ڪھاڻيون

گُلن سان تعزيت

”گلن سان تعزيت“ ۾ شامل 19 ڪهاڻيون مختلف موضوعن تي آڌاريل آهن. جن ۾ سماج جي درست عڪاسي کان وٺي رومانوي جذباتيت کي به شانائتي جاءِ ڏني وئي آهي. شاندار ڪٿائون ئي عبدالسلام ٿهيم کي نئين ٽهيءَ جي ٻين ڪٿانويسن کان الڳ ڪري بيهارين ٿيون. عبدالسلام ٿهيم جي ڏات ۽ ڏانوَ جو ويڪرو آڳر، سندس سادي ٻوليءَ ۽ نون موضوعن جي روشنيءَ سان سدائين جڳمڳائيندي نظر اچي ٿو.
Title Cover of book گُلن سان تعزيت

مھاڳ : مجنون مٽ، چنبيلي ول

نئين ٽهي جو نمائندا ۽ منفرد ليکڪ عبدالسلام ٿهيم، ھر حال، خفي نفعي ۾ قلم ڪاڳر سنڀاليندڙ بنيادي طرح پرائمري استاد پر سندس مٺو ڳالهائڻ جهونگار يا ڏاھپ واريون ڳالهيون ڄڻ ڪاليج يونيورسٽي جو استاد. عبدالسلام ڪجهه سال ڪنهن NGO ۾ ڪم ڪندو ھو. پگهار سُٺي پر رَت کائيندڙ ڪم، سا ڇڏي، ٽيسٽ پاس ڪري استاد ٿيو. ماستر ماڻهو گهر سنڀالي يا سير سفر ڪري، کيسي ۾ جُون، ليک نه ھوندي به مٿي ۾ سير سفر ڪرڻ جي جون، لِيک ضرور ھوندي اٿس. الله سائين پناھه ۾ رکيس. اسڪوٽر تي ڀونئر وانگر ڪِٿي پري نه وڃي سگهندو ته اباڻي تر راڄ ۾ سنڌ جي مشهور تاريخي درگاھه حضرت شيخ سائين سلامترح مگرڀـين جي اڱڻ تي وڃي آسائتو ٿيندو، ۽ مجني مَٽ مان ھڪ بجاءِ ٻه گلاس، وٽا اندر ۾ اوتيندو. ھُجائتو مجاور ڀوڳ ڪري پڇندس “ٻيا مَٽ ۽ ناديون ڇڏي مجني مَٽ مان اُڃ ٿو اُجهائين!؟”
ٻه ٽي قدم کڻي چنبيلي ول وٽ بيهي وراڻيندو ؟
“مجني مَٽ جو پنهنجو رنگ، سَحر چنبيلي روح تي واسو ٿي ڪري!’’
نه رڳو مجاوَر پر درگاھه جي نيلن ۽ گُنبذ تي ويٺل ڪبوتر ۽ پارھيل حيرت وچان ڏسندس ۽ عبدالسلام پنهنجي داخلي احساسن واري رومانٽڪ ڪهاڻي، خوشبوء جهڙي ڇوڪري، جي پرين کي مجني مَٽ جي ڀريل گلاس، وٽي مان پسندو، جيتوڻيڪ اُھا ڪهاڻي ڪينجهر ڍنڍ جي آس پاس آڙي پکي نيرڳ ۽ تلور وانگر پر سوئي ٿي. پر ڪينجهر جا ھٽ آھن رڳو جديد دؤر جي ڄام تماچين ۽ نورين لاءِ .
