ڊوڙ
گھٽيءَ ۾ ھلڻ لڳو ته سندس پويان نظام تيزيءَ سان ڊوڙندي آيو. ۽ ھن جي ڀرمان لنگھي ويو. ھي ھراسجي ويو، بنا سوچڻ جي ھن جي پويان ڊوڙڻ لڳو. ڊوڙ سان گڏ گھٻرائي رھيو ھو.
‘‘پتو ناھي پويان ڪھڙي مصيبت آھي، جو ھو ڀڄي رھيو آھي..ھا ھا سر بچائڻ گھرجي.’’
نظام جون وکون وقت گذرڻ سان تکيون ٿي رھيون ھيون، جڏھن ته اڪرم جا قدم سست ھئا. وقت سان گڏ اڪرم جي ڳڻتي پڻ وڌي رھي ھئي. پوءِ به ھن بيھڻ مناسب نه سمجھيو، اڳيان ڊوڙندڙ نظام کي سڏ ڪيائين. پر ھُن جي ڪنن تي ايئر فون لڳل ھو، تنھن تائين ھن جا سڏ نه پھتا. بس ھي ھن کي پڄڻ جي پوري پوري ڪوشش ڪري رھيو ھو.
ھي شھر جون گھٽيون ڇڏي مين روڊ تي نڪري آيا، نظام ڪافي اڳيان نڪري ويو ھو. روڊ تي ھڪ نوجوان فون تي ڳالھائي وڏا وڏا ٽھڪ ڏئي رھيو ھو، ته اوچتو اڪرم سامھون تيز ايندڙ سوزوڪي ڏٺي. ھو پاڻ بچائيندي اچي فون تي ڳالھائيندڙ نوجوان سان ٽڪريو، ھن جا ڇرڪ نڪري ويا، اڪرم تي اکيون ڪڍندي چيائين
‘‘انڌو آھين ڇا؟”
اڪرم وڏو ساھ کڻندي چيو
‘‘اڙي انڌي کي ڇڏ......ڀڄ، ۽ ڀڄي جان ڇڏائي!’’
اڪرم ھن کي ڇڏي ڀڄڻ لڳو
‘‘ڀڄان، پر ڇو ڀڄان... مون ڇا ڪيو آھي؟”
نوجوان به ھراسجي ويو ھو، ھي به اڪرم جي پويان ڊوڙڻ لڳو، نظام ھنن کان ڪافي اڳيان نڪري ويو ھو، نوجوان جڏھن ھنن ٻنھي کي ڊوڙندو ڏٺو، ته سندس سمجهه موڪلائڻ لڳي ھئي. پنھنجي منھن ڀڻڪڻ لڳو :
‘‘آخر ھي ڇو پيا ڀڄن، پر ھاڻي آئون به ته ڊوڙان پيو...آخر ھن ڊوڙ جو ڪو مقصد.؟”
ھن جيستائين سوچيو، تيستائين وٽانئس اڪرم به ڪافي اڳڀرو ٿي ويو ھو.
اڪرم ۽ ھن جي ڊوڙ ۾ فقط اھا ھڪجهڙائي ھئي، ڇو جو ھي خوف ۽ عدم اعتماد ۾ ڊوڙي رھيا ھئا. ڊوڙ سان گڏ منجھن بيچيني به وڌي رھي ھئي. ھنن ٽنھي جي وچ ۾ ڪافي فاصلو ھو، نظام ھنن ٻنھي کان بنھي بي خبر ھو. پر ھي ضرور ھڪ ٻئي کي ڏسي ڊوڙي رھيا ھئا. نوجوان وڏي واڪي اڪرم کي چيو
‘‘اڙي بيهه! ڪا شامت اسان جي ڳچيءَ ۾ نه پوي......!’’
اڪرم وٽ ھن جي اڌوري ڳالهه پھتي
‘‘اڙي شامت کي ڇڏ، قيامت اچي وئي آھي ......ڀڄي جان ڇڏائي.’’
