ذميوار
شھر جي جنھن به حصي مان ھي گشت ڪري روانا ٿي ٿيا، ته دوڪاندارن شٽر مٿي ٿي ڪري ڇڏيا. وري جڏھن واپارين کي مظاھرين جي اچڻ جو پتو ٿي پيو، ته ھو تڪڙ تڪڙ ۾ شٽر ھيٺ ڪري مظاھرين سان گڏ ھئڻ جو شاندار مثال ڏيئي رھيا ھئا.
اھڙي ڇڪ ڇڪان ۾ قاصر ۽ وقاص شھر ۾ داخل ٿيا. قاصر بيروزگار ۽ شاعر آھي، جڏھن ته وقاص انٿروپولاجي جو شاگرد آھي. پنھنجي جڳهه تي ٻئي سلجھيل نوجوان آھن. ھي ٻئي شاھي بازار ڇڏي جڏھن چوڪ تي آيا، ته اتي دوڪان بند نه ڪرڻ تي دوڪاندار ۽ سياسي ڪارڪنن جي وچ ۾ منھن ماري لڳي پئي ھئي. جڏھن دوڪاندار تي شھرين زور وڌو، تڏھن ھن ٻري سور مان دوڪان بند ڪيو. ھنن جڏھن اھا حالت ڏٺي، ته کين سخت افسوس ٿيو. قاصر افسوس ڪندي چيو
‘‘يار حالت آھي، ھنن ماڻھن کي انفرادي مفاد عزيز آھن. کين پتو ناھي جيڪڏھن ھنن اجتماعي مفادن لاءِ گڏجي ويڙھ نه ڪئي ته تڏو سڄو تيل ٿي ويندو.’’
وقاص ھن جي ڳالهه کي نظرانداز ڪندي وراڻيو
‘‘يار تون به ڪو درويش ماڻھو آھين، ھي واپاري پيٽ جا پوڄاري تن کي ڪھڙي ڪل...ھنن کي ته بس پنھنجو پيٽ ئي عزيز آھي. پر يار مونکي انھيءَ سڀ جو ھڪ ڪارڻ نظر اچي پيو .’’
‘‘ڪھڙو ڪارڻ .......؟’’
قاصر حيرت مان پڇيو.
روڊ تي ٽائر سڙي رھيا ھئا، ڪارڪنن پاران نعريبازي جاري ھئي. ھي ٿورو اڳيان ويا ته وقاص وراڻيو
‘‘يار منھنجي خيال ۾ موبلائيزيشن جي ڪمي آھي، رڳو روڊ بلاڪ ڪرڻ دوڪان بند ڪرائڻ مسئلي جو حل ناھي. شايد واپاري مسئلن جي نوعيت کان آگاھ ناھن، تڏھن ته ھو موٽ نه پيا ڏين.’’
قاصر ڪجهه گھڙيون وقاص جي ڳالهه تي سوچڻ کان پوءِ وراڻيو.
‘‘يار تنھنجي ڳالهه ۾ پنھنجي جڳهه تي وزن ته آھي، پر ھي دور تيز آھي. چوويهه ڪلاڪ ٽي وي تي ويٺا طوطا ٻولين...اسان ٻڌون ٿا، واپاري ڇونه ٻڌندا ھوندا؟”
ھي ٿورو اڳيان وڌيا اتان ڪارڪن نعرا ھڻي لنگھي ويا ھئا، ۽ اُتي دوڪاندارن ڪاروبار کولي ڇڏيو ھو. ھنن وڌي وڃي ھڪ دوڪاندار کي چيو
‘‘سيٺ سڄو شھر بند آھي، پوءِ به تو دوڪان کولي ڇڏيو آھي’’
دوڪاندار جذباتي ٿيندي وراڻيو
‘‘اڙي ابا شھر جي انھن چئن ڀتي خور لوفرن مان اچي ڦاٿا آھيون. ڳالهه ڳالهه تي دوڪان بند، اھي سڀ بيروزگار انھن کي ڪھڙي خبر ته ھڪ ڪلاڪ دوڪان بند رکڻ سان ڪيترو نقصان ٿئي ٿو.’’