“مون ۾ ته ڪُجهه ڳولهي نه سگهيا، ڪينجهر ۾ وري ڇا ڳولهيندا!؟”
مون ھلڪي مرڪ مرڪندي وراڻيو “حِنا مون ته گهڻا ڏينهن اڳ سڀ ڪُجهه حاصل ڪري ورتو ھو”. (ڪهاڻي خوشبو جهڙي ڇوڪري )
ليکڪ چترڪار جي حساسيت ‘پيان نه ڍاپان’ واري ٿيندي آھي، عبدالسلام ته گهڻو اڳ ڳولهي لهڻ جي دعويٰ ٿو ڪري، پر اھا ڳالهه پنهنجي پاڻ کي دولاب ڏيڻ برابر آهي. ڪا به لکڻي ڪو به چتر رُڃ پويان ڊوڙ، رُولاڪي برابر ھوندي آھي. حساس ليکڪ کي جڏھن روڳ مِلندو آھي، تڏھن ھو ڪهاڻي، نظم جي فريم جي شيشي مان پنهنجي پاڻ سان گُذريل وقت جا ساٿي ۽ موسمون پسندو آھي. اسان ليکڪ رُڃ سُڃ جا بيچين لاڏائو مسافر ھوندا آھيون. مون ٺٽي نگر ۾ ٽيهارو سال اڳ نوڪري ڪئي، ڪوٽڙي حيدرآباد کان ڪراچي ويندڙ سڙڪ تي جڏھن سِج جي تِک ڏامر جي رُڃ جي تِلڪ سَجائي ڇڏيندو ھو، ته سب ڊوبزن ٺٽي جا اسڪول وزٽ ڪرڻ جو وقت من تي اڻ ڏٺا آرا ۽ سفر ناتمام اکين جي ڇپرن ۾ ڍڪجي ويندا ھئا. ۽ روح جي ماندڪائي پنهنجي ڪهاڻي “ڳالهيون ڪندي ڪاڪ جون”سگريٽ مان سگريٽ دُکائيندي لکي ورتي هئي. پروجيڪٽ ۾ ڪم ڪندڙ سنڌ جي ارڏي، دلبر ڪهاڻيڪار رحمت الله ماڃوٺي سگريٽ مان دُونهان ڪڍندي پُر اسرار مُرڪ مُرڪندي پُڇيو هو “ڇا هڪ ڪهاڻي ۽ ناول ۾ عمر جو ويراڳ روڳ اُوتي سگهجي ٿو؟” ٺٽي سب ڊو يزن ۾ جيڪي ليکڪ ويجها ھئا انهن ۾ رحمت الله ماڃوٺي، ڊاڪٽر محمد علي مانجهي، مظفر شاھه بخاري، امير محمد شاھه، امير شاھه ليکڪ ته نه ھو، پر ادبي ذوق رکندڙ ھو.
عبدالسلام جي خوبصورت ڪهاڻي “خوشبو جهڙي ڇوڪِري’’جو “مڪالمو” توکي گهڻو اڳ ڳولهي ورتو، ھڪ گهڙي ھڪ موسم جو رنگ آھي. پر پنهنجي پاڻ سان دولاب آھي، ڪهاڻي جي اڻت مڪالما خوبصورت احساسن سان سڱيل ۽ رڱيل آھن. ڪهاڻي لکڻ وقت ڪهاڻي جو نالو “حنا رنگ واري ڇوڪري”، “چنبيلي رنگ واري ڇوڪري” رکڻ لاءِ سوچيو ھو پر پوءِ سوچيائين “ڀلا خوشبوءِ جو به ڪو نالو ٿيندو آھي؟”
اڄ به ھو ڪهاڻي جي نائڪا کي ڳولهيندي مائوزي تنگ جي ديس ۾ وڃي نِڪرندو آھي، ڀلا خيالن آڏو ڪهڙا پنڌ!؟
ڪهاڻي ڊوڙ ۾ ڏيکاري ٿو. ھرڪو ڊوڙي پيو، ڄڻ ڪنهن شهر ڳوٺ جي چِٽي تصوير ته ھر ڪو روزگار جي ڳولها ۾ ڊُڪي ڊوڙي ٿو، جيتوڻيڪ ڪهاڻي اڄ جي اھم مسئلي بيروزگاري تي آھي. اھو ھڪ اھم مسئلو آھي، بيروزگاري جي ڪيترا پڙهيل ڳڙهيل ماڻهو ڊگريون هوندي به پريشان ۽ پريشاني جي ڪري نفسياتي مريض ٿي پيا. ڪيترن نوجوانن زندگيون ختم ڪري ڇڏيون.