نوجوان دل ھاري ويٺو، روئڻھارڪي لھجي ۾ وراڻيائين
‘‘اڙي نڀاڳا! تو مون مسڪين کي ڦاسايو آھي، قيامت جي ڏينھن ابتو ٽنگائيندس ني. آھ آھ آھ.....مري ويس ابا.’’
نوجوان ساھ مان ڀرجي پيو ھو، ۽ وڌيڪ روئڻھارڪو ٿي پيو ھو. پر بيٺو ڪونه، سندس ذھن ۾ ھڪ لالچ جنم وٺڻ لڳي.
‘‘پڪ سان ھي ڪنھن دولت جي پويان پيا ڊوڙن، نه ته ائين چريا ٿوري آھن جو مفت ۾ ڀڄن.’’
ھي مين روڊ تي ڪافي اڳيان نڪري آيا ھئا. روڊ جي ٻنھي پاسن ساوڪ ئي ساوڪ ھئي، ٻنين ۾ ھاري پنھنجي ڪرت ۾ لڳل ھئا. روڊ تان ھڪ اڌوڙت عمر جو ھمراھ واڪ ڪندي آيو. ھُن جڏھن ھنن کي ھڪ ٻئي جو پويان ڊوڙندي ڏٺو ته پريشان ٿي ويو. نظام ۽ اڪرم کان سبب پڇيائين، پر ھو ھن کي نظر انداز ڪري اڳيان نڪري ويا. نيٺ ھو نوجوان آڏو ڀت ٿي بيهه رھيو
‘‘ڪيڏانھن منھن واھ ڪري ڀڳا آھيو.’’
نوجوان پگھر اگھندي وڏا وڏا ساھ کڻندي چيو
‘‘ڪيڏانھن کي ڇڏ، ڀڄ.’’
ھن نوجون سان گڏ گڏ ڊوڙندي چيو
‘‘اڙي ڊوڙي ڊوڙي ته آيو آھيان.’’
نوجوان حيرت مان پڇيس
‘‘ڪيڏانھن وئين ھئين..!؟”
چيائين
‘‘ڊائبٽيز ۽ دل جو مريض آھيان، روزانو ٻه ڪلوميٽر پنڌ ڪندو آھيان. تڏھن شگر ۽ بلڊ پريشر ڪنٽرول ۾رھندو آھي.’’
‘‘اڇا ته تون بيماريءَ کان ڀڄي جان پيو ڇڏائين.’’
‘‘ھا ابا، نه ته چريو ٿوري آھيان. جو صبح صبح ائين رڻ ۾ رُلان.’’
ھن اڪرم ۽ نظام کي پاڻ کان پري ٿيندو ڏسي جھوني جي ڳالهه کي نظرانداز ڪندي چيو
‘‘خير آ، تکو ڊوڙ. ھو ٻئي اسان کي ڇڏي ويا آھن.’’
‘‘پر آئون ڇو ڊوڙان؟’’
‘‘اڙي سون جي ديڳ جي پويان گڏجي ڊوڙون پيا.’’
‘‘مون وٽ مولا جو ڏنو گنج آھي، آئون ڇو ڀڄان.؟”
نوجوان ھڪ نظر ھن تي وجھي طنزيه لھجي ۾ چيو
‘‘ھا ھا، اھو پيٽ مان نظر اچي پيو.’’
‘‘ڇو؟ ’’
‘‘ڇو کي ڇڏ، بس تکو ڊوڙ.’’