ھنن دوڪاندار سان وڌيڪ ڳالھائڻ مناسب نه سمجھيو. ھيٺ لھي آيا، وقاص چيو
‘‘ٻڌئي ھن قوم جا شاعر! اھا آھي سوچ…تون ئي ٻڌاءِ ھن ھڙتال جو ڪارج ڇا ٿيندو. جيڪي ماڻھو ذاتي مفاد جي ڪلاڪ ڪلاڪ جو حساب ڪتاب رکن ٿا، سي ڇا ديس جي اجتماعي مسئلن تي اٿندا؟”
وقاص مايوس ٿي ويو، ٿورو اڳيان آيا ته ھڪ جھوپڙا ھوٽل کليل ھئي. جنھن تي ماڻھن جا ھجوم ويٺا ھئا، ائين لڳو پي ته ھنن جو ھڙتال جي طرف ڪوبه ڪن نه ھو، ٽھڪ ۽ ھوڪرا لڳا پيا ھئا. وقاص ھوٽل جي ناد مان پاڻي جو گلاس اوتيندي ھوٽل جي مالڪ کان پڇيو
‘‘چاچا اها خبر اٿئو، اڄ شھر ۾ ڪھڙي مسئلي تي ھڙتال ٿي آھي.؟”
ھوٽل جي مالڪ لاتعلقي واري انداز ۾ چيو
‘‘ابا ڪھڙي خبر! ڪلهه آيا ھئا، چيائون پي سڀاڻي ڪاروبار بند رکجو.’’
قاصر اچرج مان پڇيو
‘‘ڇو چاچا ھنن ٻڌايو ڪونه ته دوڪان ڇاجي ڪري بند رکجو!؟’’
ھوٽل واري بيزارگيءَ مان وراڻيو
‘‘ھا ابا ڪجهه چيائون ته پي، پر مون ڪن ڪونه ڏنو. ھڙتالن مان ملي ڇا ٿو، عام ماڻھو جو نقصان.....مٿي سڀ گڏيا ويٺا آھن.؟”
ھوٽل جو مالڪ اھو چئي گراھڪ کان پئسا وٺڻ لڳو، ھي ٻاھر نڪري آيا.
وقاص چيو
‘‘يار ھنن ماڻھن مان واقع ھاڻي مزاحمتي روح موڪلائي ويو آھي. ٻي ڳالهه ته ھي عدم اعتماد جو به شڪار آھن، جنھن جون ذميوار سياسي ڌريون آھن. جيڪڏھن ماڻھن جي درست طريقي سان سياسي ۽ سماجي تربيت ٿئي، ته ھو ھر شيءَ ۾ ذاتي دلچسپي وٺندا ٻي صورت ۾ ھي حال.’’
وقاص پراعتماد لھجي مان وراڻيو
‘‘قاصر ڳالهه تنھنجي صحيح آھي، ماڻھو جيستائين پنھنجي مسئلن جي بنياد کان آگاھ نه ھوندا. تيستائين ھو ان جي حل لاءِ سنجيده ڪيئن ٿيندا.؟ ھن نوعيت جو احتجاج ڀلي ميڊيا تي ھاءِ لائيٽ ٿئي، ذميوار ڌر تي پريشر به پوي....پر ان عمل سان اسان پنھنجا ماڻھو پنھنجي خلاف ڪري رھيا آھيون. ان جي باقائدي پلاننگ ٿئي، سڀني اسٽيڪ ھولڊرز کي پوري ڄاڻ ڏئي کين اعتماد ۾ وٺجي. پوءِ ڏس ته نتيجا ڇا ٿا ملن.’’
قاصر سندس ڳالهه تي حام ڀريندي وراڻيو
‘‘بلڪل صحيح يار، ھنن کي ته ڪارڪنن ڪلهه ٻڌايو ته سڀاڻي دوڪان بند رکجو. سبب به واضح ناھي، پوءِ نتيجي ۾ اھي منھن ماريون.....جھيڙا جھٽا.’’
