گار
“امان ڪيسين اسان ھي بيعزتيون سھي بک مرنداسين، ڇا اسان جو ڀاڳ ڪڏھن به ڀلو ڪونه ٿيندو. ڇا اسان ھميشه سڪندا رھنداسين، ۽ تون ائين ئي اڌوري علاج سبب تڙپندي رھندينءَ. بابا ويچارو ڪُل وھي انھيءَ ئي وٺ وٺان ۾ ھوندو...!؟”
ھن دنيا ۾ غريب ماڻھو پيدا ئي ھڻ ھڻان وٺ وٺان لاءِ ٿيندا آھن. ھنن جون ڄمارون کٽي وينديون آھن، پر ضرورتون پوريون ناھن ٿينديون. ھڪ مسئلي مان جان ڇڏائيندا آھن ته وري ٻي ۾ اٽڪندا آھن. ھنن لاءِ زندگي گھاڻو ھوندي آھي ۽ ھو انھيءَ ۾ پيا پيڙھجندا آھن. ھو به ڄڻ گھاڻي ۾ پنھنجي گھرڀاتين سميت پيڙھجي رھيو ھو. ھن جا ٻار جڏھن گھڻو نراس ٿيندا ھئا ته کين سندن ماءُ بند ٽڻڪ ڏانھن اشارو ڪري چوندي ھئي
‘‘اوھان فڪر نه ڪريو ٻچا، جڏھن پاڻي مٿي تان ورڻ لڳندو ته اسان ھُن ٽڻڪ جو تالو کولينداسين ۽ انھيءَ ۾ موجود سامان مان پنھنجي گھر جون ضرورتون پوريون ڪنداسين.’’
پوءِ ھي اميدن تي ٻيھر تڳڻ لڳندا ھئا. کين اھا پڪ ٿي ويندي ھئي ته اسان ھن ٽڻڪ جو تالو کولي رات وچ ۾ امير ٿي وينداسين. اميد جو قائم ھجڻ واقعي زندگيءَ جي قائم ھجڻ جيان آھي. ماڻھو آسري ۾ اڙانگا سفر به طئه ڪري ويندا آھن، ڇاڪاڻ سندن من ۾ اميد ھوندي آھي. اميد راھن ۾ ڏيئن جيان ٻرندي آھي. انھيءَ جي روشنيءَ ۾ ئي ماڻھو محرومين جا رڻ ٽُپي ايندا آھن. جيڪڏھن من ۾ ڪا اميد ناھي ته پوءِ سڌن رستن تي به ھلڻ اُھنجو لڳندو آھي. پنڌ وڌندو پيو آھي پر سفر کٽندو ئي ناھي. ھي به ڪافي وقت ٽڻڪ ۾ موجود سامان جي آسري ۾ زندگي گذاري آيا ھئا. ڪجهه عرصو پھريان ھن جي وڏي ڌيءَ کي سائي ٿي پئي ته ھن وياج تي رقم کڻي ھن جو علاج ڪرايو. جڏھن ھن وقت تي رقم واپس نه ڪئي ته وياجيءَ جو ماڻھو سندس در تي صبح سانجھيءَ بيٺو ھوندو ھو. ڪنھن ويل ڌڙڪا ڌاٻا ته ڪنھن مھل گار توار ڪري روانو ٿي ويندو ھو. اڄ جڏھن وياجيءَ پاڻ ھنن جي گھر جو دروازو کڙڪايو ته ھن جي پٽ غازيءَ دروازو کوليو. دروازي مان وياجيءَ جي نظر سندس وڏي ڌيءُ تي پئي ته وياجيءَ جو وات پاڻي پاڻي ٿي ويو تنھن غازي کي چيو
“پڻين جڏھن گھر اچي ته چئجانس سامھون ويٺل ڀيڻين جو سڱ مونکي ڏي. وياج واري رقم معاف ڪرڻ سان گڏ ٻيا به ڏوڪڙ ڏيندس.’’
