سبجي ويل چَپَ
‘‘ادا مون کي ھڪ نوڪريءَ جي آفر ٿي آھي، جيڪڏھن توھان اجازت ڏيو ته ڪريان.’’
جواد اخبار مان اکيون ڪڍي ڀيڻس ڏانھن نھاريندي پڇيو ‘‘نوڪري، پر ڪٿي.؟ ڏسجان سيما ٽيچنگ کانسواءِ ٻي ڪنھن به نوڪري جي آئون اجازت نه ڏيندس’’
سيما جي چھري تان مرڪ اُڏي وئي، ڀاڻس سندس پريشان چھرو پڙھندي ڌيرج سان وراڻيو
‘‘ڏس ادي! ماحول خراب لڳو پيو آھي، ادارن ۾ اھي اکين وارا ماڻھو ڪونه رھيا آھن.....اسڪول وري به ٺيڪ آھي’’
سيما جي چھري تان اميد جون لڪيرون گم ٿي ويون ھيون. بيزارگيءَ ۽ مايوسي جا تاثر ڇڏي رھي ھئي، ٻي ڳالهه ته سندس اظھار کان پھريان ئي جواد ڄڻ چپن تي ماٺ جو تالو ھڻي ڇڏيو ھو. ھن ائين پي محسوس ڪيو، ته ڄڻ ھن اڳ ڪيترائي ڀيرا جواد جو اعتماد ٽوڙيو ھجي. جو ھو کيس اڳواٽ خبردار ڪري رھيو ھو. جواد ٻيھر پڇيس ‘‘ادي ٻڌاءِ ته سھي، ڪٿي جاب آھي....؟ ’’
‘‘بس ادا رھڻ ڏيو، مون چاھيو پي ته منھنجي نوڪري ڪرڻ سان توھان تان ڪجهه بوجهه گھٽجي پوندو. مھوش جو ڏاج به ڪري وٺنديس، ڇاڪاڻ توھان جي آمدني ته گھر جي خرچ ۾ پوري ٿيو وڃي.’’ ھن اھو سڀ ڀروسي سان چئي ڏنو. ڀاڻس وراڻيو
‘‘اھو ته ٺيڪ آھي. پر جاب ڪٿي آھي.؟”
سيما رکي رکي آھستگيءَ سان چيو
‘‘ادا...ادا...ھڪ اين جي او آھي، ان ۾ ھڪ سھيلي به ڪم ڪري ٿي.’’
جواد جو چھرو ڳاڙھو ٿي ويو، لھجي ۾ شعلا لھي آيس. جذباتي ٿيندي چيائين
‘‘چپ ڪر ادي! چري ته ناھين، مونکي ايترو بي عزت سمجھيو اٿئي ڇا...جو اين جي او ۾ ڪم ڪندينءَ.؟”
سيما جي جي اکين جا بند ٽٽي پيا، احتجاجي لھجي ۾ چيائين
“ادا ھي تون ڇا پيو چوين....!؟ ڇا آئون ايتري ڪِريل آھيان جو توھانجي عزت خراب’’
سيما کان اڳيان ڳالھائڻ نه ٿيو، سندس اکڙيون پاڻي ٿي ويون ھيون. لڙڪ موتين جيان سندس گلابي رنگت واري چھري تان ھيٺ ڪرڻ لڳا. جواد ڳالھائڻ ۾ نرمي آڻيندي چيو
‘‘ادي ڏس، ڀائرن جي لڄ ڀيڻن جي پوتي ۾ ھوندي آھي، مونکي توتي يقين آھي پر.!؟”
سيما شڪي نظرن سان جواد جي ڳالهه ڪٽيندي روئڻھارڪي لھجي ۾ پڇيو
“پر ڇا ادا .؟”
جواد ڌيرج مان وراڻيو
‘‘ڀيڻ اين جي اوز جو ماحول ڏاڍو خراب ھوندو آھي، انھيءَ ۾ شريف ڇوڪري جي عزت جو بچڻ ڏاڍو ڏکيو ھوندو آھي. خبر اٿئي ھڪ عام ڇوڪري پنھنجي سپروائيزر کان ويندي پروجيڪٽ آفيسر تائين بليڪ ميل ٿيندي آھي. آئون نٿو چاھيان....’’