ھي شھر جو گشت ڪندي مين روڊ تي آيا، جتي مظاھرين ڌرڻو ھڻي ويھي رھيا ھئا. ڪجهه صحافي ۽ شھري پڻ ويٺل ھئا، روڊ تي ٽريفڪ جام ٿي رھي ھئي. ڪنھن ڪنھن گاڏي واري سان ھنن جي منھن ماري به ٿي رھي ھئي. گرميءَ سبب گاڏين ۾ موجود ماڻھن جا چھرا خراب ٿي رھيا ھئا، پر ھو ھنن جي اڳيان بيوس نظر اچي رھيا ھئا. نفسانفسي ڦھلجي رھي ھئي، پنھنجي منھن ماڻھو ھنن جي حوالي سان گھڻو ڪجهه چئي رھيا ھئا. اھو سڀ ڏسي وقاص افسوس ۽ ڪاوڙ مان چيو
‘‘جڏھن به بنا رٿابندي جي ڪم ٿيندا آھن، ته انھن جا نتيجا ھھڙا نڪرندا آھن. اڄ جنھن جڳهه ٿي ھمدرديون ملڻ گھرجن ھا، تنھن جڳهه تي مخالفت پيدا ٿي رھي آھي.’’
قاصر ڌيرج مان وراڻيو
‘‘يار مون کي ته ھن سڄي صورت الحال جا ذميوار پاڻ ئي نظر پيا اچون .’’
وقاص حيرت مان اکيون ڦاڙيندي پڇيو
‘‘پاڻ ڇا ڪيو آھي!؟
‘‘ قاصر جي چھري تي مايوسي جا آثار چٽا نظر پي آيا، ڏکارو ڏکارو محسوس ٿي رھيو ھو. شڪسته لھجي ۾ وراڻيائين
‘‘اھو ئي ته ڏوھ آھي، اسان ڪجهه نه ڪري رھيا آھيون. ھي ويچارا عام ڪارڪن جيڪي سياسي تربيت کان به محروم آھن. سي ڇا ماڻھن جا ذھن تبديل ڪندا !؟ آئون ادب جو شاگرد، ۽ تون انٿروپولاجسٽ. پر اسان مصلحت پسنديءَ جو شڪار آھيون. سڀ ڪجهه خراب ڏسي به مخالفت جي خوف کان ان کي “سڀ ڪجهه ٺيڪ آھي....’’ تسليم ڪري وڏو قومي ڏوھ ڪري رھيا آھيون. اسان عام ماڻھن جيان ھِن ھُن جا تبصرا ٻڌي تنقيد ته ڪري رھيا آھيون، پر پنھنجو ڪوبه ڪردار ادا نه ڪري رھيا آھيون. جيڪڏھن اسان تبديليءَ جي آس رکون ٿا، ته اسان کي پنھنجو پنھنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. ٻي صورت ۾ ھن قسم جون حالتون ڏسڻيون پونديون، جن ۾ عام ماڻھو پنھنجن مسئلن کان ئي بي خبر نظر اچي رھيا آھن’’
ھو ڳالھائڻ وقت ڪنھن به ڪامريڊ کان گھٽ نظر نه اچي رھيو ھو. وقاص کي سندس ڳالهه دل سان لڳي.
ايتري ۾ ھڙتال ڪرائيندڙن جي اڳواڻ کي ڪا ڪال آئي. فون تي ڳالھائڻ کانپوءِ ھن مظاھرن کي آگاھي ڏني
‘‘ڌرڻو ختم ڪريو، سرڪار اسان جا مطالبا مڃي ورتا آھن.’’ مظاھرين نعريبازي ڪندي جيت جو جشن ملھائڻ لڳا. وقاص وراڻيو ‘‘خير ھي ته ڪامياب ويا’’
قاصر افسوس ڪندي وراڻيو
‘‘ھيءَ ڪاميابي ناھي يار، ھي ڪنھن به وڏي بيماري جو وقتي علاج سمجھه. علاج بند ٿيندو ته ٻيھر بيماري ظاھر ٿيندي.ائين سمجھه ان سان مرض اڃا به خطرناڪ حالت اختيار ڪري رھيو آھي. حل اھو آھي ته ان جو صحيح ۽ مڪمل علاج ڪجي، ۽ اھو آھي ماڻھن کي جاڳائڻ. منجھن مسئلن بابت احساسِ ذميواري پيدا ڪرڻ.....ھي سڀ تماشا آھن، ۽ اسين تماشائي’’
مظاھرين خوشيءَ ۾ جھومندي روانا ٿي ويا، ماڻھو به پنھنجي پنھنجي ڪمن ۾ لڳي ويا. وقاص ۽ قاصر صورت الحال جو اصل ذميوار پاڻ کي سمجھي رھيا ھئا..
***