غازي توڙ کان جذباتي ھو. تنھن جوتو لاھي وياجيءَ کي منھن وارو ھڻي کيس گاريون ۽ ڀونڊا ڏنا. پوءِ ته گھٽيءَ ۾ تماشو ٿي ويو. وياجيءَ کان جيتري پھتي اوتري ڪيائين. پڻس جي نالي ھڪ گار لاھي ته ٻي چاڙھي. نيٺ پڻس ٻاھر نڪري وياجيءَ جي پيرن تي ٽوپي لاھي رکي معافيون ورتيون. ڪجهه پاڙي جا ماڻھو ھن ۾ ضامن پيا تڏھن وڃي معاملو ٺريو. تنھن کانپوءِ ھن گھر وڃي غازيءَ کي ڇنڊ پٽي، پر ھن وراڻيو
‘‘بابا انھن وياج خورن کي غريب بيغرت لڳندا آھن. ھن منھنجي ڀيڻ ۾ اکيون وڌيون ۽ آءٌ ڀلا اھو ڪيئن برداشت ڪريان.....!؟’’ ھڪ ڳالهه تي پيءُ ٻي تي پٽ ھو. ڳالھائڻ ۾ ھو پٽ سان پڄي نه پئي سگھيو، مجبورين سندس وات تي ماٺ جو تالو ته اڳ ئي ھڻي ڇڏيو ھيو. غازي جي من ۾ ذلت جا کورا دُکي رھيا ھئا. نيٺ ھن ھٿوڙو کنيو، ۽ ٽڻڪ ڏانھن وڌندي چيائين
‘‘امان اسان تي اڃا ھن کان وڌيڪ ٻيا ڪھڙا ڏکيا ڏينھن ايندا، جو ھن ٽڻڪ جو تالو کلندو. ھاڻي ھن ٽڻڪ جو تالو ٽٽڻ گھرجي.’’
سندس ماءُ جي بيچيني وڌي وئي، غازي کي ايلاز ڪرڻ لڳي
‘‘غازي پٽ ڏاھو ٿي، ٽڻڪ جو نالو نه وٺ. اڃا اھو وقت نه آيو آھي.... پٽ ٽڻڪ جو تالو نه ٽوڙ....رھڻ ڏي.’’
پر غازيءَ ھٿوڙي سان تالو ٽوڙي وڌو، جيئن تالو ڀڳو تيئن ئي ماڻس جون رڙيون چپ جي پاتال ۾ ھليون ويون. گھر ۾ سڪتو طاري ٿي ويو. غازي جي جيئن پيتي ۾ نظر پئي ته سندس ھٿن مان ھٿوڙو ڇڏائجي وڃي پيرن ۾ ڪريو. کيس اھي مھڻا ياد اچڻ لڳا، جيڪي کيس اڪثر ٻار ڏيندي چوندا ھئا
‘‘ھل....ھل ناچڻيءَ جا پٽ....! ماڻين نچي ٽُپي شاديون ڪمايون تون وري ٺِڳ ٿو ڪرين.’’
غازيءَ تي ڄڻ قيامت برپا ٿي وئي ھئي. سندس رت ٽھڪي پيو ھو ھن ٽڻڪ مان ڇيرون ڪڍي زور سان ٻاھر اڇلائيندي چيو ‘‘منھنجي ٻانھن ۾ ايترو زور آھي امان! جن سان آئون ڪم ڪري پنھنجي ڀيڻن کي ڪمائي کارائي سگھان ٿو. منهنجون ھي ٻانھون ڪٽيل ناھن، جو منھنجون ڀيڻون ناچڻييون بڻجي پيرن ۾ ڇيرون ٻڌنديون.’’
غازي کي ماڻس زور سان سيني ۾ ڀري ڇڏيو، سندس ڀيڻون به کيس چنبڙي ويون. سڄو گھر سڏڪا سڏڪا ٿي پيو ھو، پر اڄ جا سڏڪا ڪلهه جي سڏڪن کان مختلف ھئا. ماڻس روئندي روئندي چيو
‘‘پٽ غازي! ڪاش تون منھنجو پٽ نه پر ڀاءُ ھجين ھا ته منھنجي ڀاڳ ۾ اھا گار نه اچي ھا.’’
***