1982ع واري ڏھاڪي جو سُٺو ليکڪ ۽ فطرت شناس مشتاق ڪاملاڻي بيروزگار ھو ھڪ مثال جو سجاول شهر ۾ نه جيئرن سان نه مئلن سان. عبدالسلام سنجيده مسئلي کي ڪنهن حد تائين چٿر ۽ طنز جو رنگ ڏِنو آهي. سنڌ جي ھڪ وڏي محبوب ليکڪ سائين شوڪت حسين شوري، ھيءَ ڪهاڻي پڙھي ته عبدالسلام کي داد ڏنو ھو ۽ ھن جي سنجيده مُرڪ ڄڻ واکاڻ ڪئي ھئي. عبدالسلام سنڌ جي ھڪ وڏي ڪهاڻيڪار شاعر نورالدين نفيس جو ڀاڻيجو آھي، تنهن ڪري چئي سگهجي ٿو ته عبدالسلام ٿهيم کي ڏات ورثي ۾ مِلي آھي. ٿي سگهي ٿو ھُن ننڍي عمر ۾ بي سمجهي وچان نورالدين نفيس جي ڪتابن کي اُٿلايو پُٿلايو هجي، ۽ نفيس صاحب چيو هجي ته منهنجو اڌ ۾ رھيل پنڌ ‘سلام’ پورو ڪندو.
عبدالسلام پنهنجي ٽهيءَ ۾ انهيءَ ڪري منفرد آھي جو وٽس لِکڻ جي وشالتا ۽ ڪئين موضوع آھن، ۽ ھن سنڌ جي ھر مسئلي تي خوب لکيو آھي.
ڪهاڻي ‘گار’ غريب، بي پُهچ گهرڀاتين جي اَڻ ھُوند دُکي حالتن جو چِٽو بلڪِ سَچو اُولڙو آھي. غريبن وَٽ ھڪ ويلو آھي ته ٻي ويلي لاءِ اُڀ ۾ اکيون ڪهاڻي ۾ ھڪ لوھه جي پيتي علامت طور ڏيکاريل آهي. گهر جا وڏڙا بي سمجهه ٻارڙن کي آسرو ٿا ڏين ته جڏھن اُھا کُلندي ته پاڻ سُکيا ٿينداسين پر پوءِ گهر جو ھڪ نوجوان معاشري جا مِهڻا تُنڪا نه سهي ٽوڙ يندي چئي ٿو، “منهنجين ٻانهن ۽ ھٿن ۾ ايتري سگهه آھي جو ڪمائي ڀينرُن کي کارائي سگهان ٿو” اھا ڪهاڻي اُميد آسري جو پيغام آھي.
‘ڏار’ ڪهاڻي سنڌ جي ھڪ سُٺي پنهنجائپ ماکي لار واري وقت جي تصوير آھي، جنهن ۾ رس چس ۾ ڳوٺاڻان ڪچهرين ۾ راتيون گذاري ڏينهن ڪندا ھئا، ۽ وڃي پورھيي ڌنڌي سان لڳندا ھئا. ھر ڪو مڇي ماني وارو، جي ڪو ٻيو ڌنڌو نه ھوندو ھوئن ته پڃاري واھه، گونگڙي واھه يا ڍنڍن ڍورن تان مَڇيون ماري روزگار ڪندا ھئا. پر پوءِ جڏھن پيئڻ بلا سنڌؤ جي جرکي راتاھو ھنيو ڪوٽڙي پُل تان پاڻي سُڏڪي تلاء ۽ ڍنڍ جو ڏِيک ڏيڻ لڳو. ٺٽو سجاول جون زرخير ٻنيون سُڪي ٺوٺ ٿي پيون ته نه رڳو زمينون پر قُرب ڪهاڻيون به ويران ٿي ويون! راڄن جا چڱا لِڱا غريبن جي ايڪي ۾ ڏار، ڦوٽ ٿا وجهن ھڪ پڙھيل نوجوان سارنگ اٻوجهن کي سمجهائي ٿو، راڄ وارا پهرين ته مٿس ٺٺول ٿا ڪن، پر پوءِ چوَن ٿا اسانجا اجها ٽرڙو وڏيرن جي غلط سياست ڪري ختم ٿيا آھن. وڏيري لفظ جي معنيٰ ته نهايت سُٺي ۽ معتبر آھي، پر اڄ جاوڏيرا سنڌ وارن جي سامهون آهن. نڀاڳن وانگر ٽوپي نراڙ تي ھوندي اٿن. ۽ ھو سنڌي ماڻهن جي ووٽ جي ساک کي لوئيندا آھن، ۽ پنهنجي گند جهڙو سمجهندا آھن، ڪهاڻي ‘ڏار’ ھڪ سنيهو آھي ته ھڪ ھٿ ٿيڻ سان وڏيري جو پَٽڪو لاهي سگهجي ٿو، ڪهاڻي ٺيڪ آھي، پر ڪي لفظ اوپرا آھن.