ھو ڪجهه اھڙي انداز سان سيما کي خبردار ڪري رھيو ھيو، ڄڻ ھوءَ ڪن خوني جانورن کي پاڻ سونپي رھي ھئي. ھن دل جو دل ۾ نوڪري ڪرڻ وارو ارادو ختم ڪري ڇڏيو. جواد گھر ۾ ٻن ڀينرن جو اڪيلو ۽ ننڍو ڀاءُ ھو، سندن ماءُ ھنن جي ٻاروتڻ واري وھيءَ ۾ انتقال ڪري ويئي ھئي. باقي سندن پيءُ ھنن کي سنڀالڻ ۾ ڪا ڪمي نه ڇڏي، ٽنھي ٻارڙن کي پڙھائڻ لاءِ به وڏا ڪشالا ڪاٽيائين. اھو به ٻه سال پھريان وفات ڪري ويو.
ھاڻي گھر جو ڪاروھنوار جواد جي ذمي ھو. پاڻ شھر ۾ سگريٽ ڪمپنيءَ جو سيلزمين ھو، سندس ڪمائيءَ مان مشڪل سان گھر جو خرچ پورو ٿيندو ھو. انھيءَ ۾ سندس مدد جو سوچي سيما سھيلين تي نوڪري جو بار رکيو ھو. ھاڻي جڏھن آفر ٿيس ته سندس اندر ۾ ھڪ اميد پيدا ٿي ھئي. تنھن تي جواد جي سوچ پاڻي ڦيري ڇڏيو ھو.
جواد چانهه پي رھيو ھو ته کيس ڪال آئي. اٽينڊ ڪيائين “ھيلو جواد، ھڪ گُڊ نيوز آھي.’’
فون تي سندس پريميڪا سحر ھئي، سحر سان ھن جي ملاقات مڪليءَ تي ٿي ھئي. ھنن اتي پھرين اکين کي اکين سان چاھت جا سنيها ارپيا ھئا، پوءِ سحر اڳڀرائي ڪري اچي ھن سان اتي ڪنھن ڪنڊ ۾ حال احوال ڪيا ھئا. ائين ئي ھنن جو رشتو جڙي پيو ھو، جواد جي ڳالھائڻ جي انداز تي ھوءَ وڌيڪ موھت ٿي پئي ھئي، ۽ ھوءَ جواد کي روشن خيال سمجھي ڏينھن و ڏينھن ھن جي ويجھو ايندي رھي. ڇاڪاڻ سحر جو تعلق پڙھيل لکيل گھر سان ھو، سندس ڀاءُ وڪيل ۽ پيءَ ڪاروباري ماڻھو ھو.
جواد ڪپ رکندي پڇيو
‘‘ڇو خير ته آھي سحر، ڪھڙي گڊ نيوز.؟”
سحر وراڻيو
‘‘ھا سڀ خير آھي، اصل ۾ ادا منھنجي جاب لڳرائي آھي. سندس دوست جي ڪا اين جي او آھي.’’
جواد جو مٿو ڦرڻ لڳو
‘‘تون اين جي او ۾ جاب’’
سيما کي سامھون ويٺل ڏسي رڪجي ويو.
‘‘ھا يار! مون ته ادا کي جام منع ڪئي، ڪير ٿو ان جھنجٽ ۾ پوي. بس ابو به ادا جي پاسي سو.........ھو چون ٿا گھر ۾ ويھي پنھنجا اسڪلز ضايع نه ڪر ....’’
جواد جا چپ سُبجي ويا ھئا، پر سحر ڳالھائي رھي ھئي. ھو سامھون ويٺل پنھنجي ڀيڻ سان اکيون ملائي نه پئي سگھيو.
***