نوجوان ھن کي نظرانداز ڪري تيز ڀڄڻ لڳو، ھو ٻئي ھن کان ڪافي اڳيان نڪري ويا ھئا. ھي پوءِ به ڊوڙي رھيو ھو. ھاڻي اڪرم صفا ٿڪي پيو ھو. سندس پير ھلڻ کان نابري واري رھيا ھئا، پوءِ به ھن رُڪڻ مناسب نه پي ڀانيو. مسلسل اڻ ڏٺي ماڳ تي رسڻ لاءِ ڊوڙي رھيو ھو. ھونئن به زندگي ھڪ ڊوڙ آھي، ماڻھو سڄي عمر ڊوڙي ٿو. ھر ڊوڙ پنھنجي ڪنھن نه ڪنھن دڳ تي پھچڻ لاءِ ھوندي آھي. انھيءَ ۾ اڪثر ماڻھو پير پٺون ڪري پوئتي موٽي ويندا آھن. ڇاڪاڻ کين اھو پتو نه ھوندو آھي، ته اڃا دڳ تي رسڻ لاءِ ڪيترو ڊوڙڻو پوندو. اڪرم جي ذھن ۾ به اھڙن احساسن جي اُڻ تڻ ھئي.
ڪنھن مھل واپسي جو سوچي رھيو ھو، پر وري سندس ذھن ۾ اھو خيال پيدا ٿي رھيو ھو
‘‘ڪڏھن ڪڏھن ماڻھو منزل جي بلڪل ويجھو پھچي واپس ٿيندا آھن، ڪٿي مون سان به ائين نه ٿئي. ڪھڙي خبر منزل اڳين چوٿين قدم تي ھجي.’’
اھو سوچي وکون وڌائڻ لڳو. پر ساڻ گڏ سندس اکين جي اڳيان ڪيترائي سوال ڊوڙي رھيا ھئا،
‘‘آخر ھن ڊوڙ جو دڳ ڪھڙو آھي، ۽ اسان ڇو پيا ڊوڙون. ڇا دنيا ۾ سڀ ماڻھو اسان جيان ئي ٻين جي پويان ڊوڙندا آھن، جيئن آئون ھن اڳين ھمراھ جي پويان ڊوڙي رھيو آھيان ۽ ھو ڇو ڀڄي رھيو آھي اھا به مونکي ڄاڻ ناھي.!’’
نظام ۽ اڪرم جي وچ ۾ وڏو فاصلو ھو، جڏھن ته نوجوان ڪجهه ڦڙتي سان ڊوڙي اڪرم جي ويجھو اچي ويو ھو. تنھن ٻيھر اڪرم کان پڇيو
‘‘يار ٻڌاءِ ته صحيح، اسان ڇو پيا ڊوڙون.......؟’’
اڪرم بيزارگيءَ مان نظام ڏانھن اشارو ڪندي چيو، جيڪو ھنن کان ڪافي اڳيان نڪري ويو ھو
‘‘ڇاڪاڻ ھو ڊوڙي رھيو آھي!’’
ھن اڪرم کي حيرت سان ڏسندي چيو
‘‘ڇا مطلب، ھو ڊوڙي رھيو آھي.....پر ڇاجي لاءِ ڊوڙي رھيو آھي.؟’’
نوجوان جي سوال اڪرم کي وڌيڪ چيڙائي ڇڏيو، تنھن ھن تي تڪڙ ڪندي چيو.
‘‘تيز ڊوڙ، ھُن کي پڄون ته وٽانئس پُڇون.’’
نوجوان ڪاوڙ جو اظھار ڪندي وراڻيو
‘‘ڇا پيو بڪين.......؟ ھن کي ڏسي ائين ئي اٿي ڀڳو آھين، ڪمال جو ڀوڪ آھين!’’
اڪرم کي ڄڻ ھو ويچارو ويچارو محسوس ٿيو، تنھن وري فلسفي انداز ۾ وراڻيو.
‘‘اڙي ھتي سڀ اسان جيان ھڪٻئي کي ڏسي ھڪ ٻئي جي پويان ڊوڙي رھيا آھن، سندن ڪابه منزل مقرر ڪونھي. شاباس تکو ڊوڙ ھاڻي ھو اکين کان پري ٿي رھيو آھي.’’