عبدالسلام حقيقت ۽ مجاز جو ليکڪ آھي، ڪهاڻي ‘گُلن سان تعزيت’ ۽ ‘خوشبوءِ جهڙي ڇوڪري’، پڙھندڙن جي حساسيت کي جهوريندڙ آھن، ٻنهين ڪهاڻين جا مڪالما ‘توکي ڳولهي لهڻ’ ۽ ‘جيترو به ھن جي پويان ڊوڙ يس اوترو اڪيلو رھجي ويس’ (گُلن سان تعزيت) اصل ۾ گُلن سان نه پر عبدالسلام پنهنجي اڻپورن ارمان سان تعزيت ڪري ٿو، ڪهاڻي جي شروعات سمونڊ جي ھَلڪي خاموش لهر جيان ڪنهن خوبصورت شاعر جي نظم جيان آھي، جيئن ته عبدالسلام ڪڏھن ڪڏھن شاعري به ڪندو آھي ھن ڪهاڻي جو نثر شاعراڻي رنگ ۾ آھي. عبدالسلام وٽ لکڻ لاءِ گهڻو ڪُجهه آھي، پر ڪهاڻي جي ڪردار وانگر آڱرين مان ٺڪاءُ ڪڍائي پين پَنو ڇڏي اکين سان پنڌ ڪري ٿو. سچ ته ھُن پيرن بجاءِ اکين سان گهڻا پنڌ ۽ اورڻ ڪيا آھن. آڱرين جا ٺڪاءُ بيزاريت ۽ ٿڪ ظاھر ڪن ٿا، پر سندس اکڙين جو آرس ڪنهن پراچين پنڌ جو ساکي آھي.
ڪهاڻي ويلنٽائين وِش جو موضوع سبجيڪٽ انهيءَ ڪري ڇرڪائيندڙ آهي جو هڪ وئشياء کي احساس ڏياري ٿو ته تون نه رڳو ويڪائو مال گهڙي جو سُک آھين، پر تو وٽ عام عورت وانگر ڌڙڪندڙ دِل ۽ روح آھي، انهيءَ موضوع تي گهڻو اڳ سدابهار محبوب ليکڪ غلام نبي مغل لِکيو ۽ پوءِ ڪجهه سالن کان گم ٿيل ليکڪ زاهد گوتم “پٿرن جو شهر” ۾ لکيو، پر عبدالسلام ڪوٺي جي ماحول کي هڪ جُدا الڳ رنگ ۾ کنيو آهي. ڪوٺي جي وئشيا کي عام ماڻهو وقت ضرورت جو وکر سمجهندا آهن، پر عبدالسلام هڪ نوجوان کي هڪ وئشياء سان مڪالمو ڪندي ڏيکاريو آهي جو چئي ٿو، تون زماني ۾ پئسي ڌنڌي جي ڪري بدنام آهين، پر سفيد پوشي ۾ گهڻو ڪجهه ٿئي پيو.
هن ڪهاڻي ۾ ويلنٽائن ڊي جو ماحول ڏيکاريو ويو آهي ۽ نوجوان وئشياء کي گفٽ ڪندي چئي ٿو جسم کان وڌ روح جا رشتا ٿيندا آهن، اهڙي عورت وٽ به احساس جذبا هوندا آهن. ڪهاڻيءَ جو انت Climax انتهائي گنڀير ڏکوئيندڙ آهي.
