته توکي اها گھاگھري ڏاڊي سهڻي لڳي. چڱو، هاڻي وڃي راند ڪر.“
هن جي چهري تي خوشيءَ ته ظاهر ٿي، پر پوءِ جلد ئي هو ڪنهن وڏي ويچار ۾ پئجي ويو. نازو هن جي هنج ۾ ويٺي رهي. هن نيري ڪپڙي تان هٿ گھمائيندي چيو، ”آهي ته جهڙو نئون ڪپڙو. ڪنهن سبي آهي؟“
”بابا، پڦان سبي آهي. ڏسو ڪهڙي نه سٺي ٺاهي اٿس. بازار مان هڪڙي رپئي ۾ وٺي آئي آهي.“
پڦان جانوءَ جي ڀيڻ هئي_ نازوءَ لاءِ پڦي نه پر پڦان هئي.
هن جو نالو زيبو هو، هوءَ ڪنهن انگريزي اسڪول ۾ پڙهندي هئي. جانو هڪ معمولي ملازم هو. سندس گھر ۾ هڪڙو ٻيو ڀاتي به هو، اها هئي هن جي پوڙهي ماءٌ. نازوءَ زور سان سڏ ڪيو، ”پڦان، او پڦان! هيڏانهن اچ،“ زيبو هٿن ۾ نيري ڪپڙي جي ليڙ وٽيندي آئي.
پڦان، تو ڪيئن هيءَ گھاگھري سبي آهي؟
”پر هي روپيو تو ڪٿان آندو؟“
جانوءَ پڇا ڪيس. ”فيءَ مان بچيو هوم، اوهان پنجن روپين وارو نوٽ ڪين ڏنو هو. اسڪول مان موٽندي، ٺيلهي تي هڪڙي ماڻهوءَ پراڻيون گھاگھريون پئي وڪيون، ڏاڍيون سٺيون ۽ سستيون هيون. ادا، نازوءَ جي اڳين گھاگھري به ته ڦاٽڻ تي هئي.“
جانوءَ خاموش ٿي چوڻ لڳو، ”ڏاڍي سمجهو آهين، زيبو! ها، کي وٺي وڃي راند ڪراءِ.“
پر نازوءَ چلولي ٿي چيو، .بابا، اها چاٻيءَ واري موٽر ته وٺي ڏيو. “
”نازو ڏس، اجايو ضد نه ڪر، اچ تو کي ننڍڙو رومال سبي ڏيان، ڪپڙي مان اڃا ٽڪر بچيو پيو آهي.“
زيبوءَ جانوءَ جي مدد ڪئي. نازو رومال جي آسري تي اٿي هن سان گڏجي ويئي ۽ زيبو، ليڙ اُتي ڦٽي ڪري، کيس پاڻ سان وٺي وڃي پاسي تي ويٺي.
جانوءَ نِوڙي اها نيري ڪپڙي واري ليڙ کنئي ۽ ان کي آڱرين ۾ مهٽيندي، ڦيرائندي، ان جي نرم نازڪ ڌاڳن ۾ گم ٿي ويو.ڪنهن ڳالهه ۾ گم ٿيڻ ڄڻ هن جي عادت ٿي ويئي هئي. آفيس ۾ گم، دفتر ۾ گم، گھر جي خرچ پکي ۽ سامان سڙي جي چڪر ۾ گم. پر هو هينئر نازو واري گھاگھريءَ، پراڻي ۽ لٿل ئي سهي، پر جهڙي نئين. اها اصل ڪنهن جي هوندي؟ اِهي ولايت جي ميمُن جون هونديون. انهن ميمن ۽ منڊمن کي ڇو اهڙن ڪپڙن جي پرواهه ئي ڪانهي؟ وٽن شايد گھڻا ڪپڙا آهن. ههڙا نفيس ڪپڙا ضرور هو پئسن سان وٺنديون هونديون. ايترا پئسا هنن وٽ ڪٿان ٿا اچن؟ هنن جا مرد ماڻهو ڪمائيندا هوندا.‘ پر هو پاڻ بهته سڄو ڏينهن ڪم ڪندو هو. صبح کان شام ۽ شام کان صبح ڪندو هو. هن جا ابا ڏاڏا به ائين ئي کپي کاڄي ويا هئا، پر هنن کي ته اهڙو نرم ڪپڙو ڪڏهن به ڪونه نصيب ٿيو هو. جانوءَ جي سوچ ايئن چُرندي رهي.