نوجوان مايوس ٿي بيھي رھيو، ڪاوڙ مان وراڻيائين
‘‘وڃي ڌوڙ پائي، آئون وڃان ٿو.’’
ھن کيس نظرانداز ڪندي چيو
‘‘ھا ھا وڃ! دنيا تو جھڙن بيوقوفن مان ڀري پئي آھي. جيڪي محنت ڪري جڏھن ڪاميابيءَ جي ويجھو ايندا آھن، ته ھمت ھاري ويھي رھندا آھن. تون به بي ھمت ۽ بيڪار آھين، تون زندگيءَ جي ڪابه ڊوڙ کٽڻ جي قابل ناھين.’’
نوجوان تي ھن جي تبليغ ڪوبه اثر نه ڪيو، تنھن ھيڪاندي مٿس چٿر ڪندي وراڻيو
‘‘ اڙي فيضو فلاسفر جا پٽ، اھو ته ٻڌاءِ ھن ڊوڙ جو ڪھڙو مقصد آھي. تون ته ھن کي ڏسي ائين ئي ڇتي ڪتي جيان گگون واھيندو ڀڳو آھين. اھا به خبر نه اٿئي وڃان ڪيڏانھن پيو. ڪھڙي خبر اڳيون ھمراھ ڪو ڏوهه ڪري ڀڳو ھجي، ۽ اسان ھن سان گڏ لوڙي وڃون.......!’’
اڪرم کي ھن تي کل آئي
‘‘اڙي گدڙ ھاڻي ڏوھ ڪري ڀڄڻ واري روايت ختم ٿي وئي آھي. تنھنجي ھٿن تي ڪيترا به داغ ڇونه ھجن، اسان وٽ انھن جي صاف ڪرڻ جو جوڳو بندوبست آھي.’’
ھن اڪرم جي ڳالهه تي ڪو به خاص تاثر نه ڇڏيو، ھاڻي نظام ھنن جي اکين کان اوجھل ٿي ويو ھو. ھي پوءِ به نڪ جي سڌائي تي ڊوڙي رھيا ھئا. ٿورو فاصلو ھلي جڏھن اڳيان آيا ته ڏٺائون، نظام رستي جي پاسي ۾ ڪنھن وڻ وٽ بيھي رھيو ھو. ڪجهه گھڙيون بيھڻ کانپوءِ پٽ تي ويھي ٿڪ ڀڃڻ لڳو. ھنن جڏھن ھن کي ويٺل ڏٺو ته ڄڻ سندن پيٽ ۾ ساهه پئجي ويو. ھي ڊوڙي ڊوڙي جڏھن سندس ويجھو پھتا، ته نظام نراڙ تان پگھر اگھندي ھنن ڏانھن حيرت مان ڏٺو، ۽ سندس منھن تي ھلڪي مرڪ وري آئي. جڏھن ته ھنن جي چھرن تي ڪو خاص تاثر نه ھو، نظام ھنن کي خاموش ڏسندي پڇيو
‘‘ڏيو خبر ادا، اوھان به پوليس ۾ اپلائي ڪيو آھي ڇا.؟”
ھنن حيرت مان وراڻيو
“نه نه، ڇا مطلب؟ ’’
‘‘پوء ھيڏي ڊوڙ، اڇا اڇا شايد فٽنيس جي لاءِ...سٺي ڳالهه آھي.’’
ھنن ٻنھي ڪنڌ لوڏي ھاڪار ڪئي. نظام ڳالهه جاري رکي “يار آئون ته مسلسل ٽي ڀيرا پوليس جي فزيڪلي ٽيسٽ ۾ فيل ٿيو آھيان. ھن ڀيري پڪوپهه ڪيو اٿم. ھاڻي ڊوڙ ۾ ھر حال ۾ پاس ٿيڻو آھي، تنھن لاءِ روز ڊوڙ جي پريڪٽس ڪندو آھيان.’’
ھُنن ٻنھي جو حيرت مان ھڪٻئي ۾ وات ڦاٽي ويو
***