عبدالسلام ڪنهن حد تائين روحانيت جو قائل آهي، روحانيت به سنڌ جي صوفي ماڻهو جهڙي. هن سان ملاقات بي مندائتي مينهن وانگر اتفاقي ٿيندي آهي. ڪنهن اهڙي وڏ ڦڙي ۾ اسين حيدرآباد جي ڪيفي خانه بدوش جي پارڪ ۾ ئي ويٺل هئاسين. ڪتابن جون ڳالهيون، دوستن جي رسامن تي ڳالهائيندي پڇيوهومانس “مگرڀين جي تاريخي درگاهه جا مٽ ڇڏي چنبيليءَ جي ڇانؤ ۾ مجني مٽ مان وٽا، گلاس اندر ۾ اوتيندو ٿو وڃي پر اڄ اسُاٽ لهڻ جو نالو نه ٿي وٺيئه!؟
هن خاموش سان ڪيفي جي سرپرست گريسفل ڪامريڊ امر سنڌو ۽ ٻين بيچين رولاڪ ليکڪن کي ڏِٺو. هُن جي خاموشي ڄڻ خاموش وسندڙ مينهن جي ڦوٽڙن جهڙي، ڦوٽڙن ڄڻ چيو ٿي ڪيفي خانه بدوش کولڻ جو خيال ڏاڍو سُٺو سڀاويڪ پر ڏاڍي دير سان کولي اٿن.
عبدالسلام خاموشيءَ سان ڪنهن خيال ۾ مئه رقصم هو، هُن حيدرآباد جي تاريخي رات کي ڏِٺو، ستارا عيدگاهه واري مسجد جي کجور جهڙن ڊگهن نيلن ۽ گنبذن مٿي محو سجدي ۾ هئا، کيس هوريان چيم “تنهنجي انتظار وقت عيد گاهه جي نيلن ۽ گنبذ تي ويٺل ۽ اُڏاڻل پکي هئا.’’ ڇرڪ ڀري وراڻيائين، “پکي ته وڃي ڪنهن وڻ جي لام تي ويٺا پر ليکڪ سدائين رولاڪي جي اُڀ ۾، جڏهن اُڃ ۽ سِڪ لهڻ جو نالو وٺندي آهي تڏهن لکڻ وِسري ويندو آهي!’’ هو خاموش هو، آسمان تي ستارا ٽم ٽم هئا، نه ستارا ٿڪبا آهن نه وري حساس ليکڪ..’’ اوڪي آئون هلان ٿو، جوڳي نه ڪنهن جا مِٽ” موڪلائڻ جي ڪيائين.
“ڇو ڇا ٿيو”؟ “دير ٿي وئي آهي، ٺٽو، سجاول ۽ جاتي ڊگهو پنڌ؟” پنهنجي پُڇا ۾ اُلڪو محسوس ٿيم، “سُڀاڻ اسڪول جي ڊيوٽي تي وڃڻو آهي” لهجو ڪنهن سُٺي آدرشي اُستاد جهڙو هئس. سوچيم ته چوانس چنبيلي ول نه خانه بدوش ڪيفي ۾ نه وري ميوزم جي آڳر ۾ گهر جي آڳر ۾ به نه اٿس، اڪيلو وڃي کٽ تي ڪِرندو، رات جا پاڇولا ڊگها ٿي ويا هئا، هو پُٺيرو ويو پي، سندس قدآوار پاڇولو عمارتن کان ڊگهو ڄڻ آسمان سان ڪلها ملائي بيٺو هو. هڪ وار سوچيم استاد ماڻهو آهي، ڀلي استادن جا پاڇولا ڇانوَ نِم ٽالهي جهڙا هُجن، جيئن هنن جي فڪر پالوٽ مان سنڌ جو ٻالڪ وڏو ٿي انجنيئر ڊاڪٽر يا سُٺو اُستاد ٿيئي، ڪوٽڙي ٺٽي سجاول جي پُراسرار رستن تي چنڊ سِتارن جي روشني سامهون ٿيندس يا ٻي ڏينهن جو سج اُجاڙ روڊ تي روشني جي تِلڪ نڇاوَر ڪندو، ۽ اُنهن ۾ پنهنجي يا منهنجي اُٻاڻڪائي محسوس ڪري ۽ پنهنجن احساسن کي ڪنهن ڪاڳر تي اوتي.

- پير عبيد راشدي
2017/11/02