صاحب کي ڪلهه بوسڪيءَ جي قميص پيل هئي، صاحب کي وڏو پگھار ٿو ملي، کيس ڪم به وڏو ڪرڻو ٿو پوي، ڏاڍو وڏو ڪم ٿو ڪري. زير دستن کي ڇڙٻون ڏيڻ، ڪاغذن تي صحيحون ڪرڻ ۽ موٽر ۾ سير ڪرڻ به ڪو وڏو ڪم آهي!
نيري ڪپڙي وارو ٽڪرو سندس آڱرين ۾ مهٽبو رهيو. هن جو خيال وري وڏن ڪمن ڏانهن ڇڪجي ويو_ ’وڏا ڪم ڪهڙا ٿيندا آهن، اهي وڏا ڪم ڪير ڪندا آهن. سيٺ، واپاري، آفيسر،۽ زميندار سڀ وڏا ماڻهو آهن. اهي ضرور وڏا ڪم ڪندا هوندا. پر هو ته بلئڪ مارڪيٽ، چور بازاري، ناجائز نفعي، سستيءَ ۽ بيڪاريءَ جي معرفت ٻين جي محنت تي پنهنجا پيٽ وڏا ٿا ڪن، ٿا، اهي سڀ وڏا ڪم آهن. پر هت ته سڄو سڄو ڏينهن ڪم ڪندڙ بک پيا مرن، ويلا پيا ڪڍن ۽ انگ اگھاڙا پيا گھمن _ محنت مزدوري ڪرڻ وارا، شايد ڪو به وڏو ڪم ڪونه ٿا ڪن. انهيءَ ڪري ئي اهي سڀ ننڍا ماڻهو آهن! هن جي دماغ جو چڪر ائين سوچيندي سوچيندي، بيهي رهيو. کيس خبر ڪانه پئي. هو اڻڄاڻائيءَ جي حالت ۾ ٽنگون لوڏي لوڏي، سامهون ڀت ۾ نهارڻ لڳو. هو پنهنجو دماغ ڪيڏي مهل وڏو بلڪل وڏو، محسوس ڪرڻ لڳو ۽ اهڙيءَ ريت، هو پاڻ کي ننڍ وڏائيءَ جي فرق ۾ وساري ويهي رهيو.
نازو، رومال کڻي، ”بابا، بابا“ ڪندي، اچي کيس خيالن جي غوطن مان ٻاهر ڪڍيو. زينوءَ نه فقط کيس رومال ٺاهي ڏنو هو، پر هڪ پٽي به ٺاهي وارن تي ربين وانگر ڳنڍ ڏني هئائينس. جانو کيس ڏسي مشڪڻ لڳو ۽ چوڻ لڳو، ”نازو، راڳ ته ٻڌاءِ.“ ”ڪهڙو راڳ؟“ ”تو ميرا چاند.....“ نازوءَ ڳائڻ شروع ڪيو- ”تو ميرا چاند مئين تيري چاندني.“ هن هڪڙو هٿ چيلهه تي رکيو ۽ ٻيو پيشانيءَ تي، ساڳيءَ سٽ کي ورائي ورائي چوندي، نچندي ۽ ڦيريون ڏيندي ڌوُ اچي جانوءَ جي هنج ۾ ڪِري- ”بابا! بابا! چاٻيءَ واري موٽر، موٽر وٺي ڏيو. ڀلا اوهان کي پگهار ڪڏهن ملندو؟ ٻين ٻارن وٽ الاهي الاهي رانديڪا آهن.“
”پٽ، انهن جا ماءُ پيءُ وڏا ماڻهو آهن، انهن وٽ پئسا آهن.“
جانوءَ کان اهي جملا بنان سوچ ويچار جي منهن مان نڪري ويا.
”بابا، اوهين مون کان ته وڏا آهيو، پئسا ته اوهان وٽ به آهن.“
”هائو پٽ، آءٌ وڏو ته آهيان پر ٺلهو نالي جو. پئسا به برابر اٿم، پر اهي ته رڳو سيڌي سامان ۾ ئي پورا ٿيو وڃن.“ هو انهيءَ کان وڌيڪ پنهنجي ننڍڙيءَ نازوءَ کي ٻڌائي نه سگهيو ۽ نه سمجهائي سگهيو.
نازوءَ وري چيو، ”بابا، ڀلا اوهين پگهار واري ڏينهن ته وڏا ماڻهو ٿيندا نه! ڏسو، آءٌ به وڏي ٿي ٿيان.“ ائين چئي، نازو کٽ تي چڙهي، هٿ مٿي ڪري چوڻ لڳي، ”آءٌ مٿي تون هيٺ، آءٌ وڏي تون ننڍو.“ هن تاڙيون وڄائڻ شروع ڪيون هوءَ تاڙيون وڄائيندي. ٽپ ڏيندي، چوندي رهي، ”آءٌ مٿي تون هيٺ، آءٌ وڏي تون ننڍو.“ جانوءَ جي دل به نازوءَ سان گڏ نچڻ ۽ ٽپڻ لڳي. ٽپا ڏيندي ڏيندي، نازو بي خياليءَ کان ڌُو اچي پٽ تي ڪِري، جانوءَ جي دل به هن سان گڏ زمين تي اڇلجي پئي.
جانوءَ هوش سنڀاليو، زيبو ۽ ماڻس کي سڏي مٿي سڏ ڪيائين. پوڙهي ۽ زيبو سهڪنديون آيون. ڇوڪريءَ کي کڻي، وري ساڳيءَ کٽ تي ليٽايائون پوڙهي مٿانئس رلي وجهي، ويهي ڪلما پڙهڻ لڳي.
جانو سراپجي پنڊ- پهڻ ٿي بيهي رهيو. نازو جون اکيون بند هيون. کيس ڪو ڏاڍو ڌڪ آيو هو. هن جي مٿي، وات ۽ نڪ مان رت وهي رهيو هو. پوڙهي چوڻ لڳي، ”جيڏيءَ مهل کان اها نڀاڳي گهاگهري پاتي هئائين، نازوءَ کي الائجي ڇا ٿي ويو هو، زمين تي پير ڪونه هوس. مون کي ته پڪ آهي ته ’نظر‘ نهوڙي نيو آهي.“
جانوءَ جو هوش جنبش ۾ آيو، هن جي جسم جا وار ڪانڊارجي ويا، هن جي دماغ ۾ ’گهاگهري‘ ۽ ’نظر‘ جا اکر زوزاٽ ڪري ڦرڻ لڳا! هن جون اکيون ڳاڙهيون لال ٿي ويون. اوچتو هن جي زبان چُرپر ۾ آئي، هو هڪ گنڀير آواز ۾ چوڻ لڳو، ”امان، تون ڇا پئي چوين، هزارين هوند وارا روز روز نوان ڪپڙا پيا پائين، انهن کي ته ڪجهه ٿئي ئي ڪونه ٿو- جيڪي هر لحظي ٻين کي ڦرين ٿا، جيڪي هر وقت کليو کلايو ٺڳيون پيا ڪن، انهن جو ته وار به ونگو ڪونه ٿو ٿئي. باقي هن ننڍريءَ نازوءَ نيلامي گهاگهري پاتي ته ڪهڙي اربع خطا ٿي پئي؟ هن معصوم نياڻيءَ ڪهڙو ڏوهه ڪيو آهي. هن ڪنهن جي چوري ڪئي آهي؟ هي ڇا جي سزا آهي. هي ڪهڙو بغداد آهي، هيءَ ڪهڙو انڌير آهي؟
”نازو! نازو! منهنجي ٻچڙي، تون ڪيڏانهن ٿي وڃين! نه وڃ! موٽي اچ! اها گهاگهري آءٌ انهن پاپين کي موٽائي ڏيندس. نه نه، آءٌ توتان اهڙيون هڪ نه پر هزارين نيون گهاگهريون گهوري، اڇلائي ڇڏيندس.“ هن جون مُٺيون پيڙجي ويون. هن جو آواز ڳرو ٿي ويو ۽ هن جون اکيون لڙڪن سان ڀرجي آيون ۽ پوءِ هو کٽ تي پيل خاموش نازوءَ ڏانهن نهاريندو رهيو.
(1948)